ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

ادا عشق جي (15)

وَإِذَا كُنتَ فِيهِمْ فَأَقَمْتَ لَهُمُ الصَّلاَةَ فَلْتَقُمْ طَآئِفَةٌ مِّنْهُم مَّعَكَ وَلْيَأْخُذُواْ أَسْلِحَتَهُمْ فَإِذَا سَجَدُواْ فَلْيَكُونُواْ مِن وَرَآئِكُمْ وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ أُخْرَى لَمْ يُصَلُّواْ فَلْيُصَلُّواْ مَعَكَ وَلْيَأْخُذُواْ حِذ ْرَهُمْ وَأَسْلِحَتَهُمْ وَدَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ لَوْ تَغْفُلُونَ عَنْ أَسْلِحَتِكُمْ وَأَمْتِعَتِكُمْ فَيَمِيلُونَ عَلَيْكُم مَّيْلَةً وَاحِدَةً وَلاَ جُنَاحَ عَلَيْكُمْ إِن كَانَ بِكُمْ أَذًى مِّن مَّطَرٍ أَوْ كُنتُم مَّرْضَى أَن تَضَعُواْ أَسْلِحَتَك ُمْ وَخُذُواْ حِذْرَكُمْ إِنَّ اللّهَ أَعَدَّ لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا (سورت نساء آيت102)

ترجمو:

 

(اي پيغمبر) جڏهن (جهادي سفر سانگي) اسلامي سپاهين ۾ هجين ۽ کين نماز پڙهائين ته، منجهائن هڪ ٽولو توسان ( گڏ نماز ۾) بيهي ۽ پنهنجا هٿيار پاڻ سان رکي، پوءِ جڏهن سجدو ڪري ورتائون ( ته قيام ڪن ۽ ٻئي رڪعت اڪيلي سر پڙهي وٺن ۽ پوءِ) اهو اوهان جي پٺيان ٿي ۽ ٻيو ٽولو جنهن نماز نه پڙهي آهي ( ٻئين رڪعت کان) توسان اچي نماز پڙهي ۽ پنهنجا هٿيار ساڻ رکن، ڪافر چاهن ٿا ته جيڪر اوهين پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪئي وقت حملو ڪن ۽ جيڪڏهن مينهن جي ڪري اوهين تڪليف ۾ هجو يا بيمار ۽ زخمي ٿئي پئو ته پنهنجن هٿيارن کي لاهڻ ۾ اوهان تي ڪا ميار ڪانهي ۽ رڳو دفاعي هٿيار ساڻ رکو بيشڪ الله ڪافرن لاءِ ذلت وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

تفسير:

 

هجرت جي ڇهين سال، پاڻ سڳورا، ڪن صحابين سان گڏجي مڪي وڃڻ لڳا، حديبيّه واري علائقي ۾ سندن مهاڏو خالد بن وليد ۽ سندس ٻه سؤ سپاهين سان ٿيو خالد بن وليد، پنهنجي فوج سان گڏجي مورچه بند ٿي ويٺو.

جئين ئي نماز جو وقت ٿيو، بلال، ٻانگي اذان ڏني ۽ باجماعت نماز جي شروعات ٿئي پئي ته خالد بن وليد کي وَنجُھ مليو، ٽپهري واري نماز مهل مٿن حملو ڪري ڪم پورو ڪجي، ان مهل ئي آيت نازل ٿي ۽ پاڻ سڳورن (ص) کي خالد بن وليد جي مڪاري کان واقف ڪيو ويو، خالد جيئن ئي اهو معجزو ڏٺو ته (ظاهر ۾) مسلمان ٿي ويو.[1]

مذڪوره نماز ۾ پهريون ٽولو، پهرئين رڪعت جماعت سان پڙهي بقايا نماز اڪيلي سر پوري ڪندو ۽ امام جماعت صبر ڪندو ته ٻئين رڪعت ۾ ٻيو ٽولو اچي ۽ پنهنجي هٿيارن سان گڏ اچي نماز پڙهي.

مذڪوره آيت ۾ ويچار ڪرڻ سان نهايت عجيب ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ٿيون:

· نماز، ڪهڙي به حالت ۾ قضا ناهي ڪرڻي ۽ مجاهد پڻ بي نمازي ناهي هوندو. (اقمت لهم الصلاه ....... ولياخذو اسلحتهم)

· نماز جماعت جي وڏي سُپارت ٿيل آهي، ايستائين جو دشمن سان جنگ واري ماحول ۾، هڪ رڪعت به ادا ڪجي (وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ أُخْرَى لَمْ يُصَلُّواْ فَلْيُصَلُّواْ)

· جيڪڏهن ٻه ذميواريون (جهاد ۽ نماز) گڏجي پون ته، ڪنهن به هڪ کي، ٻئي جي قرباني نه ڪجي. (فَلْتَقُمْ طَآئِفَةٌ مِّنْهُم مَّعَكَ وَلْيَأْخُذُواْ)

· هر حالت ۾، هوشياري ضروري آهي، ايستائين جو نماز جي حالت ۾ به دشمن دشمن کان غافل نه ٿجي. (ولياخذو اسلحتهم)

· اڳواڻ، عبادت ۽ ايڪتا جو محور۽ مرڪز هوندو آهي. (کنتم فيهم ... اقمت لهم الصلوٰه)

· سماج جي الفت ۽ ايڪي جو بهترين ڪارڻ، ڪمن جي ونڊ ورڇ ۽ مڙني جي شراڪت آهي، مذڪوره آيت ۾ با جماعت نماز جون ٻه رڪعتون، ٻن ٽولن ۾ برابر، برابر تقسيم ڪيون ويون آهن جئين ته چڱائي واري ڪم ۾ مساوات برقرار هجي. (وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ)

· الهي پيغام، حالات جي مناسبت، مطابق مختلف ٿيندا آهن. (مذڪوره آيت ۾ نماز خوف جو تذڪرو آهي) فَلْتَقُمْ طَآئِفَةٌ مِّنْهُم

· جنگ جي ميدان ۾، باجماعت نماز، الله، رهبر ۽ پنهنجي هدف ۽ مقصد سان عشق جو اهڃاڻ آهي ۽ پڻ ويليوز(vel) ۽ اقدار جي پابنديءَ جو شاهڪار آهي. (وَإِذَا كُنتَ فِيهِمْ فَأَقَمْتَ لَهُمُ الصَّلاَةَ)

· جنگ جي ميدان ۾، سپاهين جو هڪ رڪعت جي فاصلي سان اڳتي پوئتي ٿيڻ ممڪن هجي. (وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ أُخْرَى لَمْ يُصَلُّواْ فَلْيُصَلُّواْ)

· جنگ جي ميدان ۾، نماز جي مدّت جيتري گهڻي هوندي، دشمن جي حملي ڪرڻ جا چانس اوترا وڌيڪ هوندا، سو مجاهدن کي هوشيار هئڻ کپي، پهرئين رڪعت ۾ رڳو هٿيار ڪافي آهن، پر ٻئي رڪعت ۾ هٿيارن سان گڏ، دفاعي اوزار به ضروري آهن. ( وليا خذوا..... اسلحتهم ... ولياخذو احذرهم واسلحتهم)

· ربّ پاڪ، پنهنجي حبيب کي، دشمن جي منهوس ارادن کان واقف ڪري ٿو (اها ڳالهه شان نزول مان پڌري آهي)

· اوهان جو اخلاص وارو عمل، الهي امداد جو ڪارڻ آهي. (شان نزول ۾ ويچار ڪرڻ سان اها ڳالهه پڌري آهي)

· ميدان جنگ ۾، عبادي امورن ۾ ڊيگهه جُڳائي نٿي. ( ودّ الذين کفروا لو تفعلون)

· ڪڏهن به عبادت دشمن کان غفلت جو باعث نه بڻجي. (تفعلون)



[1] _ مجمع البيان

 

 

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي