نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

چھلم جي موقعي تي امام حسين عليه السلام جي زيارت رھبر معظم آية الله خامنه اي جي نگاهه ۾

فونٽ جو اندازو:
2020/09/28

*چھلم جي موقعي تي امام حسين عليه السلام جي زيارت رھبر معظم آية الله خامنه اي جي نگاهه ۾*

تحرير: قادر بخش ڪريمي

رب پاڪ پنهنجي ڪلام (قرآن) ۾ اِن مفهوم کي سهڻي انداز سان بيان فرمايو آهي ته شهيد زندھ آهي ۽ پنهنجي پالڻهار کان رزق به حاصل ڪري ٿو. 

جهڙيءَ طرح شهيد زندھ آهي اهڙي طرح شهيد جنهن مقصد لاءِ شهادت جهڙي قرباني ڏني آهي اهو مقصد به زندھ رهندو آهي ۽ ان مقصد کي رب پاڪ مختلف سببن سان زندھ رکندو آهي. جهڙي ريت امام حسين (ع) جنهن مقصد لاءِ انساني تاريخ جي سڀ کان عظيم قرباني ڏني، ان مقصد کي هميشه زندھ رکڻ لاءِ پالڻهار محرم ۽ صفر جهڙا مهينا قرار ڏنا جنهن ۾ امام حسين (ع) جي شهادت کي ياد ڪرڻ سان گڏ امام جي مقصد کي پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. محرم جا پهريان ڏھ ڏهاڙا ۽ صفر جي 20 تاريخ جنهن کي چهلم ڪوٺيو ويندو آهي هڪ خاص اهميت جا حامل آهن.

چهلم بابت ڪافي عالمن ۽ دانشوارن عظيم معارف بيان ڪيا آهن جن کي پڙهيو انسان جو عقل حيران ٿيو وڃي.

اسان هن مختصر لکڻيءَ ۾ چهلم بابت رهبر معظم آية الله خامنه اي (دامت برڪاته) جي بيانن کي بيان ڪريون ٿا. سائين جي بيانن تي بندي جڏهن مٿاڇري نظر ڪئي ته انهن بيانن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي.

(1) چهلم مان مليل درسَ ۽ نصيحتون

(2) چهلم جي زيارت جي ڪجھ جملن ۾ موجود نڪتا

اسان ڪوشش ڪنداسين ته هنن ٻنهي حصن کي مومنن تائين سهڻي ۽ مختصر انداز سان پهچايون ته جيئن چهلم جي زيارت جو پانڌيئڙو ان مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگھي.

*الف) چهلم مان مليل درسَ ۽ نصيحتون*

*1) ڪربلا ۽ امام حسين (ع) جي شهادت کي زندھ رکڻ*

سائين رهبر پنهنجي بيان ۾ هن نڪتي جي طرف اشارو فرمايو ته چهلم جي ڏهاڙي مان مليل هڪ درس هي آهي ته ڪربلا جي واقعي ۽ امام حسين (ع) جي شهادت کي هميشه زندھ رکيو وڃي. سائين فرمايو ته

توهان فرض ڪريو ته ڪربلا جي هيءَ عظيم قرباني هجي ها پر جيڪڏهن بنو اميه ان کي لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته هيءَ قرباني پوءِ ايندڙ نسلن کي يزيديت ۽ جهالت جي اونداهين کان ٻاهر نه ڪڍي سگھي ها. پر چهلم جي ڏهاڙي اهل بيت (ع) ڪربلا ۾ اچي ان ڳالھ جو بنياد رکيو ته ڪربلا جي عظيم واقعي ۽ امام حسين (ع) جي لازوال قرباني کي هميشه زندھ رکيو وڃي. (1)

ڇو جو ان قرباني کي ياد رکڻ سان اهو عظيم مقصد به هميشه ياد رهندو جنهن لاءِ امام حسين (ع) ۽ سندس باوفا ساٿين بي مثال قرباني پيش ڪئي.

ڪربلا جي واقعي کان پوءِ اهل بيت (ع) جي اها سيرت رهي ته ان بي نظير قربانيءَ کي هميشه ياد رکيو وڃي. ان ڪري امام صادق (ع) فرمايو ته:

جيڪو ڪربلا جي قرباني بابت هڪ شعر لکي ۽ ان جي ذريعي مومنن کي روئاري ان لاءِ بهشت واجب آهي.

اهو ان ڪري آهي ته ان سيرت ذريعي ڪربلا جي ياد هميشه ماڻهن جي دلين ۾ تازي رهي. هن سيرت منجهان اهو به درس ملي ٿو ته دشمن جي منفي تبليغ جي طوفان جي مقابلي ۾ حق ۽ شهادت جي شمع کي هميشه روشن رکيو وڃي ته جيئن هدايت جي واٽ جا پانڌيئڙا ان شمع جي روشني ۾ دنيا جي وڏي کان وڏي دشمن سان ٽڪر کائي سگھن. (2)

*2) ڪربلائي تهذيب جي پرچار*

سائين رهبر جو چوڻ آهي ته چهلم جي ڏينهن اهل بيت جو ڪربلا ۾ اچڻ جو هڪ هدف اهو هو ته ڪربلائي تهذيب کي اجاگر ڪيو وڃي.

سائين رهبر فرمايو آهي ته:

ظالم ۽ جابر حڪومت چاهيندي آهي ته ماڻهو حقيقتن کي سمجھڻ کان پر هجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان حقيقتن کي سمجھي وڃن ته به ظالم حڪومت جو دٻاءُ هوندو آهي ته انهن حقيقتن تي عمل نه ڪري سگھن . چهلم جي ڏهاڙي اهل بيت (ع) جي ڪاروان ڪربلا ۾ پهچي اتي موجود مختصر ٽولي کي ظالم خلاف قيام ڪرڻ جو درس ڏنو، (3)

ڇو جو مرحوم سيد ابن طاووس ۽ ٻيا ڪجھ بزرگ ان ڳالھ جا قائل آهن ته ان ڏهاڙي فقط جابر بن عبدالله انصاري ۽ عطيه ڪوفي ڪربلا ۾ موجود نه هئا بلڪه *رجال مِنۡ بني هاشم* يعني بني هاشم جا ڪجھ مرد پڻ ڪربلا ۾ موجود هئا انهن جي ذريعي اهل بيت (ع) اهو پيغام ڏنو ته ظالم سان مهاڏو اٽڪايو وڃي ۽ اهو پيغام سبب بڻيو جو اسان ڏسون ٿا ته ان کان پوءِ توابين قيام ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ مختار ثقفي قيام ڪيو جنهن سان بنو اميه جي ظالم حڪومت کي وڏو ڌچڪو لڳو. (4)

چوڻ جو مطلب اهو ته چهلم جي ڏينهن اهل بيت (ع) ماڻهن کي ڪربلائي حقيقي تهذيب جو پيغام ڏيڻ جو آغاز ڪيو ته جيئن ماڻهو حقيقت کي سمجھي ان کي عملي جامو پهرائڻ جي جرئت پيدا ڪن.

*3) امام حسين(ع) جي زيارت ۾ ڪشش ۽ ڇڪ جو آغاز*

سائين رهبر جو چوڻ آهي ته چهلم جو ڏهاڙو اهو ڏهاڙو آهي جنهن ڏينهن امام حسين (ع) جي زيارت جي ڇڪ ۽ اُڪير جو آغاز ٿيو، امام حسين (ع) جي زيارت جي اُڪير ۽ سڪ ان ڏهاڙي جابر بن عبدالله انصاري کي مديني مان ۽ عطيه ڪوفيءَ کي ڪوفي مان ڇڪي ڪربلا جي سرزمين تي آندو ۽ اهڙي طرح هن جاذبيت ۽ اُڪير جو آغاز ٿيو جيڪا ڪشش اڄ تائين قائم آهي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مومنن جا قافلا چهلم جي ڏهاڙي امام حسين (ع) جي زيارت لاءِ ڪربلا ڏانهن پنڌ ڪندي نظر ايندا آهن. (5)

*(ب) چهلم جي زيارت جي ڪجھ جملن ۾ موجود نڪتا*

سائين رهبر جو چوڻ آهي ته چهلم جي موقعي تي بيان ڪيل امام حسين (ع) جي زيارت ۾ عظيم مفهوم ۽ معارف موجود آهن ان ڪري ان زيارت ۾ غور ۽ تدبر ڪيو وڃي.

سائين فرمائي ٿو ته:

ان زيارت جي پهرين جملن ۾ پالڻهار سان مخاطب ٿيندي دعا جا جملا آهن ۽ ان کان پوءِ امام حسين(ع)جو زوار پڙهي ٿو ته:

*بذل مهجه فيک ليستنقذ عبادک من الجهالة و حيرة الضلالة* يعني امام حسين (ع) پنهنجي جان تنهنجي راھ ۾ ڏني ته جيئن تنهنجي بندن کي جهالت ۽ گمراهيءَ جي انڌيرن مان نجات ڏئي .

هن عظيم جملي مان معلوم ٿئي ٿو ته امام حسين جي قيام جو هڪ عظيم هدف خدا جي بندن کي جهالت ۽ گمراهي مان نجات ڏيڻ آهي. اسان کي چهلم جي زيارت ۾ ان هدف کي ياد رکڻ گھرجي. (6)

ان ڪري جو دنيا جا ننڍا وڏا شيطان صفت انسان پنهنجي ناپاڪ هدفن جي حاصلات لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن بلڪه قومن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. جڏهن ته جهالت ۽ گمراهيءَ جي ڌٻڻن مان نجات ڏيڻ لاءِ خدا جي بندن جي مدد ڪئي وڃي ليڪن اهڙي مدد فقط اها هستي ڪري سگھي ٿي جيڪا پاڻ دنيا کان بي نياز هجي ۽ ڪا طمع ۽ لالچ ان جي دل ۾ نه هجي. اهو ئي سبب آهي جو امام حسين (ع) اهو فرمائيندي نظر اچن ٿا ته

“ماذا وجد من فقدك وما الّذي فقد من وجدك” جنهن توکي نه پاتو ان ڇا پاتو! ۽ پالڻهار جنهن توکي پاتو ان ڇا نه پاتو ” (7)

يعني جنهن پالڻهار جي رضا کي حاصل ڪيو ان دنيا ۽ آخرت جي هر نعمت کي حاصل ڪيو ۽ جنهن رب پاڪ جي رضا کي حاصل نه ڪيو توڙي جو دنيا جون سڀ شيون حاصل ڪري پر ڄڻ ان حقيقت ۾ ڪجھ به حاصل نه ڪيو.

آخر ۾ ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون ته اسان کي امام حسين جي زيارت باربار نصيب فرمائي ۽ ان زيارت جي اثر کي اسان جي عملي زندگي ۾ ظاهر فرمائي.

آمين يا رب العالمين

حوالا

(1) 22 آبان 1363 (رهبر جو بيان)

(2) ساڳيو

(3) 29 شهريور 1368

(4) ساڳيو

(5) 1 فروردين 1385

(6) 14 خرداد 1385

(7) دعاي عرفه

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :