نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

قرآن مجيد ۾ آيات محڪمات ۽ متشابھات جي وضاحت

فونٽ جو اندازو:
2020/10/13

قرآن مجيد ۾ آيات محڪم ۽ متشابهه هجڻ جي وضاحت

وسيم رضا سبحاني

محڪم ۽ متشابهه جي اهميت

قرآن پاڪ جي محڪم ۽ متشابهه آيتن ‏بابت بحث ڪرڻ تمام گهڻي اهميت ‏واري شيءَ آهي، ڇو ته ان بحث کان ‏ٿورڙي به غفلت انسان کي قرآن جي ‏صحيح تفسير کان ڪوهين دور ڪري ‏ڇڏي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو، تفسير ‏جا عالم سڳورا پنهنجي ڪتابن ۾ جاءِ ‏جاءِ تي ان بحث جو خاص خيال رکندا ‏آهن. قرآن پاڪ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، ‏جيڪو شروع کان آخر تائين مڪمل ‏نموني همآهنگ آهي، سندس آيتن ۾ ‏ڪنهن به طرح جو ٽيڙ ۽ اختلاف ‏ڪونهي.‏

ان وحدت ۽ ايڪتا واري ڪلام کي ٻن ‏ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ ڀاڱو، ‏محڪم آيتن تي ٻڌل ته وري ٻيو ڀاڱو ‏متشابهه آيتن تي مشتمل آهي.‏

ان پاڪ ڪلام جون ڪي آيتون ماءُ، ‏بنياد، مرجع ۽ اصل واري حيثيت رکن ‏ٿيون ته وري ڪي آيتون اهڙيون آهن ‏جن کي سمجهڻ لاءِ انهن اصل ۽ بنيادي ‏آيتن ڏي رجوع ڪرڻ ضروري آهي.‏

جيڪڏهن انهن ٻيئن ڀاڱي (متشابهه) ‏واري آيتن

 

کي پهرئين آيتن (محڪم) ‏سان گڏائي نه سمجهيو

 

ويو ته يقيناً ‏گمراهه ٿي وينداسين، اهوئي سبب

 

آهي ‏جو تاريخ ۾ ڪيترائي فاسد ۽ غلط ‏

 

فرقا جنم وٺندا رهيا مثال طور: مجسّمه، ‏مجبّره، مفوّضه وغيره ڇو ته انهن فرقن

پنهنجي پنهنجي عقيدن لاءِ قرآن جي ‏متشابهه آيتن جو سهارو ورتو پر ‏متشابهه آيتن کي محڪم آيتن جي ‏روشنيءَ ۾ نه ڏٺو، سو گمراهيءَ جي ‏اونهي کڏ ۾ وڃي ڪريا.‏

وڏي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اهڙا ‏ماڻهو صدر اسلام کان وٺي اڃا تائين به ‏موجود آهن ۽ هر زماني ۾ متشابهه آيتن ‏جو سهارو وٺي بدعتن کي جنم ڏيندا ‏رهيا آهن، سو تنهنڪري، آڳاٽي زماني ‏کان ئي عالم سڳورن ان ڳالهه ڏانهن ‏توجهه ڪندي، ان بحث کي تمام سهڻيءَ ‏ريت وائکو ڪيو آهي ته وري ڪن ‏عالمن ان موضوع تي جدا جدا ڪتاب ‏لکيا آهن.‏

مثال طور:‏

 سيد مرتضى‏ علم الهدى: تفسير ‏المحکم و المتشابهه

 سيد رضي‏ : حقايق التاَويل في متشابهه ‏التنزيل

 ابن عبدالله اشعري: کتاب في محکم ‏القرآن و متشابهه ‏

 قاضي عبدالجبار: متشابهه القرآن

 ابن حمزه ڪسائي: متشابه القرآن

 ملّاصدراءِ شيرازي: متشابهات القرآن

‏۽ ٻيا ڪيترائي عالم سڳورا‏

آخر ۾ بحث جي اهميت لاءِ امام رضا‏ ‏جي هڪ قول کي نقل ڪريون ٿا.‏

 

روايت نقل ڪندي لکن ٿا:‏

عن الرضا مَن ردّ متشابهه القرآن الى محکمه هُدِي ‏الى صراطِِ مستقيم

جيڪو قرآن جي متشابهه کي ان جي ‏محڪم ڏانهن موٽائي سگهي سو صراط ‏مستقيم تي پهچي ويو.‏

محڪم ۽ متشابهه جو مفهوم

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته: ” هُوَ الَّذِيَ أَنزَلَ ‏عَلَيْكَ الْكِتَابَ مِنْهُ آيَاتٌ مُّحْكَمَاتٌ هُنَّ أُمُّ الْكِتَابِ ‏وَأُخَرُ مُتَشَابِهَاتٌ فَأَمَّا الَّذِينَ في قُلُوبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُونَ ‏مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاء الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاء تَأْوِيلِهِ وَمَا يَعْلَمُ ‏ت َأْوِيلَهُ إِلاَّ اللّهُ وَالرَّاسِخُونَ فِي الْعِلْمِ يَقُولُونَ آمَنَّا ‏بِهِ كُلٌّ مِّنْ عِندِ رَبِّنَا وَمَا يَذَّكَّرُ إِلاَّ أُوْلُواْ الألْبَابِ ‏‏(سورت آل عمران ، آيت7)“‏

اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو ‏جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن ‏‏(يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ‏ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن ‏‏(يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي ‏سگھن ٿيون)، پوءِ جن جي دلين ۾ ‏ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي ‏مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ ‏سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله ‏‏۽ راسخون في العلم (جيڪي علم ۾ ‏پڪا آهن) کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي ‏نه ڄاڻندو آھي، ۽ اهي (جيڪي علم ‏‏۾پڪا آھن) سي چوندا آھن ته اُنھن کي ‏مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار ‏وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ‏ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.‏

محڪم جو مفهوم

لغت جي هاڪاري عالم راغب اصفهاني ‏پنهنجي ڪتاب مفردات ۾ محڪم جي ‏وضاحت هن ريت ڪئي آهي:‏

محڪم، ڌاتو حَڪَم مان ورتل آهي ۽ ‏ڌاتو حَڪَم جي معنى آهي ”منع ڪرڻ ۽ ‏روڪڻ“ انهيءَ ڪري عربي ٻوليءَ ۾ ‏‏”لغام“ کي ”حَڪَمه“ سڏيو وڃي ٿو(ڇو ‏ته لغام، جانور کي مستي ۽ الهڙپڻ کان ‏روڪيندو آهي)‏

مٿي ڄاڻايل بيان مطابق ”حڪم“ واري ‏ڌاتوءَ جي معنى ۾ هڪ قسم جي روڪ ‏‏(مانعيت) ۽ ٻئي کان متاَثر نه ٿيڻ، ‏واري خاصيت پاتي وڃي ٿي، انهيءَ ‏ڪري چيو ويندو آهي ته قاضيءَ (جج) ‏‏”حُڪم“ صادر ڪيو، ڇو ته قاضيءَ جي ‏حڪم کان اڳ اهو معاملو تزلزل ۽ ٻڏتر ‏جو شڪار هيو پر قاضيءَ جي حڪم ‏کان پوءِ ان معاملي تزلزل ۽ ٻڏتر کان ‏نڪري ثبات، پائيداري ۽ مضبوطيءَ ‏واري شڪل اختيار ڪئي.‏

مذڪوره ڳالهين جي وضاحت کان پوءِ ‏اها ڳالهه به پڌري ٿي وئي ته قرآن جي ‏‏”محڪم آيتن“ کي محڪم ڇو چيو ويو ‏آهي؟

ڇو ته محڪم آيتن ۾ ڪو به خارجي ‏عامل اثر انداز نٿو ٿي سگهي راغب ‏چواڻي ته:‏

‏”محڪم يعني اها شيءِ جنهن جي لفظ ‏توڙي معنى ۾ ڪو به شبهو ۽ خلل نه ‏پئجي سگهي“‏

اها خاصيت (محڪم هجڻ) ڪنهن به ‏ڪلام ۾ تڏهن هوندي آهي، جڏهن ‏پنهنجي مفهوم ۽ معنى کي بيان ڪرڻ ‏هر طرح جي ابهام (ظاهر نه هجڻ) ۽ ‏ايهام (طرحين طرحين جا خيال آڻيندڙ ‏واري خاصيت) کان خالي هجي ۽ ‏پنهنجي مقصد کي چٽي نموني بيان ‏ڪري.‏

متشابهه جو مفهوم

راغب لکي ٿو ته:‏

‏”(متشابهه ڌاتو شبهه مان ورتل آهي ۽ ) ‏شبهه يعني ٻن شين جي وچ ۾ موجود ‏هڪجهڙائي جي ڪري انهن کي ‏هڪٻئي کان جدا نه ڪري سگهجي.‏

متشابهه جو قرآن ۾ مقصد اهو آهي ته: ‏هڪ آيت جو ڪنهن ٻي شيءِ سان لفظي ‏يا معنوي هڪجهڙائي جي ڪري، تفسير ‏ڪرڻ مشڪل ٿي پوي.‏

فقه جي عالمن جو چوڻ آهي ته متشابهه ‏يعني اها شيءِ جنهن جو ظاهر،باطن ‏‏(ڳجهه) جو پتو نه ڏئي ۽ پنهنجي مطلب ‏کي چٽو نه ڪري.“‏

ان بنياد تي قرآني متشابهه يعني، اهو ‏لفظ جنهن جي معنى پٽاندڙ چند احتمال ‏هجن ۽ انهن مختلف احتمالن جي ڪري ‏ئي انسان شڪ ۽ ٻڏتر جو شڪار ٿي ‏پوي ۽ جهڙيءَ ريت ان لفظ جي درست ‏تاَويل ممڪن هوندي آهي ائين ئي فاسد ‏‏۽ غلط تاَويل به ممڪن هوندي آهي، ‏انهيءَ ڪري منحرف ۽ گمراهه انسان، ‏پنهنجا مقصد ڪڍڻ لاءِ غلط تاَويل جو ‏سهارو وٺندا آهن(1) ‏

محڪم ۽ متشابهه واري ٻن اصطلاحن ‏جي وضاحت کان پوءِ مذڪوره آيت جي ‏ٿورڙي وضاحت ڪجي ٿي:‏

هن آيت ۾، محڪم آيتن کي ”اُمّ ‏الکتاب“ ڄاڻايو ويو آهي. ”اُمّ“ عربي ‏ٻوليءَ ۾ ڌاتو ”اَمّ يؤُمّ“ مان ورتل آهي، ‏جنهن جو مقصد آهي ”قصد يقصد“ يعني ‏ڪنهن شيءَ جو قصد ۽ ارادو ڪرڻ، ماءُ ‏کي به ”اُمّ“ ان ڪري چيو ويو آهي جو ‏ٻار ماءُ ڏانهن توجه ڪندو آهي ۽ ان جو ‏قصد ڪندو آهي.‏

اُمّ جي معنى آهي مرجع ۽ مقصد، اتان ‏ئي خبر پوي ٿي ته محڪم آيتن کي ‏‏”اُمّ الکتاب“ ڇو چيو ويو آهي؟ ڇاڪاڻ ‏ته اهي آيتون متشابهه آيتن لاءِ مرجع ۽ ‏ماءُ واري حيثيت رکن ٿيون ۽ متشابهه ‏آيتن ۾ موجود ابهام (ظاهر نه هجڻ) کي ‏ختم ڪري چٽو ڪن ٿيون.‏

ٻئي اها ڳالهه به پڌري ٿي وئي ته: قرآن ‏جي ڪن آيتن ۾ تشابهه ضرور آهي، پر ‏جڏهن انهن متشابهه آيتن کي محڪم ‏آيتن ڏانهن موٽائبو ته انهن جو به تشابهه ‏ختم ٿي ويندو ۽ متشابهه آيتن جو ‏مقصد به چٽو ٿي پوندو.‏

قرآني محڪم ۽ متشابهه آيتون

قرآن پاڪ جون ڪهڙيون آيتون محڪم ‏آهن ۽ ڪهڙيون متشابهه؟

تفسير جي عالمن جا مختلف رايا آهن، ‏اسان هت رڳو انهن راين کي ذڪر ‏ڪريون ٿا، باقي سڀني راين جي ڇنڊ ‏ڇاڻ ڪرڻ لاءِ وڏي ڪتاب جي ضرورت ‏آهي.‏

مذڪوره راين مان هيٺ ڏهه راياپيش ‏ڪجن ٿا. (2)‏

‏1)‏ متشابهه: رڳو قرآن جا حروف ‏مقطعات آهن، باقي سڄو قرآن محڪم ‏آهي.‏

‏2)‏ محڪم حروف مقطعات آهن، باقي ‏سڄو قرآن متشابهه آهي.‏

‏3)‏ مبيّن ۽ چٽيون آيتون محڪم ۽ ‏مجمل آيتون متشابهه آهن.‏

‏4)‏ ناسخ آيتون محڪم ۽ منسوخ آيتون ‏متشابهه آهن.‏

‏5)‏ محڪم اهي آيتون آهن، جن جا دليل ‏پڌرا ۽ روشن هجن ۽ متشابهه اهي ‏آيتون آهن، جن بابت ويچار ۽ غور فڪر ‏جي ضرورت هجي.‏

‏6)‏ محڪم هر اها آيت جنهن جي ڄاڻ، ‏خفي يا جلي برهان سان ممڪن هجي، ‏پر متشابهه اهي آيتون جن جي ڄاڻ ‏ممڪن نه هجي. مثال طور: قيامت ‏ڪڏهن ايندي؟

‏7)‏ آيات الاحڪام، محڪم، باقي سڄو ‏قرآن متشابهه آهي.‏

‏8)‏ اهي آيتون جن جي هڪ تاَويل هجي ‏سي محڪم ۽ وري جن جي هڪ کان ‏وڌيڪ تاَويل هجي سي متشابهه آهن.‏

‏9)‏ متشابهه ۽ محڪم آيتن واري ونڊ ‏ورڇ جو تعلق آيات قصص سان آهي، ‏اهي آيتون جن ۾ گذريل امتن ۽ نبي ‏سڳورن جو قصو چٽو ۽ پڌرو آهي سي ‏محڪم ۽ اهي آيتون جن جو مختلف ‏سورتن ۾ تڪرار ٿيڻ سببان، گذريل ‏امتن جو احوال مشتبهه ٿي وڃي سي ‏متشابهه آهن.‏

‏10)‏ اهي آيتون جن جي وضاحت جي ‏ضرورت هجي، سي متشابهه ۽ جن جي ‏وضاحت جي ضرورت نه پوي سي ‏محڪم آهن.‏

ڳالهه جو خلاصو:‏

اسان مٿي محڪم ۽ متشابهه جو ‏مفهوم بيان ڪيو، اتان ئي خبر پئجي ‏ويندي ته هنن راين مان ڪهڙو رايو ‏درست آهي. سو، محڪم ۽ متشابهه جي ‏مفهوم واري بحث کي هڪ دفعو ٻيهر ‏پڙهندا ۽ سوچ ويچار ڪري، ڏسو ته ‏مٿي ڄاڻايل راين مان ڪهڙو رايو درست ‏آهي.‏

قرآن جي متشابهه آيتن جو راز

بيشڪ قرآن مجيد ۾ متشابهه آيتون ‏موجود آهن سو ڪي فتني باز ۽ فسادي ‏ماڻهو، متشابهه آيتن کي بهانو بڻائي، ‏قرآن مجيد تي اعتراض وارين ٿا، ‏جهڙوڪ سندن چوڻي آهي ته:‏

‏” قرآن ان ڳالهه جي دعوا ڪري ٿو ته، ‏قول فصل(نبيرو ڪرڻ وارو ڪلام) ‏آهي يا فرقان (حق، ناحق ۾ سنڌو ڪرڻ ‏وارو ڪلام) آهي يا ان ڪتاب ۾ رَتيءَ ‏برابر باطل ۽ ناحق ڪونهي.‏

جڏهن ته انهيءَ ڪتاب ۾ متشابهه آيتون ‏موجود آهن ۽ متشابهه آيتون انسان کي ‏شبهي ۽ غلطيءَ جي کڏ ۾ ڪيري ڇڏن ‏ٿيون، ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ اهوئي ‏ڪافي آهي، جو جيڪي به ڀانت ڀانت ‏اسلامي فرقا وجود ۾ آيا آهن، سي ‏پنهنجي پنهنجي حقانيت لاءِ انهن ئي ‏متشابهه آيتن کي ثابتيءَ طور پيش ‏ڪندا آهن.‏

ڇا انهن متشابهه آيتن جي باوجود به ‏قرآن، قول فصل(نبيرو ڪرڻ وارو ‏ڪلام) آهي؟ ڇا اڃا به فرقان (حق، ناحق ‏‏۾ سنڌو ڪرڻ وارو ڪلام) آهي؟‏

مٿئين اشڪال ۽ اعتراض کي نه به ‏مڃجي، تڏهن به اهو سوال اسان جي ‏ذهن ۾ ضرور اڀرندو ته ”متشابهه آيتن ‏جو ڪهڙو فائدو؟“ يا جيڪڏهن پورو ‏قرآن محڪم آيتن تي مشتمل هجي ها ‏ته ڪيڏو نه ڀلو ؟

مذڪوره اعتراض ۽ سوال جا جواب ‏تفسير جي عالمن نهايت تفصيل سان ‏بيان ڪيا آهن، اسان هت رڳو انهن ‏جوابن مان ٻن جوابن کي مختصر ‏نموني پيش ڪريون ٿا.‏

پهريون جواب:‏

اصل جواب کي سمجهڻ لاءِ هيٺ ڏنل ‏ڪجهه ڳالهين تي ويچار ڪندا.‏

الف: قرآن مجيد باوجود ان جي ته هڪ ‏معجزو آهي، پوري بشريت ان ڪلام ‏جهڙو ڪلام نٿي پيش ڪري سگهي، ‏بلڪه بشريت ڇا پوري ڪائنات اهڙو ‏ڪلام نٿي آڻي سگهي، پر ان جو مقصد ‏ڪڏهن به اهو ناهي ته قرآن، عام رائج ‏طبيعي طريقي کان ڪو هٽيل ڪلام ‏آهي يا ڪلام جو اهڙو طريقو آهي، ‏جنهن جي بشريت کي خبر ئي نه هجي يا ‏ڪو مشڪل ڳجهراتن جو مجموعو ‏هجي يا اهو ڪلام نوَن لفظن مان جڙيل ‏آهي، جيڪي انسان جي سطح کان ‏مٿاهان آهن، نه نه بلڪل نه.‏

قرآن انهن ئي سادن حرفن مان جڙيل ‏آهي، جيڪي عربن جي روزمره واري ‏زندگيءَ جو حصو آهن، قرآن پاڪ جو ‏طرز ڪلام به نهايت واضح ۽ روشن ‏آهي، ڪو ڳجهارتن وانگر مشڪل ۽ نه ‏سمجهه ۾ اچڻ وارو نه آهي، بلڪه قرآن ‏جي پنهنجي تعبيرات موجب ”نور“ آهي، ‏‏”مبين“ آهي، ”بيان“ آهي، ”تبيان“ آهي ‏‏۽ ٻيون ڪيتريون وصفون جيڪي ‏ٻڌائن ٿيون ته قرآن بلڪل ”چٽو“ روشن، ‏واضح ۽ واضح ڪندڙ ڪلام آهي.‏

ڳالهه جو ڳر:‏

قرآن انهيءَ عام رائج طبيعي ڪلام ‏وانگر آهي، پر تِنهن جي باوجود به ‏معجزو آهي.‏

ب: انسان جو عام رائج طبيعي ڪلام، ‏پنهنجي ڪک ۾ ڪيترائي ادبي ۽ ‏جمالياتي طرز سانڊيو ويٺو آهي.‏

مثال طور: هيٺين ٻه ٽن جملن کي غور ‏سان پڙهندا.‏

‏”مينهن وسي ٿو.“‏

‏”نيسارو وهي ٿو“‏

‏”عمران شينهن آهي“‏

‏”قانون جا هٿ ڊگها آهن“‏

مذڪوره چارئي جملا اسان جي روز مره ‏زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندا رهن ٿا. پر ‏غور سان ڏسندؤ ته چارئي جملا ٻولي ‏جي جدا جدا صنف کي بيان ڪري رهيا ‏آهن، جهڙوڪ پهريون جملو ”مينهن ‏وسي ٿو“ هڪ سادو جملو آهي، جنهن ‏جي ذريعي اها خبر ڏني وڃي ٿي ته ‏‏”مينهن وسي رهيو آهي“.‏

ٻيون جملو به ظاهر ۾ سادو جملو آهي ‏‏”نيسارو وهي ٿو“، پر ويچار ڪرڻ سان ‏خبر پوندي ته، اهو جملو ايڏو به سادو ‏ناهي جيئن اسان ڀانئيون ٿا، ان جملي ‏‏۾ ادب جي بهترين صنف استعمال ٿيل ‏آهي، ڇو ته جملي ۾ ظاهري طور اهو ‏ڄاڻايو ويو آهي ته ”نيسارو وهي رهيو ‏آهي“ جڏهن ته وهڻ ۽ چر پر ڪرڻ واري ‏شيءِ نيسارو ناهي، اهو ته پنهنجي جاءِ ‏تي بيٺل آهي، بلڪه نيساري مان پاڻي ‏وهي رهيو آهي، هاڻي ٻڌايو ”وهي پاڻي ‏ٿو“ ۽ اسان رائج زبان ۾ چوندا آهيون، ‏نيسارو ٿو وهي. ڪڏهن غور ڪيو اٿو ‏ته اهو ڇو؟

اسان جڏهن ٻوليءَ جي ماهرن ۽ اديبن ‏کان پڇا ڪنداسين ته اهي ٻڌائيندا، ادا ‏جملو ”نيسارو وهي ٿو“ بلڪل درست ‏آهي.‏

اتي ادب جي صنف ”مجاز عقلي(3)“ ‏ڪتب آندي وئي آهي، يا اهو جملو ‏‏”علاقهء حالَ ۽ محلّ“ جي ڪري، ”مجاز ‏مرسل“ طور استعمال ٿيو آهي.‏

ٽيون جملو ”عمران شينهن آهي“ به ادب ‏جي خاص صنف کي بيان ڪري رهيو ‏آهي، ڇو ته عمران، ماڻهو آهي نه ڪه ‏جانور جڏهن جانور ڪونهي ته پوءِ ‏شينهن ڪيئن ٿيو؟

اتي چونداسين، عمران ڪو سچو پڇو ‏شينهن ڪونهي، بلڪه شينهن وانگر ‏دلير آهي. تڏهن کيس شينهن پيا ‏ڪوٺيون ادب جي زبان ۾ ان صنف کي ‏‏”استعاره“ چئبو آهي.‏

چوٿون جملو: ”قانون جا هٿ ڊگها آهن“ ‏به ادب جي خاص صنف جو شاهڪار ‏آهي، ڇو ته قانون، ڪا جسماني شيءِ ته ‏ڪونهي پوءِ ان جا هٿ ڪٿان آيا؟ يا ‏وري اهي هٿ ڊگها ڪيئن ٿيا؟

اتي چونداسين ته ان جملي جو مقصد ‏اهو آهي ته قانون نهايت طاقتور(4) ۽ ‏سگهارو آهي ۽ ان جملي ۾ ادب جي ‏صنف ”ڪنايه“ استعمال ٿيل آهي.‏

ڳالهه جو ڳر:‏

مٿي ڄاڻايل بحث مان، اها اسان جي ‏سادي، سودي ٻولي ادب جي ڪيترن ئي ‏صنفن تي مشتمل آهي، جتي ” مجاز، ‏استعاره، ڪنايه، تشبيهه، تمثيل ۽ ضرب ‏المثل“ هڪ ٻوليءَ جي سونهن ۽ سينگار ‏آهن ته اتي ئي ان ڳالهه جو پڻ سبب آهي ‏ته ڪلام ۾ هڪ طرح جو تشابهه وجود ‏‏۾ اچي ٿو.‏

اتان سمجهه ۾ آيو ته، تشابهه ۽ متشابهه ‏هجڻ هر ٻولي جو لازمي عنصر آهن، ‏نٿو ٿي سگهي ته، هڪ ڪلام عام رائج ‏طرز، موجب هجي پر تشابهه کان خالي ‏هجي.‏

اگر ڪو ڪلام لفظن جو روپ ڌاريندو، ‏ٻوليءَ، جي پوشاڪ پهريندو ته يقيناً ‏متشابهه به هوندو.‏

هاڻي مذڪوره اعتراض ۽ سوال جو ‏جواب به روشن ٿي ويو ته قرآن ۾ ‏متشابهه آيتون ڇو آهن؟

متشابهه آيتون ان ڪري آهن جو قرآن، ‏ڪلام جو روپ ڌاريو آهي، ٻوليءَ جي ‏شڪل ۾ رونما ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ‏ڪنهن به ٻولي ۾ تشابهه نه هجي يعني ‏اها ٻولي ادبي صنفن جهڙوڪ: مجاز، ‏استعاره، ڪنايه، تشبيهه ۽ تمثيل وغيره ‏کان خالي هجي ۽ جيڪا به ٻولي ادبي ‏صنفن کان خالي هوندي سا ٻولي ٻولي ‏نه رهندي.‏

ٻيون جواب:‏

قرآن پاڪ ۾ موجود متشابهه آيتن جو ‏راز ۽ فلسفي کي ڀلي ريت سمجهڻ لاءِ، ‏اسان هت عظيم مفسر علامه محمد ‏حسين طباطبائي جو بيان پنهنجن لفظن ‏‏۾ پيش ڪريون ٿا، البته پڙهڻ وارن کي ‏عرض ڪجي ٿو ته ان جواب کي نهايت ‏غور ۽ ويچار سان پڙهندا، ڇوته هي ‏جواب نهايت اتمُ اعلى آهي، ٿي سگهي ‏ٿو عام سطح کان مٿڀرو هجي.‏

علامه طباطبائي‏ جي جواب کي ‏سمجهڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ويچار ‏ڪندا.‏

الف: قرآن جون معنائون ۽ مفهوم، ‏خارجي حقيقتن جي عڪاسي ڪندڙ ‏آهن يعني قرآني مفهوم هستي ۽ ‏ڪائنات جي حقيقتن سان سلهاڙيل آهن.‏

ٻين لفظن ۾ چئجي ته هن هستيءَ ۽ ‏ڪائنات جا ٻه روپ آهن هڪ روپ ‏حقيقي ۽ ٻيو روپ تدويني ۽ لفظي، ‏قرآن هستيءَ ۽ ڪائنات جو تدويني ۽ ‏لفظي روپ آهي.‏

ب: قرآني تعليمات ۽ معارف کي ‏سمجهڻ لاءِ، ”علمي خود شناسي“ ۽ ‏‏”عملي خود سازي“ جي ضرورت آهي.‏

يعني قرآني حقائق ۽ معارف تائين ‏پهچڻ لاءِ هڪ وڏي سير سلوڪ جي ‏ضرورت آهي ۽ ان سير ۽ سلوڪ لاءِ ‏زادِ راهه جي ضرورت پوندي ۽ اهو زاد ‏راهه معرفت ۽ عمل آهي.‏

‏” إِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهُ ‏‏(سورت فاطر، آيت10)“‏

رب پاڪ جي درٻار ۾ ڪلم طيب، ‏پرواز ڪري ٿو، بلند ٿئي ٿو ۽ نيڪ ‏عمل، ان ڪلم طيب مٿي وٺي وڃن ٿا.‏

ج: ڪنهن به دين ۾ اسلام وانگر ۽ ‏ڪنهن به ڪتاب ۾، قرآن وانگر عقل ۽ ‏علم جي اهميت ناهي بيان ٿي، قرآن وَر ‏وَر ڏئي بشريت کي ”تعقل“ ”تدبر“ (عقل ‏‏۽ فڪر کان ڪم وٺڻ) جي طرف سڏيو ‏آهي.‏

يعني قرآن پاڪ پنهنجي اندر هڪ ‏عظيم آڊيولاجي کي سمائي رکيو آهي، ‏توحيد کان وٺي معاد تائين، سڀني ‏معارف کي اعلى ۽ ارفع نموني بيان ‏ڪيو آهي.‏

د: هن دنيا ۾ بشر، مختلف صلاحيتن جا ‏مالڪ آهن، ڪي درجي جي اعتبار سان، ‏نهايت مٿانهان آهن، ته ڪي وري هيٺين ‏درجي تي بيٺا آهن. قرآن انهن مڙني ‏صلاحتين واري انسانن لاءِ هدايت آهي.‏

يعني ڪي تعقل ۽ سوچ ويچار جي ‏اعتبار سان، بلند آهن ته وري ڪي ‏محسوسات ۾ ڦاٿل آهن.‏

هه: قرآني حقائق نهايت ئي بلند آهن پر ‏حقائق ۽ معارف کي عربيءَ ٻولي جي ‏پوشاڪ پهرائي وئي آهي، سو ان ڪري ‏اهي حقائق، هن مادي دنيا جي پوشاڪ ‏‏۾ ڪامل طريقي سان سمائي نٿا سگهن، ‏البته جيڪڏهن انهن مادي لفظن مان ‏نقص ۽ محدوديت کي تجريد ۽ خالي ‏ڪبو ته اهي حقائق ڪنهن قدر بيان ٿي ‏سگهندا، باقي اگر انهن مادي لفظن جي ‏محسوس ۽ محدود مصاديق ۾ ڦاسي ‏پيئبو ته اهي بلند و بالا حقائق ڪڏهن به ‏سمجهي نه سگهبا.‏

اتان ئي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ‏قرآن ۾ متشابهه آيتون ڇو آهن؟ اهو ان ‏ڪري ته قرآن جا معارف و حقائق، مادي ‏الفاظن جي قد، ڪاٺ کان مٿي آهن، ‏جڏهن اهي تنزل ڪري مادي لفظن جو ‏روپ ڌارين ٿا ته تشابهه مادّي الفاظ جو ‏لازمي نتيجو آهي، اهو ئي سبب آهي، ‏اگر ڪو انسان قرآن کي، الفاظ کان ‏مٿانهين درجي تي ڏسي، ته اتي قرآن ‏تشابهه کان خالي آهي، ڇو ته ان درجي ‏تي مادي لفظن جي محدوديت ڪانهي.‏

آخر ۾ اهو عرض ته علامه طباطبائي ‏‏ ‏بحث نهايت تفصيلي طور بيان ڪيو ‏آهي، سندس عظيم شاگرد آية الله ‏جوادي آملي، پنهنجي ڪتاب تفسير ‏تسنيم ج13 ۾ سؤ صفحن کان وڌيڪ ‏بحث ڪيو آهي، اسان هت رڳو ٻن، ٽن ‏صفحن ۾ پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي ‏آهي، سو اگر علامه‏ جو نظريو درست ‏بيان نه ٿي سگهيو هجي ته يقيناً اسان ‏جي بيان جو قصور آهي ۽ ها باقي ايترو ‏ضرور چئي سگهجي ٿو ته ان بحث جي ‏اصل چاٻي مٿئين بيان ۾ ذڪر ڪئي ‏وئي آهي، غور سان مطالعو ڪبو ته ‏ضرور ڪجهه نه ڪجهه پلئه پوندو.‏

قرآني متشابهه آيتن جا نمونا

قرآن پاڪ ۾ متشابهه آيتن جو واضح ‏نمونو اهي آيتون آهن جيڪي الله ‏سائين جي صفتن ۽ فعل کي بيان ‏ڪري رهيون آهن، اسان هت نموني ‏طور ڪن آيتن کي ذڪر ڪريون ٿا.‏

الف: رب پاڪ جي جسمانيت جو گمان ‏ڏيندڙ آيتون ‏

‏1.‏ ثُمَّ اسْتَوَى إِلَى السَّمَاء وَهِيَ دُخَانٌ (سورت ‏فصلت، آية11)‏

وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو ‏‏(اُن وقت) دُونھون ھو‏

‏2.‏ ثُمَّ اسْتَوَى عَلَى الْعَرْشِ(سورت فرقان، ‏آية59؛ سورت سجده، آية4)‏‎ ‎

‏3.‏ الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى (سورت طٰه، ‏آية5)‏

اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.‏

‏4.‏ وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ * إِلَى رَبِّهَا نَاظِرَةٌ(سورت ‏قيامة، آية22،23)‏

‏ ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا. ‏

پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.‏

 

ب: اهي آيتون جن ۾ ربّ پاڪ جي هٿ ‏جو ذڪر آهي.‏

‏”وَقَالَتِ الْيَهُودُ يَدُ اللّهِ مَغْلُولَةٌ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُواْ ‏بِمَا قَالُواْ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ (سورت فاطر، ‏آية64)“‏

‏۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ ‏آھي (يعني ”العياذ بالله“ الله ڪنجوس ‏آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي ‏چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، ‏‏(ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ‏کليل آھن.‏

‏”يَدُ اللَّهِ فَوْقَ أَيْدِيهِمْ (سورت فتح، آية10)“‏

ج: رب پاڪ جي اچڻ متعلق آيتون.‏

‏”وَجَاء رَبُّكَ وَالْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (سورت فجر، ‏آيت23)“‏

‏۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف ‏صِف ٿي (ايندا)‏

مذڪوره آيتن جي ظاهر کي نظر ۾ ‏رکندي، ڪن نا فهم ۽ سطحي ماڻهن ‏ربّ پاڪ لاءِ جسم جو تصور پيش ڪيو ‏آهي، جڏهن ته قرآن جي محڪم آيتن ‏کي انهن متشابهه آيتن سان گڏائي ڏسبو ‏ته سمجهه ۾ ايندو ربّ پاڪ جسم ۽ ‏جسمانيت جي لاچاريءَ کان پاڪ آهي، ‏مثال طور هيٺين ٻن آيتن تي غور ‏ڪريو:‏

‏”لاَّ تُدْرِكُهُ الأَبْصَارُ وَهُوَ يُدْرِكُ الأَبْصَارَ وَهُوَ ‏اللَّطِيفُ الْخَبِيرُ (سورت انعام، آية103)“‏

دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ‏‏۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو ‏باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.‏

‏”لَيْسَ كَمِثْلِهِ شَيْءٌ وَهُوَ السَّمِيعُ البَصِيرُ (سورت ‏شورى، آيت11)“‏

اُن جھڙي ڪا (به) شيءَ نه آھي، ۽ اُھو ‏ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.‏

اهي ٻئي محڪم آيتون چٽي نموني ‏سان بيان ڪري رهيون آهن ته ربّ پاڪ ‏هر طرح جي تشبيهه ۽ هڪ جهڙائيءَ ‏کان مٿانهون آهي، پوءِ اها هڪ جهڙائيءَ ‏مڪان جي اعتبار سان هجي يا هٿن جي ‏اعتبارن سان هجي يا جسم جي اعتبار ‏سان هجي.‏

مٿي ذڪر ٿيل متشابهه آيتن ۾ ”عرش“ ‏‏۽ ڪرسي ”ڪناية“ آهن ۽ ان جو مطلب ‏آهي، ڪائنات جي امورن جي تدبير ‏هلائڻ.‏

يا ”يد“ ۽ هٿ به ڪنايه آهي ۽ ان جو ‏مقصد آهي، قدرت ۽ سگهه.

اهڙي نموني ٻين آيتن جو به مقصد اهل ‏بيت اطهار‏ جي روايتن ۾ ذڪر ٿيو ‏آهي، ڏسو ڪتاب توحيد صدوق

‏1.‏ التمهيد، ج3، ص9 .‏

‏2.‏ ڏسو تفسير مجمع البيان، ج1، ص699 ‏‏۽ ج2، ص700 .‏

‏3.‏ اسان جو مقصد ادب جي صنفن جي ‏وضاحت ڪونهي، سو ”مجاز عقلي“ يا ‏‏”مجاز مرسل“ جي وضاحت، ادب جي وڏن ‏ڪتابن ۾ موجود آهي، انهن ڏانهن رجوع ‏ڪريو.‏

‏4.‏ پر افسوس سان چئي سگهجي ٿو ته، ‏اسان جي سماج ۾ ”قانون سگهارو ناهي، ‏بلڪه سگهه وارن جو قانون آ“‏

 

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :