نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

چھلم جي موقعي تي امام حسين (ع) جي زيارت جو فلسفو

فونٽ جو اندازو:
2020/09/27

*چھلم جي موقعي تي امام حسين (ع) جي زيارت جو فلسفو*

: مجاهد حسين مخلصي

شيعن جي تاريخ جو هڪ بي نظير ۽ بي مثال ميڙاڪو، جتي پوري دنيا جا ڪروڙين شيعا گڏ ٿيندا آهن، اهو سيدالشهداء حسين بن علي عليه السلام جو چهلم آهي جيڪو صدام جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ گذريل ڪجهه سالن کان جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. هڪ اهڙو ميڙاڪو جنهن جو مثال پوري دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. جان جي خطرن ۽ وهابين جي ڌمڪين جي باوجود اهل بيت اطهار عليھم السلام سان محبت رکندڙ پنهنجي مولا امام حسين عليه السلام سان توسل ۽ عهد ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ڪوهين ڏور پنڌ ڪري ڪربلا معلى ۾ ايندا آهن ، جيئن چهلم جي ڏينهن حاضر ٿي ڪري سيدالشهداء امام حسين عليه السلام ۽ ان جي اصحاب جي يادگار قيام ۽ واقعي کي پنهنجي دلين ۾ زنده رکن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فقط امام حسين (ع) جي چاليهي جي مناسبت سان مجلسون ۽ عزاداري جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن، پر ٻئي ڪنهن به امامن جي مصيبتن ۾ انهن جو چاليهو ڪونه ٿو ملهايو وڃي اهو ان ڪري آهي جو عاشورا جا مصائب اهل بيت (ع) جي ٻين مصائبن کان خود واقعه ۽ پيغام جي حوالي سان فرق رکن ٿا. اهو تفاوت امام حسين عليه السلام جي مظلوميت ۽ تنهائي جي حوالي سان آهي، جيڪو هڪ جنگ جي صورت ۾ امام حسين عليه السلام جي گهراڻي سان پيش آيو، اهو هڪ عبرت ڀريو درس آهي جيڪو هڪ خاص شڪل سان هن بيمثال واقعه ۾ ڏنل آهي، ان ڪري ئي چهلم جي زيارت ڪرڻ کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ حسين بن علي عليه السلام جي جهاد جي هڪ يادگاري آهي جيڪا هميشه شيعيان اهل بيت عليهم السلام جي لاءِ توجه جو مرڪز بڻيل آهي.

*چهلم جي زيارت جو فلسفو (درس ۽ حڪمتون )*

چهلم جي زيارت جون ڪيتريون ئي حڪمتون آهن جيڪي حسيني زوارن کي پنهنجي طرف ڇڪين ٿيون هن مختصر مقالي ۾ الله تعالي جي توفيق سان ڪجهه حڪمتن کي بيان ڪنداسين:

*• چهلم جو ڏينهن عشق ۽ ايمان جو سرچشمو*

چهلم جي زيارت جو هڪ اهم فلسفو اهو به آهي ته شيعن وٽ امام حسين عليه السلام جو مقام، دين ۽ ايمان جي عنوان سان هميشه بلند ۽ انهن سان مليل آهي. چهلم جي زيارت هن عشق ۽ ايمان جي تجلي آهي . ان جي ڪري ئي امام حسن عسڪري عليه السلام فرمايو ته چهلم جي ڏينهن جي زيارت مؤمن جي نشانين مان هڪ نشاني آهي.(1)

اهڙي ريت امام صادق عليه السلام پڻ معاويه بن وهب کي نصيحت ڪندي فرمايو ته ڪڏهن به دشمن جي خوف کان چهلم جي زيارت کي ترڪ نه ڪجوَ: *”لا تدعه لخوفِ من احد“(2)* ته جيئن اهو پيغام شيعن ۾ ڦهلايو وڃي ته ڪهڙي به حالت ۾ امام حسين عليه السلام جي ياد ۽ ڏسيل واٽ کي هميشه زنده رکي سگهجي. چهلم جي ڏينهن جي زيارت جي تاڪيد به انهي ڪري آهي ڇوته پنهنجي عشق ۽ ايمان کي امام حسين عليه السلام جي نسبت سان روشن رکي سگهجي.

*• امام حسين عليه السلام جي ايثار ۽ شهادت کي ماڻهن ۾ عام ڪرڻ*

چهلم جي زيارت جي هڪ اهميت اها به آهي ته ماڻهن جي توجه کي دين جي راه ۾ جهاد، شهادت ۽ قرباني ڏانهن ڇڪائڻ آهي ، جهڙي ريت امام حسين عليه السلام پنهنجي امت کي گمراهي مان نجات ڏيڻ لاءِ پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي جان کي خدا جي دين خاطر قربان ڪري ڇڏيو: *” وبذل مهجته فيك“* ائين ئي ان جا پيروڪار به ان جي ڏسيل واٽ کي پنهنجي لاءِ نمونو بڻاين، ڇوته حق جي ڪاميابي لاءِ خون جي به ضرورت آهي الله جي دين جي ڪاميابي جاکوڙ، شهادت ۽ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني کانسواءِ ممڪن ڪونهي. ان بابت رهبرانقلاب اسلامي مدظله العالي فرمائي ٿو: اربعين کي خصوصيت ان جي ڪري آهي ته ان موقعي ۾ شهادت حسين (ع) زنده ٿئي ٿي. جڏهن ته اها عظيم شهادت تاريخ ۾ واقع به ٿي هئي پر بني اميه وارا ته ڪامياب ٿي ويا اهڙي ريت انهن امام حسين کي پنهنجي يارن ۽ انصارن سان گڏوگڏ ظاهري طور صفحه هستي تان مٽائي به ڇڏيو انهن جي جسم مبارڪن کي زمين ۾ لڪائي ڇڏيو، جيڪڏهن انهن جي ياد کي نسل بشريت مان ان زماني ۾ ۽ ايندڙ زماني لاءِ مٽائي ۽ ختم ڪري ڇڏي ها ته ڇا اهڙي شهادت به عالم اسلام کي ڪو فائدو پهچائي ها؟ ڇا اهو واقعو عوام ۾ هدايت ۽ انهن جي ترقي لاءِ ڪو خاص اثر پيدا ڪري ها؟؟ عام طور ڏٺو ويو آهي ته اهڙا واقعا اثر نٿا رکن. پر ماڻهن لاءِ اهو شهيد عبرت جو درس ٿو بڻجي جنهن جي خون ۾ حرارت هوندي آهي. جيڪا تاريخ ۾ سرائيت ڪري وڃي جئين اها مظلوميت فرياد بڻجي ٻين انسان تائين پهچي، چهلم جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي امام حسين (ع) جي پيغام جو پرچم بلند ٿئي ٿو.(3)

*• زوارن کي اهل بيت جي مظلوميت ياد ڏيارڻ*

چهلم جي ڏينهن جو هڪ فلسفو اهو به آهي ته حسيني زوارن کي اهل بيت عليهم السلام جي مظلوميت ٻڌائجي جيڪا ڪربلا جي ميدان ۾ پيش آئي، جئين اربعين جي زيارت ۾ به آيو آهي ته: سلام هجي حسين تي جيڪو مظلومانه شهيد ٿيو، سلام هجي مولا تو تي جو تنها ۽ مظلوم شهيد ٿي وئين.

*• امام حسين (ع) ۽ اهلبيت عليهم السلام جي دشمنن تي تبرا ڪرڻ*

چهلم جي زيارت جو هڪ فلسفو اهو به آهي ته اهل بيت جي دشمنن جي چهرن کي سڃاڻي ۽ انهن تي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪئي وڃي. ان زيارت ۾ امام حسين (ع) جي قاتلن جي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: *”اهلَ الشّقاق و النَفاقِ و حمله الاوزار المُستوجبينَ للنّارِ… فلعنَ اللّهُ من قَتَلَك ولَعَنَ اللّهُ مَن ظلمك ولعن اللّهُ اُمّه سَمِعَت بذالك فرضيت به“* هيءَ اهي ماڻهو آهن جيڪي شقي ۽ منافق هئا جيڪي پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري دوزخ جي باهه ۾ سڙندا رهندا. پوءِ الله جي لعنت آهي انهن قاتلن ۽ ظالمن تي ۽ لعنت آهي انهن ماڻهن تي جيڪي انهي ظلم تي راضي آهن. هي چهلم جو موقعو ئي آهي جنهن ۾ ظالمن تي الله جي لعنت ۽ انهن تي تبرا پهچائي سگهجي . ۽ زوارن کي الله ۽ رسول جي دشمنن سان دشمني ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ثابت قدم بڻائي ٿو. انهي ڪري ئي ڪيترن ئي زيارتن ۽ دعائن ۾ دعا سان گڏوگڏ اهل بيت جي دشمنن تي لعنت پڻ ڪيل آهي. ڪافرن ۽ قاتلن تي زوارن جي لعنت ۽ الله کان انهن ماڻهن تي لعنت جي گُهر اهي ٻئي شيون تبرا جي نشانين مان آهن.

*• امام حسين عليه السلام جي ڪردار جو تعارف*

چهلم جي زيارت جو هڪ بهترين فلسفو اهو به آهي ته امام حسين عليه السلام جي ڪردار جو تعارف ڪرائڻ جيڪو سيدالشهداء ماڻهن کي گمراهي مان نجات ڏيڻ لا ادا ڪيو. *” وبذل مهجته فيك ليستقذ عبادك من الجهاله و حيره الضلاله“* امام حسين عليه السلام پنهنجي جان کي ان ڪري قربان ڪيو ته جيئن الله جي ٻانهن کي ناداني، جهالت ۽ گمراهي کان نجات ملي. اهڙي ريت چهلم جو موقعو امام حسين عليه السلام جي راهه کي پنهنجي لاءِ نمونو بڻائڻ جي دعوت ڏيئي ٿو ته جئين امام حسين عليه السلام جي ڏسيل واٽ سان جهالت ۽ ظلم جو مقابلو علم سان ڪري سگهون ۽ الهي عدالت کي ماڻهن ۾ قائم ڪري سگهون.

*• امام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جو پڪو پهه ڪرڻ*

چهلم جي زيارت جو هڪ فلسفو حيدرڪرار جي شيعن جو امام حسين عليه السلام سان وعده وفائي ۽ امام جي پاڪ مشن ۾ قربان ٿيڻ ۽ اهل بيت (ع) جي نوراني واٽ سان ملڻ آهي.

*” اللّهم انّي اُشهِدُك انّي ولي لمَن والاه و عدو لمن عاداه“*(4)

آئون توهان اهل بيت (ع) جي مدد ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان جئين الله جو دين توهان جي وسيلي زنده ٿئي.

هڪ ٻئي جڳهه ۾ زيارت اربعين ۾ ڪجهه هن ريت آيو آهي: ” ونصرتي لكم معدّه… فمعكم معكم لامع عدوكم“ يعني اسان پنهنجي پوري وجود سان توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون تنهنجي دشمنن سان ڪڏهن به گڏ نه ٿينداسين. هن الاهي ميڙاڪي جو مقصد اهو آهي ته اسان جي شيعن کي گهرجي ته امام حسين جي راهه کي نمونو بڻائيندي هميشه دين جي مقدسات لاءِ تيار رهون ۽ دين جي مقدس مقامن لاءِ فدا ٿيندا رهون. الاهي دين جي ڪاميابي ۽ نصرت لاءِ مختلف ميدانن ۾ مثلاً: سياسي، علمي، نظامي، اقتصادي ۽ ٻين ميدانن ۾ سرگرم عمل رهون، جئين دشمن سان هر ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهجي ڇوته لفظ ”مُعدّه“ انهي حقيقت کي بيان ڪري ٿو.

ائمه عليهم السلام سان حمايت ۽ همراهي هر زماني ۾ پنهنجا خاص شرط رکي ٿي هن زماني ۾ اهو تعهد ۽ آمادگي، عالمي ۽ صهيوني استڪبار ۽ تڪفيري گروهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ مظلوم فلسطينن ۽ بحرين ۽ يمن جي شيعن جي حمايت ۾ آهي.

حوالا

(1) المزار، مفيد، ص53.

(2) ثواب الاعمال، ص 96.

(3) ویب Alarbaeen.ir

(4) من يحضره الفقيه، ج 2، ص590.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :