جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

امانت (14)

إِنَّ اللّهَ يَأْمُرُكُمْ أَن تُؤدُّواْ الأَمَانَاتِ إِلَى أَهْلِهَا وَإِذَا حَكَمْتُم بَيْنَ النَّاسِ أَن تَحْكُمُواْ بِالْعَدْلِ إِنَّ اللّهَ نِعِمَّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ سَمِيعًا بَصِيرًا (سورت نساء، آيت 58)

بيشڪ الله (پاڪ) اوهانکي

حڪم ڏئي ٿو ته امانتون پنهنجي مالڪن تائين پهچايو جڏهن به ماڻهن جو فيصلو ڪريو ته عدل، انصاف سان ڪريو، بيشڪ الله (سائين) جي نصيحت ڪيڏي نه ڀلي آهي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ پسندڙ آهي.

 

تفسير:

امانتداري ۽ عدل، انصاف سان ڪم ڪرڻ، ايمان جي بهترين نشانين منجهان آهن ۽ اهڙيءَ ريت امانت ۾ خيانت ڪرڻ، منافقن جو اهڃاڻ آهي، جيتوڻيڪ حديث پاڪ ۾ آيو آهي ته، ماڻهن جي پرک لاءِ سندن ڊگهن رڪوعن ۽ سجدن کي نه ڏسو، بلڪه ڏسو ته امانتدار ۽ سچار ڪيترا آهن[1].

ڪِن روايتن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آيت ۾ مذڪور امانت جو مقصد معاشري جي رهبري ۽ اڳواڻي آهي ۽ امين جو مقصد اهلبيت (ع) آهن، (يعني امانت، امامت آهي ۽ ان امامت جو ڌڻي اهل بيت اطهار آهن) هر عقلمند انسان لاءِ اها ڳالهه پڌري آهي ته انهن روايتن جو مقصد اهو آهي ته، امانت جو واضح ۽ چٽو فرد ۽ مصداق امامت آهي، نه ڪه امانت، ان ۾ ئي منحصر آهي.

ها باقي اها ڳالهه به حقيقت آهي ته، سماج جي فلاح ۽ ڪاميابي جو راز، لائق ۽ اهل سرواڻ جي سرواڻي ۽ عدل، انصاف واري رفتار ۾ لڪيل آهي، ائين ئي سماج جي بدبختي به نا اهل سرواڻ جي سرواڻي ۽ عدل، انصاف کان وانجهيل رفتار ۾ پوشيده آهي. اميرالمومنين (ع) فرمائن ٿا: من تقدم علي قوم وهو يري فيهم من هو افضل، فقد کان الله ورسوله والؤمنين[2] ڪوبه شخص اهڙي سماج ۾ اڳواڻ ٿئي، جنهن سماج ۾ ان کان وڌيڪ لائق ماڻهو موجود هجن تنهن، الله ان جي رسول ۽ مؤمنن سان خيانت ڪئي.

خيانت هڪ وسيع ۽ عام مفهوم آهي، علم جو لڪائڻ، هنر، فن ۽ حق جو لڪائڻ، ماڻهن جو مال ڦٻائڻ غير الهي حاڪمن جي اطاعت ڪرڻ، اولاد لاءِ نااهل گهر واري يا استاد جو انتخاب ۽ .... خيانت جي مفهوم ۾ داخل آهن امام محمد باقر (ع) ۽ صادق (ع) جو فرمان آهي، الله جا حڪم، ربّ پاڪ جي امانت آهن[3].

امام صادق (ع) ان آيت جي تفسير ڪندي فرمائڻ ٿا، ربّ پاڪ جو حڪم آهي ته هر امام ۽ امامت جون امانتون، پاڻ کان پوءِ ايندڙ امام جي حوالي ڪري.[4]

امانت جا مکيه ٽي قسم آهن.

1. انسان ۽ الله جي وچ ۾ امانت، ان مان مراد اهي ذميواريون جيڪي انسان جي ذمي آهن.[5]

2. انسان ۽ ٻين جي وچ ۾ امانت، ان مان مراد ٻين ماڻهن جو مال ۽ راز آهن جيڪي اوهان جي حوالي ڪيا اٿس.

3. انسان ۽ پنهنجي وچ ۾ امانت، ان مان مراد علم عُمر ۽ سگهه آهي جيڪي اوهان کي عطا ڪيا ويا آهن.

دقايقي با قرآن ص 39



[1]_ ڪافي ج 2، ص 105.

[2] _ الغدير ج 8.

[3] _ تفسير نورالثقلين

[4] _ ڪافي ج1، ص277

[5] _ تفسير مجمع البيان

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي