نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

اهل بيت جو قرآن پاڪ جي تفسير پٽاندڙ ڪردار

فونٽ جو اندازو:
2020/10/12

لنکدڙ: نائب علي ڪميلي


قرآن مجيد الله تعالى طرفان موڪليل ‏آسماني ڪتابن مان هڪ اهڙو ڪتاب ‏آهي جيڪو نبين جي سردار حضرت ‏محمد مصطفى صلى الله عليه وآله ‏وسلم جن تي نازل ٿيو ۽ تاريخ ان ڳالھ ‏جي گواھ آهي ته  اسلام جي شروعاتي ‏دور ۾ جيتوڻيڪ مسلمان فصاحت ۽ ‏بلاغت ۾ تمام گهڻا ماهر ليکيا ويندا ‏هئا پر تنهن جي باوجود به ڪيترن ئي ‏مقامن تي قرآن جي آيتن جي حقيقي ‏معنى ۽ مقصد کي سمجهڻ کان عاجز ‏هوندا هئا، تنهن ڪري قرآن جي معنى ‏‏۽ مقصد کي سمجهڻ لاءِ پاڻ ‏سڳورن ‏ جن ڏانهن رجوع ڪندا هئا، ‏‏۽ حضور جن  پڻ الله تعالى طرفان ان ‏ذميواري کي نڀائڻ لاءِ کين قرآن جو ‏تفسير ۽ آيتن جو حقيقي مقصد ‏سمجهائيندا رهندا هئا ۽ ماڻهن کي اها ‏نصيحت ڪندا هئا ته کانئن پوءِ سندن ‏اهلبيت ‏ کان قرآن جي تعليم پرائن ‏‏۽ کين ڪجھ سيکارڻ جي ڪوشش نه ‏ڪن، ڇاڪاڻ ته اهي الله سائين جي ‏ڪتاب جي باري ۾ توهان ‏کان وڌيڪ آگاه آهن.‏‎[‎‏1‏‎]  حضرت علي ‏عليه السلام پڻ ان سلسلي ۾ فرمائن ‏ٿا: ” هذا القُرآن انّما هو خطٌّ مستورٌ بينَ ‏
الدَّفَّتينِ لا ينطقُ بِلسانٍ و لابُدّ له مِن ترجمانٍ… ‏فنحنُ أحقُّ الناسِ به.. ‏‎[‎‏2‏‎]‎‏ ‏
يعني: هيءُ قرآن هڪ اهڙي لکت آهي ‏جيڪا ٻن جلدن ۾ لڪيل آهي، (هيءُ ‏ڪتاب) زبان سان ڳالهائي نه ٿو، تنهن ‏ڪري ان لاءِ هڪ ترجمان جو هجڻ ‏ضروري آهي ۽ اسان قرآن جو تفسير ‏ڪرڻ لاءِ ٻين ماڻهن کان وڌيڪ حقدار ‏آهيون، امام جعفر صادق ‏‏ جن ان ‏سلسلي ۾ فرمائن ٿا: ‏
‏” نحنُ تراجمةُ وحىِ اللّه“‏‎[‎‏3‏‎]‎‏ ‏
اسان الله تعالى جي وحي جا ترجمان ‏آهيون، تنهن ڪري ائمه معصومين ‏عليهم السلام قرآن جي سڀني حقيقتن ‏تي مسلط آهن ۽ اهڙي ريت اهي قرآن ‏جا حقيقي مفسر آهن. انهن شين کي ‏نظر ۾ رکندي هن مقالي ۾ ‏اهوپڌروڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ‏اهل بيت عليهم السلام جيڪي قرآن ‏جا حقيقي وارث آهن، تن قرآن جي ‏ڪيئن تفسير ڪئي آهي قرآن جي ‏تفسير ۾ ڪهڙا طور طريقا اسان کي ‏سمجهايا اٿن. جن طريقن مان ڪجھ ‏طريقا محقق محترم حجة الاسلام ‏والمسلمين رضا اصفهاني (زيد عزه) ‏جن جي تقرير ۾ ذڪر ٿيا آهن، جن کي ‏ورجائڻ جي ضرورت ناهي ۽ انهن کي ‏هتي رڳو فهرست جي صورت ۾ اشاري ‏طور  ذڪر ڪجي ٿو تفصيل لاءِ اصل ‏مقالي ڏانهن رجوع ڪري سگهجي ٿو.‏

‏1. تفسير جو طريقو ‏
‏2. تفسير جي انحراف کان روڪ ٿام
‏ 3. قرآن جي معنيٰ ۽ مفهومن جي ‏وضاحت
‏4. احڪام وارين آيتن جي ننڍن وڏن ‏مسئلن کي بيان ڪرڻ
‏5. شان نزول جو بيان ڪرڻ
‏6. آيتن کي مصداقن سان ڀيٽڻ
‏7. قرآن ڪريم جي آيتن جي تاويل‏
‏8. بطن جي بحث‏
‏ هتي ڪجھ ٻين عنوانن کي ذڪر ‏ڪجي ٿو. جن منجهان ڪجھ خود قرآن ‏مجيد جي سلسلي ۾ رائج طريقن جي ‏سلسلي ۾ يا ته پاڻ سنئون سڌو طريقو ‏بيان فرمايو اٿن يا وري انهن طرف ‏اشارن سان رهنمائي ڪئي اٿن
اهل بيت ۽ عقلي ۽ اجتهادي تفسير‏
اهل بيت عليهم السلام جن طرفان ‏عقلي ۽ اجتهادي تفسير جي سلسلي ۾ ‏ذڪر ٿيل آيتن کي ٽن گروهن ۾ ‏ورهائي سگهجي ٿو.‏
الف: اهي روايتون جن ۾ آيو آهي ته ‏مشڪلات  ۽ فتنن جي وقت توهان کي ‏قرآن ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي، جيئن ‏پيغمبر اڪرم  جن فرمائن ٿا: ‏
‏” فاذا التبست عليكم الفتن كقطع الليل المظلم ‏فعليكم با القرآن فانه شافع مشفع و ماحل ‏مصدق من جعله امامه قاده الي النار و من جعله ‏خلفه ساقه الي النار و هو الدليل يدل علي خير ‏سبيل“ ‏‎[‎‏4‏‎]‎‏ ‏
يعني: جڏهن توهان کي فتنا ڪاري رات ‏وانگر وڪوڙي وڃن ته ان وقت توهان ‏کي گهرجي ته قرآن جي دامن کي ‏پڪڙيو، ڇاڪاڻ ته قرآن شفاعت ڪندڙ ‏آهي ۽ ان جي شفاعت قبول به ٿيڻ ‏واري آهي ۽ قرآن سچو نجات ڏيندڙ ‏آهي، جيڪو ماڻهو قرآن کي پنهنجو ‏اڳواڻ ڪندو ته قرآن ان کي جهنم کان ‏نجات ڏيندو ۽ جيڪو قرآن کي ‏پوئتي ڇڏي ڏيندو ته قرآن ان کي ‏جهنم ڏانهن ڌڪيندو ۽ قرآن اهڙو رهنما ‏آهي جيڪو بهترين رستي جي طرف ‏هدايت ڪري ٿو.‏
حضرت علي جن ان سلسلي ۾ فرمائن ‏ٿا:‏
‏”انتفعوا ببيان الله و اتعظوا بمواعظ الله و اقبلوا ‏نصيحة الله …“ ‏‎[‎‏5‏‎]‎‏ ‏
يعني الله جي بيان مان فيض پرايو، الله ‏جي نيصيحتن مان نصيحت پرايو ۽ الله ‏جي نصيحت کي قبول ڪيو. اهڙي ريت ‏پاڻ فرمائن ٿا:  ‏
‏”تعلموا القرآن فانه احسن الحديث و تفقهوا فيه ‏فانه ربيع القلوب و استشفوا بنوره فانه شفاء ‏الصدور“ قرآن جي سکيا وٺو، ڇاڪاڻ ته ‏قرآن بهترين ڪلام آهي، ان ۾ سوچ ۽ ‏ويچار ڪيو، ڇاڪاڻ ته قرآن دلين جي ‏لاءِ بهار آهي ۽ ان جي نور مان ‏شفاء وٺو، ڇاڪاڻ ته قرآن سينن (دلين) ‏لاءِ شفاء آهي.‏
‏ روايتن جي انهيءَ گروه ۾ ماڻهن کي ‏اهو سمجهايو ويو آهي ته مشڪلات ۽ ‏گرفتارين جي وقت قرآن جي دامن ۾ ‏پناه وٺن ۽ اهڙي ريت قرآن ۽ ان جي ‏نصيحتن مان فيض پرائيندي ان ۾ غور ‏‏۽ فڪر ڪن ۽ ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ‏مشڪلاتون ۽ گرفتاريون تمام گهڻيون ‏آهن ۽ انهن گرفتارين کي حل ڪرڻ ‏پوري قرآن کي سمجهڻ کان بغير ‏ممڪن ئي ناهي تنهن ڪري اسان کي ‏گهرجي ته قرآن کي سمجهڻ لاءِ غور ۽ ‏فڪر کان ڪم وٺون ۽ ان ڳالھ جي ‏قرآن مجيد به تاڪيد ڪئي آهي، پالڻهار ‏جو ارشاد ٿئي ٿو: ‏
‏ أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ أَمْ عَلَى قُلُوبٍ أَقْفَالُهَا ‏‏(سورت محمد آيت 24)‏
اهي ماڻهو قرآن ۾ غور ۽ فڪر ڇو نه ‏ٿا ڪن، ڇا انهن جي دلين تي تالا لڳل ‏آهن.‏
ڳالھ جو نتيجو هيءُ ته اهي روايتون ‏هڪڙي قسم جي سمجهاڻي ڏين ٿيون ‏ته اهلبيت عليهم السلام جي نزديڪ ‏قرآن جي تفسير ۾ عقل ۽ اجتهادکان ‏ڪم وٺڻ پسنديده طريقو آهي.‏
ب: اهي راويتون جيڪي ٻڌائن ٿيون ‏ته  متعارض (هڪٻئي سان مطلب جي ‏حوالي سان مخالف ۽ ٽڪرائيندڙ) ‏روايتن کي قرآن سان ڀيٽيو. پيغمبر ‏اڪرم‏ جن فرمائن ٿا: ‏
‏” ان علي كل حق حقيقة و علي كل ثواب نوراً ‏فما وافق كتاب الله فخذوه و ما خالف كتاب الله ‏فدعوه“ ‏
يعني: هر حق جي مٿان هڪڙي حقيقت ‏آهي ۽ هر ثواب جي مٿان ڪو نور ‏هوندو آهي، ته پوءِ جيڪو قرآن جي ‏موافق هجي ان کي وٺو ۽ جيڪو قرآن ‏جي مخالف هجي ان کي ڇڏي ڏيو.‏
امام جعفر صادق ‏ جن فرمائن ٿا: ‏
خطب النبي بمني فقال: ايها الناس ما جا‌ءكم عني ‏يوافق كتاب الله فانا قلته و ما جاءكم ‏يخالف كتاب الله فلم اقله.(6)‏
يعني: پيغمبر اڪرم ‏جن منى جي ‏مقام تي خطبو ڏيندي فرمايائون: اي ‏انسانو! جيڪو ڪجھ منهنجي طرفان ‏توهان تائين پهتو آهي، جيڪڏهن خدا ‏جي ڪتاب جي موافق آهي ته اهو ‏منهنجو ڪلام آهي ۽ جيڪڏهن خدا جي ‏ڪتاب مخالف آهي ته سمجهو ته اهو ‏منهنجو ڪلام ناهي.‏
اهي روايتون ۽ ان جهڙيون ٻيون ‏روايتون اهو سمجهائن ٿيون ته هر حديث ‏تي عمل ڪرڻ کان پهرين ان کي قرآن ‏سان ڀيٽيو جيڪڏهن قرآن جي موافق ‏آهي ته ان تي عمل ڪيو ‏‏۽ جيڪڏهن قرآن جي مخالف هجي ته ‏انهن کي ڇڏي ڏيو، روايتن کي قرآن ‏سان ڀيٽڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ‏روايتن کان بغير قرآن کي سمجهي ‏سگهون، ورنه روايتن کي قرآن سان ‏ڪيئن ٿا ڀيٽي سگهون، تنهن جي معنى ‏ته اهي روايتون قرآن جي عقلي ۽ ‏اجتهادي تفسير جي طرف رهنمائي ڪن ‏ٿيون.‏
ج: اهي روايتون جيڪي قرآن ڏانهن ‏رجوع جو حڪم ٿيون ڪن، جنهن جو ‏هڪ مثال هي آهي ته زراره، امام محمد ‏باقر عليه السلام کان  پير جي ڪجھ ‏حصي تي مسح ڪرڻ جي سبب جي ‏باري ۾ سوال ڪيو ته امام عليه السلام ‏جن جواب ۾ فرمايو “لمکان الباءِ“ معنى ‏ته وضو واري آيت ۾ ”وامسحوا بروسکم و ‏ارجلکم“ ۾ استعمال ٿيل حرف ”ب“ ‏منجهان بعض جي معنى سمجھ ۾ اچي ‏ٿي.(7) امام عليه السلام پاران اهڙي ‏قسم جو جواب حقيقت ۾ ان ڳالھ کي ‏سمجهائڻ هو ته اهڙن مسئلن جي لاءِ ‏قرآن جي طرف رجوع ڪيو
مرحوم ڪليني زهري کان روايت ‏ڪري ٿو ته امام زين العابدين ‏جن ‏فرمايو: ‏
آيات القرآن خزائن فكلما فتحت خزانة ينبغي ‏لك ان تنظر ما فيه.(8)‏
قرآن جون آيتون خزانا آهن جڏهن به ‏انهن خزانن مان ڪا شيءِ تنهنجي لاءِ ‏ظاهر ٿئي ته تو کي گهرجي ته انهن ۾ ‏غور ۽ فڪر سان نگاھ ڪر.‏
طلحه بن زيد امام جعفر صادق ‏ جن ‏کان روايت ڪري ٿو، ته پاڻ فرمايائون: ‏بيشڪ هن قرآن ۾ هدايت جي روشني ‏موجود آهي، تنهن ڪري اونهي نگاھ ‏رکڻ وارو شخص ان ۾ غور ۽ فڪر ‏ڪري ۽ انهن کي سمجهڻ جي لاءِ ‏پنهنجيون اکيون کولي، ڇاڪاڻ ته غور ‏‏۽ فڪر روشن دل لاءِ حياتي جو سبب ‏آهي، جهڙي ريت نور جو تلاشي انڌيرين ‏‏۾ نور جي شعاعن جي طرف هلندو ‏آهي.(9)‏
انهن سڀني روايتن مان اهو ئي نتيجو ‏نڪري ٿو ته عقلي ۽ اجتهادي ‏تفسير جڏهن پنهنجي حد ۽ دائري جي ‏اندر هجي ته اها اهل بيت عليهم ‏السلام جي نگاھ ۾ قابل قبول رهي ‏آهي ۽ پاڻ هميشه پنهنجي اصحاب کي ‏اهڙي قسم جي تفسير جو شوق ڏياريندا ‏رهيا آهن.‏
اهل بيت  ۽ تفسير موضوعي‏
ائمه عليهم السلام جن جي اقوال ۾ ‏تفسير جي موضوع بندي ڏانهن اشارو ‏ٿيل آهي. اها تقسيم اڄ ڪلھ رائج ‏تفسير موضوعي سان ڪافي حد تائين ‏هڪجهڙائي رکي ٿي، اصبغ بن نباته ‏نقل ڪري ٿو: اميرالمومنين علي عليه ‏السلام جن کان ٻڌم ته پاڻ فرمايائون: ‏قرآن ٽن حصن ۾ نازل ٿيو آهي. هڪ ‏حصو اسان ۽ اسان جي دشمنن جي باري ‏‏۾. هڪ حصو خدائي سنتن ۽ مثالن سان ‏وابسته آهي. ۽ هڪ حصو فرائض ۽ ‏احڪام جي باري ۾.(10)‏
امام جعفر صادق عليه السلام جن کان ‏روايت آهي ته پاڻ فرمايائون: قرآن چئن ‏حصن ۾ نازل ٿيو آهي: هڪ حصو ‏حلال جي باري ۾. هڪ حصو حرام جي ‏باري ۾. هڪ حصو سنتن ۽ احڪام جي ‏باري ۾ ۽ هڪ حصو توهان کان پهرين ‏گذري ويل ۽ توهان کان پوءِ اچڻ وارين ‏قومن جي باري ۾ .(11)‏
امام محمد باقر عليه السلام جن فرمائن ‏ٿا: قرآن چئن حصن ۾ نازل ٿيو آهي: ‏هڪ حصو اسان جي باري ۾ . هڪ ‏حصو اسان جي دشمنن جي باري ۾، ‏هڪ حصو واجبات ۽ احڪام جي باري ‏‏۾ ۽ هڪ حصو سنتن ۽ مثالن جي باري ‏‏۾ ۽ قرآن جون اهي آيتون جن جو تعلق ‏ڪرامتن سان آهي اهي اسان اهل بيت ‏جي باري ۾ آهن.(12)‏
جيتوڻيڪ قرآن جي تفسير موضوعي ‏جي سلسلي ۾ اهو هڪ ڪُلي دستور ‏آهي، پر تنهن جي باوجود ان کي تفسير ‏موضوعي جي لاءِ هڪ آئيڊيل جي طور ‏تي پيش ڪري سگهجي ٿو. ‏
اهل بيت ‏ ۽ روائي تفسير‏
اهل بيت عليهم السلام جن هميشه اها ‏تاڪيد ڪندا رهيا آهن، ته قرآن جي ‏تفسير ۾ اسان جي روايتن ڏانهن رجوع ‏ڪندا ڪيو، ڇاڪاڻ ته قرآن جو علم ‏رڳو اسان کي ئي آهي، ان سلسلي ۾ ‏ڪيتريون ئي روايتون ائمه عليهم ‏السلام جن کان نقل ٿيون آهن.‏
اهل بيت ‏‏۽ قرآن جو تفسير قرآن سان‏
اهل بيت ‏‏ جن هميشه پنهنجن ‏مناظرن ۽ مختلف سوالن جي جواب ۾ ‏قرآن جي هڪ آيت کي ٻي آيت سان ‏ڀيٽي جواب ڏيندا هيا ۽ سڀني آيتن کي ‏ملائيندي قرآن جو تفسير بيان ڪندا ‏هئا، حصرت رسول خدا ‏ جن فرمايو: ‏
ان القرآن ليصدق بعضه بعضا فلا تكذبوا بعضه ‏ببعض(13)‏
قرآن جو هڪڙو حصو ٻئي حصي جي ‏تصديق ڪري ٿو، تنهن ڪري هڪ آيت ‏جي ٻي آيت جي ذريعي ترديد نه ‏ڪيو. حضرت علي عليه السلام جن ‏فرمائن ٿا: ‏
كتاب الله تبصرون به و تنطقون به و تسمعون به ‏و ينطق بعضه ببعض و يشهد بعضه علي بعض. ‏‏(14) ‏
الله جي ڪتاب وسيلي هدايت پرايو ٿا، ‏ان جي ذريعي ڳالهايو ٿا، ان جي ‏وسيلي ٻڌو ٿا ۽ قرآن جو هڪ حصو ‏ٻئي حصي سان ڪلام ڪري ٿو ۽ قرآن ‏جو هڪ حصو ٻئي حصي جي باري ۾ ‏گواهي ڏي ٿو.‏
اهل بيت جي نگاھ ۾ قرآن جي ‏قرآن سان تفسير جا ڪجھ مثال:‏
‏1 لفظن جي معنى قرآن جي روشني ۾‏
اهل بيت ‏ جن قرآن مجيد جي ‏ڪيترن ئي لفظن جي معنى  قرآن مجيد ‏جي آيتن کي ڪَتب آڻيندي ڪندا هيا، ‏جيئن، امام جعفر صادق عليه السلام ‏جن قرآن جي روشني ۾ ايمان جي معنى ‏ڪندي ان کي چئن حصن ۾ تقسيم ‏ڪيو آهي. 1. زباني اقرار 2.دلي تصديق ‏‏3. فريضي کي انجام ڏيڻ 4. پائيدار ‏ايمان. پاڻ ان سلسلي ۾ فرمائن ٿا: الله ‏تعالى زباني اقرار کي ايمان جو ‏نالو ڏنو آهي ۽ايمان جي اقرار ڪرڻ ‏واري کي مومن فرمايو آهي: جيئن ‏ارشاد ٿئي ٿو:‏
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ خُذُواْ حِذْرَكُمْ فَانفِرُواْ ثُبَاتٍ أَوِ ‏انفِرُواْ جَمِيع وَإِنَّ مِنكُمْ لَمَن لَّيُبَطِّئَنَّ فَإِنْ أَصَابَتْكُم ‏مُّصِيبَةٌ قَالَ قَدْ أَنْعَمَ اللّهُ عَلَيَّ إِذْ لَمْ أَكُن مَّعَهُمْ شَهِيد ‏وَلَئِنْأَصَابَكُمْ فَضْلٌ مِّنَ الله لَيَقُولَنَّ كَأَن لَّمْ تَكُن ‏بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُ مَوَدَّةٌ يَا لَيتَنِي كُنتُ مَعَهُمْ فَأَفُوزَ فَوْزاً ‏عَظِيماً.(سورت نساءِ، آيت 71 کان 73) ‏
يعني: اي ايمان وارو!دشمن جي مقابلي ‏‏۾ پنهنجي آمادگي کي مضبوط ڪيو ۽ ‏مختلف ٽولن يا هڪ ئي ٽولي جي ‏صورت ۾ جهاد لاءِ ڪوچ ڪيو توهان ۾ ‏ڪجھ اهڙا (منافق) ماڻهو آهن جيڪي ‏ٻين کي سست ڪن ٿا، جيڪڏهن توهان ‏تي ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ته چون ٿا: ‏الله اسان سان چڱائي ڪئي جو انهن ‏سان گڏ نه هياسين ۽ جيڪڏهن توهان تي ‏الله طرفان ڪو فضل جو ڦيرو ٿيو ته ‏جهڙوڪ توهان ۽ انهن جي درميان ڪو ‏محبت جو ذرو ئي نه هو (تنهن ڪري) ‏ضرور اهو ئي چوندا ته جيڪر انهن سان ‏هجون ها ته جيئن وڏي ڪاميابي ماڻيون ‏ها.‏
امام‏ جن اڳتي فرمائن ٿا ته:‏
‏ جيڪڏهن مشرق ۽ مغرب جو ڪو ‏ماڻهو اهي جملا پنهنجي زبان تي جاري ‏ڪري ته ان ڳالھ جي ڪري ايمان مان ‏نڪري ويندو پر تنهن هوندي به انهن ‏پاران الله تعالى جي ذات جو اقرار ڪرڻ ‏ڪري کين مومن چيو ويو آهي ۽ اهو ‏ئي سبب آهي جو (هڪ ٻي آيت۾ ) ‏مومنن کي ايمان جي طرف دعوت ڏني ‏وئي آهي. جيئن ارشاد ٿئي ٿو: ‏
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ آمِنُواْ بِاللّهِ وَرَسُولِهِ (سورت نساء ‏آيت 136) ‏
اي ايمان وارو! ايمان آڻيو الله ۽ سندس ‏رسول تي.‏
ايمان، دلي تصديق جي معنى ۾ هن آيت ‏‏۾ ذڪر ٿيو آهي ‏
الَّذِينَ آمَنُواْ وَكَانُواْ يَتَّقُونَ لَهُمُ الْبُشْرَى فِي الْحَياةِ ‏الدُّنْيَا وَفِي الآخِرَةِ (سورت يونس آيت 63 ۽ 64)‏
اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار ‏ٿيا تن لاءِ هن دنيا جي زندگي ۽ آخرت ‏‏۾خوشخبري آهي‏
ايمان فرائض کي انجام ڏيڻ جي معنى ‏‏۾: ان جو مثال هي آهي ته جڏهن الله ‏تعالى ڪعبة الله طرف نماز پڙهڻ جو ‏حڪم ڏنو ته اصحاب پاڻ سڳورن (ص) ‏جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله ‏اسان جيڪي نمازون بيت المقدس جي ‏طرف رخ ڪري پڙهيون هيون ڇا اهي ‏باطل هيون ته الله تعالى سندن جواب ۾ ‏هيءَ آيت نازل ڪئي. وَمَا كَانَ اللّهُ ‏لِيُضِيعَ إِيمَانَكُمْ (سورت بقره آيت 143) الله تعالى ‏توهان جي ايمان کي ضايع نه ڪندو. هن ‏آيت ۾ ايمان، نماز کي ادا ڪرڻ جي ‏معنى ۾ آيو آهي، جيڪو هڪ خدائي ‏فرض آهي.‏
ايمان، پائيدار ايمان جي معنى ۾: ان ‏جومثال هن آيت ۾ ذڪر ٿيو آهي.‏
لَا تَجِدُ قَوْماً يُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ يُوَادُّونَ مَنْ ‏حَادَّ اللَّهَ وَرَسُولَهُ وَلَوْ كَانُوا آبَاءهُمْ  أَوْ أَبْنَاءهُمْأَ وْ ‏إِخْوَانَهُمْ  أَوْ َشِيرَتَهُمْ  أُوْلَئِكَ كَتَبَ فِي قُلُوبِهِمُ ‏الْإِيمَانَ وَأَيَّدَهُم بِرُوحٍ مِّنْهُ.(سورت مجادله آيت ‏‏22)‏
ڪنهن اهڙي قوم کي نه ڏسندين جنهن ‏الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ‏هجي پر خدا ۽ سندس رسول جي دشمنن ‏کي دوست رکندو هجي، جيتوڻيڪ اهي ‏دشمن سندس ابا ڏاڏا، پٽ، ڀائر يا قبيلي ‏وارا ئي ڇو نه هجن هي اهي ماڻهو آهن ‏جن جي دلين ۾ الله تعالى ايمان کي ‏پائيدار بڻايو آهي ۽ پنهنجي روح ‏وسيلي ان جي تائيد ڪئي اٿس. ان ‏سلسلي ۾ ٻيا ڪافي مثال احاديث ۽ ‏روايات جي ڪتابن ۾ موجود آهن.(15)‏
‏2. مجمل (غير واضح) آيتن جو تفسير ‏مبين (واضح) آيتن ذريعي
ڪيترن ئي مقامن تي اهلبيت عليهم ‏السلام جن مجمل آيتن جو تفسير مبين ‏آيتن ذريعي ڪندا هئا،مثال طور سوره ‏حمد ۾ استعمال ٿيل ٽن عنوانن(1) ” ‏نعمتون پائيندڙ“ (2)” جن تي الله جو ‏غضب آهي“ (3) ” گمراھ انسان“ جو ‏تفسير امام حسن عسڪري عليه ‏السلام هن ريت ڪيو آهي، ته نعمتون ‏پائيندڙن مان مراد اهي ماڻهو آهن جن ‏جو ذڪر هن آيت ۾ آيو آهي.‏
وَمَن يُطِعِ اللّهَ وَالرَّسُولَ فَأُوْلَـئِكَ مَعَ الَّذِينَ أَنْعَمَ اللّهُ ‏عَلَيْهِم مِّنَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاء ‏وَالصَّالِحِينَ(سورت نساءِ آيت 69) ”يعني: جيڪي ‏الله جي اطاعت ڪندا سي انهن انسانن ‏سان گڏ هوندا جن تي الله تعالى ‏پنهنجيون نعمتون نازل ڪيون آهن، ‏اهي نبي،صديق، شهيد ۽ الله جا نيڪ ‏بندا آهن. ‏
جن تي الله تعالى پنهنجو غضب نازل ‏ڪيو آهي، اهي يهودي آهن، جن جي ‏باري الله تعالى هن ريت فرمايو آهي: ‏
قُلْ هَلْ أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِّن ذَالِكَ مَثُوبَةً عِندَ اللّهِ مَن ‏لَّعَنَهُ اللّهُ وَغَضِبَ عَلَيْهِ .( سورت مائده آيت 60)‏
اي رسول چئو ته !ڇا آئون توهان کي ‏انهن ماڻهن جي باري ۾ خبردار ڪيان ‏جن جي حيثيت الله تعالى جي نزديڪ ‏تمام گهڻي بري آهي، جن تي الله تعالى ‏لعنت ڪئي آهي ۽ مٿن پنهنجو غضب ‏نازل ڪيو آهي.‏
‏ اهڙي ريت گمراه، نصارى (عيسائي) ‏آهن جن جو ذڪر هن آيت ۾ آيو آهي.‏
قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لاَ تَغْلُواْ فِي دِينِكُمْ غَيْرَ الْحَقِّ وَلاَ ‏تَتَّبِعُواْ أَهْوَاء قَوْمٍ قَدْ ضَلُّواْ مِن قَبْلُ وَأَضَلُّواْ كَثِيراً ‏وَضَلُّواْ عَن سَوَاء السَّبِيلِ. ( سورت مائده آيت 77)‏
اي رسول چئو ته، اي اهل ڪتاب ‏پنهنجي دين ۾ حق کان اڳتي نه وڌو ۽ ‏اهڙي قوم جي خواهشن جي پيروي نه ‏ڪيو جيڪي پهرين کان گمراه هيا ‏‏۽گهڻن کي گمراه ڪري ڇڏيائون ۽ ‏سنئين واٽ کان هٽي ويا.‏
پوءِ امام عليه السلام فرمايو ته جيڪو ‏شخص الله جو انڪار ڪري اهو خدا ‏جي غضب جو مستحق ۽ سنئين واٽ ‏کان ٿڙيل آهي.(16)‏
‏3.غلط تفسيرن جو ٽوڙ قرآني آيتن ذريعي
هڪ ٻي شيءِ جيڪا اهل بيت عليهم ‏السلام جي تفسيرن ۾ پاتي وڃي ٿي ‏اها آهي ته قرآن جي آيتن جي غلط ‏تفسيرن جو جواب خود قرآن مجيد جي ‏آيتن سان ڏيندا هئا جيئن ته ” وَمَا أُنزِلَ عَلَى ‏الْمَلَكَيْنِ ببَابيلَ هَارُوتَ وَمَارُوتَ“(سورت بقره آيت ‏‏101) جي ذيل ۾ هن روايت جو ملاحظو ‏ڪيو. ابو يعقوب ۽ ابو الحسن روايت ‏ڪن ٿا ته امام حسن عسڪري عليه ‏السلام جن کي عرض ڪيوسين ته ‏ڪجھ ماڻهو چون ٿا ته هاروت ۽ ماروت ‏ٻه فرشتا هيا انهن کي خدا زمين تي ‏موڪليو ۽ اهي ٻئي هڪڙي عورت جي ‏عشق ۾ وڪوڙجي ويا ۽ (العياذ بالله) ‏زنا، شراب ۽ محترم انسان کي قتل ‏ڪرڻ جهڙي گناهن ۾ مبتلا ٿي ويا ‏تنهن ڪري الله سائين بابل واري ‏علائقي ۾ مٿن عذاب نازل ڪيو، ‏جادوگرن انهن ٻنهي کان جادو سکيو ۽ ‏الله تعالى ان عورت کي به ”زُهره“ ‏ستاري جي شڪل ۾ مسخ ‏ڪري ڇڏيو، ته امام عليه السلام جن ‏فرمايو: الله سائين کان پناه ٿا گهرون ‏اهڙين تفسيرن کان ، فرشتا عصمت جي ‏مقام جا مالڪ آهن، الله تعالى فرمائي ‏ٿو.‏
‏ لَا يَعْصُونَ اللَّهَ مَا أَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ ‏‏(سورت تحريم، آيت 6)‏
الله تعالى جيڪو کين حڪم ڪيو آهي ‏ان جي نافرماني نه ٿا ڪن ۽ جيڪو ‏کين حڪم ڪيو ٿو وڃي اهو ‏انجام ڏين ٿا. اهڙي ريت فرمائي ٿو: ‏
وَمَنْ عِندَهُ لَا يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِهِ وَلَا ‏يَسْتَحْسِرُونَ يُسَبِّحُونَ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَا يَفْتُرُونَ. ‏‏(سورت انبياءِ، آيت 19)‏
اهي الله جي طرف کان آهن. ڪڏهن به ‏سندس عبادت کان انڪار نه ٿا ڪن ‏‏۽ ڪڏهن به ٿڪن نه ٿا. ‏
بَلْ عِبَادٌ مُّكْرَمُونَ لَا يَسْبِقُونَهُ بِالْقَوْلِ وَهُم بِأَمْرِهِ ‏يَعْمَلُونَ يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا ‏يَشْفَعُونَ إِلَّا لِمَنِ ارْتَضَى وَهُم مِّنْ خَشْيَتِهِ ‏مُشْفِقُونَ.( سورت انبياءِ، آيت 27 ۽ 28)‏
‏(فرشتا الله جا) نيڪ ٻانها آهن، جيڪي ‏سندس فرمان کان اڳتي نه ٿا و ڌن، ‏سندس فرمان تي عمل ڪن ٿا جيڪو ‏ڪجھ سندن سامهون ۽ جيڪو کانئن ‏پٺيان آهي تنهن کي ڄاڻن ٿا ۽ الله جي ‏رضا کان سواءِ ڪنهن جي شفاعت نه ٿا ‏ڪن ۽ سندس خوف جي ڪري بي چين ‏آهن. راوي چون ٿا ته اسان عرض ‏ڪيوسين ان جو مطلب ته شيطان به ‏فرشتو نه هيو؟ امام عليه السلام جن ‏فرمايو: ڇا تو اهو نه ٻڌو آهي ته الله ‏تعالى فرمائي ٿو: وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا ‏لِآدَمَ فَسَجَدُوا  إِلَّا إِبْلِيسَ كَانَ مِنَ الْجِنِّ (سورت ‏ڪهف، آيت 50)‏
جڏهن اسان فرشتن کي چيوسين ته آدم ‏کي سجدو ڪيو ته سڀني سجدو ڪيو ‏سواءِ شيطان جي جيڪو جنن منجهان ‏هو.‏
‏4.آيتن جي سياق  کي نگاه ۾ رکي تفسير ‏ڪرڻ
قرآني آيتون هڪٻئي سان معنى جي ‏اعتبار سان ڳنڍيل ۽ انهن جو هڪ ٻئي ‏سان اونهو رابطو پاتو وڃي ٿو جنهن ‏کي سمجهڻ لاءِ اهل بيت عليهم السلام ‏جن پنهنجي روايتن ۾ رهنمائي ڪئي ‏آهي. جن مان هڪ روايت هيءَ آهي ته ‏زهري، امام سجاد عليه السلام سان ‏رستي ۾ ملاقات ڪئي ۽ امام عليه ‏السلام تي اعتراض ڪندي چوڻ لڳو: ‏توهان جهاد جي دشوارين کي ڇڏي حج ‏جهڙي آسان عمل کي انجام ڏيڻ شروع ‏ڪيو اٿَوَ. جڏهن ته الله تعالى فرمائي ‏ٿو:‏
‏ إِنَّ اللَّهَ اشْتَرى‏ مِنَ الْمُؤْمِنينَ أَنْفُسَهُمْ وَ أَمْوالَهُمْ بِأَنَّ ‏لَهُمُ الْجَنَّةَ‎ ) ‎سورت توبه، آيت 111)‏
‏ يعني: مومنن ۾ ڪجھ اهڙا به آهن جن ‏پنهنجا مال ملڪيتون ۽ جانيون ڏئي ‏الله جون مرضيون خريد ڪيون آهن. ته ‏امام عليه السلام جن کيس جواب ‏ڏيندي فرمايو: آيت جي اڳئين حصي کي ‏به پڙھ، جنهن ۾ الله سائين فرمائي ٿو. ‏
التَّائِبُونَ الْعَابِدُونَ الْحَامِدُونَ السَّائِحُونَ الرَّاكِعُونَ ‏السَّاجِدونَ الآمِرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَالنَّاهُونَ عَنِ ‏الْمُنكَرِ وَالْحَافِظُونَ لِحُدُودِ اللّهِ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِين ‏‎)‎سورت توبه، آيت 112‏‎(‎‏ ‏‎ ‎
اهي توبه ڪندڙ، عبادتگذار، الله جي ‏تعريف ڪندڙ، (الله جي راه ۾) مسافري ‏ڪندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجدا ڪندڙ ، ‏نيڪي جو حڪم ڪندڙ، براين کان ‏روڪيندڙ ۽ الله جي حدن جي حفاظت ‏ڪندڙ آهن ۽ مومنن کي خوشخبري ڏي. ‏پوءِ امام عليه السلام جن فرمايو: ‏جيڪڏهن اسان اهو ڏسنداسين ته جيڪي ‏ماڻهو انهن وصفن جا مالڪ آهن ته انهن ‏سان جهاد ڪرڻ حج کان وڌيڪ فضيلت ‏رکي ٿو.‏
زهري جهاد جي فضيلت جي سلسلي ۾ ‏رڳو پهرين آيت تي نظر رکي، پر امام ‏عليه السلام جن کيس سمجهايو ته ‏ڪنهن به آيت جي تفسير ڪرڻ لاءِ ان ‏جي اڳيان ۽ پٺيان ذڪر ٿيل آيتن تي به ‏نگاه ڪرڻ گهرجي.‏
‎ [‎‏1‏‎]‎‏.‏‎ ‎، الميزان، علاّمه سيد محمد حسين طباطبائى، ج‏5، ص 274‏‎.‎
‎[‎‏2‏‎] ‎‏. نهج البلاغه ، خطبو 125.‏
‎[‎‏3‏‎] ‎‏. اصول ڪافي، محمد بن يعقوب ڪليني ج‏1، ص 192‏‎.‎
‎[‎‏4‏‎] ‎‏. اصول ڪافي ج 2؛ ص 599؛ ڪتاب فضل القرآن حديث 2‏‎ ‎
‎[‎‏5‏‎] ‎‏. نهج البلاغه؛ خطبو 176‏‎ ‎
‎[‎‏6‏‎] ‎‏. وسايل الشيعه؛ ج 27؛ با ب 9 حديث 10‏
‎[‎‏7‏‎] ‎‏.‏‎ . ‎وسائل الشيعه ج 1، ص 291‏‎.‎
‎[‎‏8‏‎] ‎‏.‏‎  ‎اصول ڪافي؛ ج 4؛ ڪتاب فضل القرآن؛ ص 446
‎[‎‏9‏‎] ‎‏.‏‎. ‎ساڳيو حوالو.‏
‎[‎‏10‏‎] ‎‏. اصول ڪافي، ج 2 ص 627
‎[‎‏11‏‎] ‎‏. ساڳيو حوالو
‎[‎‏12‏‎] ‎‏. تفسير عياشي؛ ج 1؛ ص 9‏
‎[‎‏13‏‎] ‎‏. ڪنز العمال، ج 1 ص619
‎[‎‏14‏‎] ‎‏. ساڳيو حوالو
‎[‎‏15‏‎] ‎‏. تفسير قمي، علي بن ابراهيم قمي.ج 1ص30 کان 32‏
‎[‎‏16‏‎] ‎‏ . التفسير المنسوب الي الامام العسڪري. ص، 477 – 475‏‎ ‎

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :