اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

گذريل نبين(ع)جي تاريخ نبي اڪرم(ص) جي سڪون جو سبب

مڪي شريف جا مشرڪ، حضور پاڪ(ص) جن کي تمام گھڻيون اذيتون ۽ تڪليفون ڏيندا هئا، سندن ڪلام کي ٺڪرائيندا هئا، مٿن چٿرون ۽ ٺٺولون ڪندا هئا ۽ آخر ۾ کين ڪوڙو چوڻ کان به نه ڪيٻايائون. انهن جي اهڙي بدسلوڪيءَ تي نبي اڪرم(ص) جن کي تمام گھڻو ڏک ۽ رنج رسيو، جيئن قرآن مجيد انهيءَ شيءِ جي تائيد ۾ فرمائي ٿو ته: وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّكَ يَضِيقُ صَدْرُكَ بِمَا يَقُولُونَ[1]۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.

 انهيءَ ڪري خداوند متعال پنهنجي پياري حبيب حضرت محمّد مصطفى(ص) جن کي تسلي ڏني آهي، قرآن مجيد خدا پاڪ جي انهيءَ دلداري ۽ تسليءَ کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. هن جاءِ تي هڪ هڪ ڪري ان کي بيان ڪجي ٿو:

1: نبي اڪرم(ص) کي زبان سان آزارڻ

اي حبيب(ص)! فقط توکي پنهنجي ڳالهين سان نه ٿا آزارين بلڪه توکان پهريان ايندڙ نبين کي به اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجا زبان سان ڏنڀيندا (ڏکوئيندا) رهيا آهن. جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: مَا يُقَالُ لَكَ إِلَّا مَا قَدْ قِيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبْلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذُو مَغْفِرَةٍ وَذُو عِقَابٍ أَلِيمٍ [2] (اي پيغمبر(ص)!) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.

2: حضور پاڪ(ص) تي چٿرون ۽ ٺٺولون ڪرڻ

اي حبيب(ص)! فقط اهي قريش توتي ٺٺولون ۽ چٿرون نه ٿا ڪن بلڪه توکان پهريان ايندڙ منهنجن نمائندن تي به سندن امت جا لُچا ماڻهو چٿرون ڪندا هئا. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَلَقَدِ اسْتُهْزِىءَ بِرُسُلٍ مِّن قَبْلِكَ فَأَمْلَيْتُ لِلَّذِينَ كَفَرُواْ ثُمَّ أَخَذْتُهُمْ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ[3]۽ (اي پيغمبر(ص)!) بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن تي ٺـٺولون ڪيون ويون ھيون پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجو عذاب ڪيئن ھو؟

3: پيغمبر اسلام(ص) کي ڪوڙو ڀانئڻ

اي منهنجا حبيب(ص)! اهي قريش فقط توکي ڪوڙو نه ٿا ڀانئين بلڪه توکان پهريان ايندڙ نبين کي پڻ سندن امتن ڪوڙو ٿي ڀانيو. انهيءَ بابت الله سائينءَ جو قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّن قَبْلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرْجَعُ الأمُورُ [4] ۽ (اي پيغمبر(ص)!) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.

* انهيءَ ڪري خداوند متعال پنهنجي پياري حبيب حضرت محمّد مصطفى(ص) جن کي حڪم ٿو ڪري ته: مشرڪن جي ناروا ۽ نازيبا گفتگو جي مقابلي ۾ ۽ انهن جي طرفان توتي ايندڙ تڪليفن ۽ اذيتن جي مقابلي ۾ توکي صبر جي دامن کي مضبوطيءَ سان جھلڻ گھرجي ۽ هو جيڪو ڪجھ به چون توکي گھرجي ته درگذر ڪري ڇڏين.

انهيءَ شيءِ جي باري ۾ پڻ خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته:

الف: فَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا [5] تنھن ڪري (اي حبيب(ص)!) تون چڱو صبر ڪر.

ب: وَاصْبِرْ عَلَى مَا يَقُولُونَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيلًا [6] ۽ (ڪافر) جيڪي ڪجھ چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي (درگذر ڪر).

ج: وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا إِلاَّ بِالْحَقِّ وَإِنَّ السَّاعَةَ لآتِيَةٌ فَاصْفَحِ الصَّفْحَ الْجَمِيلَ[7]۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کان سواءِ نه بڻايو اٿئون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي؛ پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.

 



[1]سورت حجر، آيت 97

[2]سورت فصّلت، آيت 43

[3]سورت رعد، آيت 32

[4]سورت فاطر، آيت 4

[5]سورت معارج، آيت 5

[6]سورت مزمّل، آيت 10

[7]سورت حِجر، آيت 85

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید