Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

اهل بيت(ع) جون پيغمبرن سان شباهتون

خداوند متعال انسان ذات جي سونهپ ۽ هدايت لاءِ هڪ لک چوويهه هزار هادي موڪليا انهن منجهان هر هڪ خدا پاڪ طرفان مقرر ۽ معيّن ڪيل پنهنجي فريضي کي سهڻي نموني سان نڀايو؛ الله سائينءَ جي انهن هادين منجھان هڪ هادي (جيڪو سڀني هادين جو سردار ۽ سرواڻ آهي) حضرت محمّد مصطفى(ص) جن جي ذات پاڪ آهي؛

نبي اڪرم(ص) جن پڻ پنهنجي ٽيويهه ساله تبليغ ۾ هر اها شيءِ جيڪا امتِ اسلام جي سڌاري جو سبب هئي بيان ڪري ٻڌائي. پاڻ سڳورن(ص) جي رحلت کان پوءِ سندن اهل بيت(ع) انهيءَ اهم فريضي کي سنڀاليو. يعني: جهڙي نموني خدا پاڪ جي نبين انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ هر گھڙي انهن کي سڌي ۽ سنئين واٽ جي طرف ئي سڏيندا رهيا ۽ شيطان پليد جي پيچري تي پير پائڻ کان جھليندا رهيا اهڙي نموني اهل بيت(ع) پڻ هر دم درست دڳ جي طرف دعوت ڏيندا رهيا ۽ ابليس جي فريب جي ڦندي ۾ ڦاسڻ کان ماڻهن کي جھليندا رهيا. اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد پيغمبرن سان اهل بيت(ع) جي ڪجھ شباهتن کي بيان ڪيو آهي. اسان انهن منجھان هن جاءِ تي ڪجھ شباهتن کي بيان ڪري رهيا آهيون:

الف: خدا جي شڪر ڪرڻ ۾ شباهت

قرآن مجيد حضرت نوح(ع)کي خدا جو شاڪر ڪوٺيندي نظر اچي ٿو، جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: ذُرِّيَّةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوحٍ إِنَّهُ كَانَ عَبْدًا شَكُورًا[1]اي (ان قوم جو) اولاد! جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙيءَ ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.

اهڙي نموني اهل بيت(ع) کي به قرآن مجيد شاڪر جهڙي صفت سان ياد ڪندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: إِنَّ هَذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاء وَكَانَ سَعْيُكُم مَّشْكُورًا[2]بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.

ب: عهد ۽ پيمان کي پورو ڪرڻ ۾ شباهت

قرآن مجيد حضرت ابراهيم(ع)جي باري ۾ اهو بيان ڪندي نظر اچي ٿو هو عهد ۽ پيمان کي پاڙڻ وارو هو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَإِبْرَاهِيمَ الَّذِي وَفَّى [3] ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي عَهدن کي) پاڙيو.

اهڙي نموني قرآن ڪريم اهل بيت(ع) کي به عهد ۽ پيمان کي پاڙڻ وارو معرّفي ڪندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيرًا [4] جيڪي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.

ج: خدا طرفان مُلڪِ عظيم جي عطا ڪرڻ ۾ شباهت

الله سائينءَ حضرت ابراهيم(ع)جي فرزندن (ذُريت) کي مُلڪ عظيم عطا ڪيو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: أَمْ يَحْسُدُونَ النَّاسَ عَلَى مَا آتَاهُمُ اللّهُ مِن فَضْلِهِ فَقَدْ آتَيْنَآ آلَ إِبْرَاهِيمَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَآتَيْنَاهُم مُّلْكًا عَظِيمًا[5]ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني سون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون.

اهڙي نموني خدا پاڪ اهل بيت(ع) کي آخرت ۾ مُلڪ عظيم عطا ڪندو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًا وَمُلْكًا كَبِيرًا [6] ۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.

د: صابر هجڻ ۾ شباهت

قرآن مجيد حضرت ايوب(ع)کي صابر جهڙي لقب سان نوازيندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَخُذْ بِيَدِكَ ضِغْثًا فَاضْرِب بِّهِ وَلَا تَحْنَثْ إِنَّا وَجَدْنَاهُ صَابِرًا نِعْمَ الْعَبْدُ إِنَّهُ أَوَّابٌ [7] ۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻُھارو (ٻهاري) وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ (ٽوڙ)، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.

اهڙي نموني قرآن مجيد اهل بيت(ع) کي پڻ صابر جهڙي صفت سان ياد ڪندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَجَزَاهُم بِمَا صَبَرُوا جَنَّةً وَحَرِيرًا[8]۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.

هه: خدا جي خاص ٻانهي هجڻ ۾ شباهت

قرآن مجيد خدا پاڪ جي پيغمبرن کي سندس خاص ٻانهن ۽ بندن هجڻ جي طور تي معرّفي ڪندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: وَجَعَلْنَاهُمْ أَئِمَّةً يَهْدُونَ بِأَمْرِنَا وَأَوْحَيْنَا إِلَيْهِمْ فِعْلَ الْخَيْرَاتِ وَإِقَامَ الصَّلَاةِ وَإِيتَاء الزَّكَاةِ وَكَانُوا لَنَا عَابِدِينَ [9] ۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھئا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھئا.

اهڙي نموني قرآن مجيد اهل بيت(ع) کي به خدا پاڪ جا خاص بندا ٻانها معرّفي ڪندي نظر اچي ٿو. جهڙي نموني خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيرًا [10] اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا، جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.

 



[1]سورت اسراء، آيت 3

[2]سورت انسان، آيت 22

[3]سورت نجم، آيت 37

[4]سورت انسان، آيت 7

[5]سورت نساء، آيت 54

[6]سورت انسان، آيت 20

[7]سورت ص، آيت 44

[8]سورت انسان، آيت 12

[9]سورت انبياء، آيت 73

[10]سورت انسان، آيت 6

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي