نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

قيامت يا (موت کان بعد واري زندگي) سورت يس جي نظر ۾ (1)

فونٽ جو اندازو:
2020/08/18

عقيددتي مسئلن منجھان توحيد کان پوءِ ڪوبه اهڙو مسئلو ناهي جيڪو قيامت ۽ (موت کان بعد واري زندگيءَ) جهڙي مسئلي جيان اهميت جو حامل هجي، جهڙي طرح الله هن جهان جو آغاز ڪندڙ آهي ته ساڳي ئي ذات هن جي انتها پڻ رکي آهي جو خلق کي ان ڏانهن ئي موٽايو ويندو، ( إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ؛ اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون) يا ارشاد آهي: (كَمَا بَدَأَكُمْ تَعُودُونَ؛ جيئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تيئن اوهان موٽندؤ.) ۽ الله ڏانهن موٽڻ قيامت ۽ آخرت واري نظام جو آغاز آهي، دنيا ۾ انسان پنهنجي اختيار سان جيڪي ڪجھ انجام ڏنو ان سان هن پنهنجي هڪ خاص شخصيت وجود ۾ آڻي ٿو جنهن شخصيت سان هو ٻين کان جدا ۽ ممتاز ٿي پوي ٿو، پوءِ الله ڏانهن موٽڻ هڪ قسم جو ڪمال ئي آهي ته جيئن هر انسان پنهنجي ان شخصيت ۽ باطن کي ظاهر ڪري:

 إِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا وَعْدَ اللّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ بِالْقِسْطِ وَالَّذِينَ كَفَرُواْ لَهُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌ بِمَا كَانُواْ يَكْفُرُونَ (1)

(اوھان مڙني جو ان (الله) ڏانهن موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، ان ئي مخلوق کي وجود بخشيو، وري (به) کين موٽائيندو ته جيئن جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آهي انھيءَ ڪري جو ڪُفر ڪيو ھئائون).

جنهن خدا خلقت کي خلقيو اهو ئي خدا انهن کي واپس موٽائيندو ته جيئن مخلوق پنهنجي واقعي مقصد تائين پهچي سگهي.

قرآن ۾ جڳھ جڳھ خدا جي ايمان واري موضوع کان پوءِ اّخرت تي ايمان رکڻ واري ان مطلب کي بيان ڪيو وڃي ٿو، سورت يس به اهڙين سورتن مان هڪ سورت آهي جنهن ۾ خلق جي موٽڻ ٻين لفظن ۾ قيامت جي مسئلي کي ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ قيامت جو انڪار ڪرڻ وارن جي اعتراضن کي جواب ڏئي قيامت جي ممڪن هجڻ کي وائکو ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح بيان ڪيو وڃي ٿو ته قيامت جو آغاز ڪهڙي واقعي جي رونما ٿيڻ سان شروع ٿيندو ۽ پوءِ بهشتين جي وصف ڪئي ٿي وڃي، جنهن جو تفصيلي ذڪر هيٺ بيان ڪجي ٿو:

قيامت جو ممڪن هجڻ (يا منڪرن جا اعتراض ۽ ان جا جواب)

هن مادي ۽ دنياوي جهان جي پڄاڻي سان ئي قيامت برپا ٿيندي ۽ ان بابت ڪيترائي دليل پيش ڪيا ويا آهن، سورت يس جي ڪجھ آيتن ۾ پڻ قيامت کي ممڪن ۽ حتمي ڄاڻايو ويو آهي، هن سورت ۾ الله سائين قيامت بابت ڪافرن جي انڪار ۽ انهن جي ڪجھ اعتراضن ۽ شبهن کي بيان ڪري انهن جو جواب ڏي ٿو، جنهن مان قيامت جي برپا ٿيڻ واري عقيدتي واقعيت چڱي ريت وائکي ٿئي ٿي، سو هتي سورت يس ۾ ذڪر ٿيل ڪافرن جي انهن اعتراضن ۽ انهن جي جوابن کي بيان ڪريون ٿا:

پهريون اعتراض: مُردن کي حياتي ڏيڻ  جو عمل قدرت کان ٻاهر هجڻ

قديم زماني کان قيامت جو انڪار ڪندڙ، مختلف دليلن سان قيامت جي برپا ٿيڻ جو انڪار ڪندا رهيا آهن قرآن ڪيترن ئي جاين تي سندن مختلف اعتراضن، شبهن ۽ دليلن کي بيان ڪندي کين جواب ڏيندو نظر اچي ٿو، اهڙن ئي شبهن منجھان هڪ شبهو سورت يس ۾ بيان ٿيو جنهن ۾ قيامت جو انڪار ڪندڙ اهو چوندي نظر اچن ٿا ته ڳري ۽ سڙي ويل هڏن کي وري حيات بخشڻ وارو عمل قدرت کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته بي جان مٽي کي ڪيئن حيات بخشي ٿي سگهجي؟ (2) جيئن ته ارشاد ٿيو:

وَضَرَبَ لَنا مَثلاً وَنَسِىَ خَلْقَهُ قالَ مَنْ يُحْيى العِظامَ وَهِىَ رَميمٌ (3)

(۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو.)

يعني انسان پنهنجي خلقت وساريندي اهو اعتراض ڪرڻ لڳي ٿو ته ڳري سڙي ويل هڏن کي ڪيئن الله وري حيات بخيشندو؟

هن قسم جو اعتراض ۽ شبهو نه رڳو سورت يس بلڪه ڪيترن ئي ٻين سورتن ۾ پڻ تڪرار ٿيندي نظر اچي ٿو، خاص طور تي اهي آيتون جن ۾ (عظام) لفظ کي ذڪر ڪيو ويو آهي، منجهائن ڪجھ اهڙين آيتن ڏانهن اشارو ڪيون ٿا جيئن مٿين آيت ۾ موجود اعتراض وڌيڪ واضح ٿي سگهي:

يَقُولُونَ ءَإِنّا لَمَرْدُودُونَ فِى الحافِرَة  * ءَإِذا كُنّا عِظاماً نَخِرَةً (4)

(چون ٿا ته ڇا اسين پوئين پيرين موٽائباسون؟ ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟)

وَقالَ الَّذِينَ كَفَرُوا ءَإِذا َكُنّا تُراباً وَآباؤنا ءَإِنّا لَمُخْرَجُونَ (5)

(۽ ڪافر چوندا آھن ته ڇا جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (به تڏھن به) اسين وري قبرن مان ڪڍيا وينداسون؟)

وَقالُوا ءَإِذا كُنّا عِظاماً وَرُفاتاً ءَإِنّا لَمَبْعُوثُونَ خَلْقاً جَديداً (6)

(۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) ڇا اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين؟)

جواب: 

مختلف آيتن ۾ قرآن ان شبهي جو مختلف مرحلن ۾ جواب ڏيندو رهيو آهي هڪ مرحلي ۾ الله سائين پنهنجي قدرت کي وائکو ٿو ڪري (7) ۽ ٻئي مرحلي ۾ آسمانن جي خلقت سان پنهنجي هن عظيم سنسار کي بيان ڪندي سندس قدرت کي بيان ڪري ٿو،(8) جيئن ته سورت يس ۾ ئي ارشاد ٿئي ٿو:

أَوَلَيْسَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِقَادِرٍ عَلَى أَنْ يَخْلُقَ مِثْلَهُم بَلَى وَهُوَ الْخَلَّاقُ الْعَلِيمُ (9)

( ڇا جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو (ان هن جي مرڻ کان پوءِ) انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي؟ جي ها! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو عظيم خالق (سڀ) ڄاڻندڙ آھي)

۽ ٽئين مرحلي ۾ پهرئين انسان جي خلقت کي قيامت جي برپا ٿيڻ مٿان گواھ بڻائي ٿو، جيئن ته سورت يس ۾ هن اعتراض جو جواب ڏيندي ان ٽئين مرحلي کي بيان ڪيو ويو آهي:

قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ   (10)

( (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو هر پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.)

يعني جڏهن انسان ڪجھ به نه هو تڏهن الله هن کي وجود بخشيو ته هاڻي به ان لاءِ ڪابه مشڪل ناهي جو وري کيس حيات بخشي.

ٻيو اعتراض: بدن جي پکڙيل جزن جي سڃاڻ ۽ علم جو ممڪن نه هجڻ

آيت: قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ   (11) (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو هر پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.) کي نظر ۾ رکندي ڪجھ عالمن قيامت جي منڪرن جي شبهن کي بيان ڪندي لکن ٿا ته:

پهرين شبهي کان علاوھ هن آيت ذريعي ڏنل جواب مان ڪافرن جو هڪ ٻيو شبهو ۽ اعتراض پڻ سمجھ ۾ اچي ٿو ته:

انسان جي موت کان پوءِ صديون گذرڻ سان هن جي بدن جو هر جز ڪيترن ئي ٻين شين سان ملي وڃي ٿو جنهن کان پوءِ ان تمام جزن جي سڃاڻ ممڪن ئي ڪانه ٿي رهي جو انهن کي جدا ڪري زنده ڪيو ويو وڃي.

هن اعتراض ۽ شبهي بابت وضاحت هن ريت آهي ته:

انسان جي موت سندس بدن کي نابود ڪري ڇڏي ٿي ايستائين جو سندس بدن ذرا ذرا ٿي ڪيترن ئي ٻين شين جي جزن سان گڏجي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي اصلي حالت ۽ شڪل وڃائي ويهي ٿو ۽ پوءِ صديون گذرڻ سان هو هن جهان مان ائين مٽجي وڃي ٿو جو سندس بدن جي جزن ۽ ذرن کي سڃاڻي نه ٿو سگهجي نه ئي ٻين انسانن ۽ شين کان جدا ٿو ڪري سگهجي اهڙي صورت ۾ سڀني انسانن کي حيات بخشي قيامت برپا ڪرڻ ڪيئن ممڪن ٿيندي؟  

جيتوڻيڪ اهو شبهو سڌي طرح ان آيت ۾ ذڪر نه ٿيو آهي پر آيت ۾ لفظ (عليم) ان ئي شبهي ۽ ان جي جواب ڏانهن اشارو آهي، جنهن ۾ الله پنهنجي بي حد علم ڏانهن اشارو ڪري ٿو، سو آيت ۾ موجود جواب کي پرکيندي اعتراض ۽ شبهي جي نوعيت کي پرکي سگهجي ٿو.(12)

جواب

قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ  (13) (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو هر پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.)

هن آيت ۾ الله سائين سندن جواب ۾ نه فرمايو تو (هر شيءِ تي قادر آهي) يعني الله پنهنجي قدرت کي ظاهر ڪندي کين جواب نه ڏنو بلڪه فرمايو: ( هُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ)  يعني الله پنهنجي لامحدود علم ڏانهن اشارو ڪيو ته جيتوڻيڪ بدن جا جز ۽ ذرا ذرا ٻين شين جي جزن سان ملي ويا آهن پر الله جنهن جو علم ڪا حڊ نه ٿو رکي اهو انهن کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو.(14)

قيامت  بابت ڪافرن جو (استهزاء) ۽  ٺٺول

انبياء جي تاريخ ان ڳالھ جي چڱي ريت شاهد آهي ته انساني هدايت لاءِ الله طرفان موڪليل نمائندا هميشه حق جي منڪرن سان بحث مباحثو ڪندا رهيا آهن ۽ انهن آڏو حق جي ثابتي لاءِ دليلون ڏيندا رهيا آهن، انهيءَ بحث ۽ مباحثي مان هڪ قيامت ۽ موت کان بعد واري زندگيءَ وارو مسئلو آهي، موت کان بعد هڪ نئين حيات ۽ پنهنجي باطل ۽ ڪڌن ڪمن جي انجام کان خوف ۽ وحشت کائيندي قيامت جي انڪار لاءِ مسخري ۽ ٺٺول کي حربي طور استعمال ڪندا رهيا آهن، انهيءَ جو هڪ نمونو سورت يس ۾ نظر اچي ٿو جڏهن پيغمبر اسلام(ص) کي مخاطب ٿيندي چيائون:

وَيَقُولُونَ مَتَى هَذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ (15)

(۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو)

علامه طباطبائي فرمائن ٿا ته:

هن آيت ۾ (هذا) لفظ سان ويجهي جو اشارو انهن جي اهڙي استهزاء ۽ ٺٺول جي چٽي دليل آهي.(16)

ان کان اڳين آيت ۾ الله کين جواب ڏيندي فرمايو:

مَا يَنظُرُونَ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً تَأْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصِّمُونَ (17)

(اِھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جو اُھي اُنھي حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا)

هلندڙ…………

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :