ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

فهم قرآن (1)

آڳاٽي زماني کان قُرآن جو فهم ۽ تفسير دانشورن ۽ تفسير دانن وٽ اخلاقي مسئلو بڻيل آهي. ٿلهي ليکي مذڪوره مسئلي بابت ٻه رايا پاتا وڃن ٿا. هڪ ٽولي جو رايو آهي ته، قرآن جي سمجھ بشر جي وت کان مٿانهين آهي. ۽ وري ٻئي گروهه جي مڃتا آهي ته بشر پنهنجي وت آهر قرآن سمجھي سگهي ٿو. اسان  ٻنهي راين جو مختصرطور جائزو وٺندا سين.

 

الف: قرآن جي سمجهه ناممڪن هجڻ وارو رايو.

ڪن حديث جي عالمن سڳورن جو چوَڻ آهي ته قرآن جو فهم ۽ تفسير عام بني بشر جي سمجھ کان مٿنهون آهي، قرآن جوادراڪ ۽ سمجھڻ پاڻ سڳورن ؐ ۽ سندن برحق جانشين سان خاص آهي.  ان ٽولي پنهنجي ڳالهه جي ثابتي لاءِ ٽن قسمن جون ثابتيون پيش ڪيون آهن.

1 : عقلي ثابتي :

قرآن پاڪ رب پاڪ جو ڪلام آهي ۽ سندس نور جي تجلي آهي، سو ايڏي بلند ۽ بالا ڪلام جي سمجھڻ لاءِ ايتري ئي بلند ۽ بالا روح جي ضرورت آهي، جنهن کان عام انساني وجود وانجھايل آهي، تنهنڪري تفسيردان ۽ متن جي پاڻت ۾ ڪابه مناسبت ۽ سنخيت ناهي مذڪوره ڳالهه جي پختگي ۽ مضبوطي کي بهتر سمجھڻ لاءِ رڳو ان ڳالهه تي ويچار ڪندا، عام ماڻهو بوعلي سينا ۽ مُلا صدراؒ جي ڪلام کي ئي نٿا سمجھي سگھن. سندن ڪلام کي سمجھڻ لاءِ ماهر استادن جي ضرورت آهي، ايستائين جو مُلا صدراؒ جي فلسفي ڪتابن کي سمجھڻ لاءِ به اسان جي ڪن استادن جو چوڻ آهي ته مُلا صدراؒ جو فلسفو به ان استاد وٽ پڙهو جنهن جي شاگردي جو سلسلو خود مُلا صدراؒ تي ختم ٿيندو هجي ته پوءِ قرآن پاڪ جهڙي لا زوال ڪلام کي سمجھڻ جي طاقت عام انسان ڪٿان ٿو ساري سگهي.

سوال: پوءِ ان ڪلام کي ڪئين سمجهجي؟

جواب: الله پاڪ ان ڪلام جي سمجھائڻ لاءِ پاڪ پيغمبر(ص) ۽ ان جا برحق وارث مقرر ڪيا آهن، انهن کان ئي ان ڪلام کي سمجھي سگهبو.

تنقيد:

مٿي بيان ٿيل ثابتيءَ جيڪوڪجھ ڄاڻايو ويو  ته قرآن پاڪ عظيم ڪلام آهي ۽ اعلى، ارفع معارف، ۽ مطالبن تي مشتمل ڪتاب آهي. ان ڳالهه ۾ اتي برابر شڪ ڪونهي ليڪن اهو به قرآن جو ئي عظيم معجزوآهي ته ان پاڪ ڪلام جي خدمت ۾ سچي ۽ صاف سٿري فطرت ساڻ کڻي وڃجي ته ضرور پنهنجي وت آهر لاڀ پرايو، ٻين لفظن ۾ هن ريت چئي سگھجي ٿوته.

قرآن پاڪ جي تفسير ۽ سمجھ جا ڪيترائي درجا آهن، انهن مان ظاهري درجي کي هر انسان سمجھي سگھي ٿو. ها باقي مٿين درجن کي سمجھڻ لاءِ پيغمبر اڪرم(ص) ۽ معصومين(ع) جي برابر ضرورت آهي.

2: قُرآني ثابتيون:

الف: سورت واقعه جي 77،78،۽ 79 آيتن ۾ ڄاڻايل آهي.

إِنَّهُ لَقُرْآنٌ كَرِيمٌ * فِي كِتَابٍ مَّكْنُونٍ * لَّا يَمَسُّهُ إِلَّا الْمُطَهَّرُونَ

بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي. لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي. پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي. مذڪوره آيتن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته قرآن پاڪ کي پاڪ ۽ مُطهّر انسانن کان سواءِ ڪير به سمجھي نٿو سگھي. ۽ پاڪ (مُطهّر) انسان پاڻ سڳورا(ص) ۽ معصومين (ع) ئي آهن تنهنڪري قرآن جو فهم ۽ تفسير انهي پاڪ ذوات سان خاص آهي.

تنقيد:

مٿي ڄاڻايل آيتن جي وسيلي پيش ٿيل دليل درست نه آهي. ڇاڪاڻ جو” لايَمسُّہ الاّ المطهرون“ قرآن جي وصف ٿيل آهي، يعني لوح محفوظ ۾ موجود قرآن کي پاڪن کانسواءِ ڪير به ڇهي ۽ مسّ نٿو ڪري سگھي، نه ڪه اسان جي هٿن ۾موجود  قرآن جي ڳالهه آهي ته انکي ڪوبه نٿو سمجهي سگهي.

ب: تقليم قران

قرآن جي چئن آيتن ۾ واضع طور ٻڌايل آهي ته ڪتاب ( قرآن) ۽ حڪمت جي تعليم رڳو پاڻ سڳورن جي وسيلي ئي ممڪن آهي.

رَبَّنَا وَابْعَثْ فِيهِمْ رَسُولاً مِّنْهُمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَيُزَكِّيهِمْ إِنَّكَ أَنتَ العَزِيزُ الحَكِيمُ [1]

۽ اي اسان جا پالڻھار منجھانئن ھڪ پيغمبر منجھن موڪل جو تنھنجون آيتون مٿن پڙھي ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ۽ کين سڌاري، ڇو ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.

لَقَدْ مَنَّ اللّهُ عَلَى الْمُؤمِنِينَ إِذْ بَعَثَ فِيهِمْ رَسُولاً مِّنْ أَنفُسِهِمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَإِن كَانُواْ مِن قَبْلُ لَفِي ضَلالٍ مُّبِينٍ [2]

 بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ ڀل ۾ (ڀليل) ھئا.

كَمَا أَرْسَلْنَا فِيكُمْ رَسُولاً مِّنكُمْ يَتْلُو عَلَيْكُمْ آيَاتِنَا وَيُزَكِّيكُمْ وَيُعَلِّمُكُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَيُعَلِّمُكُم مَّا لَمْ تَكُونُواْ تَعْلَمُونَ [3]

 جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي.

هُوَ الَّذِي بَعَثَ فِي الْأُمِّيِّينَ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَإِن كَانُوا مِن قَبْلُ لَفِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ [4]

(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا.

مٿي ڄاڻايل آيتن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، قرآن جو سمجھڻ پيغمبر اڪرم(ص) جي تعليم کان سواءِ ممڪن نه آهي. مذڪوره آيتن ۾ جيڪو بيان ٿيل آهي ته تعليم قرآن رڳو پيغمبر اڪرم(ص) جي وسيلي تي آهي، ان جو هي مقصد آهي ته قرآن پاڪ ۾ جيڪي احڪام اجمالي ۽ مڪمل طوربيان ٿيل آهن، انهن جي وضاحت ۽ تفصيل پاڻ سڳورن (ص) جي ذمي آهي، مثال طور نماز پڙهڻ جو حڪم قرآن ۾آيل آهي، زڪوات ڏيڻ جو حڪم قرآن ۾ آيل آهي، ۽ ٻيا ڪيترائي احڪام بيان ٿيل آهن، ليڪن انهن حڪمن جي وضاحت ۽ تفصيل جهڙوڪ نماز۾ ڪيتريون رڪعتون آهن،  نماز ۾ ڪهڙا واجب رڪن آهن ۽ ڪهڙا واجب رڪن نه آهن، ٻيا ڪيترائي مسئلا پاڻ سڳورن(ص) جي زمي آهن. ليڪن مذڪورہ ڳالهه جو مقصد ڪڏهن به اهو ناهي ته قرآن جيتري مقدار ۾ ڳالهه بيان ڪئي آهي، اها به سمجهه ۾ نٿي اچي سَوَن لفظن ۾ هن ريت چئي سگھجي ٿو.

قرآن پاڪ ۾ آيو آهي: اقيموالصلواة: توهان تي نماز فرض آهي ”اها ڳالهه ته نماز اسان تي فرض آهي“  قرآن پاڪ منجھان سمجھي سگھون ٿا، ليڪن نمازون ڪيتريون آهن؟ هر نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟ هر رڪعت ۾ ڪيترا سجدا ڪيترا رڪوع آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا پاڻ سڳورن(ص) جي ذمي آهن.

ويچار:

جيڪي به عالم سڳورا قرآني آيتن جي وسيلي اهو ثابت ڪن ٿا ته قرآن کي عام ماڻهو نٿو سمجھي سگھي،تن کان هٿ ٻڌي سوال ڪريون ٿا ته، سائين جيڪڏهن نبي(ص) ۽ امام(ع) کان سواءِ قرآن کي ڪير به نٿو سمجھي سگھي ته پوءِ اوهان قرآن جي آيتن سان ڪيئن ٿا استدلال ڪريو؟ اوهانجو قرآني آيتن سان دليل ڏيڻ بذات خود دليل آهي، ته قرآن سمجھ ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن قرآن سمجھ ۾ نه اچي ها ته پوءِ اوهان قرآني آيتن سان ڪيئن دليل ڏنو؟ علمي ۽ فلسفي ٻوليءَ ۾ چئجي ته مذڪوره آيتن جي وسيلي ”دوَر“  تي مشتمل آهي.

وهذا يلزم من وجوده عدمه وكلّماَ يلزم من وجوده عدمه فهومحال. ضد بّرجيّداً.

حديثي ثابتيون:

ڪن عالمن، قرآن جي سمجھ نا ممڪن هجڻ واري رائي جي لاءِ ڪجھ حديثي ثابتيون پڻ پيش ڪيون آهن.

الف: قرآن جو حقيقي خطاب صرف معصومين (ع) سان آهي.

امام باقر (ع) بصري جي هاڪاري تفسيردان قتادة سان گفتگو ڪندي فرمايو:

ويحك ياقتادة انما يعرف القرآن من خوطب به  [5]

وائي هجي توتي قرآن کي رڳو اهي ئي سڃاڻي سگھن ٿا جيڪي قرآن جا ”حقيقي“ مخاطب آهن. مذڪوره مطلب کي بيان ڪندڙ تمام گھڻيون روايتون آهن، جن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته قرآن جا حقيقي مخاطب رڳو رسول الله(ص) ۽ آئمه معصومين(ع) ئي آهن، اهي ئي پاڪ هستيون قرآن کي سمجھي سگھن ٿيون.

تنقيد:

پهريون جواب: مذڪوره روايتن جو مقصد هي آهي ته قرآن جي ڪامل ۽ تمام معرفت پاڻ سڳورن(ص) ۽سندس برحق وارثن سان مخصوص اهي، ٻين لفظن ۾ بيان ڪجي ته، قرآن جي ظاهر ۽ باطن کي مڪمل طريقي سان رڳو اهي پاڪ هستيون ڄاڻن ٿيون، ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ امام باقر(ع) جي هن روايت تي غور ڪريو.

مايستطيع احد ان يدعي انه جمع القرآن کله ، ظاهره و باطنه غير الاوصياء [6]

پاڻ سڳورن(ص) جي برحق جانشينن کانسواءِ ڪير به اها سگھ نٿو ساري سگھي جيڪو پوري قرآن ۽ انجي ظاهر ۽ باطن کي سانڍي سگھي.

انهي ڪري امام جعفر صادق (ع) ان وقت جي مشهور دانشور کي مخاطب ٿيندي فرمائن ٿا.

تعرف كتاب الله حق معرفته.[7]

ڇاالله جي ڪتاب کي جئين سڃاڻڻ جو حق آهي تئين سڃاڻين ٿو. قرآن جي سطحي معرفت کي مڪمل ۽ ڪامل معرفت سمجھڻ وارا آئمه معصومين(ع) جي زماني ۾ ڪيترائي هيا، جڏهن ان ڳالهه کان غافل هيا ته قرآن جي معرفت جا ڪيترائي درجا آهن ۽ انهي سڀني درجن کي عام رواجي عقل نٿو سمجھي سگھي، اتان ئي سمجھ ۾ اچي ٿوته ڄاڻايل حديثون انهن غافل انسانن جي ردّ ۾ داخل ٿيون آهن.

ٻيون جواب:

ڪن روايتن ۾ آيل آهي ته قرآن جو فهم، ماڻهن جي عقل کان تمام گھڻو دور ۽ پري آهي. ليس شئ ابعدمن عقول الرجال من تفسير القرآن [8]

مذڪوره روايت امام باقر(ع) منقول آهي، ليڪن ان پوري روايت ۾ غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، تفسير جي قاعدن جي صحيح خبر نه هجڻ جي ڪري انسان قرآن جي ظاهر کي بهنٿو سمجھي سگھي.

مذڪوره روايت جي آخر ۾ امام باقر(ع) ان ڳالهه جو سبب بيان ڪيو آهي ته قرآن جو تفسير ماڻهن جي عقل کان ڇو دور ۽ پري آهي؟ امام(ع) فرمائن ٿا: ان الآية لتكون اولها في شيء و آخرها في شيء وهوكلام متصل

ڇاڪاڻ ته هڪ ئي آيت متصل ۽ گڏيل هجڻ جي باوجود، انجو شروعات هڪ شيءِ جي باري ۾ آهي، ۽ پڄاڻي وري ڪنهن ٻي شيءِ جي بيان ۾ آهي. ٿي سگھي ٿو آيت جي منڍ ۾ هن جهان جي ڳالهه هجي يا آيت جي شروعات  مادي موجود پٽاندڙ هجي ته وري آيت جوآخري ڀاڱو غير مادي موجود بابت هجي، يا آيت جي ابتداءَ ۾ فقهي حڪم بيان ٿيل هجي ته وري آيت جي انتها عقيدتي مسئلي جي بيان جو پيغام آڻيندڙ هجي، تنهنڪري تفسير ڪرڻ مهل اهڙين خاصيتن تي ڌيان ڪرڻ نهايت ئي لازمي امر آهي، آئمه معصومين (ع) جي زماني ۾ ڪيترائي مفسّر انهن ڳالهين ڏي ڌيان ڪونه ڏيندا هيا سو آئمه معصومين(ع) انهن ماڻهن تي نقيد ڪندي اهي قول فرمايا آهن. ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ مذڪوره روايت جي لفظن تي غور ڪريو امام (ع) ناهي فرمايو: ليس شي بابعد من العقل من تفسير القرآن  ”قرآن جي تفسير کان وڌيڪ ڪابه شيءَ عقل کان پري ناهي“

بلڪه پاڻ فرمايو اٿن :

ليس شي ابعد من عقول الرجال  من تفسير القرآن 

قرآن جي تفسير کان وڌيڪ ڪابه شئ عقل کان پري ناهي.

غور ڪيو امام(ع) جي جملي ۾ ” الرجال“ ماڻهن جو تذڪرو آهي ۽ الرجال ۾ الف لام عهد آهي جنهن جو مقصد آهي ته امام (ع) پنهنجي زماني جي خاص ماڻهن ڏي اشارو ڪرڻ فرمائن ٿا، جيڪي تفسير جي قاعدن قانونن جي درست ڄاڻ نه رکندا هيا.

ڳالهه جو ڳر: مٿي ڄاڻايل دليلن ۽ انهن رد ۽ تنقيد مان ثابت ٿيو ته قرآن جي سمجھ ۾ نه اچڻ وارو رايو درست نه آهي.

هلندڙ............

حوالا

 

[1] _ سورت بقرہ آيت 129

[2] _ سورت آل عمران آيت 164

[3] _ سورت بقرہ، آيت 151

[4] _ سورت جمعہ آيت 2 

[5] _ بحارالانوار، ج24، ص237

[6] _ بحار الانوار، ج92، ص88 .

[7] _ ساڳيو، ج2، ص293

[8] _ ساڳيو، ج92، ص95 .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي