جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

ڪي گهڙيون قرآن سان 13(قرآن ۾ ويچار ڪرڻ جي ضرورت)

أَ فَلَا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْءَانَ وَ لَوْ كاَنَ مِنْ عِندِ غَيرِْ اللَّهِ لَوَجَدُواْ فِيهِ اخْتِلَافًا كَثِيرًا(سورت النساء آيت 82)

ترجمو: قرآن جي معنائن ۾ ويچار ڇو نه ٿا ڪريو؟ جڏهن ته اگر قرآن خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي طرفان هجي ها ته پڪ ساڻ ان ۾ گهڻو ئي اختلاف ڏسو ها.

تفسير:

پاڻ سڳورن(ص) تي جيڪي تهمتون لڳايون ويون، تن مان هڪ تهمت اها به هئي ته، پاڻ سڳورن کي قرآن، ڪنهن بني بشر سيکاريو آهي.

يعلمه بشر ”نحل آيت 103“ جيتوڻيڪ ان تهمت جي جواب ۾ مٿئين آيت نازل ٿي.

عام طور جيڪي ڪتاب، عام ماڻهو لکندا آهن، جيڪڏهن ان ڪتاب جي تصنيف ۾ ڊگهو عرصو لڳو هجي ته، ضرور ان ۾ تبديلي ۽ مٽاسٽا جو عمل وجود ۾ ايندو آهي، ڇوته بشري ويچار، ڏينهون ڏينهن تڪامل ۽ اوسر جا درجا طئي ڪندا آهن، پر قرآن مجيد ٽيويهن سالن جي ڊگهي عرصي دوران نازل ٿيندو رهيو، اهو به ڀانت ڀانت حالتن ۾ جهڙوڪ ڪڏهن جنگ ته ڪڏهن صلح، ڪڏهن ديس ته ڪڏهن پرديس، ڪڏهن قوّت ته ڪڏهن وري ضعف، ڳالهه جو ڳر هي ته زماني جي هيڏن لاهن چاڙهن جي باوجود، هڪ اهڙي شخص جي زبان مان ظاهر ٿيو، جيڪو ڪنهن بني بشر وٽ ناهي پڙهيو ۽ وري ان جي ڳالهين جو پاڻ ۾ نه ٽڪرائڻ، اها بذات خود وڏي ثابتي آهي ته اهو ڪلام ربّ پاڪ جو ڪلام آهي، نه ڪنهن بني بشر جي ذهني پيداوار.

قرآن جي عمومي دعوت ، ته ويچار ڪريو، ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته، جيڪو به شخص، جڏهن به، ان ڪلام ۾ ويچار ڪندو، ضرور نوان، نوان مطلب سمجهندو.

امير ڪلام، خالق انام جي ڪلام جي وصف بيان ڪندي فرمايو: ”بحر لايدرک قعره“ قرآن اهڙو سمنڊ آهي جنهن جي تهه تائين رسائي ممڪن ناهي مذڪوره آيت ۾ ڳڻڳوت ڪرڻ سان پتو پوي ٿو:

1. قرآن ۾ ويچار نه ڪرڻ وارن کي ننديو ويو آهي ” افلا يتدبرون“

2. قرآن ۾ ويچار ڪرڻ، منافقت جي موذي مرض کان امان ۾ رکندو. ( ويقولو اطاعه ....... افلا يتدبرون)

3. اسلام ۽ قرآن جي تعليمات ڏانهن اچڻ جو واحد طريقو، ويچار ۽ تدبر آهي، نه ڪي انڌي تقليد (افلايتدبرون)

4. قرآن مڙني کي ويچار ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته هر انسان قراني معارف سمجهي سگهي ٿو. (افلا يتدبرون القرآن)

5. قرآن بابت اختلاف ۽ تضاد جو رايو رکڻ سطحي فڪر ۽ بي سمجهيءَ جو نتيجو آهي. (افلا يتدبرون)

6. قرآن پاڻ سڳورن (ص) جي رسالت جي حقانيت جو دليل آهي (لو کان من عندغيرالله ....)

7. قرآن جي آيتن ۾ اختلاف جو نه هجڻ ، ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته قرآن جو سر چشمو هڪ ثابت ۽ تبديل نه ٿيندڙ هستي آهي. (لو کان من عندغيرالله ....)

8. جيڪا شيءَ رب پاڪ وٽان آهي، سا حق ۽ ثابت آهي ان ۾ ڪوبه تضاد ۽ ڪنٽاڊيڪشن ڪونهي. (لو کان من عندغيرالله لوجدوا....)

9. غير الهي قانون ڪڏهن به تضاد کان خالي ناهن هوندا. (لو کان من عندغيرالله ....)

10. اختلاف، تڪامل ۽ اوسر، انساني راين جو لازمو آهي (لَوَجَدُواْ فِيهِ اخْتِلَافًا كَثِيرًا)

11. ڪنهن به مڪتب فڪر جي باطل ڪرڻ جو طريقڪار اهو آهي ته ان ۾ موجود تضاد ۽ اختلاف جي پڌرائي ڪئي وڃي. (لَوَجَدُواْ فِيهِ اخْتِلَافًا كَثِيرًا)

دقايقي با قرآن 37. 38

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي