Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

سورت يس منجهان نڪتا(1)

سڀ ساراهون ان سائينءَ کي سونهن جنهن ڌرتيءَ جو فرش وڇائي منجھس وڻ ۽ ٽڻ، گل ۽ ڦل، جبل ۽ پهاڙ، نهرون ۽ نديون، پرندا ۽ درندا، جيت ۽ جانور ۽ انسان جهڙي اشرف المخلوقات خلق خلقي ان کي ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ سجايو اٿس ۽ مٿس آڪاش جهڙو من موهيندڙ شاميانو اڏي منجھس سَهائِي ڏيندڙ سج، چمڪندڙ چنڊ ۽ ٽمڪندڙ تارا سَجائي ان ڌرتيءَ جي ڌَما کي اڃا وڌيڪ اچرج جوڳو بڻائي ڇڏيو اٿس.

۽ سوين درود ۽ سلام هجن سندس پياري حبيب حضرت محمّد مصطفى(ص) ۽ ان جي آل پاڪ(ع)تي جن جي صدقي لوح ۽ قلم، عرش ۽ ڪرسي، هيءُ آڪاش ۽ ڌرتي، هيءُ ماھ ۽ مهتاب، هيءُ سج ۽ آفتاب، هي نهرون ۽ نديون، هي سال ۽ صديون، هي پکي ۽ پرندا، هي حيوان ۽ درندا، هيءُ سج، چنڊ ۽ ستارا، هي قطب، ڪَتيون ۽ تارا، هي بادل ۽ برسات، هي ڏينهن ۽ رات، هي سمنڊ ۽ واھ، هي نديون ۽ درياء، هي گل ۽ ڦل، هي  ٽڪر ۽ جبل، هي وڻ ۽ ٽڻ، هي پٿر ۽ پهڻ، هيءُ ملڪ ۽ ميدان، هي صحراء ۽ ريسگتان ۽ هي ڪًتيون ۽ ڪهڪشان خلق ڪيائين.

الله پاڪ انسان ذات جي هدايت لاءِ نبي ۽ رسول جي صورت ۾ سندس نمائندا موڪليا ۽ انهن منجهان ڪجھ کي ڪتاب پڻ عطا ڪيائين ته جيئن اهي نبي ان ڪتاب وسيلي ماڻهن جي اڃا وڌيڪ هدايت جو سامان مهيا ڪري سگھن. انهن آسماني ڪتابن منجهان هڪ قرآن پاڪ آهي جيڪو معجزي سان گڏوگڏ هدايت جو هڪ بهترن نمونو آهي.

قرآن مجيد ۾ ٽيھ پارا (سيپارا) ۽ هڪ سئو چوڏهن سورتون آهن، جنهن منجهان 86 سورتون مڪي ۽ 28 مدني آهن (يعني انهن 114 سورتن منجهان 86 سورتون حضور پاڪ4 جن جي مٿان مڪي شريف ۾ نازل ٿيون ۽ 28 سورتون مديني منوّره ۾ نازل ٿيون). انهن سورتن منجهان هڪ سورت «يس» آهي، جيڪا پاڻ سڳورن(ص) جن تي مڪي شريف ۾ لٿي، منجهس 83 آيتون آهن. سورت يس کي روايتن منجهه قرآن مجيد جي دل چيو ويو آهي. قرآن پاڪ جهڙي عظيم ڪتاب جي هن عظيم سورت جي عظمت ۾ فقط هڪ روايت بيان ڪجي ٿي: حضرت امام جعفر صادق(ع) جن کان منقول آهي ته: جيڪو ڏينهن جو سورت يس پڙهندو خدا پاڪ کيس رات تائين (ان سورت جي صدقي) حفظ ۽ امانَ ۾ رکندو ۽ کيس رزق عطا ڪندو ۽ جيڪو هن سورت کي رات جو سمهڻ کان پهريان پڙهندو ته خدا پاڪ ان جي لاءِ هڪ هزار فرشتن کي مامور بڻائيندو جيڪي کيس هر رجيم ۽ (خدا جي بارگاھ مان) تڙيل شيطان جي شر ۽ هر قسم جي آفت ۽ بلا کان حفاظت ۾ رکندو ۽ جيڪڏهن اهو انسان ان ڏينهن مري ويو ته خدا پاڪ کيس بهشت ۾ داخل ڪندو ۽ ان جي غسل ۾ ٽيھ هزار ملائڪ شامل ٿيندا ته جيئن ان جي لاءِ استغفار ڪن ۽ ان جي لاءِ بخشش گھرندا قبر تائين ان جي جنازي ۾ گڏ هلندا ۽ جيڏي مهل ان کي لحد ۾ رکيو ويندو ته انهن ملائڪن کي ان قبر ۾ ئي ساڻس گڏ ويهاريو ويندو ۽ اهي ٽيھ هزار ملائڪ اتي قبر ۾ خدا پاڪ جي عبادت ڪندا ۽ انهن جي عبادت جو ثواب ان کي رسندو ۽ جيستائين انسان جي اک ڏسي سگھي ٿي ايستائين اهي ملائڪ ان جي قبر کي ڪشادو ڪندا ۽ کيس قبر جي فشار کان محفوظ رکندا ۽ جيستائين اهو قبر کان ٻاهر اچي ايستائين ان جي قبر کان نور جون لاٽون پيون نڪرنديون جيڪي آسمان ڏانهن وينديون، جيئن ئي خدا تعالى کيس قبر کان ٻاهر آڻيندو اهي ٽيھ هزار ملائڪ به ساڻس گڏ هوندا، ان سان ڳالهيون ڪندا ۽ ان سان کلندا ۽ مسڪرائيندا ۽ ميزان ۽ پل صراط جي پار ٿيڻ تائين کيس هر شيءِ جي خوشخبري ڏيندا ويندا ۽ اهي ملائڪ ان کي خدا پاڪ جي قريب هڪ اهڙي جاءِ تي آڻيندا جو جتي الله جي مقرب ملائڪن ۽ پيغمبرن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هوندو، بس پوءِ اهو (سورت يس کي پڙهڻ وارو الله جو نيڪ ٻانهو) نبين سان گڏ خدا پاڪ جي ويجھو وڃي بيهندو؛ جڏهن سڀئي اهل محشر پريشان حال هوندا هن کي ڪابه پريشاني نه هوندي ۽ جڏهن سڀئي انسان بيتاب (ٿي محشر جي ميدان ۾ بيٺا) هوندا هن کي ڪابه بيتابي نه هوندي؛ پوءِ خداوند عالم ساڻس خطاب ڪندو: اي منهنجا ٻانها! اڄ جنهن جي به شفاعت ڪرڻ چاهين ٿو شفاعت ڪر، تنهنجي شفاعت کي آئون قبول ڪندس ۽ اڄ جيڪو ڪجھ مون کان گھرڻو اٿئي سو گھر، ڇو جو اڄ آئون تنهنجي سوال ۽ درخواست کي نه موٽائيندس؛ پوءِ اهو ماڻهن جي شفاعت ڪندو؛ ٻين جو حساب ۽ ڪتاب ٿيندو ۽ انهن جي اعمال کي توريو ويندو مگر هن جي عملن جو حساب نه ڪندا، محشر جي ان ميدان ۾ کيس ڪنهن به قسم جي خواري ۽ ذلالت نه ڏسڻي پوندي ۽ ڪنهن به گناھ جي ڪري کيس گرفتار نه ڪندا، بس هو پنهنجي اعمال نامي کي هٿ ۾ ڪري بهشت ڏانهن روانو ٿيندو؛ سڀئي ماڻهو حيران ٿي ڪري چوندا: ڇا هن جو ڪو به گناھ نه هو؟! (جو سڌو جنت ۾ وڃي پيو) ۽ اهو شخص نبي اڪرم| جن جي دوستن منجهان هوندو.(1)

قرآن پاڪ جي عظيم سورت ۾ ڪيترائي مطالب سمايل آهن ۽ منجھس ڪيترن ئي مطلبن ۽ نڪتن کي وائکو بيان ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجي هن لکڻيءَ ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ته قرآن مجيد جي هن عظمت ڀري سورت جي 83 آيتن منجهان فقط ابتدائي ٽيٽيهن آيتن منجهان (ايران جي برک عالم دين ۽ مفسّر قرآن حضرت حجة الاسلام والمسلمين الشيخ محسن قرائتي (دامت برڪاته) جي لکيل تفسير نور منجهان اقتباس ڪندي)، حاصل ٿيندڙ نڪتن کي بيان ڪريون، انهيءَ اميد سان ته پڙهندڙ ڀائر انهن نوراني نُڪتن منجهان ضرور بهترين لاڀ پرائيندا.

1: روايتن مطابق «يس» حضور پاڪ| جن جو اسم گرامي آهي. (2)

2: «صراط مستقيم» اهڙي راھ ناهي جو هڪ دفعه ان کي عبور ڪرڻ کان پوءِ انسان مقصد تي پهچي وڃي، بلڪه جيترو به ان راھ تي رهي ڪري اسان اڳتي وڌندا وينداسين ايترو ئي اسان پنهنجي هدف تي پهچندا وينداسين ۽ ان جي نزديڪ ٿيندا وينداسين، جهڙوڪ علم، جيترو اسان ان کي حاصل ڪرڻ ۾ اڳتي وڌنداسين ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اوترو ئي اسان کي علم هٿ ايندو ويندو.(3)

3: اَذقان «ذقن» جو جمع ۽ «کاڏيءَ» جي معنى ۾ آهي ۽ «مُقمحون» اٺ جو ڪنڌ مٿي ڪرڻ جي معنى ۾ آهي. يعني: جهڙي نموني جڏهن اٺ جي اڳيان پاڻي رکيو ويندو آهي ليڪن هو پنهنجي سر کي مٿي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان کي پيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙي ئي نموني هنن نااهل ۽ ڀٽڪيل ماڻهن جي اڳيان حق ۽ سچ جي راھ کي رکيو وڃي ٿو، پر اهي پنهنجي ڪنڌ کي مٿي ڪري ٿا ڇڏين (يعني: منهن موڙي ٿا ڇڏين) ۽ حق جي سامهون سر نه ٿا جھڪائن. (4)

4: سورت يس ۾ خدا پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته: انهن بت پرست ۽ ڀٽڪيل ماڻهن جي ڳچين ۾ سنگرن ۽ زنجيرن جا ڳٽ پيل آهن. انهن ڀٽڪيل انسانن جي ڳچين ۾ سنگر ۽ زنجير مان مراد يا انهن جي آخرت جو ڪيفر ۽ عذاب آهي، هن آيت جيان: «إِذِ الْأَغْلالُ فِي أَعْناقِهِمْ»(5) يا ان منجهان مراد انهن جا خرافاتي عقائد (عقيدا) آهن جيڪي وزني سنگرن ۽ زنجيرن جيان انهن جي ڳچين ۾ پيل آهن. هن آيت جيان  جنهن ۾ خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: «يَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَ الْأَغْلالَ الَّتِي كانَتْ عَلَيْهِمْ» (6) بس پوءِ خدا پاڪ پاران موڪليل نبين جو فريضو اهو آهي ته اهي انهن خرافات ۽ بدعتن کي انهن ماڻهن منجهان ڪڍن جيڪي انهن ڀٽڪيل انسانن کي زنجيرن جيان سڪ ڪريو بيٺا آهن ۽ اهي سڌي واٽ تي نه ٿا اچي سگھن. ها! خدا پاڪ پاران موڪليل نبي چاهين ٿا ته انهن جي ڳچين منجهان (خرافات ۽ بدعتن جا) اهي طوق ۽ زنجير ڪڍن (ته جيئن اهي سنئينءَ واٽ تي اچي سگھن) مگر اهي ڀٽڪيل ۽ ظالم انسان نه ٿا چاهين.(7)

5: قرآن پاڪ جي هن آيت: «وَ لكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّي لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْجِنَّةِ وَ النَّاسِ أَجْمَعِينَ»(8) منجهان اها ڳالھ سمجھ ۾ ٿي اچي ته هتي «القول» لفظ منجهان مراد شيطان جي پيروڪارن لاءِ خدا پاڪ جي عذاب جو حڪم آهي. (9)

6: جڏهن ته قرآن مجيد حڪمت ۽ نصيحتن ڀريو ڪتاب آهي ۽ پيغمبر اسلام6 جي رسالت قطعي ۽ يقيني آهي (۽ سندن رسالت ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو ناهي) ۽ دين جي راھ سڌي ۽ سنئين راھ آهي (۽ اهائي انسان کي ڪمال تائين پهچائي سگھي ٿي) ۽ خداوند متعال مهربان آهي، ليڪن ڇو جو اڪثر ماڻهو غافل، بي ايمان ۽ خرافات ۾ گمراھ آهن، اهڙا (ڀٽڪيل) ماڻهو جنهن پاسي به ويندا انهن کي رستو بند نظر ايندو ۽ اهي هڪ محڪم ۽ مضبوط بند سان وڃي ٽڪرائيندا.

هن آيت ۾ ارڏن ماڻهن جي چهري کي بالڪل وائکو ڪيو ويو آهي: پهريون اهو ته اهي غافل آهن، «فَهُمْ غافِلُونَ» جڏهن غافل آهن ته نتيجي ۾ ايمان به نه ٿا آڻين، «فَهُمْ لا يُؤْمِنُونَ»، ۽ ٻيو اهو ته خرافات ۽ بدعتن انهن کي گرفتار ڪري وڌو آهي، جيئن ارشاد آهي ته: «فِي أَعْناقِهِمْ أَغْلالًا» ۽ اهي ويڙهاڪ ۽ ڏنگي اٺ وانگر حق کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا، «فَهُمْ مُقْمَحُونَ» ۽ انهن جي اڳيان ۽ پويان ڪوٽ ۽ بند آهي جنهن جي وچ ۾ اهي ڦاٿل آهن، «سَدًّا»، ۽ انهن جي اکين تي هڪ پردو لٽڪيل آهي جنهن جي ڪري هو حق ۽ سچ جي واٽ کي نه ٿا ڏسي سگھن.(10)

شايد «مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّا» منجهان مراد انسان جون آئندي جي لاءِ ڊگھيون اميدون رکڻ هجي، ۽ «مِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا» منجهان انسان جي پنهنجي گذريل ڪرتوتن کان غفلت مراد هجي، جو سندس اهي ڊگھيون ڊگھيون اميدون ۽ سندس ڪرتوتن کان غافل هجڻ، حق ۽ سچ جي راھ کي ڏسڻ جي لاءِ ٻه وڏيون رڪاوٽون آهن.(11)

هنن آيتن ۾ ٻن وڏن گناهن ۽ انحرافن جي ڪري ٻن قسمن جي عذاب ۽ ڪيفر کي بيان ڪيو ويو آهي: پهريون گناھ: «فَهُمْ غافِلُونَ» ۽ ٻيو گناھ: «فَهُمْ لا يُؤْمِنُونَ»، ۽ پهريون عذاب: «جَعَلْنا فِي أَعْناقِهِمْ أَغْلالًا» ۽ ٻيو عذاب: «جَعَلْنا مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّا».(12)

7: قرآن پاڪ جي ٻين آيتن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگھجي ٿو ته هن جاءِ تي لفظِ «ذڪر» منجهان مراد قرآن آهي. جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: «إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَ إِنَّا لَهُ لَحافِظُونَ»(13)

ڪجھ اهڙا ڪافر ۽ مشرڪ آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قابل هدايت ناهن ۽ پيغمبرن جو انهن کي چوڻ ۽ انهن کي بار بار بيدار ڪرڻ جو ڪوبه اثر ۽ فائدو ڪونهي. ڪي اهڙا ڪافر آهن جيڪي ڪنهن به حيلي هدايت نه ٿا پائي سگھن، جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي: «إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا سَواءٌ عَلَيْهِمْ أَ أَنْذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لا يُؤْمِنُونَ» (14) اهڙي نموني ڪي اهڙا مشرڪ آهن جيڪي ڪنهن به حربي هدايت نه ٿا پائي سگھن، جيئن خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي: «سَواءٌ عَلَيْكُمْ أَ دَعَوْتُمُوهُمْ أَمْ أَنْتُمْ صامِتُونَ» (15) ، (16)

هلندڙ......

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي