نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

اربعين (چھلم) جي زيارت جا آداب

فونٽ جو اندازو:
2020/09/27

*اربعين (چھلم) جي زيارت جا آدابِ*

تحرير: مداح حسین مخلصي

ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه اهڙيون فرصتون ملنديون آهن جيڪي هميشه جي لاءِ نه هونديون آهن ۽ انسان کي گهرجي ته انهيءَ فرصت منجهان جيترو ٿي سگهي فائدو حاصل ڪري، جهڙيءَ ريت رسول پاڪ (ص) فرمايو آهي: *اِنّ لربّکم في اَيّامکم دهرکم نفخات، اَلا فتعرضوا لها*(1) بيشڪ توهان جي زندگي ۾ خدائي لمحا اچن ٿا، ته پوءِ هوشيار رهو ۽ انهن گهڙين ۾ پنهنجو پاڻ کي ڊالي ڇڏيو“ چهلم امام حسين جي زيارت جو سفر اهڙيون ئي خصوصيتون رکي ٿو، هي سفر جنهن جي مثال گهٽ ملندي آهي، بلڪه بينظير آهي ۽ جيڪڏهن اهو سفر هدفدار ، اڳڪٿي ڪيل ، حساب ۽ سيٽنگ سان هجي ته، چهلم جي حسيني زوار لاءِ اهو سفر تمام گهڻي معنوي برڪت ۽ نتيجي بخش واقع ٿي سگهي ٿو. ان لحاظ سان لازمي آهي ته انسان پنهنجي تلاش کي جيترو ٿي سگهي وڌيڪ ڪري ته جيئين انهي معنوي سفر مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي. هن لکڻي ۾ ڪجهه انهن نڪتن ڏي اشارو ڪجي ٿو جيڪي مؤثر بڻجي سگهجن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته هي ڪجهه آداب جن کي بيان ڪيو ويو آهي اهي انهي اهم سفر ۾ ڪتب آڻي سگهن ٿا ۽ انهن مان استفادو ڪندي پنهنجي سفر کي قيمتي بڻائي سگهجي ٿو ۽ هر انسان پنهنجي طاقت ۽ توان مطابق ئي انهن نڪتن کي اپنائي سگهجي ٿو.

*1: چهلم جي سفر ۾ خاص فرصت ڏي متوجهه هجڻ*

چهلم جو سفر معنويت ۽ مولائي هجڻ کي روح بخشڻ جي لحاظ سان هي سفر اڻ لڀ بلڪه بي مثال سفر آهي. چهلم جي زوار جي لاءِ لازمي آهي ته ان ڳالهه ڏي متوجهه هجي ته هي فرصت رڳو سال ۾ هڪ مرتبو حاصل ٿيندي آهي. ۽ اهو به لازمي آهي ته هر سال حاضر ٿيڻ به اتي ممڪن نه آهي؛ ڇو جو انسان جي عمر ايتري نه هجي يا عراق جا حالات اهڙا هجن جو انسان سفر نه ڪري سگهي يا خود انسان جا پنهنجا اهڙا حالات هجن جو اهو سفر نه ڪري سگهي. بهرحال ٻيهر سفر ڪرڻ جي ڪا ضمانت نه آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته چهلم جي زيارت جو سفر زندگي ۾ آخري دفعو هجي. ان ڪري بهتر آهي ته جهڙي ريت نماز وداع جنهن جي امام صادق (ع) سفارش ڪئي آهي، انسان هر چهلم جي سفر کي پنهنجو آخري چهلم ڪربلا ۾ ڄاڻي.

*2: پهريان کان آمادگي ۽ شيڊول ٺاھڻ*

اهو زوار جيڪو انهي سوچ ۾ آهي ته جيترو ٿي سگهي هن معنوي سفر مان وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري، لازمي آهي ته انهي سفر جو شيڊول پهريان کان سيٽ هجڻ گهرجي. مثال طور: جيڪڏهن چاهي ٿو ته اطراف جي زيارتن ، مثلاً مسجد ڪوفه، مسجد سهله وغيره ڏانهن وڃي يا پيادل نجف کان ڪربلا وڃڻ جو پروگرام اٿس ته سندس سفر جي مدت وڌيڪ سيٽ ڪري، انهي کان هٽي ڪري ان شخص تي لازمي آهي ته معنوي لحاظ سان پنهنجو پاڻ کي انهي خدائي سفر لاءِ آماده ڪري، نيڪ سوچ رکي ته ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ ڇا لاءِ وڃي ٿو؟ ۽ ڪهڙي پاڪ سرزمين تي پير رکي ٿو؟

*3: اطراف جي زيارتن لاءِ شيڊول ٺاهڻ*

جيڪي قافلن جي صورت ۾ عراق جو سفر ڪن ٿا انهن جو اهم پروگرام رڳو پيادل نجف کان ڪربلا هوندو آهي. انهي ڪري زوار کي گهرجي ته ٻين مقامن جي زيارت جو شيڊول پڻ پروگرام ۾ آڻي مثلاً سامراء، ڪاظمين، ڪوفو، مدائن، مسيب ۽ علمائن وغيره جي مزارن تي وڃڻ. جيترو ٿي سگهي وڌيڪ فائدو حاصل ڪجي.

*4: قرآن مجيد جي قرآئت ڪرڻ، سيد الشهداء (ع) ۽ ٻين ائمه (ع)کي هديو ڪرڻ*

زيارت جي آدابن منجهان هي اهو ادب آهي جيڪو هن سفر ۾ وڌيڪ توفيقات جو سبب به بڻجي ٿو.

اهو ادب هي ته قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ ان کي سيدالشهداء (ع) ۽ ان جي با وفا اصحابن جي روح کي هديو ڪري. اهو به واضح آهي ته حسيني زوار کي سفر دوران قرآن ۽ دعا پڙهڻ لاءِ مناسب فرصت ملندي آهي. انهي ڪري جيڪڏهن مناسب پروگرام هجي ۽ ڊسيپلين سان سيٽ اپ ٺاهي ته ڪڏهن ڪڏهن پوري قرآن جو ختمو يا اڌ قرآن پڙهڻ جي توفيق ٿي سگهي ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ قرآن جا ڪجهه سپارا ضرور تلاوت ڪري ان جي معنويت کي حاصل ڪندي ان جو ثواب سيد الشهداء (ع) ۽ ان جي با وفا صحابين جي روح کي بخشي.

*5: ڪربلا جي واقعي ۽ سيدالشهداء (ع) جي باري ۾ مطالعو ڪرڻ*

جيترو ٿي سگهي امام حسين (ع) جي زوار کي امام ۽ ڪربلا جي واقعي جي ڄاڻ ۽ معرفت وڌيڪ هجڻ گهرجي جنهن جي نتيجي ۾ انسان جو عقيدو پختو ٿيندو آهي ۽ اهو به چهلم جي زيارت جي آدابن منجهان هڪ ادب آهي. اهو به واضح آهي ان مطالعي لاءِ ڪربلا جي سفر کان پهريان پنهنجي شيڊول ۾ آڻي ته جيئن مناسب موقعيت منجهان فائدو حاصل ڪري سگهي ۽ سيدالشهداء (ع) ۽ ڪربلا جي واقعي کي چڱي طرح ڄاڻي وٺي.

*6: مخصوص ذڪر جو ورد ۽ انهن کي سيدالشهداء (ع) ۽ ٻين معصومن کي هديو ڪرڻ*

چهلم جي زيارتي سفر ۾ انسان کي پنهنجي گهر کان عراق پهچڻ تائين ۽ نجف کان ڪربلا تائين کوڙ ساري فرصت هوندي آهي خصوصاً پيادل هلڻ ۾ ٻن کان ٽي راتيون لڳنديون آهن. ۽ خود اطراف جي زيارتن ۾ به انسان کي ڪافي سارو وقت ملندو آهي ۽ دعائن ۽ قرآن جي تلاوت جو امڪان هوندو آهي. ڪيڏو بهترين آهي، حسيني زوار هڪ منظم پروگرام تحت ان فرصت مان فائدو حاصل ڪري ۽ معنوي ذڪر کان غافل نه ٿئي ۽ اهي ذڪر جيڪي روايتن ۾ آيا آهن، جيئن محمد ۽ ان جي آل تي صلوات يا لاالٰه الا الله جو ذڪر شريف معنا ڏي متوجهه ٿيندي پڙهندو ۽ تڪرار ڪندو رهي. ۽ ان جي ثواب کي سيدالشهداء (ع) جي پاڪ روح ۽ ٻين سڀني معصومين (ع) روحن کي بخشي. ڪيڏو نه سهڻو لڳندو آهي جو انسان انهي سفر ۾ 14 چوڏهن هزار صلواتون چوڏهن معصومن جي لاءِ ذڪر پڙهي يا 72 هزار جو ورد 72 شهيدن جي روحن کي هديو ڪري.

*7: سيدالشهداء، ڪربلا جي واقعي ۽ چهلم جي زيارت جي عظمت بابت فڪر ڪرڻ*

اسلامي تاريخ ۾ ڪربلا جو واقعو، هڪ بي مثال ۽ سيدالشهداء (ع) تحريڪ هڪ عظيم بي مثال تحريڪ آهي جيڪا هميشه زنده ۽ هر حال ۾ ۽ اثر انداز آهي. بغير شڪ جي هن واقعي ۽ ان واقعي وارن جي عظمت جي باري ۾ سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ ان جو نوراني اثر وڌائيندڙ آهي. انهي عظمت جي باري ۾ مختلف پهلوئن سان زوار فڪر ۽ ويچار ڪري سگهجي ٿو ته جيئن زوار لاءِ هر شيءَ واضح ٿي وڃي. سيدالشهداء جي عظمت بابت فڪر ۽ تدبر ۽ ڪربلا جي اسيرن واري ڪاروان جي مصيبت جي باري ۾ سوچڻ جيڪو ڪربلا کان ڪوفي ۽ شام ۽ مديني موٽڻ ۽ انهن جي صبر ۽ شجاعت، ڪربلا جي واقعي جو اڄ تائين مشهور هجڻ جي باري ۾ فڪر ڪرڻ سان مولا حسين (ع) جي چهلم واري زوار جو ايمان وڌندو آهي ۽ اڃان وڌيڪ ايمان مضبوط ٿيندو آهي.

*8: پنهنجي محاسبي ۽ مراقبي جي حالت ۾ رھڻ ۽ ان بابت سوچ ويچار ڪرڻ*

چهلم جو سفر ڪرڻ ۽ ڪم ڪار ۽ زندگي جي روزمره مسئلن کان جدا ٿيڻ بعد حسيني زوار کي پنهنجي باري ۾ سوچڻ جي هڪ مناسب فرصت ملندي آهي خصوصاً جڏهن نجف کان ڪربلا ڏي پيادل ويندي صبح جي وقت زوار پنهنجي باري وڌيڪ سوچي سگهي ٿو. پنهنجو پاڻ امتحان وٺي ۽ پنهنجي وزن ۽ مقدار جو اندازو لڳائي سگهي ٿو ۽ انهي بنياد تي پنهنجي ايندڙ ڏينهن جي پروگرام کي سيٽ ڪري ۽ سيدالشهدا (ع) کان انهي رستي ۾ مدد گهري.

*9: چهلم جي ڏهاڙن ۾ سحر واري وقت خصوصي استفادو ڪرڻ*

سحر ۽ ان ٽائيم تي جاڳڻ هميشه پسنديده ۽ ڀلو ڪم آهي پر اهو ڪم عتبات عاليات (2) ۾ خصوصاً نجف کان ڪربلا جي رستي ۾ تمام گهڻو بهترين ۽ پسنديده عمل آهي. حسيني زوار ان اڻ لڀ فرصت کي غنيمت سمجهي.

توڙي جو هو ٻين ڏينهن ۾ گهٽ فرصت رکندو هجي پر ان فرصت کان غافل نه ٿئي ۽ انهن روضن شريفن ۾ خدائي فيض کان محروم نه ٿئي ۽ جيترو ٿي سگهي ان مان فائدو حاصل ڪري.

📚 *حوالا*

(1) بحارالانوار، جلد71، صفحو221

(2) عراق جون مقدس زيارتون

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :