Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

اسلام ۾ صحيح ۽ سالم زندگيءَ جا طور ۽ طريقا

هي مقالو در اصل ان تقرير جو ترجمو آهي جيڪا تقرير جناب حجة الاسلام و المسلمين ڊاڪٽر محمد علي رضائي نورالقرآن ٽرسٽ پاران ڪرايل سيمينار ”قرآن ۽ دهشتگردي“ تي ڪئي هئي.

اڄ جي زماني ۾ اسلام جي دشمن قسم کنيو آهي ته جيتري به قدرت، حڪومت، سياست ۽ سرمايو آهي صرف اسلام جي مخالفت ۽ دشمنيءَ ۾ ئي خرچ ڪيو وڃي.

۽ ان جو ڪارڻ به هيءَ آهي ته اڄ ڪلھ جي نوجوانن ۽ جوانن کي اسلام، قرآن ۽ اهل بيت(ع) کان دور ڪري ۽ انحراف جي رستي تي بيهاريو وڃي. ڇو جو اسلام جو وڏي ۾ وڏو سرمايو فقط نوجوان ۽ جوان ئي آهن تنهن ڪري جوانن جي ذهنن ۾ مختلف قسم جا سوال ۽ شبهات پيدا ڪري انهن کي دين کان منحرف ڪيو وڃي ٿو. انهن سوالن مان هڪ سوال هيءُ آهي ته اسلام جنگ، جدال ۽ تلوار جو مذهب آهي نه صلح، اتحاد ۽ ڀائيچاري جو مذهب ۽ اسلام فقط تلوار جي زور سان پکڙيو آهي. ڇا اسلام جي دشمنن جو اهو سوال صحيح آهي يا نه؟

جواب: پيار، محبت ۽ امنيت سان زندگي گذارڻ قرآن جي روشنيءَ ۾:

اسلام وحدت ۽ صلح جي زندگي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو نه جھڳڙي ۽ لڙائي جو؛ ڇو جو قرآن فرمائي ٿو:

1: الله پاڪ جي نالن منجهان هڪ نالو سلام آهي، جنهن جي معنى آهي سلامتي ۽ امنيت آڻڻ وارو. هُوَ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْمَلِكُ الْقُدُّوسُ السَّلَامُ الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ الْعَزِيزُ الْجَبَّارُ الْمُتَكَبِّرُ سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ.[1] الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جي لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت، امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب،  وڏائي جو ڌڻي آھي، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.

خداوند متعال رحمت ۽ لطف کي پاڻ ئي تي لازم قرار ڏنائين. كَتَبَ عَلَى نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ.[2] ۽ اهڙي طرح سان سورت اعراف جي آيت 165 ۾ ساڳئي  رحمت کي پنهنجي پاڻ لاءِ ئي قرار ڏنائين ۽ خدا قرآن پاڪ کي به سلامتيءَ جي رات ۾ نازل ڪيو. «سلام هي حتّى مطلع الفجر».

2: پيغمبر اسلام کي پنهنجي رحمت جي تجلي ڪري موڪليائين. «و ما ارسلناک الّا رحمة للعالمين».[3] ان ڪري حضرت محمّد مصطفى الله پاڪ جي رحمت ۽ امنيت جي تجلي بڻجي هن دنيا ۾ آيا ۽ پيغام به صلح ۽ امنيت جو کڻي آيا ۽ دنيا ۾ ان کي ڪري به ڏيکاريائين ڇو جو خدا هن جهان ۾ پنهنجن اسمن وسيلي تجلي ڪري ٿو بس جيڪا رحمت نبي ڪريم(ص) کان پهچي ٿي اها خدا جي طرفان آهي.

3: قرآن جيڪو الله سائينءَ جو پاڪ ڪتاب آهي جنهن ۾ شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ئي نه رکيائين اهو قرآن  جيڪو مسلمانن جو آسماني ڪتاب آهي ان ۾ رحمت جو پيغام آندائين. وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْآنِ مَا هُوَ شِفَاء وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ.[4] ۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ رحمت آھي

4: قرآن جي نظر ۾ انسان عزت ۽ ڪرامت وارو .

جيئن خدا پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو: وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِي آدَمَ.[5] خدا فرمائي ٿو: اسان انسان کي ڪرامت ۽ شرف  ڏنوسين.

جڏهن انسان ڪرامت وارو آهي ته ان ڪري ان جي جان ۽ مال ، آبرو به محترم آهي بس ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته ڪنهن ٻئي انسان کي قتل ڪري جيڪڏهن اڄ داعش يا طالبان و.... کي وجود ۾ آندو وڃي ٿو ته جيئن عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو وڃي ۽ اهي چاهين ٿا ته اصل اسلام جي چهري کي بگاڙي دنيا ۾ پيش ڪن اصل ۾ اهي قرآن ۽ اسلام جا دشمن آهن.

قرآن فرمائي ٿو: وَلاَ تَقْتُلُواْ النَّفْسَ الَّتِي حَرَّمَ اللّهُ إِلاَّ بِالحَقِّ وَمَن قُتِلَ مَظْلُومًا فَقَدْ جَعَلْنَا لِوَلِيِّهِ سُلْطَانًا فَلاَ يُسْرِف فِّي الْقَتْلِ إِنَّهُ كَانَ مَنْصُورًا.[6] ۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته ان کي مدد ڏني وئي آھي.

اسلام ڪنهن کي حق نه ڏنو آهي ته ڪنهن انسان کي برو ڀلو چوي ۽ ان کي گاريون ڏئي. انعام، 106.

5: اصل اسلام ۾ صلح آهي ان ڪري قرآن پاڪ صلح کي نيڪي سان ياد ڪيو آهي. «والصّلحُ خير...الخ» [7]

قرآن ڪريم مؤمنن کي به صلح ۽ سان زندگي ڪرڻ لاءِ دعوت ڏئي رهيو آهي. يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ ادْخُلُواْ فِي السِّلْمِ كَآفَّةً وَلاَ تَتَّبِعُواْ خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ.[8] اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

جيڪڏهن مخالف ۽ دشمن جيڪي مسلمانن سان جنگ ڪري رهيا آهن ۽ جنگ کي ختم ڪري توهان مسلمانن کي صلح جي دعوت ڏيئي رهيا آهن ته انهن سان صلح ڪريو. وَإِن جَنَحُواْ لِلسَّلْمِ فَاجْنَحْ لَهَا وَتَوَكَّلْ عَلَى اللّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ.[9] ۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

6: دين ۾ جبر ۽ ڏاڍ ناهي جو ڪنهن کي زبردستيءَ ۽ زور سان دين قبول ڪرايو وڃي. لاَ إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ.[10] دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي. (جنهن کي وڻي پنهنجيءَ مرضيءَ سان دين کي قبول ڪري.)

جيڪڏهن ڪنهن کي اسلام جي دعوت ڏيو ته ان کي دليل ۽ منطق، حڪمت ۽ بصيرت ۽ نيڪ ۽ سٺي وعظ ۽ نصيحت سان دعوت ڏيو. ادْعُ إِلِى سَبِيلِ رَبِّكَ بِالْحِكْمَةِ وَالْمَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ وَجَادِلْهُم بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ.[11] اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح سان انهن سان بحث ڪر، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.

۽ اهڙي نموني سورت يوسف آيت 108 ۾ ساڳيو حڪم ڏنو ويو آهي.

۽ نبين ، رسولن، ديني رهبرن جو وظيفو به فقط الله پاڪ جو پيغام پهچائڻ آهي ڪنهن کي مجبور ڪرڻ نه آهي.

يَومَ تَشْهَدُ عَلَيْهِمْ أَلْسِنَتُهُمْ وَأَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُم بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ.[12] انھن جيڪي ڪمايو تنھن بابت سندين زبانون ۽ سندن ھٿ ۽ سندن پير جنھن ڏينھن مٿن شاھدي ڏيندا.

«وَلَو شَاءَ اللهُ مَا اَشرکُوا وَ مَا جَعَلنَاکَ عَلَيهِم حَفِيظاً وَ مَا اَنتَ عَلَيهِم بِوَکِيل». خداوند عالم چاهي ها ته سڀ جا سڀ مجبور ٿي ايمان آڻين ته دنيا منجھ ڪو به مشرڪ نه رهي ها. اي رسول|! اسان توکي انهن جي اعمال جو ضامن قرار نه ڏنو آهي ۽ تنهنجو اهو وظيفو ناهي جو تون انهن کي ايمان آڻڻ تي مجبور ڪرين.

ان ڪري امر بالمعروف (نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ) به ان لاءِ آهي جو اسلام جي قانونن ۾ داخل آهي، مثال جڏهن مان ڪنهن اسڪول يا ڪاليج يا ڪنهن اداري ۾ داخل ٿيس ته ان وقت انهن جي قانونن جي رعايت ڪرڻ ضروري ۽ لازم ٿيندي جيڪڏهن ڪو ڪنهن اسڪول يا مدرسي ۾ داخل ئي نه ٿيو آهي ته قانونن جي رعايت به ان تي لازم ڪونهي. ان جي ئي ڪري ته اسان کي حق ناهي جو ڪنهن کي زبردستي مؤمن يا مسلمان ڪريون. جيتري معاشري ۾ فضا صلح ۽ امن سان هوندي اوترو ئي اسلام جي فائدي ۾ آهي ۽ اسلام جي منطق به اها ئي آهي. هن دور ۾ جيڪڏهن توهان يورپ ڏانهن ڏسندؤ ته اتي اسلام وڌي رهيو آهي. ان جي وڏي ۾ وڏي دليل اها آهي ته هينئر تحقيق ڪئي وئي آهي ته ڇو يورپ ۽ مغرب ۾ اسلام ڏينهن به ڏينهن وڌي رهيو آهي؟ چون ٿا ته عورتن جي اسلام ڏانهن توجھ گھڻي ٿي آهي ڇو انهن ملڪن ۾ عورت کي هڪ نوڪر ۽ غلام جي نگاھ سان ڏٺو ٿو وڃي.

جڏهن قرآن ۽ اسلام جا قانون ۽ اصول انهن عورتن ۽ نوجوانن تائين پهچن ٿا ۽ عالمن پنهنجي ذميداري سمجھي دنيا جي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ تائين انهن قانونن کي ۽ معارف اهل بيت(ع) کي پهچائين ٿا ته ان معاشري کي امن ۽ صلح جي زندگي ڪرڻ جي دعوت ڏني ٿي وڃي جيڪڏهن ماحول سالم نه هوندو ۽ امنيت برقرار نه هوندي ته اتي ڪو به انهن قانونن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو ان جي ڪري ته هينئر توهان ڏسندؤ ته اسلام جا دشمن به اهوئي چاهين ٿا دنيا ۽ تمام ملڪن ۾ جنگ ۽ جدال جي ذريعي بدامني ڪرائي وڃي ته جيئن ڪو به اسلام لاءِ سوچي نه سگھي ۽ مسلمانن جا ذهن جنگ ۾ مشغول هجن ته جيئن اسلام ۽ حق جو آواز دنيا جي ڪنهن انسان تائين نه پهچي سگھي ڇو جو جيترو به معاشري ۾ امن ۽ آرام هوندو ته اسلام به پهچندو رهندو.

اسلام جي قانونن منجهان هڪ قانون هيءُ آهي ته جيڪو توهان تي ظلم ۽ ستم ڪري توهان ان جو مقابلو ڪريو ۽ خاموش نه رهو ڇو جو توهان کي اهو حق حاصل آهي ته پنهنجي جان، مال ۽ ناموس جو دفاع ڪري ظالم جي سامهون اٿي بيهو.  قرآن ۽ اسلام ۾ جائز ناهي ته ظالم توهان تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ۽ توهان خاموش ۽ چپ ڪري زندگي ڪريو ۽ ان جي خلاف پنهنجو آواز نه اٿاريو.

7: قرآن جي روشنيءَ ۾ جنگ ۽ جھڳڙو ڪرڻ جائز ڪونهي ۽ اسان کي اجازت ناهي ليڪن ڪجھ جاين تي جائز آهي ۽ اسلام اسان کي اجازت ڏني آهي:

پهريون: جيڪڏهن توهان تي ظالم ظلم ڪري ته ان جي مقابلي ۾ اٿي بيهو. أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَاتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُوا وَإِنَّ اللَّهَ عَلَى نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ.[13] جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.

ٻيو: جيڪڏهن ڪو مسلمان تي اڳرائي ڪري حملو ڪري توهان به ان ظلم ڪرڻ واري جي مقابلي ۾ بچاءُ ڪريو. وَقَاتِلُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَكُمْ وَلاَ تَعْتَدُواْ إِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبِّ الْمُعْتَدِينَ.[14] جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.

ٽيون: جيڪڏهن دشمن جنگ تان هٿ کڻي وڃي ۽ توهان مسلمانن سان جنگ ڪرڻ ختم ڪري ته توهان به جنگ کي ختم ڪريو. وَقَاتِلُوهُمْ حَتَّى لاَ تَكُونَ فِتْنَةٌ وَيَكُونَ الدِّينُ لِلّهِ فَإِنِ انتَهَواْ فَلاَ عُدْوَانَ إِلاَّ عَلَى الظَّالِمِينَ.[15] ۽ ايستائين اُنھن سان وڙھو جيستائين فتنو (يعني شرڪ) نه رھي ۽ خاص الله جو دين ٿئي، پوءِ جيڪڏھن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ڪنھن تي وڌيڪ ھلت ڪرڻ نه جڳائي.

8: قرآن فرمائي ٿو: مسلمانن کي اهو حق ناهي ته جيڪڏهن دشمن جيڪي توهان سان جنگ ڪري رهيا آهن توهان پهريان انهن تي تجاوز ڪريو. «و لا تعتدَوا».[16] بلڪه اسان مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته انهن دشمنن سان نيڪي ۽ عدالت سان ورتاءُ ڪريون. لَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ أَن تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ.[17] الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.

هن مقالي کي پڙهڻ وارا ڀائرؤ! ڏسو اسلام ڪيترو ته دقيق پروگرام انسانيت ۽ مسلمانن لاءِ بيان ڪيو آهي توهان تمام دينن جو مطالعو ۽ تحقيق ڪريو سواءِ اسلام جي ٻئي ڪنهن دين ۾ اهڙو انسانيت جي لاءِ پروگرام نه ملندو.

9: مسلمانن جي ذميداري آهي جيڪڏهن توهان جا دشمن ناهن ڀلي اهي غير مسلمان ئي ڇو نه هجن انهن سان نيڪ ۽ سٺي نموني پيش اچو ۽ انهن کي پنهنجو دين ۽ مذهب زوريءَ نه مڃرايو ۽ انهن کي برو نه چئو. وَإِنْ أَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِينَ اسْتَجَارَكَ فَأَجِرْهُ حَتَّى يَسْمَعَ كَلاَمَ اللّهِ ثُمَّ أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لاَّ يَعْلَمُونَ. ۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

10: ايستائين جو قرآن ڪريم مسلمانن کي دستور ڏئي رهيو آهي ته توهان پاڻ ۾ به هڪ ٻئي سان جنگ ۽ جدال نه ڪريو بلڪه پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان محبت ۽ آرام سان زندگي ڪريو. ڇو جو توهان پاڻ ۾ ڀائر آهيو. إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ.[18] مؤمن ته سڀ ڀائر آھن تنھنڪري پنھنجي ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

قرآن پاڪ مسلمانن کي هڪٻئي سان مشورت ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.  وَشَاوِرْهُمْ فِي الأَمْرِ فَإِذَا عَزَمْتَ فَتَوَكَّلْ عَلَى اللّهِ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُتَوَكِّلِينَ.[19] ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.

۽ اهڙي نموني قرآن فرمائي ٿو ته: نيڪ ڪمن ۽ تقوا ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريو: وَتَعَاوَنُواْ عَلَى الْبرِّ وَالتَّقْوَى وَلاَ تَعَاوَنُواْ عَلَى الإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ.[20] ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.

۽ اهڙي نموني قرآن فرمائي ٿو ته: هڪٻئي جي ڳالهين جي تائيد ڪريو ۽ هڪٻئي کي ڪوڙو نه ڪريو ۽ هڪٻئي سان لڙائي ۽ جھڳڙو نه ڪريو. «... و لا تَنازَعُوا...».[21]

بس پوري مقالي مان معلوم ٿيو ته اسلام ۾ امن ۽ سلامتي آهي اهڙي جاين تي حق ترقي ڪندو آهي ۽ ماڻهو پڻ سعادتمند ٿيندا آهن. اهو به معلوم ٿيو ته ڇا اسلام جنگ ۽ دشمنيءَ جو درس ڏئي ٿو يا اسان کي صلح، اتحاد، امنيت جي دعوت ڏئي ٿو ۽ اسان کي فتني جي زماني ۾ ائين رهڻ گھرجي. جيئن مولا امير(ع) جن فرمايو ته: فتني جي زماني ۾ اسان اٺ جي ٻچي وانگر رهون نه ڪير اسان تي سوار ٿي سگھي ۽ نه وري ڪوئي ان مان کير وٺي سگھي. يعني: مطلب هيءُ آهي ته ان زماني ۾ توهان وڏي احتياط سان زندگي گذاريو ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن فتني جي بنياد رکڻ وارن مان قرار نه ڏيو پنهنجي رفتار ۽ گفتار جي ذريعي سان فتنن کان دور رهو ته جيئن توهان  منبر تي تقرير ۾ يا مسجد ۾ يا معاشري ۾ اهڙي ڳالھ نه ڪريو جنهن جي ذريعي معاشري ۾ جنگ ۽ جدال ۽ نفرتون ايجاد ٿين.

انهيءَ جي ڪري جو قرآن جو طريقو صلح ۽ سلامتيءَ سان زندگي گذارڻ ڏانهن  بشر کي دعوت ڏيئي رهيو آهي فقط اهائي واٽ آهي جنهن کي اسلام ۽ تمام مذهبن صحيح قرار ڏنو  آهي ته جيئن سڀ قومون هڪٻئي جون ڳالهيون ۽ گفتگو ٻڌن ۽ بهترين ڳالهين کي انتخاب ڪري سگھن. فَبَشِّرْ عِبَادِ الَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُ.[22] پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن.

 

[1] سورت حشر، آيت 23

[2] سورت انعام، آيت 12.

[3] سورت

[4] سورت اسراء، آيت 82

[5] سورت اسراء، آيت 70.

[6] سورت اسراء، آيت 33.

[7] سورت نساء، آيت 128.

[8] سورت بقره، آيت 208.

[9] سورت انفال، آيت 61.

[10] سورت بقره، آيت 256.

[11] سورت نحل، آيت 125.

[12] سورت نور، آيت 24.

[13] سورت حج، آيت 39.

[14] سورت بقره، آيت 190.

[15] سورت بقره، آيت 193.

[16] سورت بقره، آيت 190.

[17] سورت ممتحنه، آيت 8.

[18] سورت حجرات، آيت 10.

[19] سورت آل عمران، آيت 159.

[20] سورت مائده، آيت 2.

[21] سورت.....................................

[22] سورت زُمر، آيت 17 ۽ 18.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي