نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

مولا حسين عليه السلام جي مقدس مزار جو پھريون پانڌيئڙو

فونٽ جو اندازو:
2020/09/28

*مولا حسين عليه السلام جي مقدس مزار جو پھريون پانڌيئڙو*
سڀ ساراھ تنهن سائينءَ کي ئي سونهي جنهن هن سموري سنسار کي ڪيڏو نه سهڻو ۽ سونهارو ڪري سرجيو ۽ سوين درود ۽ سلام هجن سچن جي سرواڻ، مديني جي ميرَ مٺي محمّد ۽ سندن آل پاڪ تي جنهن خاطر ئي خلقڻهار هن هيڏي جهان کي جوڙيو. الله سائينءَ هن ڀونءِ کي بقا جي پوشاڪ پهرڻ لاءِ هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن هاديءَ کي رکيو آهي، پوءِ پالڻهار پنهنجي پاران موڪليل هر پيشوا کي پرکڻ لاءِ پرکا ورتي؛ هر دور ۾ اهي پيشوا پالڻهار جِي ڏکِي توڙي سُکِي پرکا ۾ پاس ٿيندا آيا ۽ الک جي ڪنهن به آزمائش ۾ سندس اماڻيل ڪنهن به امام ۽ اڳواڻ اوتَ ناهي کاڌي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سن ايڪهٺ هجري ڌاري پڻ ڪربلا نالي سرزمين تي پالڻهار پنهنجي پياري حبيب جي حبيبَ کي پڻ پرکيو، جنهن ۾ حسين (ع) حبيبِ خدا جي ان حبيبَ اهڙي انداز ۾ ڪامياب ٿي ڏيکاريو جو هر پيغمبر پالڻهار پاران موڪليل ان پيشوا جي ان پرکا ۾ پاس ٿيڻ تي حيران نظر ٿي آيو. امام حسين (ع) شهادت کان پوءِ پهريون ڀيرو جنهن هستيءَ کي سندس مقدس مزار جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو اها جابر بن عبدالله انصاري جهڙي شخصيت ۽ «عطيه عوفي» نالي سندس شاگرد آهي. جن کي امام حسين (ع) جي مقدس مزار جو پهريون زوار هجڻ جو شرف حاصل آهي. حضرت جابر ۽ «عطيه عوفي» امام حسين (ع) شهادت واري سال ئي 20 صفر تي عبرت جي ڪٺل امام جي مقدس مزار جي زيارت ڪئي. اسان پنهنجي هن مختصر لکڻيءَ ۾ ٻنهي هستين جي سوانح عمريءَ تي وچٿري روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اميد اٿئون ته پڙهندڙ دوست ان منجهان سٺو لاڀ پرائيندا.
*الف: جناب جابر بن عبدالله انصاري*
جناب جابر جو والد گرامي جناب عبدالله، حضور پاڪ(ص) جن جي مديني پاڪ ڏانهن هجرت کان اڳ مسلمان ٿيو ۽ هيءُ انهن ستر ڄڻن منجهان آهي جن «جمره عقبه» ۾ پاڻ سڳورن ص جن جي هٿ تي بيعت ڪئي(1) ۽ «عقبه دوم» واري بيعت ۾ رسول خدا ص سان پيمان ٻڌائين ۽ هيءُ انهن ٻارهن نقيبن (اڳواڻن ۽ سردارن) منجهان هڪ آهي جن کي نبي اڪرم ص جن سندن قبيلي جي نمائندگي ۽ اڳواڻيءَ طور انتخاب ڪيو.(2) جناب عبدالله جنگ بدر ۾ پڻ پاڻ سڳورن ص جن جي رڪاب ۾ دشمنن سان جنگ وڙهيو.(3) جناب عبدالله جنگ اُحد ۾ انهن ٻارهن سپاهين منجهان هڪ هو جن کي پاڻ سڳورن ص جن جبل اُحد جي هڪ مخصوص جاءِ تي (گھاٽ وٽ) بيهاريو هو جتان کان دشمن جي حملي ڪرڻ جو خطرو هو، هو پيغمبر اسلام جي حڪم جي تاميل ڪندي مال غنيمت جي لالچ ڪندي هڪ قدم به پوئتي نه هٽيو، اتي ئي بيٺو رهيو ۽ شهادت جو مرتبو ماڻيائين.(4)
تاريخ ۾ جناب جابر جي ٻن کان ٽن فرزندن جو نالو ملي ٿو. «قاموس الرّجال» ۾ آهي ته جابر بن عبدالله انصاريءَ جا ٻه پٽ هئا: عبدالرّحمان ۽ محمّد.(5) ۽ صاحب «تهذيب التّهذيب» لکي ٿو ته جناب جابر جا ٽي فرزند هئا: عبدالرّحمان، محمّد ۽ عقيل.(6)
*جناب جابر پاڻ سڳورن جي زماني ۾*
پهرين جنگ جنهن ۾ جناب جابر پاڻ سڳورن(ص) جن جي رڪاب ۾ جنگ وڙهي اها «حمراء الاسد» آهي.(7) جناب جابر جنگين ۽ مهم حوادث جهڙوڪ: غزوه مريسيع، جنگ احزاب، جنگ خيبر، غزوه بني قُريظه، صلح حُديبيه، فتح مڪه ۽ جنگ تبوڪ ۾ پڻ موجود هو.(8) جناب جابر حجة الوداع واري واقعي تي پڻ موجود هو ۽ حديث غدير جو راوي پڻ آهي.(9)

*جناب جابر مولا امير (ع) جي زماني ۾*
جناب جابر اميرالمؤمنين حضرت علي (ع) رسول خدا ص جن جو پهريون خليفو ڪري مڃيندو هو ۽ سندس اهو عقيدو هو ته سڀني کان پهريان پاڻ سڳورن ص تي ايمان آڻڻ وارو حضرت علي (ع) آهي.(10) هو هڪ ولائي قسم جو انسان ۽ مولا امير (ع) جو محب هو ۽ هميشه حضرت علي عليه السلام سان عشق ۽ سندن ولايت جا قصيدا پڙهندو رهندو هو ۽ ٻين کي پڻ مولا (ع) سان محبت ڪرڻ جو چوندو هو.(11) هن جنگ جمل،(12) جنگ صفين(13) ۽ جنگ نهروان(14) ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جي امام جي رڪاب ۾ دين اسلام جي دشمن سان دليريءَ سان جنگ ڪئي.(15)
*جناب جابرامام حسن مجتبى (ع) جي زماني ۾*
شيخ طوسي ۽ ابن شهر آشوب جناب جابر بن عبدالله انصاري کي امام حسن (ع) جي اصحاب منجهان شمار ڪيو آهي.(16) جناب جابر، امام حسن (ع) کان روايتون پڻ نقل ڪيون آهن.(17)
جناب جابر امام حسين (ع) دور ۾
شيخ طوسي جناب جابر کي امام حسين (ع) اصحاب منجهان پڻ شمار ڪيو آهي.(18) مديني پاڪ ۾ حضرت امام حسين (ع) جي شهادت جي خبر پهچڻ کان ڪجھ ڏينهن پوءِ جناب جابر ڪربلا معلى ڏانهن وڃڻ خاطر سفر جو سامان سنباهيو، هن سفر ۾ «عطيه عوفي» نالي سندس شاگر به ساڻس گڏ هو. شيخ طوسي جناب جابر کي امام حسين (ع) جو پهريون زوار ڪري بيان ڪيو آهي ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته جابر بن عبدالله انصاري انهيءَ ئي سال (سن 61 هجري) ويھ صفر تي ڪربلا پهتو. (19) اهڙي نموني سيد ابن طاووس پڻ شيخ طوسي واري ڳالھ کي نقل ڪيو آهي.(20)
*جناب جابر امام سجاد (ع) دور ۾*
ڪربلا واري دليون دهلائيندڙ واقعي کانپوءِ جناب جابر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن ماڻهن منجهان هو جيڪي حضرت امام سجاد (ع) سان وفادار ۽ ثابت قدم رهيا.(21) شيخ طوسي ۽ ابن شهر آشوب جناب جابر کي امام زين العابدين (ع) جي اصحاب منجهان پڻ شمار ڪيو آهي.(22)
جناب جابر امام محمّد باقر (ع) محضر ۾
رسول پاڪ ص جن جي زماني ۾ هڪ ڏينهن خدا پاڪ جي نبيءَ جناب جابر کي فرمايو: اي جابر! تون منهنجي فرزندن منجهان هڪ اهڙي انسان کي ڏسندين جنهن جو نالو منهنجي نالي جهڙو ۽ جيڪو منهنجي شبيهه هوندو ۽ اهو (پوري دنيا ۾) علم کي پکيڙيندو، جڏهن ان کي ڏسين ته کيس منهنجا سلام چئجانءِ. (23) جناب جابر هر روز صبح توڙي شام امام سجاد (ع) جي محضر ۾ ايندو هو ۽ اچي عرض ادب ڪندو هو ۽ مولا جي محضر مان فيضياب ٿيندو هو، ايستائين جو امام سجاد (ع) شهادت ٿي. مولا امام زين العابدين (ع) جي شهادت کانپوءِ امام باقر (ع) جناب جابر جي سابقه احترام خاطر وٽس ويندا هئا.(24)
جناب جابر جي وفات
جناب جابر جي وفات بابت تاريخ ۾ هيٺيان مختلف قول پاتا وڃن ٿا: سن 73 هجري،(25) سن 74 هجري،(25) سن 76 هجري،(26) سن 77 هجري(27) ۽ سن 78 هجري.(28)
*جناب جابر جي مزار*
جناب جابر جي مدفن بابت پڻ تاريخ ۾ اختلاف پاتو وڃي ٿو، ڪجھ تاريخدانن سندس مدفن کي جنة البقيع لکيو آهي ۽ ڪجھ تاريخدانن اهو لکيو آهي ته کيس «بني سلمه» نالي قبيلي جي قبرستان ۾ مديني پاڪ جي اولھ طرف دفن ڪيو ويو.(29)

*ب: جناب عطيه عوفي*
«عطيه عوفي» «سعد بن جناده عوفي» جو فرزند آهي، سندس سن 36 هجري کان 40 هجريءَ جي وچ ۾ ڪوفي شهر ۾ ولادت ٿي ۽ حضرت علي (ع) سندس نالو «عطيه» رکيو.(30) «عطيه» جو عرب جي هڪ معروف ۽ مشهور قبيلي جي «بڪّالي» نالي هڪ طائفي سان تعلق هو ۽ «بڪّالي»، «بني عوف بن امرؤ القيس» نالي قبيلي جي هڪ شاخ آهي، «بني عوف» قبيلي منجهان هجڻ جي ڪري کيس «عطيه عوفي» چيو وڃي ٿو. «عطيه عوفي» جو والد مشهور راوين منجهان آهي، هن ڪافي روايتون نقل ڪيون آهن. جناده پاڻ سڳورن (ص) جن جي رحلت کان پوءِ مولا امير (ع) جي سائي ۾ رهيو ۽ مولا امير (ع) جي رڪاب ۾ جنگ پڻ ڪيائين.(31)
ڇهن امامن کي درڪ ڪرڻ جو شرف
«عطيه» کي علم رجال جي طبقن جي اعتبار سان «تابعين» منجهان ليکيو وڃي ٿو، نه صحابن منجهان. ڇاڪاڻ ته هن پاڻ سڳورن ص کي نه ڏٺو جو کانئن ڪا حديث نقل ڪري ۽ سندن صحابي شمار ڪيو وڃي. کيس مولا امير (ع) ۽ انهن کان بعد وارن امامن جي صحابين منجهان ليکيو وڃي ٿو، بلڪه هن امام جعفر صادق (ع) کي پڻ درڪ ڪيو آهي. «عطيه عوفي» راوي ۽ قرآن پاڪ جو مفسّر پڻ آهي ۽ هن قرآن مجيد جي پنجن پارن جو تفسير پڻ ڪيو آهي.(32) هيءَ ڳالھ پڻ بيان جوڳي آهي ته «عطيه» ڪافي برک استادن جي محضر مان ڪسب فيض ڪيو، ليڪن سڀني کان معروف سندس استاد جناب جابر بن عبدالله انصاري ۽ عبدالله بن عباس آهن.(33) «عطيه عوفي» جي سن 111 هجريءَ ڌاري ڪوفي شهر ۾ رحلت ٿي.
*ج: جناب جابر ۽ عطيه عوفيءَ جو ڪربلا ۾ ورود*
تاريخدان لکن ٿا ته جناب جابر سندس شاگرد عطيه عوفيءَ سان گڏ انهيءَ سال سن 61 هجري ۾ چهلم واري ڏهاڙي امام حسين (ع) زيارت جو شرف حاصل ڪيو. هيءُ انهن ڏهاڙن ۾ نابينا ٿي چڪو هو، جڏهن ٻڌائين ته رسول پاڪ (ع) نواسو، پنجتن پاڪ جي آخري نشاني حسين بن علي (ع) ڪربلا جي رڻ پٽ ۾ وڏي ظلم ۽ جفا سان ٽن ڏينهن جو بکيو ۽ پياسو بي يار و مددگار شهيد ڪيو ويو آهي، سو هن عطيه عوفيءَ سان گڏجي ڪربلا جو رخ ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا منزلون ڪاٽيندا، سفر ڪندا چهلم واري ڏهاڙي اچي عبرت جي ڪٺل امام جي نگريءَ ۾ پهتا. جناب جابر فرات جي پاڻيءَ سان غسل زيارت ڪري، خوشبوءِ لڳائي، آهستي آهستي قدم کڻندو عطيه عوفيءَ جو سهارو وٺندي، اچي پنهنجي سرواڻ جي مزار تي پهتو؛ عطيه کي چيائين ته: منهنجو هٿ منهنجي آقا حسين (ع) جي مقدس مزار تي رکراءِ؛ جڏهن سندس هٿ مولا حسين جي قبر تي آيو ته پاڻ (روئي روئي) بيهوش ٿي ويو، جڏهن هوش ۾ آيو ته ٽي ڀيرا سندس زبان تي هي لفظ جاري ٿيا: يا حسين، يا حسين، يا حسين! ان کانپوءِ جناب جابر انصاريءَ روئندي هي جملا چيا: «حَبِيب لا يُجِيبُ حَبِيبَهُ…» (اڄ ڇا ٿي ويو آهي جو) دوستُ دوستَ کي جواب ئي نه ٿو ڏئي؟(35) آخرڪار جناب جابر مولا حسين (ع) جي مقدس مزار جي زيارت ڪئي، زيارت کان پوءِ جناب جابر جھڪندو جھڪندو امام (ع) جي مزار تي ويهي رهيو ۽ سندس منهن کي امام (ع) جي مزار سان مليائين ۽ چار رڪعت نماز پڙهيائين، ان کان حضرت علي اڪبر (ع) جي مزار جي زيارت ڪيائين ۽ جوان جي قبر کي بوسا ڏنائين ۽ ٻه رڪعت نماز پڙهيائين، ان کان پوءِ شهداءِ ڪربلا جي زيارت ڪيائين ۽ آخر ۾ مولا عباس جي پاڪ مزار تي آيو ۽ غازيءَ جي قبر جي زيارت ڪيائين ۽ پوءِ ٻه رڪعت نماز پڙهيائين.(36)
حوالا
(1) ابن ڪثير دمشقي، جامع المسانيد، جلد24، صفحو359.
(2) بلاذري، انساب الاشراف، جلد1، صفحو286؛ ابن عساڪر، تاريخ مدينه دمشق، جلد11، صفحو 208، 211؛
(3) ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه، جلد14، صفحو87.
(4) المغازي، جلد1، صفحو266 کان 269؛ شرح نهج البلاغه، ابن ابي الحديد، جلد14، صفحو 262 کان 265؛ سيره ابن هشام، جلد2، صفحو 106 ۽ جلد 3، صفحو 104.
(5) محمّد تقي شوشتري، قاموس الرّجال، جلد2، صفحو526.
(6) ابن حجر عسقلاني، تهذيب التهذيب، جلد2، صفحو42.
(7) ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغه، جلد5، صفحو 65 کان 58؛ سيره ابن هشام، جلد3، صفحو107.
(8) حسين واثقي، جابر بن عبدالله انصاري، صفحو 50 کان 63.
(9) محمّد باقر مجلسي، بحارالانوار، جلد 21، صفحو 402؛ علامه اميني، الغدير، جلد1، صفحو 14 کان 16.
(10) شيخ مفيد، الارشاد، صفحو 10؛ شرح نهج البلاغه، ابن ابي الحديد، جلد20، صفحو 221.
(11) شيخ صدوق، الامالي، صفحو 47؛ ععل الشرايع، صفحو 142؛ شيخ مفيد، الامالي، صفحو 39؛ بحار الانوار، جلد 39، صفحو 265؛ مستدرڪ الوسائل، مرزا حسين نوري، جلد 18، صفحو 182.
(12) تحف العقول، ابن شعبه حراني، صفحو 186 کان 188؛ بحار الانوار، جلد 70، صفحو 100 ۽ 101.
(13) الاستيعاب، ابن عبد البرّ، جلد 1، صفحو 220؛ اُسد الغابه، ابن اثير جزري، جلد1، صفحو 308.
(14 من لا يحضره الفقيه، شيخ صدوق، جلد1، صفحو 2323؛ تهذيب الاحڪام، شيخ طوسي، جلد3، صفحو 264؛ بحار الانوار، جلد 33، صفحو 439.
(15) وقعة صفين، نصر بن مزاحم منقري، صفحو 217؛ تاريخ يعقوبي، جلد 2، صفحو 197 ۽ 198؛ شرح نهج البلاغه، ابن ابي الحديد، جلد 2، صفحو 10؛ الغارات، ثقفي، جلد2، صفحو 606؛ مروج الذهب، مسعودي، جلد3، صفحو 115.
(16) رجال شيخ طوسي، صفحو 66؛ مناقب ابن شهر آشوب، جلد 4، صفحو 40؛ بحار الانوار، جلد 44، صفحو 110.
(17) دلائل الامامة، ابو جعفر طبري، صفحو 65؛ مدينة المعاجز، هاشم بن سليمان بحراني، جلد 3، صفحو 237.
(18) رجال شيخ طوسي، صفحو72.
(19) مصباح المتهجد، شيخ طوسي، صفحو 730؛ بحار الانوار، جلد95، صفحو 195.
(20) مصباح الزائر، سيد ابن طاووس، صفحو 286 کان 288 تائين.
(21) رجال ڪشي، صفحو 123؛ بحار الانوار، جلد71، صفحو 220.
(22) رجال شيخ طوسي، صفحو 85؛ مناقب ابن شهر آشوب، جلد4، صفحو 176؛ اقبال الاعمال، سيد ابن طاووس، صفحو 285 کان 287؛ بحار الانوار، جلد 88، صفحو 7؛ مستدرڪ الوسائل، جلد6، صفحو 155 ۽ 455.
(23) ڪافي، جلد1، صفحو 459 ۽ 470؛ رجال ڪشي، صفحو 41 ۽ 42؛ بحار الانوار، جلد 46، صفحو 225 ۽ 226.
(24) ڪافي، جلد1، صفحو304؛ وافي، جلد2، صفحو344؛ مرآة العقول، محمّد باقر مجلسي، جلد3، صفحو321 ۽ 322؛ امالي شيخ صدوق، صفحو 434 ۽ 435؛ بحار الانوار، جلد46، صفحو 223 ۽ 224.
(25) الاصابة، جلد1، صفحو 213؛ تهذيب التهذيب، جلد2، صفحو 43.
(26) الاستيعاب، جلد1، صفحو220؛ اسد الغابه، جلد1، صفحو308؛ الاصابه، جلد1، صفحو213.
(27) اخبار الطوال، ابوحنيفه دينوري، صفحو 316.
(28) الاستيعاب، جلد1، صفحو220؛ اسد الغابه، ج1، صفحو 308؛ الاصابه، جلد1، صفحو213؛ تهذيب التهذيب، جلد2، صفحو 43.
(29) طبقات ابن سعد، جلد5، صفحو112 ۽ 221؛ الاستيعاب، جلد1، صفحو220؛ الاصابه، جلد1، صفحو213؛ مروج الذهب، جلد3، صفحو115.
(30) تاريخ دمشق، جلد11، صفحو 237.
(31) سفينة البحار، شيخ عباس قمي، جلد6، صفحو296 (تنقيح المقال کان منقول)
(32) مجموعه مقالات اربعين حسيني، جلد2، صفحو50.
(33) سفينة البحار، شيخ عباس قمي، جلد6، صفحو296 (تنقيح المقال کان منقول)
(34) مجموعه مقالات اربعين حسيني، جلد2، صفحو51؛ سفينة البحار، شيخ عباس قمي، جلد6، صفحو 296.
(35) منتهى الآمال، ج 1، حوادث اربعين/ نفس المهموم، ص 322/ بحارالانوار، ج 98، ص 328.
(36) مصباح الزائر، سيد ابن طاووس، صفحو 286 کان 288؛ بحار الانوار، جلد98، صفحو 329 ۽ 330.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :