اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

فهم قرآن (2)

ب: قرآن جي سمجھ ممڪن هجڻ وارو رايو.

مذڪوره رائي لاءِ پڻ ڪجھ ثابتيون پيش ڪيون ويون آهن جن تت هيٺ بيان ڪجي ٿو.

1: قرآني زبان جو عُقلائي هجڻ:

 قرآن ڪريم عام رائج طور طريقن مطابق ماڻهن سان خطاب ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي ڪوبه دليل نه آهي ته قرآن پنهنجي بيان ۾ ڪو نئون ۽ انوکو انداز اختيار ڪيو

هجي. جيڪو عام عقلمندن جي رايج طريقن کان هٽي ڪري هجي سو جهڙي ريت بين جي ڳالهه ٻولهه فهم جي قابل آهي. تئين قرآن مجيد جو سمجهڻ به ممڪن آهي ان مطلب جي ثابتي طور اسان چئي سگهون ٿا ته:

جيڪڏهن قرآن پنهنجي مطلبن ۽ تعليمات کي سمجهائڻ لاءِ ڪو نئون ۽ انوکو اختيار ڪيو آهي جيڪو عام رائج ٻولي جي انداز کان بلڪل نرالو آهي ته پوءِ اها ڳالهه قرآن ۾ چٽي نموني بيان ڪئي وڃي هاته جيئن ماڻهو مونجهاري ۾ نه پون قرآن جي نازل ٿيڻ جو مقصد جيڪو ماڻهن جي هدايت آهي ضايع نه ٿي وڃي. ليڪن قرآن ۾ ان ڳالهه جي ڪابه پڌرائي ناهي ٿيل اتان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قرآن اهو ئي ٻولي وارو عام رائج طريقو ئي اپنايو آهي. جيڪو بلڪل قابل سمجهه ۽ فهم آهي.

2. قرآن جو چئلنج لاءِ للڪارڻ

پاڻ سڳورن (ص) پنهجي رسالت جي حقانيت لاءِ مخالفن کي چئلنج ڪيو ته اگر سچا آهيو ته قرآن جهڙو ڪتاب آڻي ڏيکاريو مذڪوره چئلنج جو لازمي نتيجو اهو آهي ته قرآن قابل فهم آهي. ڇوته قرآن شريف جيڪڏهن عام بشر سمجھي ئي نه سگھي ها ته پوءِ مخالف چئي پئي سگھيا يا رسول الله اهو چئلنج ئي اجايو آهي، ڇاڪاڻ جو قرآن سمجھ ۾ ئي نٿو اچي، جيڪو ڪتاب سمجھي نٿو سگھجي  ته انجو مقابلو ڪئين ڪري سگھبو؟

ڪافرن ۽ مشرڪن جو اهو اعتراض نه ڪرڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته قرآن سمجھي سگھجي ٿو، قرآن جو ظاهري پيغام نهايت روشن ۽ پڌرو آهي، جنهن کي ڪافر ۽ مشرڪ به سمجھي پئي ويا.

بلڪه قرآن جو اصل معجزو ئي اهو آهي جو عام رايج اکرن مان جڙيل ڪلام ۽ عام رايج طور طريقي مطابق ڳالهه ڪندڙ ڪلام اهڙو ڪلام آهي جو هر ڪلام ڪرڻ واري شخص کي بيوس ڪري ڇڏيو اٿائين ته هن ڪلام جهڙو ڪو ڪلام آڻي ڏيکاري.

3: آيتن ۾ ويچار جي دعوت

قرآن مجيد ۾ رب پاڪ قراني آيتن ۾ تدبر ۽ويچار ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي.

كِتَابٌ أَنزَلْنَاهُ إِلَيْكَ مُبَارَكٌ لِّيَدَّبَّرُوا آيَاتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُوْلُوا الْأَلْبَابِ [1]

ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن

أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ أَمْ عَلَى قُلُوبٍ أَقْفَالُهَا [2]

ڇا قرآن ۾ ڌيان نه ڪندا آھن يا (سندين) دلين تي اُنھن جا قُفل لڳل آھن؟

أَفَلَمْ يَدَّبَّرُوا الْقَوْلَ أَمْ جَاءهُم مَّا لَمْ يَأْتِ آبَاءهُمُ الْأَوَّلِينَ [3]

ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟

أَفَلاَ يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ وَلَوْ كَانَ مِنْ عِندِ غَيْرِ اللّهِ لَوَجَدُواْ فِيهِ اخْتِلاَفًا كَثِيرًا [4]

قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا

مذڪوره آيتن مان ثابت ٿيو ته الله پاڪ قرآن ۾ تدبر ۽ ويچار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سوال: جيڪڏهن قرآن سمجھ ۾ اچي ئي نٿو سگھي ته پوءِ ويچار ڪرڻ جوحڪم ڪيئن ٿو ڏئي سگھي؟

ڇوته جيڪا شئي سمجھجي ئي نٿي سگھجي تنهن ۾ تدبر ۽ ويچار ڪرڻ جي ڳالهه ته اجائي آهي. اتان ڳالهه واضع ٿي ته قرآن قابل سمجھ آهي.

4: حديثي دليل

ڪيترين ئي روايتن جا گلدسته (طائفه) قرآن جي فهم جي ممڪن هجن واري رايي جي ثابتي طور پيش ڪري سگھجن ٿا ليڪن اسان هن لکڻي جو خيال رکندي رڳو ڪن گلدستن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا.

الف:  قرآن ۾ غور وَ فڪر ۾ همٿائڻ واريون روايتون.

ڪيترن ئي روايتن ۾ وارد ٿيو آهي ته قرآن پاڪ ۾ غور و فڪر ڪريو، مُلّا محمد باقر مجلسي ؒ بحمار ۾ نقل ڪندي فرمائن ٿا ته:

پاڻ سڳورن فرمايو: تدّبروالقرآن وافهموا آياته

قرآن ۾ ويچار ڪيو۽ ڪڻس آيتن کي پروڙيو([5]) ۽ پڻ فرمايائون:

”ويلٗ لمِن لاكهابيِن فكيه ولم يتاَمل فيها“

مار پئي انهي کي جيڪو قرآن پاڪ کي پنهنجي ٻنهي ڳياڙن وچيم رهڙي ٿو ۽ ان ۾ غور فڪر نٿو ڪري ([6])

ب: قرآني آيتن جي قسمن کي بيان ڪندڙ روايتون:

ڪن روايتن ۾ قرآن پاڪ جي معارف جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي آهي ۽ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ظاهر سڀني عام ماڻهن لاءِ قابل سمجھ آهي. علامه مجلسي ؒ بحار ۾ امام صادق (ع) کان روايت نقل ڪئي آهي ته مولا فرمايو:  كتاب الله على اربعة اشياء على العبارة والاشارة واللطائف والحقائق فالعبارة العلوام والاشارة للخواص واللطائف للاولياء والحقائق للانبياء ([7])

الله جي ڪتاب کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگھجي ٿو،عبارت، اشارا، لطائف، ۽ حقائق. (ظاهري) عبارت عام ماڻهن لاءِ اشارا خاص (عالم) عالم ۾اڻهن لاءِ لطائف اولياء لاءِ ۽ حقائق انبياء لاءِ .

مذڪورا روايت وانگر ٻيون به روايتون آهن، جن ۾ قرآني معارف جي ونڊ ورڇ ٿيل آهي.

ج: قرآن جو پلئه وٺڻ واريون روايتون (تمسك بالقرآن) ڪيترن ئي روايتن ۾ وارد ٿيو آهي ته قرآن سان تمسڪ ڪريو، قرآن سان جڙيل رهو، قرآن جو پلئه نه ڇڏجو.

مثال طور رسول الله کان روايت آهي ته :

اذا التسبت عليكم الفتن كفطع الليل المظلم فعليكم بالقرآن ([8])

جڏهن توهان تي فتنا، فساد،اونداهين راتين وانگر اوهان تي ڇائجي وڃن، ته قرآن جو پلئه پڪڙجو جڏهن قرآن جو فهم ممڪن ئي نه هجي ته قرآن سان تمسڪ ڪيئن ڪبو؟ قرآن جي سائي ۾ ڪيئن وڃبو؟

د: روايتن جي کوٽي ۽ کري هجڻ جي ڪسوٽي قرآن

ڪيترن ئي روايتن ۾ صحيح ۽ غلط روايتن جي پرک جو معيار قرآن کي ڏنو ويو آهي.  يعني هر اها روايت جيڪا قرآن جي مخالف آهي سا غلط آهي.

پاڻ سڳورن(ص) کان روايت نقل ڪيل آهي:

ماجاءكم عني لِوافق للقرآن فاُناقلته وما جاءكم لا يوافق القرآن فلم اقله

جيڪا به شئي منهنجي نالي سان نقل ٿئي (۽) قرآن جي موافق هجي سا بيشق مون چئي آهي ۽ جيڪا شئي منهنجي نالي سان نقل ٿي (۽) قرآن جي مخالف هجي سا مون ناهي چئي، (۽ مون تي ڪوڙ پڙهيو اٿائون) ان مطلب لاءِ ڪيتريون ئي روايتون اسانجي حديثي  منابع ۾ نقل ٿيون آهن ، جن مان صاف ظاهر آهي ته قرآن سمجھي سگھجي ٿو.

ويچار:

قرآن قابل فهم اهي ليڪن قرآ کي سمجھڻ لاءِ ڪي قائدا قانون به آهن يا نه...؟

 مذڪوره سوال تي چڱي ريت غور و فڪر ڪندا . جي حياتي رهي ته ڪلام نور جي ايندڙ ڇاپي ۾ انهي سوال جو جواب تفصيل سان بيان ڪبو..

 

[1] _ سورت ص آيت 29

[2] _ سورت محمد 24

[3] _ سورت مومنون آيت68

[4] _ سورت نساء آيت 82

[5] _ بحارالانوار، ج37، ص132 ۽ 209 .

[6] _ ساڳيو، ج69، ص350 .

[7] _ بحارالانوار، ج24، ص237 .

[8] _ ساڳيو، ج92،ص17 .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي