اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

پڇاڻو (ڪي گهڙيون قرآن سان 18)

فَلَنَسْأَلَنَّ الَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْأَلَنَّ الْمُرْسَلِينَ (اعراف 6)

ته پوءِ يقيناً جن ڏي رسول موڪليا ويا تن کان پڇاڻو ڪنداسين ۽ (پڻ) رسولن کان پڇاڻو ڪنداسين .

ڏينهن قيامت ڪجھ شين بابت پڇا ڪئي ويندي

 

الف: نعمتن بابت ثُمَّ لَتُسْأَلُنَّ يَوْمَئِذٍ عَنِ النَّعِيمِ [1]ان ڏهاڙي اوهان کان نعمتن بابت ضرور پڇا ڪئي ويندي.

ڪيترين ئي روايتن ۾ آيو آهي ته ان جو مقصد ولايت ۽ رهبري آهي . [2]

پر اها ڳالھ پنهنجي هينئن ۾ هنڊائي ڇڏيو ته اهڙن تفسيري روايتن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ولايت ۽ سرواڻي به ان جي مصاديق مان هڪ مصداق آهي .

ب: قرآن ۽ اهلبيت اطهار (ع) بابت: پاڻ سڳورن(ص) جو فرمان آهي ماڻهن کان سوال ڪيو ويندو ته قرآن ۽ اهلبيت پيغمبر (ص) سان ڪيئن هليو ؟ “ ثم اسئلهم ما فعلتم بکتاب الله و باهل بيتي”[3]

ج: رفتار ۽ ڪردار بابت

لَنَسْأَلَنَّهُمْ أَجْمَعِيْنَعَمَّا كَانُوا يَعْمَلُونَ[4] مڙني کان سندن ڪئي ڪيتي بابت پڇاڻو ڪنداسين

د: عضون بابت

إِنَّ السَّمْعَ وَالْبَصَرَ وَالْفُؤَادَ كُلُّ أُولـئِكَ كَانَ عَنْهُ مَسْؤُولاً[5]

بيشڪ ڪنن، ۽ اکين ۽ دلين مان هر هڪ کان پڇاڻو ڪيو ويندو.

ه: پيغمبرن کي قبولڻ ۽ نه قبولڻ بابت

يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ وَالإِنسِ أَلَمْ يَأْتِكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ[6]

اي جنن ۽ انسانن جا سماج ، ڇا توهان وٽ ، اوهان منجهان ئي رسول ڪونه آيا؟

جهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جاءِ تي قرآن ۾ آهي ته خود ديني رهبرن ۽ اڳواڻن کان ماڻهن سان هلت چلت بابت پڇا ٿيندي .

يَوْمَ يَجْمَعُ اللّهُ الرُّسُلَ فَيَقُولُ مَاذَا أُجِبْتُمْ [7] جنهن ڏهاڙي الله رسولن کي گڏ ڪندو ۽ فرمائيندو ڇا ٿا جواب ڏيو .

و: ڄمار ۽ جواني بابت پڇا ٿيندي ته ڪيئن گذاروَ

ز: مال مڏي ۽ ڪمائيءَ بابت

روايتن ۾ آيو آهي ته ، ڏينهن قيامت خاص طور چئن شيئن بابت پڇا ٿيندي . “ شبابک فيما ابليته و عمرک فيما اهنيت ومالک مما اکسبته و فيما انفقته ”[8]

پنهنجي جواني ۽ عمر ڪيئن گھارئي ، پنهنجو مال ڪيئن ڪمايئي ۽ ڪٿي خرچ ڪيئي .



[1] _ سورت تکاثر ، آيت 8

[2] _ وسائل ج 24 ص 299

[3] _ تفسير فرقان

[4] _ سورت حجر آيت 92، 93

[5] _ سورت اسراء آيت 36

[6] _ سورت انعام آيت 130

[7] _ سورت مائده آيت 109

[8] _ کافي ج2 ص 135 ، بحار ج7ص 259

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي