قرآن ۽ اهلبيت عليهم السلام
2020/10/12*اهلبيت ۽ قرآن پاڪ*
سنڌيڪار: علي گوهر ايماني
الحمد لله رب العالمين و صلي الله علي محمد و آله الطاهرين.
تعريف ان خدا لاءِ آهي جيڪو ٻنهي جهانن جو پالڻهار آهي ۽ درود ۽ سلام هجن محمد ص ۽ سندس پاڪ آل تي.
توهان جي خدمت ۾ سڀ کان پهريان اميرالمومنين علي ع جي ولادت با سعادت، رجب المرجب ۽ شعبان المعظم جي عيدن جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
اهڙي ريت هن پروگرام رکڻ وارن بانيان جو شڪر گذار ۽ ٿورائتو آهيان. جيڪو نور القرآن سنڌ پاڪستان جي طالب علمن پاران رکيو ويو آهي. توهان جي خدمت ۾ عرض ڪريان ته اسان جو بحث قرآن شريف ۽ اهلبيت جو هڪٻئي سان رابطو جي باري ۾ آهي يعني هڪ طرفي بحث آئون توهان جي خدمت ۾ عرض ڪريان ٿو. قاعدي مطابق هي هڪ تمام وسيع بحث آهي پر ڪوشش ڪريان ٿو ته ان بحث جون ڪجھ جايون حوالن جو تعارف ڪرائيندي ۽ وقتي طور تي ڪجھ ڪتابَ ۽ مقالا جن جو حاشيءَ ۾ مطالعو ڪري سگھجي ٿو انهن ڪتابن ۽ مقالن جو حوالو ڏيندي بحث کي اڳتي وڌايان ٿو.
پهريون ڀاڱو: هن بحث جو پهريون رخ هي آهي ته اهل بيت قرآن شريف لاءِ ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون آهن؟
ٻيو ڀاڱو: بحث جو ٻيو رُخ هي آهي ته قرآن مجيد اهل بيت کي ڪهڙا هديا ۽ تحفا عطا ڪيا آهن ۽ قرآن شريف اهل بيت جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي؟
پهريون ڀاڱو:
قرآن ڪريم لاءِ اهلبيت جون خدمتون
پهرئين ڀاڱي يعني قرآن مجيد لاءِ اهلبيت ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون آهن ان لاءِ ڪجھ بنيادي پهلوئن بابت بحثُ ڪري سگھجي ٿو.
پهريون پهلو: قرآن شريف جو لکڻ ۽ تحرير ڪرڻ آهي؛ قرآن ڪريم اميرالمومنين وسيلي لکيو پئي ويو. اوهان ان کان ڀَلِيءَ ڀَتِ آگاهه آهيو ته اميرالمومنين علي قرآن شريف جي ڪاتبن( لکڻ وارن) منجھان هڪ آهي ۽ جيڪو مصحف امام علي تحرير فرمايو اهو مشهور ۽ معروف آهي.
ٻيو پهلو: جيڪا خدمت اهل بيت قرآن شريف لاءِ انجام ڏني اها قرآن مجيد جي جمع آوري ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ هئي. يعني اهل بيت جو سَربراههُ ۽ ميرِ مجلس خود پيغمبر اڪرم ۽ علي آهن. قرآن ڪريم جيئن جيئن نازل ٿيندو ويندو هو ان جي آيتن منجھان هر هڪ آيت جو هڪ نسخو پاڻ سڳورا گھر ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. هيءَ روايت بحار الانوار ۾ ٻن جاين تي نقل ٿي آهي ته پيغمبر اڪرم جي رحلت ۽ لاڏاڻي کان پوءِ اميرالمومنين علي قسم کنيو هو ته نماز کانسواءِ پنهنجي ڪلهن تي عبا (چادر) نه رکندو، ايستائين جو قرآن مجيد کي جمع نه ڪري وٺي ۽ مولا ائين ئي ڪيو هڪ اٺ تي قرآن مجيد کڻي ماڻهن جي آڏو اچي پيش ڪيو اتي هڪ واقعو پيش آيو جنهن کي توهان ڄاڻو ٿا. بهرحال قرآن شريف جي هڪ جمع آوري رسول خدا جي گھر ۾ ۽ ان کان پوءِ ٻي جمع آوري هڪ مُصحف ۾ اميرالمومنين علي جي ذريعي ٿي. بس اها هڪ ٻي خدمت آهي جيڪا اهل بيت قرآن لاءِ انجام ڏني. البته هڪ جمع آوري عثمان جي زماني ۾ به ٿي. مصحفن جي هڪ هجڻ تي امير المومنين علي جي نظارت ۽ سرپرستي هئي ۽ اهلبيت تائيد ٿئي ڪئي ۽ ڪلام الله (قرآن) کي ضايع ٿيڻ کان نجات ڏنائون جنهن سببان اختلاف گھٽ ٿيا ۽ جيڪي مسئلا مصحف جي هڪ هجڻ جي باري ۾ هئا تن منجھ به اهلبيت جي برڪت سان اختلاف گھٽيو.
ٽيون پهلو: اهل بيت جيڪا خدمت قرآن مجيد لاءِ ڪئي اُها قرآن جو تفسيرُ آهي. ڇاڪاڻ ته مان ان بحث کي تفصيلي طور تي بيان ڪرڻ چاهيان ٿو ان ڪري ان کان گذرندي اڳتي وڌان ٿو.
چوٿون پهلو: اهل بيت جيڪا خدمت قرآن جي ڪئي، اُها قرآن شريف جي تعليم ۽ سِکِيا آهي. قرآن ڪريم جي سکيا ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏيڻ خود پاڻ سڳورن کان شروع ٿئي ٿي. حضور پاڪ قرآن مجيد جون ڏهه ڏهه آيتون ڪري ماڻهن کي سيکاريندا هئا. پهريان الفاظ ۽ اکر سيکاريندا هئا پوءِ انهن جو مقصد ۽ مفهومُ سيکاريندا هئا. ان کان بعد ۾ ايندڙ وقت ۾ اهل بيت جن متنن جي ماڻهن کي تعليم ۽ سکيا ڏيندا هئا انهن مان هڪ قرآن مجيد جي آيتن جي تعليم ۽ سکيا هئي. اهل بيت قرآني بحث گھڻو ڪندا هئا، ڪڏهن قرآن شريف جي تلاوت جو شوق ڏياريندا هئا ته وري ڪڏهن ان کي حفظ ۽ ياد ڪرڻ جو شوق ڏياريندا هئا. بهرحال قرآن شريف جي تعليم ۽ سکيا ڏيڻ ۾ اهل بيت بنيادي خدمت انجام ڏني آهي.
پنجون پهلو: قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ هو. انهن خدمتن مان جيڪي اهل بيت قرآن ڪريم لاءِ انجام ڏنيون آهن، هڪ خدمت قرآن ڪريم کي معاشري ۾ مجسم شڪل ۾ پيش ڪرڻ هو جهڙي اهو چوڻا ته انسان قرآن ۾، ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ مومن قرآن ۾، ان جو مطلب ڇا آهي؟ ڪامل انساني قرآن جي نگاه ۾، ان جو مطلب ڇا آهي؟ جيستائين اهو ٻاهرين دنيا ۾ ڏيکارجي نٿو تيستائين حقيقت ۾ قرآن مجسم ٻاهرين دنيا به وجود ۾ نٿو اچي سگهي. قرآنِ ناطق، قرآنِ مجسم، اهل بيت آهن. قرآن مجيد جا سمورا احڪام ۽ ان جا اخلاقي ۽ اعتقادي (پهلو) جيڪي عمل سان تعلق رکن پيا انهن کي اهل بيت عملي جامو پهرايو. امام حسين جي قيام جي باري ۾ هڪ ڪتاب به آهي جنهن جو نالو مباني قرآني نهضت عاشورا، نهضت عاشورا بر اساس قرآن يعني جيڪڏهن ڪوئي قرآن تي عمل ڪري ۽ امام حسين جي حالات مطابق ماحول بڻجي وڃيس ته ان کي گھرجي ته امام حسين وانگر عمل ڪري. ان لحاظ سان خود قرآن شريف تي عمل ڪرڻ ۽ قرآن ڪريم جي احڪام کي جاري ۽ نافذ ڪرڻ امام علي ۽ ٻين ائمه ذريعي قرآن لاءِ سندن هڪ وڏي خدمت آهي، جو کيس عملي جامو پهرايائون.
ڇهون پهلو: قرآن مجيد جي تبليغ ۽ ان جي پيغام کي نشر ڪرڻ، قرآن شريف کي مهجوريت (1) (پوئتي ڇڏي ڏيڻ) کان ٻاهر ڪڍڻ. جيڪڏهن توهان نهج البلاغه جي خطبن تي هڪ نگاهه ڊوڙايو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ان ۾ قرآن پاڪ جي باري ۾ کوڙ ساري گفتگو ٿيل آهي ۽ قرآن بابت امام علي شوق ڏياريو ۽ ڌيان ڇڪايو آهي. اهي تفسيرون جيڪي اهلبيت کان نقل ٿيون آهن انهيءَ باري ۾ آهن. نُور الثقلين، البرهان، تفسير صافي جون روايتون حقيقت ۾ قرآن شريف کي مهجوريت مان ڪڍڻ خاطر هيون. هينئر آئون انهن پهلوئن تي بحث ڪرڻ نٿو چاهيان، ڪجھ بحثن کان جلديءَ ۾ گذري وڃان ٿو ۽ ڪجھ جي طرف اشارو ڪريان ٿو.
قرآن جي تفسير ۾ اهل بيت جي ڪردار جا مقام
اهي اهل بيت جون قرآن شريف جي حوالي سان خدمتون هيون انهن منجھان هر هڪ کي جدا جدا مقالي ۽ مضمون جي ڍانچي ۾ آڻي بحث کي تفصيلي بڻائي سگھجي ٿو. هينئر ان تفسير واري بحث کي ڪجھ وڌيڪ کولڻ چاهيان ٿو. اهل بيت جو ڪردار، قرآن شريف جي تفسيرَ ۾ ڪهڙو هو؟ اهل بيت قرآن جي تفسيرَ ۾ ڪهڙو ڪم انجام ڏيندا هئا. اهو هڪ بنيادي نڪتو آهي انهن ڪجھ ڀاڱن ۽ حصن منجھان جن ۾ اسان پهرين ڀاڱن ۾ توهان جي خدمت ۾ عرض ڪيو سين.
1. تفسير جو طريقو
ٽئين حصي کي ڪجھ وڌيڪ مقدار ۾ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو. اهل بيت ذريعي قرآن جي تفسير جو مطلب ڇا آهي؟ ڏسو قرآن جي تفسير جي باري ۾ پهريون جيڪو ڪجھ ڪردار اهل بيت انجام ڏنو جيڪو اهم به هو مرحوم علامه طباطبائي الميزان جي ٽئين جلد ۾ ان کي اهل بيت جو بنيادي ڪردار ليکيو آهي، اهو ڪم قرآن جي تفسير جي صحيح روش ۽ طور طريقو آهي. يعني صحابه ڪرام جڏهن نبي اڪرم جي خدمت ۾ اچن ٿا ۽ پاڻ سڳورن کان هن آيت الَّذينَ آمَنُوا وَ لَمْ يَلْبِسُوا إيمانَهُمْ بِظُلْمٍ أُولئِكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ (2) جي باري ۾ پڇن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان مان ڪهڙن ظلم ناهي ڪيو جيڪڏهن بنا ان تي آهي ته جن ظلم ناهي ڪيو اهي هدايت يافته آهن أُولئِكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ آيت جو اهو ٽڪڙو حصر تي مشتمل آهي ان آڌار تي حقيقت ۾ اسان مان ڪوئي به هدايت يافته ناهي.
فَفَسَّرَهُم بِالشِّرِک وَ قَالَ: پاڻ ڪريم ان جي تفسير ۽ وضاحت شرڪ جي ذريعي ڪندي (اشارو ڪري) فرمايائون: إِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظيمٌ (3) بيشڪ شرڪ يقيناً وڏو ظلم آهي. يعني الله تعالى جيڪو فرمايو آهي. الَّذينَ آمَنُوا وَ لَمْ يَلْبِسُوا إيمانَهُمْ بِظُلْمٍ…(4)اتي بظلم جي معنيٰ ”بشرک“ آهي يعني جن پنهنجي ايمان کي شرڪ سان نه ملايو) إِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظيمٌ واري آيت جي دليل سان جيڪا سورت لقمان ۾ آئي آهي (ظلم مان مراد شرڪ آهي). حقيقت ۾ پاڻ سڳورن ٻن آيتن کي هڪٻئي جي ڀڪ (ڀر) ۾ رکيو ۽ نتيجو ڪڍيو ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته نبي ڪريم قرآن ذريعي تفسير ڪرڻ جي تعليم ۽ سکيا ڏني يا مثال وَ حَمْلُهُ وَ فِصالُهُ ثَلاثُونَ شَهْرا(5) واري آيت جي ڀرسان رکون هيٺ ڏنل آيت جنهن ۾ آهي ته ٻار کي ٻه سال کير پيارڻ گھرجي. وَ الْوالِداتُ يُرْضِعْنَ أَوْلادَهُنَّ حَوْلَيْنِ كامِلَيْنِ (6) ته ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته حمل (ٻار جي پيٽ ۾ رهڻ) جي گھٽ ۾ گھٽ مدت ڇهه مهينا آهي. يعني پاڻ سڳورا حقيقت ۾ قرآن جي تفسير قرآن سان ڪن ٿا ۽ قرآن جي ذريعي قرآن جي تفسير ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿا. ڪڏهن اهل بيت به عقلي تفسير ڪرڻ جي روش سيکارين ٿا اسان منطق تفسير نالي ڪتاب ۾ ان جا ٻه نمونا آندا آهن وقت ڪونهي تنهنڪري صرف ان جي طرف اشارو ڪريان ٿو توهان پاڻ ئي ان جي طرف رجوع ڪريو. عقلي تفسير ڪرڻ جو مثال بيان ڪريان ٿو هو (راوي) چوي ٿو جڏهن امام رضا جي خدمت ۾ آيا سين ۽ امام کي بَلْ يَداهُ مَبْسُوطَتا7) جي متعلق عرض ڪيو سين ۽ پڇيو سين ته ڇا خدا کي هٿ آهن؟ راوي چوي ٿو پنهنجي هٿ جي ذريعي امام رضا جي هٿ مبارڪ جي طرف اشارو ڪيُم يعني ڇا هنن ٻنهي هٿن وانگر خدا جا هٿ آهن امام فرمايو:لَا لَوْ كَانَ هَكَذَا لَكَانَ مَخْلُوقًا (8) نه (ڇاڪاڻ) جيڪڏهن خدا ائين هجي ها ته مخلوق ٿئي ها. مخلوق ٿيڻ ۾ محدوديت آهي ۽ محدوديت جو نتيجو خدا هجڻ سان سازگار ناهي ۽ ان سان ٺهڪي نٿو. يعني امام بحث کي عقلي ڪري ڇڏيو. امام ائين نه فرمايو: لَيْسَ كَمِثْلِهِ شَيْء (9) بلڪه فرمايولَا لَوْ كَانَ هَكَذَا لَكَانَ مَخْلُوق نه، (ڇاڪاڻ ته) جيڪڏهن خدا ائين هجي ها ته مخلوق بڻجي وڃي ها ۽ محدود مخلوق ٿيندي آهي خالق نه.
امام عقلي دليل پيش ڪري ان ذريعي آيت کي سمجهڻ جي تعليم ڏين ٿا. انهن امام کان پڇيو: مٿي، جي ڪجھ حصي تي مسح ڪرڻ ڇو ڪافي آهي؟ امام فرمايو: لِمَكَانِ الْبَاءِ (10) ڇو جو خدا فرمايو آهي: وَ امْسَحُوا بِرُؤُسِكُمْ (11) بِرُؤُسِ ۾ باء تبعيض يعني بعض ۽ ڪجھ جي معنى ڏئي ٿي. يعني مٿي جي ڪجھ حصي تي مسح ڪرڻ ڪافي آهي؟ اتي امام قرآن جي قرآن جي ذريعي تفسير ڪرڻ جو طريقو سيکاري رهيا آهن. عقلي تفسير جو طريقو، پاڻ سڳورن جي روائي تفسير جو طريقو، ٻين تفسيرن جا طور طريقا، اهو اهل بيت جو قرآن شريف جي تفسير ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
2. تفسير جي انحراف کان روڪ ٿام
تفسير جي انحراف کان روڪ ٿام ۾ اهلبيت جو ڪردار هي هو ته تفسير بالرأي ڪرڻ نه ٿي ڇڏيائون. (يعني من گھڙت ۽ هٿ ٺوڪي تفسير کان روڪيندا هئا). تفسير بالرأي جي باري ۾ خود پيغمبر اڪرم، امام علي ۽ اهل بيت کان بار بار روايتون نقل ٿيون آهن ته مَنْ فَسَّرَ الْقُرْآنَ بِرَأْيِهِ فَلْيَتَبَوَّأْ مَقْعَدَهُ مِنَ النَّار جنهن قرآن جي من گھڙت تفسير ڪئي ان جو ٺڪاڻو جهنم آهي. اهي روايتون مختلف پهلوئن کان نقل ٿيون آهن ڪجھ محدثن انهن کي متواتر ته وري ڪجھ انهن کي متظافر ڪوٺيو آهي.
تفسير کي انحراف کان روڪڻ ۽ تفسيري انحرافات سان مقابلو ڪرڻ جيڪو تفسير بالرأي جي عنوان هيٺ اچي ٿو اهو ڪڏهن پنهنجي راءِ ۽ نظر قرآن تي مڙهڻ آهي ۽ ڪڏهن وري ان وانگر، اهي اهل بيت جون تفسير ۽ تفسير جي مجموعي هيٺ ايندڙ شين لاءِ اهم خدمتون آهن.
3. قرآن جي معنيٰ ۽ مفهومن جي وضاحت
قرآن مجيد فرمايو آهي: وَ أَنْزَلْنا إِلَيْكَ الذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاس (12) اها آيت بيان ڪري رهي آهي ته اهل بيت کي قرآن کي بيان ڪرڻ جو مقام عطا ڪيو ويو آهي ۽ وَالنَّخْلَ باسِقات (سورت ق، آيت10. ) جي باري ۾ پڇيو ويو فرمايائون: طولها يعني اهو بلند آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهل بيت معنى ۽ لغت ۽ آيت جي ظاهري مفهوم کي ڀلي نموني واضح ڪندي بيان ڪندا هئا.
4. احڪام وارين آيتن جي ننڍن وڏن مسئلن کي بيان ڪرڻ
ان کي ڪڏهن نبي ڪريم کان نقل ڪندا هئا ۽ ڪڏهن علم لدني ته وري ڪڏهن خدائي علم جي خزاني ۽ چشمي جي آڌار تي بيان ڪندا هئا. انهن منجھان ڪيترائي (جزئي مسئلا) خود قرآن شريف ۽ نبوي روايتن ۾ ناهن آيا پر اهل بيت جي روايتن ۾ بيان ٿيا آهن ۽ اهو ان تقسيم جو هڪ وڏو حصو آهي، تنهنڪري ان بيان مطابق سمورو وسائل الشيعه، قرآن شريف جو تفسيرُ ٿي ويندو. اسان جي ڪتابن ۾ جيڪي فقهي روايتون آيون آهن اهي سموريون روايتون احڪام وارين آيتن جِي وضاحت آهن. يا نماز جو بحث آهي يا روزي جو يا حج جو يا زڪوات جو، اهو سڀ ڪجھ احڪام وارين آيتن جي ننڍن وڏن مسئلن جو بيان آهي. لهذا ڪنهن نموني قرآن شريف جي تفسير جي زمري ۽ دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
5. شان نزول جو بيان ڪرڻ
اهل بيت جيڪو ٻيو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو شان نزول جو بيان آهي. اميرالمومنين جنگ اُحد ۾ هئا ڪيترن ئي ماڻهن جيڪو شان نزول علي کان نقل ڪيو آهي يا بعد وارن اهل بيت مان امام باقر ۽ امام صادق پنهنجي آباءَ ۽ اجداد ( ابن ڏاڏن) کان پيغمبر اڪرم ۽ اميرالمومنين کان شان نزول نقل ڪندا هئا. تفسيرن ۾ 1200 شان نزول ذڪر ٿيا آهن. ڊاڪٽر محقق جو هڪ ڪتاب آهي نمونه بينات در شان نزول آيات جي نالي سان آهي جنهن ۾ هن سمورا شان نزول بيان ڪيا آهن. ان ڪتاب جي سونهن ۽ سوڀيا ان ۾ آهي ته (ليکڪ) ڪتاب جي آخر ۾ موضوعي پڻ بحث ڪيو آهي. ڪجھ آيتون اميرالمومنين جي باري ۾ به آنديون اٿس، ڪتاب جي ليکڪ مڪاني به تحقيق ۽ چڪاس ڪئي آهي، ڪهڙي آيت مڪي ۾ ته وري ڪهڙي آيت مديني ۾ نازل ٿي آهي. ڪتاب نمونه بينات در شان نزول آيات شيخ طوسي جي هزار ساله ورسي جي مناسبت سان مشهد مقدس ۾ ڇپيو آهي ليکڪ شيعا ۽ سُني شان نزول کي ڪٺو ڪيو آهي. البته اگر ورجايل ڳالهين کي ختم ڪريون ته اٽڪل 400 شان نزول ذڪر ڪيا اٿس.
6. آيتن کي مصداقن تي تطبيق (13)۽ ڦٽ ڪرڻ
بعد وارو مورد آيتن جو پنهنجي مصداقن تي ڦٽ ڪرڻ ۽ تطبيق ڪرڻ آهي. هڪ ڪم جيڪو اهل بيت انجام ڏيندا هئا اهو آيتن جو پنهنجي مصداقن تي تطبيق ڪرڻ هو. هتي ڪجھ غور ڪرڻ گھرجي ڇو ته ٿڙڻ ۽ غلطيءَ جي جاءِ پڻ آهي. ڏٺم ته پڇاڙيءَ ۾ قم ۽ نجف ۾ ڪجهه دوست خطا کائي ويا. مثلاً روايتن ۾ آيو آهي ته اِهْدِنَا الصِّراطَ الْمُسْتَقيمَ (سورت فاتحه، آيت6) مان مراد، علي آهي. جي ها، ان جو اڪمل ۽ ڪامل مصداق نبي ڪريم کان پوءِ علي آهي. ليڪن اهو ان معنيٰ ۾ ناهي ته امام حسن ۽ امام حسين امام زمانه تائين، صراط مستقيم ناهن. يا مثلاً روايتن ۾ آيو آهي ته قرآن ۾ الميزان مان مراد، علي آهي. جهڙي ريت زيارتن ۾ به آهي ته اَلسَّلَامُ عَلَيکَ يَا مِيزَانَ الاَعمَالِ سلام هجي تو تي اي اعمال جي تارازي.
يا صديق جو ڪلمو يا صفتون جيڪي قرآن ۾ آيون آهن جيئن عام طور تي مفسرَ سورت بقره جي آيت نمبر 103 جي ذيل ۾ آڻين ٿا ته جتي به قرآن ۾ يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا…. آيو آهي، اتي اميرالمومنين سر فهرست ۽ مومنين جا سرواڻ آهن. البت اتي مصداقِ ڪامل يا تام کي بيان ڪيو ويو آهي. تنهنڪري مسئلو مفهوم ۽ مصداق جي وچ ۾ گڏ وچڙ نه ٿئي. اهڙن ئي شخصن منجھان هڪ شخص قم ۾ هڪ ڪتاب لکيو ۽ ديوار تي لڳل بينر تي لکيو ويو هو ته علي جو نالو قرآن ڪريم ۾ 300 ڀيرا آيو آهي. اسان هڪ مرتبو کيس انجمن قرآن پژوهي (14) ۾ دعوت ڪئي سون ڪجھ استادن کي پڻ دعوت ڪئي سون ۽ ان کي چيو سين ته اچ ۽ اهي 300 آيتون اسان کي ڏيکار. ڏٺو سين ته هو چوي پيو: صراط المستقيم علي جو نالو آهي، صديقين، علي جو نالو آهي مومنين، علي جو نانءُ آهي. اهو علي ته نه ٿيو اهو انهن آيتن جو ڪامل مصداق آهي. ليڪن اهو ان معنيٰ ۾ ناهي ته ان آيت جو مصداق فقط امام علي آهي. يا اهي علي جا نالا آهن. نجف ۾ به ڪنهن ڪتاب لکيو هو لِمَ ذُکِرَ اِسمُ عَلِيّ فِي القُرآنِ کَثِيراً قرآن ۾ علي جو نالو گھڻو ڇو ذڪر ڪيو ويو آهي؟
حضرت امام صادق کان پڇيو ويو ته امام علي جو نالو قرآن ۾ ڇاڪاڻ ناهي آيو؟ امام فرمايو: جهڙي طرح قرآن ۾ نماز، زڪوات ۽ روزي جو نالو آيو آهي ليڪن انهن جا جزئي مسئلا ناهن آيا اهڙي طرح امامت جا ڪلي ۽ عام مسئلا پڻ قرآن ۾ آيا آهن ليڪن امامن جا نالا ناهن آيا. اصل ۾ قرآن شريف جي بنا نالن ٻڌائڻ تي ناهي. سواءِ ڪجھ خاص ۽ گھٽ جاين جي جيئن زيد ۽ زينب جو واقعو سورت احزاب ۾ آيو آهي جيڪو هڪ خاص مقام هو. يا ابو لهب (جو نالو) ان جي مذمت لاءِ آيو آهي، اهي تمام گھڻا خاص مقام هئا. البت ان دليل خاطر جو ممڪن هو ته بعد ۾ ڪوئي تحريف ۽ ڦيرڦار ڪري يا ممڪن هو ته اسلامي معاشري ۾ ڪجھ مشڪلون پيش اچن ها، ان جا ڪيترائي دليل هئا جيڪڏهن ڪوئي چاهي ته انهن جو مطالعو ڪري سگھي ٿو. قرآن شريف ۾ جهڙي طرح آئمه جو نالو ناهي آيو اهڙي طرح سندن مخالفن جو نالو پڻ ناهي آيو.
عام طور ماڻهو چوندا آهن ته امام علي جو نالو قرآن شريف ۾ ڇو ناهي آيو؟ انهن ڪتاب لکيو آهي ته امام علي جو نالو قرآن ڪريم ۾ گھڻو ڇو آهي؟ جڏهن ان مسئلي کي وڌيڪ واضح ڪري ۽ کوليو وڃي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته ان مونجھاري جو سبب مفهوم جو مصداق سان ملي جلي وڃڻ آهي.
جيڪڏهن روايت ۾ آيو آهي ته صراط مستقيم مان مراد علي آهي انهن سمجھيو هو ته اهو علي جو نالو آهي لهذا اهو تمام گھڻو اهم نڪتو آهي. آيتن جو مصداقن تي تطبيق ۽ ڦٽ ڪرڻ هڪ اهڙن ڪمن منجھان آهي جيڪو اسان جي روائي تفسيرن ۾ گھڻو آيو آهي ۽ ٺيڪ ۽ صحيح به آهي پر ڀلي نموني سمجھڻ گھرجي ته مراد ڇا آهي؟
7. قرآن ڪريم جي آيتن جي تاويل
بعد وارو مورد آيتن جي تاويل آهي هڪ ڪم جيڪو اهل بيت انجام ڏنو اهو اسان لاءِ آيتن جي تاويل بيان ڪرڻ هو. کهيعص، ڪاف ڪربلا جي طرف اشارو آهي يا ٻي ڪنهن شيءِ جي طرف؟ قرآن مجيد جو بطن آهي مرحوم مجلسي جي ڪتاب بحار الانوار جي جلد 79 ۾ ڪيتريون ئي روايتون قرآن مجيد جي بطن ۽ تاويل جي باري ۾ آهن. مرحوم مجلسي سمورين روايتن کي هڪ باب ۾ ڪٺو ڪيو آهي جنهن جو نالو باب في التاويل و البطن آهي. ( ان باب ۾ مرحوم مجلسي باطني ۽ تاويلي روايتن کي ڪٺو ڪيو آهي).
8. بطن جي باري ۾ بحث
بطن مان مراد ڇا آهي؟ ان باري ۾ مختلف قولَ نقل ٿيا آهن وڌيڪ ملاحظو ڪرڻ لاءِ منطق تفسير جي طرف رجوع ڪريو، اتي آخري بحث ۾ بطن جي باري ۾ ڪجھ مطلب ذڪر ڪيا آهن ۽ آخري مطلب پڻ مرحوم آيت الله معرفت جو آهي جيڪو تمام گھڻو مفيد ۽ واٽ کوليندڙ آهي. بهرحال آيتن جي تفسير ۾ اهل بيت جو انهن اٺن مقامن تي تمام اهم ڪردار آهي.
نڪتا:
پهريون نڪتو: اهل بيت اهي تفسيرون ڪڏهن لفظي شڪل ۾ ڪندا هئا يعني حديث جي روپ ۾ ۽ ڪڏهن اهي تفسيرون عملي شڪل ۾ ڪندا هئا. صَلُّوا كَمَا رَأَيْتُمُونِي أُصَلِّي توهان نماز ائين پڙهو جهڙي طرح مون کي پڙهندي ڏسو ٿا. يعني پنهنجي عمل کي قرآن شريف جو مفسرُ قرار ڏيندا هئا. ڪڏهن تصويري تفسير ڪندا هئا ان جو نمونو اسان منطق تفسير ۾ آندو آهي. قُل هذِهِ سَبيلي ” وَأَنَّ هَـذَا صِرَاطِي مُسْتَقِيمًا فَاتَّبِعُوهُ وَلاَ تَتَّبِعُواْ السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ… “ (سورت الانعام، آيت 153.)
جي مقام تي ان آيت جي باري ۾ حضرت کان سوال ڪيو ويو، حضرت هڪ ليڪ زمين تي ڪڍي ڪري فرمايو: هي سڌو رستو آهي پوءِ ڪجھ ليڪون ٽيڙيون ڪڍندي فرمايائون هي ڇڙوڇڙ ۽ مختلف رستا آهن. يعني ڪڏهن تصوري به تفسير ڪندا هئا. اهل بيت تفسير ڪڏهن لفظي، عملي ۽ تصويري پڻ سيکاريندا هئا.
ٻيو نڪتو: تفسير جا سرچشما
هتي هن بحث جي طرف اشارو ڪندي گذري وڃان ٿو اهلبيت جيڪي سرچشما تفسير جي لاءِ ذڪر ڪندا هئا اهي ڪجھ مورد هئا هڪجهڙا نه هئا ان ۾ به ڪڏهن ڪڏهن مطلب گڏ وچڙ ٿئي ٿو.
پهريون: اهل بيت ڪڏهن پنهنجا مطلب بيان ڪرڻ لاءِ خود قرآن شريف مان ڪم وٺندا هئا. قرآن جو تفسيرُ قرآن جي ذريعي ڪندا هئا. علامه طباطبائي فرمائن ٿا: قرآن ذريعي قرآن جو تفسير ڪرڻ اهل بيت جو طريقو آهي.
ٻيو: پيغمبر اڪرم جي روايتن کي ڪم آڻيندا هئا.
ٽيون: سندن منابع ۽ سرچشما خدائي الهامَ هئا.
چوٿون: اجتهادُ ڪندا هئا. ڪڏهن اهل بيت به ٻين وانگر اجتهاد ڪندا هئا. البت اهل بيت جو اجتهاد منهنجي ۽ توهان جي اجتهاد کان مختلف آهي. اهل بيت جي اجتهاد ۾ غلطي نٿي ٿي سگھي. اهلبيت جون تفسيري آيتون ڪڏهن (قرآن جي) آيتن مان آهن ۽ ڪڏهن روايتن مان ۽ ڪڏهن علمِ خدا ۽ علمِ لدني مان آهن ۽ ڪڏهن اجتهاد ۽ عادي علم ذريعي آهن ان آڌار تي سندن طرفان تفسير ڪرڻ هڪ طريقي ۽ رستي کان ناهي ڪڏهن پاڻ تفسير جي مقام ۾ هوندا آهن ته وري ڪڏهن بيان ڪرڻ جي مقام ۾ هوندا آهن. جيڪي هڪٻئي کان مختلف آهن جن کي تفسيري روايتن ۾ معين ڪرڻ گھرجي.
ٻيو ڀاڱو:
قرآن جون اهل بيت لاءِ خدمتون
بعد وارو حصو قرآن جو اهل بيت جي حوالي سان خدمتن جو بحث آهي هينئر تائين جيڪو ڪجھ بيان ڪيو سين سو اهل بيت جون قرآن مجيد جي بنسبت خدمتون هيون. اهو ثقلين جو هڪٻئي سان رابطو آهي. پاڻ فرمايائون: إِنِّي تَارِكٌ فِيكُمُ الثَّقَلَيْنِ كِتَابَ اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ وَ عِتْرَتِي أَهْلَ بَيْتِي (15) اهي ٻئي هڪٻئي سان گڏ هجڻ کپن ۽ اهو هڪٻئي سان گڏ هجڻ هڪ قسم جو ٻنهي جي درميان رابطو ايجاد ڪري ٿو. اهو رابطو ٻه طرفو آهي جنهن سان ماڻهن جي هدايت ٿئي ٿي. جيڪڏهن هڪ طرف کي وٺجي ۽ ٻئي طرف کي ڇڏي ڏجي ته هدايت حاصل نه ٿيندي ان ڪري فرمايائون: مَا إِنْ تَمَسَّكْتُمْ بِهِمَا لَنْ تَضِلُّوا بَعْدِي أَبَداً. جيستائين توهان انهن ٻنهي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو تيسائين مون کان پوءِ هرگز گمراهه نه ٿيندؤُ، ان جو مفهوم هي آهي ته جيڪڏهن انهن مان فقط ڪنهن هڪ سان رابطو برقرار ڪيُوَ ته هدايت حاصل ڪونه ٿيندوَ. قرآن ڪريم جون اهل بيت لاءِ ڪهڙيون خدمتون رهيون آهن؟
قرآن پاران اهل بيت جي خدمت جا مقام
1. وحيءَ جو نازل ٿيڻ
ان شيءِ جي طرف به توجھ هجڻ کپي ته اهل بيت مان مراد خود پيغمبر اڪرم جي ذات بابرڪت به آهي. لفظ ”اهل بيت“ سورت احزاب جي آيت33 مطابق إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا خود پيغمبر اڪرم کي پڻ شامل ٿئي ٿو. تنهنڪري اهل بيت جي مرڪزيت ۽ اڳواڻيءَ ۾ خود پيغمبر اڪرم هئا جن مٿان وحي نازل ٿي ۽ اهل بيت جيئن امام علي ۽ ٻين امامن مٿان تسديدي وحي ٿيندي هئي جنهن کي ڪڏهن خدائي الهام ته وري ڪڏهن علم لدني جو نالو ڏنو وڃي ٿو. وحي ٻن قسمن جي آهي وحيءَ جي وسعت گھڻي آهي البت وحي جيڪا علم جي معنيٰ ۾ آهي ان جا ٻه قسم آهن. هڪ نزولي وحي جيئن قرآن شريف ٻي تسديدي ۽ الهام کي محڪم ۽ مضبوط ڪندڙ وحي. تنهنڪري پاڻ سڳورن جي ڪلمات جو هڪ حصو قرآن آهي ۽ هڪ ٻيو حصو به وحي آهي. وَمَا يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْيٌ يُوحَى (سورت النجم، آيت 3_4. ) هڪ مرتبو وحي تنزيلي آهي ۽ ٻيو مرتبو تسديدي آهي.
تسديدي وحي مثال طور معراج واري واقعي ۾ ٿيندڙ وحي جيڪا قرآن ۾ ناهي آئي پر روايتن ۾ شامل آهي خدائي احڪام جن کي پاڻ سڳورا بيان ڪندا هئا. اهو سڀ وحيءَ ذريعي هو البت اها تسديدي وحي هئي لهذا اها وحي قرآن جي زُمري ۽ دائري ۾ نه هئي. تسديدي وحيءَ جي باري ۾ هينئر فرصت ڪونهي، تسديدي وحيءَ جي باري ۾ تفسير جي طرف رجوع ڪري وَ أَوْحَيْنا إِلَيْهِمْ فِعْلَ الْخَيْراتِ (سورت الانبياء، آيت73. )جي باري ۾ اتي به عام طور تسديدي وحيءَ جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي.
2. اهل بيت جي شان ۾ آيتن جو نازل ٿيڻ
اهل بيت جي شان ۾ آيتن جو نازل ٿيڻ به خدا جي عطائن منجھان هڪ عطا آهي جيڪا قرآن پاڪ اهل بيت جي شان ۾ ڪئي آهي. ڪجھ آيتون اميرالمومنين جي باري ۾ نازل ٿيون آهن جيئن آيت تطهير، آيت اڪمال ۽ انهن وانگر ٻيون آيتون. البت اهل بيت جي شان ۾ ڪيتريون ئي آيتون نازل ٿيون آهن. انهن آيتن جي باري ۾ روايتون موجود آهن اهي آيتون جن بابت روايتون آهن سي گھڻيون آهن. مثال طور اهي آيتون جيڪي اميرالمومنين جي باري ۾ آهن انهن جو تعداد 550 آهي جن کي جمع ۽ ڪتاب خَمسُ مِاَهِ وَّ خَمسُونَ آيَه نَزَلَ فِي عَلِيّ ۾ ڪٺو ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ڪجھ آيتون جيڪي امام علي جي شان ۽ فضيلت ۾ آيون آهن انهن مان ڪجھ کي اسان قبول نه ڪريون ڇاڪاڻ ته ٿي سگھي ٿو ته انهن جي رواين ۾ خدشو ۽ اشڪال هجي پر 550 آيتون علي جي شان ۾ چيون ويون آهن تنهن جو مطلب قرآن جو ڏهون حصو علي جي شان ۾ آهي.
3. اهل بيت جو مقام ۽ منزلت بيان ڪرڻ
يعني ڪجھ آيتن ۾ اهل بيت جو شان ۽ مقام بيان ۽ واضح ڪيو ويو آهي مثال طور سورت احزاب جي آيت 33 ۾ اهل بيت جي عصمت بيان ڪئي وئي آهي. وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً ڪجھ آيتن ۾ اهل بيت جي تفسيري منزلت بيان ڪئي وئي آهي.
قرآن فرمايو آهي ته اهل بيت مفسر آهن أَنْزَلْنا إِلَيْكَ الذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ
(سورت النحل، آيت 44.) تفسير يعني بيان ڪرڻ، بَانَ يعني فَسَرَ. ڪڏهن قرآن، پيغمبر اڪرم سان اهل بيت جو رشتو واضح ڪيو آهي.
فَقُلْ تَعالَوْا نَدْعُ أَبْناءَنا وَ أَبْناءَكُمْ وَ نِساءَنا وَ نِساءَكُمْ وَ أَنْفُسَنا وَ أَنْفُسَكُم… (سورت آل عمران، آيت 61.) ۾ أَبْناءَنا وَ أَبْناءَكُمْ امام حسن ۽ امام حسين جي منزلت وَ أَنْفُسَنا وَ أَنْفُسَكُم امير المومنين جو مقام وَ نِساءَنا وَ نِساءَكُمْ بيبي فاطمه زهرا جو مقام بيان ڪيو ويو آهي.
گفت پيامبرکه علي جان من است هم جان علي هم جان پيامبرصلوات
پاڻ سڳورن فرمايو ته علي منهنجي جان آهي عليءَ جي جان ۽ پيغمبر جي جان تي صلوات هجي. ڪڏهن آيتون دين جي مڪمل ۽ تمام ٿيڻ جي باري ۾ بيان ڪن ٿيون يعني امامت دين جي حوالي سان، الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دينَكُمْ وَ أَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتي (سورت مائده، آيت3). ان آيت ۾ اڪمالِ دين ۽ اتمامِ نعمت جي گفتگو به ٿي آهي. اڪمال يعني ناقص شيءِ کي پورو ڪرڻ ۽ اتمام يعني ڪامل شيءِ کي پورو ڪرڻ
4. اهل بيت جون صفتون
بعد وارو مقام اهل بيت جون صفتون آهن يعني قرآن ڪريم اهل بيت جون صفتون بيان ڪيون آهن. حضرت بيبي زهرا جَي مقام ۽ منزلت بابت فرمايو آهي ته: إِنَّا أَعْطَيْناكَ الْكَوْثَرَ سورت دهر ۾ (پنجتن پاڪ) جَي نذر ۽ باس جو جيڪو واقعو آيو آهي يا نماز جي حالت ۾ منڊي زڪوات ۾ ڏيڻ وقت اهل بيت جا گُڻ ۽ صفتون بيان ڪيون ويون آهن. انهيءَ ڪري ڪڏهن اسم ۽ مفهوم جي درميان معاملو گڏ وچڙ ٿي وڃي ٿو. ليڪن اهي آيتون جيڪي اهل بيت جي لاءِ آيون آهن انهن جي دلالت برابر ناهي مثلاً اهي آيتون جيڪي اهل بيت جي باري ۾ آيون آهن انهن مان ڪجھ تفسيري آهن، يعني خود آيت جو ظاهر سمجهائي ٿو جيئن آيت مباهله ۾ نِساءَنا وَ نِساءَكُمْ جِي بيبي زهرا کانسواءِ ڪائي تفسير ناهي. شيعا، سُني تفسيرن ۾ اهو ئي ذڪر ٿيو آهي ان ۾ تاويل ۽ بطن جي ڪائي ضرورت ناهي ايستائين جو سُنين به چيو آهي ته اهل بيت جي باري ۾ وڌيڪ عظمت واري آيت، آيتِ مباهله آهي. جيڪا تفسير جي لحاظ سان اها ڳالهه سمجهائي ٿي. ڪڏهن تطبيق آهي جيئن اهْدِنَا الصِّراطَ الْمُسْتَقيِمَ يعني علي يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا… جتي به آيو آهي امام علي اِن جي مرڪزي حيثيت رکن ٿا. اها آيت مصداق کي بيان ڪري رهي آهي. جنهن جي مصداقن منجھان هڪ مصداق اهل بيت آهن ڪڏهن آيتن ۾ تاويل بيان ڪئي وڃي ٿي. کهيعص آيت جي تاويل روايت بيان ڪري ٿي ڪاف يعني ڪربلا، عين يعني عطش ۽ اُڃ وغيره…. چوٿون: بطني روايتون مثلاً سورت دخان آيت3 ۾ إِنَّا أَنْزَلْناهُ في لَيْلَةٍ مُبارَكَة اتي لَيْلَةٍ مُبارَكَةٍ جي ذيل ۾ مفسرن هڪ روايت آندي آهي لَيْلَةُ الْقَدْرِ يعني فاطمه زهرا اهو آيت جو ظاهر ناهي آيت جو ظاهر اها ئي شرح آهي جيڪا سج لهڻ کان سج اڀرڻ تائين آهي ته تَنَزَّلُ الْمَلائِكَةُ وَ الرُّوحُ فيها بِإِذْنِ رَبِّهِمْ مِنْ كُلِّ أَمْرٍ(سورت قدر، آيت4)، اهڙي رات آهي جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو البت آيت جو باطن حضرت بيبي زهرا آهي. جهڙي طرح معمولي رات قرآنِ صامت جي نزول جو ظرفُ آهي اهڙي طرح قدر جي رات (لَيْلَةُ الْقَدْرِ) بيبي زهرا قرآن ناطق جي نزول جي جاءِ تي نزول جو ظرف آهي.ان آڌار تي جيڪي آيتون اهل بيت بابت آهن، اهي ائين ناهن ته سموريون تاويل هجن يا بطن رکنديون هجن ڪڏهن تطبيق آهي ته وري ڪڏهن تفسير به آهي.
خاتمو
قرآني ادارن جي باري ۾ اهم نڪتا
منهنجو عرض پورو ٿي ويو چاهيان ٿو ته ڪجھ نڪتا بيان ڪريان ان صورت ۾ ته توهان وٽ هڪ قرآني ادارو آهي. اهي جيڪي قرآني ادارا توهان جوڙيا آهن اهي تمام گھڻا بابرڪت ۽ ڏاڍا ڀلا آهن ۽ هي موقعو آهي جو توهان هينئر قم ۾ آهيو اهو سُنهري موقعو آهي بعد ۾ اهڙي فرصت گھٽ حاصل ٿيندي جو ان نموني توهان ڪٺا ٿيو ۽ اهڙي قسم جا ڪم انجام ڏيو وغيره.
اسان ان کي چئون ٿا علم وڌائڻ جا جلسا، علمي ادارا ماڻهن جي علم وڌائڻ، راين جي مختلف ٿيڻ ۽ پهرئين مرحلي ۾ خود ماڻهن جي علمي واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. ان کان پوءِ هڪ علائقي جي علمي واڌاري جو سبب بڻجن ٿا ليڪن ان جي ڪهڙي ضرورت آهي مان چاهيان ٿو ته ان جي ضرورت ۽ لازمي هجڻ جي باري ۾ ٻه ٽي ڳالهيون بيان ڪريان.
پهرئين ڳالهه: ان شيءِ جي طرف توجھ هجڻ کپي ته اڄڪلهه جا قرآني بحثَ وسيع ٿي چڪا آهن فقط تفسير وغيره. ناهي. اڄڪلهه ۾ جامعة المصطفي العالميه ۾ اسان وٽ تفسيرِ تطبيقي موجود آهي، قرآن ۽ مستشرقان آهي، ٽن گرايشن (tendency) تي مشتمل هڪ گرايش (tendency) معارف قرآن آهي، ٻئي اصول ۽ مباني شيعه ۽ ٽين گرايش علوم قرآني آهي.
قرآن ۽ سائنس ڏهن گرايشن (tendency) سان آهي جن منجھان اٺ گرايشون (tendency) جاري ٿي چڪيون آهن. قرآن ۽ مديريت، قرآن ۽ اقتصاد، قرآن ۽ سياست، قرآن ۽ معاشري جي ڄاڻ، قرآن ۽ روانشناسي، قرآن ۽ صفائي سٿرائي،18 قرآن ۽ نجوم، قرآن ۽ حقوق، ڏهه شعبا قرآن جي گرايش (tendency) مطابق آهن ايستائين جو اخلاقي بحثن ۾ پڻ اسان جوڙ جڪ ڪري رهيا هئا سين. پهريان سوچي رهيا هئا سين ته ڇا قرآن ۽ نهج البلاغه مان به اهڙي شيءِ ڪڍي سگھجي ٿي؟ پوءِ اخلاق کي ايم فل(M.phl) ۾ آندو سين. ڊاڪٽريٽ ۾ اخلاق Applications، ان جون ڇهه گرايشون (tendency) بڻجي ويون جيڪو اعتراض ڪيو ويو اهو صرف هي هو ته ان جي گرايش (tendency) گھٽ ڇو آهي؟
يعني (Applications) اخلاق اڄڪلهه تعليم ۽ تربيت جو اخلاق آهي مديريت جو اخلاق، سياست جو اخلاق، اجتماعي اخلاق، ڪٽنب جو اخلاق انهن منجھان هر هڪ جي اسان وٽ قرآن ۽ حديث ۾ هڪ خاص گرايش (tendency) آهي جنهن تي ڪم گھٽ ٿيو آهي. تنهنڪري ڪوشش ڪريو مستقبل ۾ سنڌ لاءِ سڀني گرايشن (tendency) ۾ طالب علم ۽ استاد موجود هجن.
تنها ۽ اڪيلي گرايش (tendency) وارا نه بڻجون هاڻي اهو زمانو گذري ويو آهي جنهن ۾ ڏهه سينٽي ميٽر جو گهرو سمنڊ ايجاد ڪندا هئا. هاڻي هڪ شعبي ۾ ماهر ۽ ڀڙ ٿيڻ گھرجي انسان پنهنجي سموري طاقت قرآن ۽ تربيت تي استعمال ڪري يا قرآن شريف جي ٻين گرايشن (tendency) تي. حقيقت ۾ جيڪڏهن انساني پنهنجي پوري زندگي فقط قرآن ۽ تربيت تي ڪم ڪري ته اها گھٽ آهي. مثلاً گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ٻه تربيتي تفسيرون مصر کان ايران ۾ آيون آهن «التفسير التربوي للقرآن» جيڪي انور انباز جون لکيل آهن ۽ هڪ تفسير پر سال آئي آهي لڳاتار تخصصي(Specialty) تفسيرون لکيون وڃن ٿيون. تفسير اقتصادي، تفسير سياسي ۽ تفسير تربيتي اسان 25 سال پوئتي ته نٿا موٽي سگھون، مجمع البيان کي پڙهڻ گھرجي ۽ ڀلي نموني پڙهڻ گهرجي تفسيرصافي۽ تفسير تبيان کي پڙهڻ گھرجي سڀ تفسيرون ڀليون آهن ۽ لازمي آهن ليڪن ڪافي ناهن، نين گرايشن (tendency) کي مٿي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
ٻيو مطلب: انٽرنيٽ جي طرف ڀلي نموني توجهه ڪرڻ کپي. هينئر المصطفي جي مجازي حصي ۾ جيڪو مصلي جي طرف آهي اتي هڪ تفسير جو شعبو فارسي، عربي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ آهي، ڊاڪٽر جابر جعفري اردو حصي جو مسئول آهي. جتي هينئر پاڪستاني گھڻي تعداد ۾ طالب علم آهن توهان کي رابطو قائم ڪرڻ گھرجي، ان شعبي کي وسيع بڻايو، اڄڪلهه ڪيترن ئي ڪمن کي مجازي انجام ڏيڻ گھرجي.
(پيش بيني) اڳڪٿي ڪئي وڃي ٿي ته ايندڙ پنڌرهن سالن تائين ستر فيصد تعليم انٽرنيٽ وسيلي بڻجي ويندي ۽ سو مان ٽيهه فيصد حضوري ٿيندي. بس پنهنجو پاڻ کي ان زماني لاءِ تيار ڪرڻ گھرجي.
مون کي خبر پئي ته توهان کي ويب سائيٽ به آهي اهو ٻڌي ڏاڍو خوشحال ٿيس چوڻ چاهيان ٿو ته مجازي دنيا ۾ داخل ٿيون، ڪريون ان کي مڪمل ڪريون ۽ هڪ شعبو کوليون (جهڙي ريت دوست M.A ۾ پڻ آهن).
ٽيون مطلب: هي آهي ته اهي ادارا تڏهن ثمر رسائيندا جڏهن پاڪستان ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي قرآن ۽ حديث جي يونيورسٽي هجي جيئن ڊاڪٽر طاهرُ القادري جي منهاج القرآن آهي. يعني شيعن کي پاڪستان ۾ هڪ قرآن شريف جي يونيورسٽي هجي جيڪا محترم طاهر القادري جي يونيورسٽي کان وڌيڪ طاقتور ۽ وڏي هجي.
جيڪڏهن توهان جو مقصد اهو آهي ته ان وقت ڪنهن جاءِ ۽ منزل تائين پهچي سگھو ٿا. (سياڻن) چيو آهي هڪ ڏينهن پيءُ پنهنجي پٽ کان پڇيو ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندين؟ پٽ وراڻيو چاهيان ٿو ته توهان جهڙو ٿيان سندس پيءُ جواب ڏيندي چيو: پوءِ ته تون ڪجھ به نه ٿيندين، مان چاهيان پيو ته امام صادق (وانگر) ٿيان ته ايترو ٿي سگھيو آهيان، جيڪڏهن چاهين ٿو ته مون جهڙو ٿين ته پوءِ ڪجھ به نه ٿي سگھندين، هن دور ۾ وڏيون تمنائون ۽ سڌون هجڻ کپن، البت ننڍي جاءِ کان شروع ڪرڻ گھرجي.
حوالا
1) مهجوريت: هِجر مان ورتل آهي جنهن جي معني جدائي آهي جيڪا عمل، زبان ۽ دل کي شامل ٿئي ٿي. ( مفردات راغب)
2) سورت الانعام، آيت 82.
3) سورت لقمان ، آيت 13.
4) سورت الانعام، آيت 82.
5) سورت الاحقاف، آيت 15.
6) سورت البقرة ، آيت 233.
7) سورت المائدة ، آيت 64.
8) شيخ صدوق، التوحيد للصدوق، ص168.
9) سورت الشوري، آيت 11.
10) شيخ صدوق، علل الشرائع، ج1،ص 279.
11) سورت المائدة ، آيت 6.
12) سورت النحل، آيت 44.