Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

سورت يس منجهان نڪتا (2)

8: «خَشِيَ الرَّحْمنَ بِالْغَيْبِ» منجهان يا اندر ۽ دل جو دل ۾ خدا پاڪ کان ڊڄڻ مراد آهي، يا اڪيلائيءَ ۾ ۽ ماڻهن کان دور ڪنهن جاءِ تي خدا پاڪ کان ڊڄڻ مراد آهي يا قيامت واري ڏينهن ٿيندڙ حساب ۽ ڪتاب جي ڪري خدا پاڪ کان ڊڄڻ مراد آهي. (16)

9: جڏهن انسان ڪنهن وڏي شخصيت جي سامهون ايندو آهي ته ان جي هيبت ۽ حشمت جي ڪري مٿس خوف طاري ٿيندو آهي، جنهن کي خشيت چيو وڃي ٿو ۽ هن قسم جو خوف ۽ خشيت ان خوف کان جدا آهي جيڪو خدا پاڪ جي ڪيفر ۽ عذاب جي ڪري انسان تي طاري ٿئي ٿو.(17)

10: انسان جيڪو به عمل ڪري ٿو اهو سندس اعمال نامي ۾ لکجي ٿو ۽ قيامت واري ڏهاڙي ڪتاب جي صورت ۾ (مجسّم ڪري) سندس هٿ ۾ ڏنو ويندو. اهي ڪتاب ٽن قسمن جا آهن:

الف: شخصي ۽ ذاتي ڪتاب: جيئن خدا پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو: «اقْرَأْ كِتابَكَ»(18) ب: امتن جو ڪتاب: جيئن خدا پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو: «كُلُّ أُمَّةٍ تُدْعى‏ إِلى‏ كِتابِهَا»(19) ج: جامع ۽ ڪامل ڪتاب: جيئن ارشاد ٿئي ٿو: «كُلَّ شَيْ‏ءٍ أَحْصَيْناهُ فِي إِمامٍ مُبِينٍ»، «فِي لَوْحٍ مَحْفُوظٍ»(20)، لفظ «امام» پڻ ڪتاب کي چيو ويو آهي، جيئن خدا پاڪ جو ارشاد آهي: «وَ مِنْ قَبْلِهِ كِتابُ مُوسى‏ إِماماً»(21) ۽ انسان لاءِ پڻ اهو لفظ استعمال ٿيو آهي، جهڙوڪ ارشاد آهي ته: «إِنِّي جاعِلُكَ لِلنَّاسِ إِماماً»(22)  ۽ روايتن ۾ حضرت امام عليC جن کي امام مبين جي مصداقن منجهان معرّفي ڪيو ويو آهي، جنهن وٽ هر قسم جو علم آهي ۽ دنيا جي تمام علمن کي ڄاڻي ٿو.(23)

قرآن پاڪ جي اڪثر تفسيرن امام مبين منجهان مراد لوح محفوظ لکيو آهي جنهن کي قرآن مجيد ۾ «ام الڪتاب» (24) جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ ڇو جو هن ڪتاب ۾ هر قسم جو علم آهي ۽ سڀ شيون ۽ سڀئي انسان انهن مقدّرات (تقديرن) جي تابع آهن جيڪي منجھس لکيل آهن تنهن ڪري ان کي «امام» چيو وڃي ٿو.(25)

11: سورت يس جي آيت نمبر 13 کان وٺي بعد ۾ ايندڙ سترهن ٻين آيتن تائين خدا پاڪ جي انهن پيغمبرن جو بيان آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي هدايت جي لاءِ خدا پاران مامور هئا. تفسيرون اهو بيان ڪن ٿيون ته هن آيت ۾ لفظ «قريه» منجهان مراد انطاڪيه شهر آهي جيڪو پهريان روم ملڪ جو قديمي شهر هو ۽ هن وقت ترڪيءَ جو حصو ۽ ان جي تجاري شهرن منجهان ليکيو وڃي ٿو. انهن ارڙهن آيتن منجهان اهو سمجھ ۾ اچي ٿو ته ان شهر جا ماڻهو بت پرست هئا ۽ انهن کي توحيد جي دعوت ڏيڻ ۽ شرڪ کان پاسو ڪرڻ خاطر انهن ڏانهن پيغمبرن کي موڪليو ويو هو.(27)

12: ڪجھ ماڻهو الله پاڪ کي ته مڃين ٿا ليڪن نبوّت کي قبول نه ٿا ڪن ۽ چون ٿا ته خداوند متعال اسان کي عقل جهڙي نعمت عطا ڪئي آهي ۽ عقل جهڙي نعمت کان پوءِ اسان کي وحيءَ جي ڪابه ضرورت ناهي. اهڙي قسم جو عقيدو خدا پاڪ کي صحيح نه سڃاڻڻ جي ڪري ئي وجود ۾ اچي ٿو. جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: «وَ ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ إِذْ قالُوا ما أَنْزَلَ اللَّهُ عَلى‏ بَشَرٍ مِنْ شَيْ‏ءٍ»(28)، (29)

13: فال بد ۽ بد سوڻي پڻ خرافات منجهان آهي، جيڪا آڳاٽو بنھ گھڻي رائج هئي ۽ هن وقت پڻ شرق ۽ غرب ۾ ماڻهن جي درميان پاتي وڃي ٿي. اسلام ان شيءِ کي شرڪ ڪوٺيو آهي ۽ هن لفظن «الطيرة شرك» (30)سان ان کي باطل قرار ڏنو اٿس ۽ خدا پاڪ تي توڪل ۽ ڀروسو رکڻ کي ان شيءِ جو ڪَفارو ڪوٺيو اٿس، جهڙي نموني روايت ۾ آيو آهي ته: «كفارة الطيرة التوكل»(31)فال بد ۽ بد سوڻي هڪ منحوس ۽ بيڪار شيءِ آهي جنهن جا بلڪل بيڪار ۽ برا اثر ۽ نتيجا آهن، مثال طور ماڻهن جي باري ۾ بدگمان ٿيڻ، مهم ڪم کان به رڪجي وڃڻ، شڪست ۽ ناڪاميءَ کي يقيني سمجھڻ، حقارت جو احساس ڪرڻ، ۽ خاص ڪري مقدّسات ۽ اولياءِ الهي کي ڏسي فال بد ۽ بد سوڻي سمجھڻ انهن سڀني کان وڌيڪ بيڪار آهي.(32)

14: سورت يس جي آيت نمبر 13 ۾ ماڻهن جي هدايت لاءِ خدا پاڪ جي پيغمبرن جي اچڻ واري جاءِ کي «القريه» جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ آيت نمبر 20 ۾ انهيءَ ساڳئي «القريه» (يعني ڳوٺ) کي «المدينه» (يعني شهر) جي نالي سان تعبير ڪيو ويو آهي. بس هن جاءِ تي اهو چئي سگھجي ٿو ته ماڻهن جي تمدن ۽ ترقيءَ جو دارومدار ايمان تي آهي.

اهو شهر جنهن جا سمورا شهري ڪافر هجن بس پوءِ ان کي هڪ ڳوٺ چئبو نه شهر، ۽ اهڙو ڳوٺ جنهن ۾ جيڪڏهن هڪ انسان به مؤمن ۽ خداپرست هجي، ان کي هاڻي ڳوٺ نه چئبو بلڪه اهو هاڻي ايمان جهڙي دولت سان ترقي ڪري هڪ شهر بڻجي چڪو آهي.(33)

15: تفسير مجمع البيان مطابق هي انطاڪيه شهر وارو قصو حضرت عيسى ع جي زماني سان لاڳاپو رکي ٿو، جناب عيسى ع سندن ٻن حوارين کي ماڻهن کي خداپرستيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ انطاڪيه شهر موڪليو ۽ انهن جي رستي ۾ حبيب نجّار سان ملاقات ٿي ۽ هن موڪليل انهن ٻن حوارين پاران ڪيل معجزو ڏسي خدا پاڪ تي ايمان آندو. ان کان پوءِ اهي ٻئي شهر ۾ داخل ٿيا، ليڪن ماڻهن انهن جي ڳالهين تي ڪوئي ڌيان نه ڏنو ۽ انهن کي ڪوڙو ڀانيائون. ان کان پوءِ جناب عيسى ع «شمعون» نالي سڀني کان وڏي حواريءَ کي انهن ٻن حوارين جي مدد لاءِ موڪليو، ان جي اچڻ کان پوءِ ان شهر جي بادشاھ ۽ اڪثر ماڻهن خدا پاڪ تي ايمان آندو.

البته هيءَ روايت ٻين تفسيري ڪتابن ۾ پڻ آئي آهي، ٻن جهتن جي ڪري قرآن پاڪ جي متن سان سازگاري نه ٿي رکي: پهرين جهت اها ته قرآن پاڪ جي آيتن منجهان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته خدا پاڪ جي طرفان ان شهر جي قوم جي هدايت لاءِ پيغمبر کي موڪليو ويو هو نه ڪنهن نبيءَ جي حواري يا ساٿيءَ کي، ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن ان شهر جا اڪثر ماڻهو خدا پاڪ تي ايمان آڻين ها ته انهن تي عذاب نازل نه ٿئي ها.(34)

روايتن موجب اهو شخص جيڪو خدا پاڪ جي موڪليل پيغمبرن جي مدد لاءِ انطاڪيه شهر ۾ آيو هو، اهو حبيب نجّار هو، جنهن کي «صاحب يس» جي نالي سان پڻ تعبير ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس مؤمن آل فرعون سان (جنهن حضرت موسى ع جي مدد ڪئي ۽ ان جي حمايت ۾ آواز اٿاريو) تشبيه ڏني وڃي ٿي.(35)

16: سورت يس جي آيت نمبر 23 کان پهريان وارين آيتن ۾ ان شخص جي ماجرا کي بيان ڪيو ويو جنهن اڪيلي سر خدا پاڪ جي موڪليل پيغمبرن جي حمايت ڪئي ۽ انهن جو دل ۽ جان سان ساٿ ڏنو ۽ انهيءَ راھ ۾ کيس شهيد ڪيو ويو. هيءَ آيت انهن ڪافرن جي هلاڪت کي بيان ڪري رهي آهي جن انهن نبين کي ڪوڙو ڀانيو ۽ هن مرد مجاهد کي شهيد ڪيو.

«خامد» لفظ «خمود» منجهان ورتل آهي، يعني: باھ جي شعلي جو اجھڻ ۽ هتي ان منجهان مراد هلاڪت ۽ نابود ٿيڻ آهي.(36)

17: نبين تي چٿرون ڪرڻ طول تاريخ ۾ ڪافرن جو رويو رهيو آهي، «كانُوا بِهِ يَسْتَهْزِؤُنَ»، خدا پاڪ جي سڀني نبين تي ڪافرن، ظالمن ۽ خدا پاڪ جي دشمنن ٽوڪون ۽ ٺٺولون ڪيون آهن، «مِنْ رَسُولٍ»(37)

18: سورت يس جي آيت نمبر 31 ۾ جيڪو لفظ «القرون» استعمال ٿيو آهي، اهو «قرن» ڌاتوءَ کان ورتو ويو آهي. تفسير نمونه مطابق «قرن» طولاني زماني کي پڻ چيو وڃي ٿو ۽ پڻ انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو جيڪي هڪ زماني ۾ زندگي ڪندا هجن.(38)

19: سورت يس جي آيت نمبر 33 قيامت جي برپا ٿيڻ ۽ انسانن جو حساب ۽ ڪتاب خاطر وري زندھ ٿيڻ کي چٽو بيان ڪري رهي آهي.(39)

20: پوري قرآن مجيد ۾ تمام ميون جي ڀيٽ ۾ انگور ۽ کجور (ڪتل) جو نالو گھڻو کنيو ويو آهي، اهو يا ته هنن ٻنهي ميون جي غذائي هجڻ جي نقش کي بيان ڪري ٿو يا انهن جي گھڻن قسمن جي هجڻ جي ڪري انهن جو نالو ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ گھڻو کنيو ويو آهي يا ڇو جو اهي خشڪ توڙي تازا ٻنهي طريقن سان واپرائي سگھجن ٿا تنهنڪري انهن جو نالو گھڻو استعمال ٿيو آهي يا ڪو ٻيو سبب به ٿي سگھي ٿو.

سورت يس جي هن آيت ۾ ٻه لفظ «نخيل» ۽ «اعناب» جمع جي صورت ۾ استعمال ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته انگور ۽ کجور منجهان هر هڪ جا قسم گھڻا آهن تنهنڪري جمع جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.

هلندڙ.............

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي