نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

غدير آيت تبليغ جي روشني ۾ (2)

فونٽ جو اندازو:
2020/08/18

حديث غدير جي تائيد ۽ مٿين آيت جي تفسير لاءِ ، اسان ڪجهه روايتن کي نقل ڪريون ٿا جيڪي ٻنهي مسلڪن سان تعلق رکندڙ آهن.

  1. ابو هريره، کان نقل ٿيو آهي ته : «مَنْ صامَ یَوْمَ ثَمانِیَةَ عَشَرَ مِنْ ذِی الْحَجَّةِ کَتَبَ اللّه ُ لَهُ صِیامَ سِتّینَ شَهْرا وَ هُوَ یَوْمُ غَدیرِ خُمٍّ لَمَّا اَخَذَ رَسُولُ اللّه ِ صلی الله علیه و آله بِیَدِ عَلِیَّ بْنِ اَبی طالِبٍ وَ قالَ اَلَسْتُ اَوْلی بِالْمُؤْمِنینَ قالُوا نَعَمْ یا رَسُولَ اللّه ِ قالَ صلی الله علیه و آله : مَنْ کُنْتُ مَوْلاهُ فَعَلِیٌّ مَوْلاهُ. فَقالَ لَهُ عُمَرُ بَخٍّ بَخٍّ لَکَ یَابْنَ اَبی طالِبٍ اَصْبَحْتَ مَوْلایَ وَ مَوْلی کُلِّ مُسْلِمٍ فَأَنْزَلَ اللّه ُ عَزَّوَجَلَّ «اَلْیَوْمَ اَکْمَلْتُ لَکُمْ دینَکُمْ»[1]

جيڪو به ارڙهن ذي الحج تي روزو رکندو ته الله تعالى انهي جي لاءِ سٺ مهينن جي روزن جو ثواب لکندو. هي ڏينهن اهو ئي غدير خم وارو ڏينهن آهي، جنهن تي پيغمبر اڪرم (ص) مولاي ڪائنات جي هٿن مبارڪن کي کڻي  اهو فرمايو هو ته: ڇا مان توهان جو مولا نه آهيان ؟ چيائون: ها! توهان ئي اسان جا مولا آهيو. رسول خدا (ص) جن فرمايو: جنهن جو مان مولا ۽ اڳواڻ آهيان، ته انهيءَ جو علي ؑ مولا ۽ اڳواڻ آهي. حضرت عمر مولا کي چيو ته: مبارڪ هجيوَ اي ابو طالب جا فرزند! تون منهنجو ۽ هر مسلمان جو مولا ٿي وئين . انهي وقت الله تعالى جي طرفان هي آيت «اَليَوْمَ اَکْمَلْتُ لَکُمْ لَکُمْ دينَکُمْ»[2] نازل ٿي.

  1. سيوطي ابن مردويه کان ۽ ان، ابن مسعود کان نقل ڪيو آهي ته: اسان رسول اڪرم (ص) جي زماني ۾ هن طرح آيت پڙهندا هئاسين: «يا اَيُّهَا الرَّسُولَ بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَيْکَ مِنْ رَبِّکَ ـ اَنَّ عَلِيّا مولی المؤمنين ـ وَ اِنْ لَمْ تَفْعَلْ… [3] يعني اي پيغمبر (ماڻهن تائين) پهچاء ان شيءَ کي جيڪا تو تي پنهنجي رب پاڪ جي طرفان نازل ٿي آهي_ ته علي ؑ مومنين جو مولا آهي_ ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪندين ته ڄڻ توهان رسالت کي ئي نه پهچايو…“
  2. حافظ ابن عساڪر شافعي، ابوسعيد خدري کان روايت ڪئي آهي ته: آية (تبليغ) عيد غدير واري ڏينهن تي علي ابن ابي طالب عليه السلام جي ولايت جي باري ۾ نازل ٿي هئي.[4]
  3. ابو جعفر محمد بن جرير بن يزيد طبري، معروف تاريخ طبريءَ جي مصنف، هڪ ڪتاب ( ڪتاب الولاية في طرق احاديث الغدير ) جي عنوان سان لکيو آهي: جنهن ۾ غدير جي ڏهاڙي واري واقعي کي 75 سَندن سان نقل ڪيو اٿس.[5] انهن مان اهو به لکيو اٿس ته : زيد بن ارقم نقل ڪيو آهي ته: پيغمبر اڪرم (ص) حجة الوداع کان واپسي تي خم غدير جي ميدان تي لهي ڪري… فرمايو: خداوند متعال مون تي هن آيت کي نازل ڪيو آهي: «بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ…» ۽ جبرائيل ؑ الله تعالى جي طرفان اهو حڪم ڏنو آهي ته هن مڪان تي سڀني لاءِ اهو اعلان ڪريان ته علي ابن ابي طالب منهنجو ڀاءُ، منهنجو وصي، ولي، خليفو ۽ مون کان پوءِ امام آهي. جبرائيل ؑ  کان مون رب جي دربار ۾معذرت خواهي طلب ڪئي، ڇو جو مان اهو ڄاڻان ٿو ته پرهيزگار تمام گهٽ آهن ۽ مون کي ۽ عليءَ(ع) کي  آزاريندڙ گهڻا آهن. پر الله تعالى راضي نه ٿو ٿئي، سواءِ انهي ۾ جو علي ؑ  ولايت بابت تبليغ ڪريان. بس اي انسانو ! اهو ڄاڻو ! ته الله تعالى توهان جي لاءِ علي ؑ کي ولي ۽ امام مقرر ڪيو آهي ۽ هن جي پيروي هر هڪ لاءِ واجب ڪئي اٿس، ته پوءِ هن جو حڪم واجب الاطاعة ، هن جي گفتار نافذ، هن جي مخالفت ڪندڙ کي ملعون ۽ هن جي تصديق ۽ پيروي ڪندڙ تي رحمت نازل ٿيندي . ٻڌو ۽ اطاعت ڪريو! الله تعالى اوهان جو مولا ۽ علي(ع) اوهان جو امام آهي. امامت ڏينهن قيامت تائين هن کان ۽ هن جي اولاد کان آهي. ڪو اهڙو علم ڪونهي جنهن کي الله تعالى هن کي عطا نه ڪيو هجي. . هن کان جدا نه ٿيجؤ ۽ هن کي اڪيلو نه ڇڏجؤ. هيءُ توهان کي حق جي طرف هدايت ڪندو، ڌڻي پاڪ هر انهي شخص کي نه بخشيندو جنهن هن کان منهن موڙيو اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته مون اوهان تائين پيغام کي پهچائي ڇڏيو آهي…مولا جي هٿ کي مٿي ڪيائين ۽ انهي محل اهو فرمايائين: اي انسانو ! هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، وصي آهي، منهنجو علم رکندڙ آهي، ۽ هر ان شخص لاءِ هي خليفو آهي جنهن مون تي ايمان آندو آهي…[6]
  4. امام باقر عليه السلام جن فرمايو آهي ته: «اَمَرَ اللّه ُ عَزَّوَجَلَّ رَسُولَهُ بِوَلایَةِ عَلِیٍّ وَ اَنْزَلَ عَلَیْهِ «اِنَّما وَلِیُّکُمُ اللّه ُ وَ رَسُولُهُ وَ الَّذینَ آمَنُوا الَّذینَ یُقیمُونَ الصَّلوةَ وَ یُؤتُونَ الزَّکوةَ…» وَ فَرَضَ وَلایَةَ أولِی الاَْمْرِ فَلَمْ یَدْرُوا ما هِیَ فَأَمَرَ اللّه ُ مُحَمَّدا صلی الله علیه و آله اَنْ یُفَسِّرَ لَهُمُ الْوَلایَةَ کَما فَسَّرَ لَهُمُ الصَّلاةَ …؛خداوند متعال پنهنجي پياري پيغمبر (ص) کي علي (ع) جي ولايت جي پهچائڻ جو حڪم ڪيو، انهي جي ڪري هي آيت “ اوهان جو ولي فقط، خدا ۽ ان جو رسول ۽ اهي شخص جن ايمان آندو، نماز کي قائم ڪيائون، زڪات کي ادا ڪيائون،…“ نازل ڪيائين ۽ اولي الامر جي ولايت کي واجب ڪيائين، پر ماڻهن اولي الامر جي ولايت کي نه سڃاتو، انهي ڪري، خداوند متعال پيغمبر (ص) کي فرمان صادر ڪيو ته ماڻهن لاءِ ولايت جي ائين تفسير ڪر جيئن نماز جي هنن لاءِ تفسير ڪئي اٿئي.

امام باقر عليه السلام جن اڳتي فرمائن ٿا ته : پر هن الاهي دستور کي انجام ڏيڻ ۾ پاڻ سڳورن(ص) لاءِ ڏاڍي ڏکيائي ٿي ۽ ان ۾ پريشان هئا ته شايد هي مسلمان پنهنجي دين تان ڦري نه وڃن ۽ هن ڳالهه کي ڪوڙو سمجهي ڪري  پنهنجي اصلي دين ڏي موٽي نه وڃن، انهي خاطر پاڻ سڳورن (ص) رب پاڪ ڏي رجوع ڪيو ته هن جي باري ۾ ڇا ڪريان؟ ته خداوند متعال فرمايو :  «یا اَیُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ ما اُنْزِلَ اِلَیْکَ مِنْ رَبِّکَ وَ اِنْ لَمْ تَفْعَلْ فَما بَلَّغْتَ رِسالَتَهُ وَاللّه ُ یَعْصِمُکَ مِنَ النّاسِ اِنَّ اللّه َ لایَهْدِی الْقَوْمَ الْکافِرینَ»؛ ان موقعي تي پيغمبر اڪرم (ص) الاهي حڪم کي واضح ڪيو ۽ علي (ع)جي ولايت جو اعلان غدير واري ڏينهن ڪيو ۽ بيهي ڪري اهو فرمايائين ته: : «اَلصَّلاةُ جامِعَةً» ۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته هن پيغام جا شاهد، هن پيغام کي غائبن تائين پهچائن….

ان وقت امام باقر عليه السلام جن فرمايو: : «وَ کانَتِ الْفَریضَةُ تَنْزِلُ بَعْدَ الْفَریضَةِ الأُْخْری وَ کانَتِ الْوَلایَةُ آخِرَ الْفَرائِضِ…؛الاهي واجبات کي هڪ ٻئي جي پٺيان نازل ڪيو ويو ۽ ولايت انهن سڀني کان آخر ۾ نازل ٿي. انهي کان پوءِ هي آيت نازل ٿي  «اَلْیَوْمَ اَکْمَلْتُ…»۽ فرمايائين : لا اُنْزِلَ عَلَیْکُمْ بَعْدَ هذِهِ فَریضَةً قَدْ اَکْمَلْتُ لَکُمُ الْفَرائِضَ هن واجب کان پوءِ توهان تي ڪو ٻيو واجب نازل نه ڪيو ويو، ڇو جو سڀني واجبن کي مون ڪامل ڪري ڇڏيو آهي.[7]

حوالا

[1]_ بحارالانوار، محمدباقر، مجلسي، بيروت، داراحياء التراث العربي، ج 37، ص 108 ، ح 1؛ امالي صدوق،

[2] _ سورت مائده ، آيت 3

[3]_ ينابيع الموده، شيخ سليمان قندوزي، قم، دارالاسوه، ڇاپو پهريون، ص 140؛ الدر المنثور، سيوطي، ج 3، ص 117

[4]_ روح المعاني، آلوسي، ج 6، ص 172؛ تفسير الڪبير، فخر رازي، ج 3، ص 636.

[5]_العمدة، ص 157.

[6]_ڪتاب الولاية، طبري، ورتل: حقيقت گمشده، شيخ معتصم سيد احمد سوداني، ترجمو سيد محمد رضا مهري، قم، بنياد معارف اسلامي، ڇاپو ٻيو، 1379ش، ج 1، ص 177 – 174.

[7]_ اصول ڪافي، محمد بن يعقوب، ڪليني، ج 1، ص 289.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :