نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

چھلم (اربعين) حسيني جا تربيتي پھلو

فونٽ جو اندازو:
2020/09/27

چھلم (اربعين) حسيني جا تربيتي پھلو

تحرير: نائب علي ڪميلي

هر سال پوري دنيا ۾ ۽ خاص طور تي عراق جي سرزمين تي امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار جي قرباني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو ويندڙ چهلم جو ڏهاڙو پوري دنيا کي هر ميدان ۾ ڪيترائي پيغام پيش ڪري ٿو، چاهي اهو سياسي ميدان هجي، چاهي اجتماعي ميدان هجي، ثقافتي ميدان هجي، يا وري تربيتي ميدان، هر حوالي سان ان ڏهاڙي ۾ اسان کي ڪيترائي درس ملن ٿا. تنهن جي ڪري عراق جي سرزمين تي هر سال دنيا جي مختلف ملڪن مان ماڻهن جو جيڪو ميڙاڪو ٿئي ٿو ۽ اهي سڀ جا سڀ وري ڪربلا معلى جو رخ ڪري محسن انسانيت حضرت امام حسين عليه السلام جي بارگاه جيڪو نذرانه عقيدت پيش ڪندا آهن. ان ۾ ڪيترن ئي رُخن سان انسان درس پرائي سگهي ٿو، تربيتي حوالي سان اسان ان منجهان ڪيترائي انيڪ نڪتن جي سکيا حاصل ڪري سگهجي ٿي، جن منجهان ڪجھ اهم تربيتي نڪتن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

🔹 *چهلم ۽ عملي تربيت جو پهلو*

تربيت جي ميدان ۾ جيڪا شيءِ سڀني کان اهم ۽ اثر انداز آهي، اها تربيت جي عملي پهلو کي پيش ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ئي استاد جي آئيڊيل ٿيڻ لاءِ تاڪيد ڪئي ويندي آهي ته جيترو ٿي سگهي اهو پاڻ کي عملي ميدان ۾ سنواري. ٻئي پاسي کان ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته انسان جيترو اجتماعي لحاظ سان ڏسڻ ذريعي جيڪو پرائي ٿو، اوترو اڪيلي سر ڏسڻ ذريعي نه ٿو پرائي سگهي، عيني مشاهدي سان انسان ڪيتريون ئي شيون پرائي ٿو. چهلم جو موقعو ان حوالي سان تمام گهڻو اثر رکي ٿو، چهلم جي موقعي انسان زباني طور نه، بلڪه عملي طور به ڪيترائي جلوا سکي ٿو، جيڪي شرڪت ڪرڻ وارن جي اجتماعي ۽ انفرادي ميدان ۾ جلوه افروز ٿين ٿا. انهيءَ ۾ عراق جي ماڻهن جي مهمان نوازي، فداڪاري، خدمت جا مختلف جلوا انسان جي اندر ۾ احساس، محبت، ڀائيچاري ۽ همدردي جا کوڙ سارا درس سبق سيکارين ٿا. جتي وڏا توڙي ننڍا، پوڙها توڙي جوان، مرد توڙي عورتون پنهنجي وظيفي جو احساس ڪندي، خدمت ۾ مصروف نظر ايندا آهن، جتي هر قسم جي نياز نذر کان وٺي، صحت ۽ سلامتي جي هر سهولت مهيا ڪرڻ تائين جو مڪمل بندوبست موجود هوندو آهي. اتي انسان کي رڳو انسانيت جا جلوا ئي ڏسڻ ۾ پيا ايندا آهن، هر ايثار ٻئي ايثار کان مٿڀرو، هر فداڪاري ٻيءَ فداڪاري کان اڳڀري ڏسڻ ۾ پئي ايندي آهي، اهل بيت عليهم السلام جي گهراڻي سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھ سندن هڙ ۾ هوندو آهي، اهو حاضر ڪري پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا نظر ايندا آهن، ڪي ته اهڙا به پيا ڏسبا آهن جيڪي ڄڻ سڄو سال انهن ڏهاڙن جي انتظار ۾ هوندا آهن، منتون ميڙون ڪري پنهنجي گهر وٺي وڃڻ ۽ پوءِ امام حسين عليه السلام جي زوار جي دل کولي خدمت ڪرڻ جيترو فخر ڪندي ڏسبا آهن، شايد جو ڪنهن ٻي ڪنهن شيءِ تي کين ايڏو فخر ٿيندو هجي. حقيقت اها آهي ته اها محبت کين اهل بيت عليهم السلام جي خاص عنايت سان ئي نصيب ٿي آهي.

🔹 *چهلم ۽ اخلاقي تربيت*

اسلام ۾ اخلاقي تربيت جو بنياد نفس سان جهاد ۽ پنهنجي خواهشات مٿان قابو پائڻ ۾ رکيل آهي. اخلاقي تربيت جو مقصد انسان جو پنهنجي نفس مٿان مسلط ٿيڻ ۽ ان جي صحيح نموني راهنمائي ڪرڻ آهي. چهلم جو موقعو اهو آهي، جنهن ۾ انسان وڏي مسافت طي ڪندي، پنهنجي وطن کان دور رهي ۽ سفر جو مشقتون طي ڪري پنهنجي محبت کي پنهنجي کي مولا جي مٿان قربان ڪرڻ جو عزم ڪندو آهي. مولا امام حسين عليه السلام جو زوار چهلم جي ڏينهن ۾، پنهنجي وطن ۽ اهل و عيال کي وساري ڪربلا جي سرزمين تي پهچي ٿو، جيڪو انسان کي اهو سيکاري ٿو ته انسان پنهنجي مولا جي محبت ۾ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حقيقت ۾ ان جي مال سان محبت مولا سان محبت جو رنگ پيدا ڪيو وڃي. اتي زوار اخلاقي لحاظ سان اهو پرائي ٿو ته هن ميدان ۾ جيترو ڪيان اوترو گهٽ آهي، جتي اهو زوار پنهنجي ڪئي ڪمائي کي خرچ ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندو ناهي، بلڪه وڏي پوري عقيدت سان اهو سرمايو ائمه عليهم السلام جي راھ ۾ خرچ ڪندو آهي.

🔹 *چهلم ۽ ولايت اهل بيت عليهم السلام*

هڪ محب اهل بيت جي لاءِ اهل بيت عليهم السلام جي ولايت هڪ اهڙو سرمايو آهي، جيڪو الله تعالى کيس نعمت جي طور تي عطا ڪيو آهي. چهلم جو موقعو انسان جي لاءِ ائمه معصومين عليهم السلام سان محبت جي اظهار جو اهم موقعو آهي، انهن ڏهاڙن ۾ انسان جيڪو ڪجھ ڏسي ٿو، اهو سان محبت جو عملي نمونو ۽ مثال هوندو آهي. چهلم جي موقعي تي امام حسين عليه السلام جو زوار ائمه معصومين عليهم السلام ۽ خاص طور تي امام حسين عليه السلام جي زيارت سان شرفياب ٿيندا آهن، جنهن سان هو ويجهڙائي کان امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين جي قربانين کان آگاھ ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري سندن دل جذبي سان سرشار ٿي ويندي آهي ۽ ساڻن رابطو برقرار ڪري سگهندا آهن ۽ ساڻن نئين سر اهو عهد ڪندا آهن ۽ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي ساڻن وفاداري جو اظهار ڪندا آهن. چهلم جو سفر، خاص طور تي ڪربلا طرف پيدل وڃڻ زوار کي اها مهلت ڏئي ٿو ته جيئن امام حسين عليه السلام جي قيام جي فلسفي جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪري ۽ الله سائين جي طرفان کيس اهڙي توفيق جي حاصل ٿيڻ تي شڪر ڪري.

🔹 *چهلم ۽ سياسي ۽ اجتماعي تربيت*

چهلم جي موقعي تي اجتماعي لحاظ سان هڪٻئي سان ڪيترائي رابطا سامهون اچن ٿا، جهڙوڪ: مهمان ۽ ميزبان جو رابطو، زوار جو پنهنجي ميزبان سان رابطو، قافلن ۾ شريڪن مومنن جو هڪٻئي سان رابطو، ان عظيم اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ وارن مومنن جو هڪ ئي مقصد هوندو آهي ۽ سڀني جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته هڪٻئي سان دوستي جو اظهار ڪندي ۽ خلوص ڀري خدمت ڪندي هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃن . انهن ڏهاڙن ۾ زوارکي امام حسين عليه السلام جو سچو شيدائي ۽ محب ڪري ڏٺو ويندو آهي ۽ هر هڪ زوار کي احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي، هڪٻئي سان فداڪاري جا جلوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهل بيت عليهم السلام جي محبن جي درميان همفڪري پيدا ٿيڻ جو اهم موقعو هوندو آهي، ٻئي طرف کان سياسي لحاظ سان چهلم اسلام ۽ اهل بيت عليهم السلام جي عظمت جي جلوي جو اهم موقعو هوندو آهي، ڪروڙن جي تعداد ۾ پوري دنيا منجهان اچي شرڪت ڪرڻ حقيقي اسلام جي تبليغ لاءِ بهترين زمانو هوندو آهي.

🔹 *اسلامي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي تربيت*

چهلم جو موقعو مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جو اهم موقعو آهي، هن موقعي تي پوري دنيا مان نه رڳو شيعا پر دنيا جي مختلف ملڪن منجهان ۽ اهڙي ريت عراق جي سرزمين تان ڪيترائي اهل سنت مسلمان پيادل مارچ ڪري امام حسين عليه السلام سان وفاداري جو اظهار ڪندا آهن، تنهن ڪري چهلم جو ڏهاڙو اسلامي ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تمام مضبوط ذريعو آهي، ان موقعي تي جتي ڪيترائي مراسم ڏسڻ ۾ پيا ايندا آهن، ته اتي اسلامي اتحاد لاءِ مختلف پروگرام ڪوٺائي دنيا تي اتحاد، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام تمام ڀلي نموني پهچائي سگهجي ٿو.

پوري عالم اسلام جي مسلمانن جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته ان عظيم فرصت مان فائدو وٺي اسلام دشمن فڪر جو مقابلو ڪري پيغمبر اسلام صلى الله عليه وآله وسلم ۽ اهل بيت عليهم السلام آڏو سرخرو ٿين.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :