ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

ناسخ ۽ منسوخ2 (ڀاڱون ٻارهون)

altامڪان ۽ وقوع نسخ

ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهي سوال اچن ڇا نپائڻهار جي حڪمن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي؟

يا جيڪڏهن کڻي مڃجي به سهي ته پروردگار جي حڪمن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي، پر

حقيقت ۾ تبديلي آئي به آهي؟ مذڪوره پهرئين سوال جي جواب طور جيڪو بحث پيش ڪيو، سو امڪان نسخ  پٽاندڙ بحث سمجهبو.

۽ ٻئي سوال جي جواب طور جيڪو بحث ٿيندو سو وقوع نسخ پٽاندڙ بحث ڃاتو ويندو.

امڪان نسخ

اسان پنهنجي عام رواجي زندگي ۾ هر روز قانون بڻجندي ۽ مٽجندي، ڏسندا آهيون مثال طور، اڄ هڪ حڪومت آهي، ان ڪو قانون پاس ڪيو، سڀاڻي ٻي حڪومت آئي ان ساڳو قانون ختم ڪري ڇڏيو.

آخرڪار ائين ڇو ٿو ٿئي جو هڪڙن قانون ٺاهيو وري ٻين قانون ختم ڪيو.؟

  ان ڳالهه جو جواب بلڪل واضح آهي ڇوته جن قانون بڻايو سي ڀانئين پيا ته، اهو قانون اسان جي سماج لاءِ مفيد ۽ ڪارائتي شيءَ آهي پر جيئن ڳچ وقت گذريو ته معلوم ٿيو، ان قانون جا فلاڻا فلاڻا عيب آهن، تنهن ڪري مذڪوره قانون فائديمند ناهي نتيجو ۾ ان قانون کي ختم ڪيو ويو.

اتان اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته قانونن جي مٽا سٽا جو مک ڪارڻ اهو آهي ته اسان کي قانون جي سڀني اثرن جي ڄاڻ نه هئي ڇوته اگر پهريائين قانون جي عيبن کان واقفيت هجي ها ته اهڙو قانون ڪين ٺاهجي ها.

ڳالهه جو ڳراهو ته، قانونن جي تبديليءَ ۽ مٽا سٽا جو سبب جهالت آهي.

جڏهن اها ڳالهه واضح ٿئي پئي آهي ته قانونن جي تبديلي جو ڪارڻ جهالت ۽ اڻ ڄاڻي آهي ته پوءِ اهو سوال اڀرندو، پالڻهار جي قانونن ۾ تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي.؟

ڇوته ربّ پاڪ کان ته ڪابه شيءَ ڳجهي ڪانهي، سندس ذات جهل جي اوڻائي کان پاڪ آهي سندس ذات نسورو علم آهي.

اصل نسخ (حڪم جي تبديليءَ) وارو تصور پالڻهار سان ڪيئن ٿو ٽهڪي؟

ٻين لفظن ۾ لکجي ته، ڇا نسخ (حڪم جي تبديلي) پالڻهار جي نسبت ممڪن آهي.؟

مذڪوره سوال جو جواب آڳاٽي زماني کان عالم سڳورا ڏيندا اچن ٿا.[1]

اسان هت اهو جواب پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪريون ٿا.

بيشڪ قانون جي مٽا سٽا ۽ تبديلي جو هڪ ڪارڻ جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي آهي پر قانون جي تبديلي جا ٻيا به سبب آهن.

مثال طور، ڪڏهن ڪڏهن اسان قانون ٺاهيندا آهيون، جيڪي اسان جي سماج لاءِ ڪارائتا هوندا آهن پر اهو قانون هڪ خاص وقت تائين مفيد آهي جيئن ئي اهو مدو ختم ٿئي ٿو ته قانون به پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو آهي، جهڙوڪ جنگ جي زماني ۾ ڪي خاص قانون جوڙيا ويندا آهن، اهي قانون جنگ واري زماني ۾ نهايت ڪارائتا هوندا آهن، پر جيئن جنگ ختم ٿي قانون به پنهنجي افاديت وڃائي ويٺا.

اتان خبر پئي ته قانونن جي تبديلي ڪڏهن ڪڏهن، حالتن جي بدلجڻ سبب به ٿيندي آهي، ان صورت ۾ نه چئبو ته قانون ٺاهڻ وارو جاهل آهي ڇوته قانون ٺاهڻ وارو ڄاڻي پيو ته ان قانون جي افاديت، رڳو خاص وقت ۾ ئي آهي سو حڪمت ۽ ڏاهپ جو تقاضو آهي ته ان وقت جي گذرڻ کانپوءِ مذڪوره قزنون ختم ڪري ڇڏجي.

هاڻي ڏسو:

   پروردگار جي قانونن ۾ به جيڪا تبديلي اچي ٿي سا به ان ڪري آهي جو هڪ قانون جو خاص حالتن ۾ ته مفيد آهي پر جيئن ئي حالتون بدليون، ته قانون جي افاديت به ختم، سو پروردگار به اهڙي قانون کي نسخ ڪري ڇڏي.

سوال:

پروردگار ته هر شيءَ کان واقف آهي پوءِ شروعات ۾ئي اهڙا قانون ڇو نٿو بڻائي جيڪي هميشه ڪارائتا ۽ مفيد هجن.؟

جواب:

ربّ پاڪ بيشڪ هر شيءَ کان باخبر آهي، ليڪن ڪڏهن ڪڏهن حالات اهڙا هوندا آهن جو ڏاهپ ۽ حڪمت جو تقاضو هوندو آهي ته انهن خاص حالتن لاءِ هڪ خاص قانون ٺاهجي، ان صورت ۾ انهن حالتن جي نبيري لاءِ قانون نه ٺاهڻ عيب ۽ جهالت هجي ٿو نه قانون جوڙڻ جهالت جو اهڃاڻ هجي.

ڳالهه جو ڳر:

نسخ (حڪم جي تبديلي) جو راز ۽ فلسفو اهو آهي ته اهو قانون پنهنجي مُدي ۾ ته ڪارائتو هوندو آهي پر وقت ڱذرڻ سان، سندس افاديت ختم ٿيو وڃي، سو پروردگار، ان قانون کي نسخ ڪري ڇڏيندو آهي.

۽ ها ربّ پاڪ ان پوري ڳالهه کان پهريائين واقف هوندو آهي باقي رهيو ٻيو سوال ته ڇا نسخ (حڪم جي تبديلي) ٿي به آهي يا نه؟

تنهن جي جواب لاءِ قرآن جي ٻن آيتن کي پيش ڪجي ٿو ته ديني حڪمن ۾ نسخ (حڪم جي تبديلي) موجود آهي

سورت بقره آيت 102

سورت نحل آيت 101

علوم قرآن جي ماهرن، قرآن ۾ نسخ جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن.

الف: تلاوت ۽ حڪم جو نسخ

ان قسم جو مطلب سندس نالي مان واضح يعني قرآن ۾ڪي اهڙيون آيتون هجن جن جي حڪم جي نسخ (ختم ٿيڻ) سان گڏوگڏ، لفظ به ختم ٿي ويا هجن.

شيعا عقيدي موجب نسخ جو اهو قسم باطل آهي، ڇوته جيڪڏهن ان قسم کي مڃبو ته ان جو لازمو، اهو ٿيندو ته قرآن ۾ تحريف واري تصور کي اسان پهريان ئي باطل ڪري چڪا آهيون.

ب: تلاوت جو نسخ حڪم کانسواءِ

يعني قرآن جي ڪنهن آيت جا لفظ ته ختم ٿي ويا هجن پر حڪم باقي هجي، جهڙي ريت ڪن مسلمانن جي ڪتابن ۾ زنا ڪار پوڙهي ۽ پوڙهيءَ جي رجم (سنگسار) واري آيت بابت اهو رايو آهي.

ليڪن شيعا عقيدي موجب اهي حديثون جڙتو آهن ۽ اهو قسم به باطل آهي ساڳي قسم وانگر ۽ ساڳي دليل ڪري.

ج: حڪم جو نسخ تلاوت کانسواءِ

يعني قرآن جي ڪنهن آيت ۾ بيان ٿيل حڪم نسخ (ختم) ٿي ويو هجي پر آيت پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي.

 



[1] وڌيڪ مطالعي جي لاءِ ڏسو شهيد باقر الصدر جو ڪتاب ” دروس في علم الاصول، الحلقه الثانيه ص 301 علامه طباطبائي تفسير الميزان ج 12 364، آيت الله خوئي البيان في تفسير القرآن ص 280، 297 آيت الله هاري معرفت، التمهيد ج 2، ص 275

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي