نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

پيغمبر اڪرم ۽ اھلبيت عليهم السلام جي عصمت قرآن جي نظر ۾

فونٽ جو اندازو:
2020/10/18

پيغمبر اڪرم ۽ اهلبيت‏ جي عصمت قرآن جي نظر ۾‏

سيد ضمن علي شاه نقوي

پيغمبر اڪرم حضرت محمد‏ ۽ ‏اهلبيت‏ جي عصمت جو مسئلو ‏تمام اهم ۽ اسلام جي بنيادي مسئلن ‏منجھان آهي ان جي ڪري علماء ۽ ‏بزرگان ان باري ۾ تمام گھڻي بحث ۽ ‏گفتگو ڪئي آهي. اسان هن مقالي ۾ ‏مختصر اهم بحثون ۽ عقلي ۽ نقلي ‏دليلون بيان ڪريون ٿا:‏

الف: انبياء‏ جي بعثت جو اصلي ‏هدف انسانن جي هدايت ۽ رهنمائي ‏ڪرڻ آهي ۽ انسانن تائين اهي حقائق ‏پهچائڻ جيڪي خداوند عالم جي طرفان ‏بشر لاءِ معيّن ڪيا ويا آهن ۽ حقيقت ۾ ‏انبياء‏ ۽ انهن جا اوصياء، خدا پاڪ ‏جا نمائندا ۽ خليفا ٿي بشر جي هدايت ‏لاءِ آيا آهن، انهن جو ڪم ئي آهي ماڻهن ‏تائين دين پهچائڻ ۽ انهن جي هدايت ‏ڪرڻ. جيڪڏهن اهي پاڻ خدا جي دين ‏تي ۽ ان جي دستورات تي عمل نه ڪن ‏ته ان صورت ۾ علمي ۽ عملي لغزش ۾ ‏گرفتار ٿي ويندا ۽ ماڻهو انهن جي ڳالھ ‏تي يقين ۽ ڀروسو نه ڪندا، نتيجي ۾ ‏بعثت انبياء جو هدف ختم ٿي ويندو.‏

ان جي ڪري ئي خداوند متعال جي ‏حڪمت ۽ لطف جي تقاضا اها آهي ته ‏انبياء ۽ انهن جا اوصياء عقل ۽ عمل ‏‏۾ معصوم هجن، نه فقط گناھ ۽ ‏معصيت

‏۾ معصوم هوندا آهن بلڪه ڀل چڪ ۽ ‏ويساري کان به معصوم هوندا آهن.‏

ب: هڪ ٻي عقلي دليل به عصمت جي ‏لاءِ ذڪر ڪئي ويئي آهي ته انبياء ۽ ‏انهن جي اوصياء جو هدف انسانن کي ‏خدا جا احڪام سيکارڻ کان علاوه ‏انسانن جي تعليم ۽ تربيت جي ‏ذميداري به مٿن سونپيل آهي، جيئن ته ‏خداوند عالم قرآن مجيد ۾ ان هدف ‏ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته:‏

لقد منّ اللهُ على المؤمنين اذ بعث فيهم رسولاً من ‏انفسهم يتلو عليهم آياته و يزکّيهم و يُعلّمهم ‏الکتاب والحکمة‏ (1)‏

خدا هن آيت ۾ هڪ اهم مقصد ۽ هدف ‏کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته: انبياء جو ‏اصل هدف انسان ذات جي تربيت ۽ ‏تزڪيه نفس ڪرڻ آهي. تربيت ۽ تزڪيه ‏نفس تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين ‏تربيت ڪرڻ وارا پاڻ صالح ۽ تربيت ‏يافته نه هجن.” فاقد شیء معطی شیء “(2) ‏ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي پاڻ هر ‏معصيت ۽ گناھ کان پاڪ نه هوندا ته ‏انسان انهن جي دعوت کي قبول نه ‏ڪندا.(3) ان جي ڪري سنّي عالم ‏قاضي عبد الجبّار جي قول مطابق ته ‏ماڻهو ڪنهن جي به ڳالھ تي تيستائين ‏اطمينان حاصل نه ٿا ڪن جيستائين ان ‏جو ڪردار سندس گفتار جي مطابق نه ‏هجي. بس انبياء تي واجب آهي ته هر ان ‏شيءِ کان جيڪا عذاب الهي ۽ خدا جي ‏ولايت کان خارج ٿيڻ جو سبب ٿئي ‏پاڪ هجن، اها ئي سندن عصمت جي ‏دليل آهي. (4)‏

ج: ٽين دليل عصمت هجڻ تي هيءَ آهي ‏ته اطاعت ۽ پيروي انبياء جي واجب ‏آهي، جيڪڏهن انبياء معصيت ۽ گناھ ‏انجام ڏين ته ٻن صورتن مان ڪا هڪ ‏ٿي سگھي ٿي: يا ماڻهو ان جي پيروي ۽ ‏اطاعت نه ڪندا ۽ جيڪو ڪجھ هو ‏انجام ڏيئي رهيا آهن ان جي ڪا ‏حيثيت ئي نه هوندي ته ان صورت ۾ ‏مقصد بعثت انبياء جو فائدو نه آهي. ڇو ‏جو خداوند عالم انبياء کي موڪليو ئي ‏ان ڪري آهي ته ماڻهو انهن جو ڪرادر ‏ڏسي ڪري پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ ‏نمونه عمل قرار ڏين.‏

ٻي صورت هيءَ آهي ته يا انهن جي ‏پيروي ۽ اطاعت ڪن، ان صورت ۾ ‏ضروري آهي ته هر اهو ڪم جيڪي هو ‏انجام ڏين ماڻهن کي به اهو ڪم انجام ‏ڏيڻ کپي ان ڪري انبياء ماڻهن کي ‏گناھ ۽ معصيت جي دعوت نه ڏيندا آهن ‏ڇو جو انبياء انسان جي هدايت ۽ کيس ‏گناھ کان دور رکڻ لاءِ آيا آهن بس ‏معلوم ٿي ويو ته گناھ انبياء جي بعثت ‏سان ناسازگاري رکي ٿو. (5)‏

تنهن ڪري هتي هڪ نُڪتي ڏانهن ‏توجّهه ڏيڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن ‏انبياء‏ معصوم نه هجن ۽ گناھ ‏انجام ڏين ته ان صورت ۾ تمام گھڻيون ‏مشڪلات پيش اينديون جن مان اسان ‏ڪجھ مشڪلات کي هن جاءِ تي بيان ‏ڪريون ٿا:‏

‏1 . گناھ ڪرڻ سبب ٿئي ٿو فاسق هجڻ ‏جو ۽ جيڪو فاسق ٿي وڃي اسلام ۾ ‏ان جي گواهي (شهادت) قابل قبول نه ‏ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن انبياء ‏جي گواهي قبول نه ڪئي وڃي ته اها ‏رسالت جي مقصد جي خلاف آهي بس ‏ضروري آهي ته نبي معصوم هجي.‏

‏2 . جيڪڏهن انبياء گناھ انجام ڏين ته ‏خدا جي عذاب ۽ نفرت جا مستحق ٿي ‏ويندا حالانڪه ڪوئي به انبياء مان ‏عذاب خدا جو حقدار نه ٿو ٿي سگھي.‏

‏3 . جيڪڏهن ڪوئي گناهگار هجي ته ‏اهو مقام نبوت تي نه ٿو پهچي سگھي، ‏ڇو جو خداوند عالم فرمائي ٿو: ‏لاينال ‏عهدي الظّالمين‏ (سورت بقره، آيت 124) ان ‏ڪري ضروري آهي ته انبياء ۽ انهن جا ‏وصي معصوم هجن.‏

اسان هن جڳھ تي قرآن مجيد جون ‏آيتون بيان ڪريون ٿا جن ۾ انبياء جي ‏عصمت کي فرشتن جي عصمت وانگر ‏واضح الفاظن ۾ بيان نه ڪيو ويو آهي، ‏ليڪن انهن آيتن ۾ عصمت انبياء ‏ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ان ڪري ‏اسان هتي انهن آيتن کي تقسيم ڪري ‏بيان ٿا ڪريون:‏

الف: هدايت واريون آيتون

‏1 . قرآن ڪريم ڪجھ انبياء جا نالا ‏ذڪر ڪرڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام‏ ‏کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته: ‏اولائک ‏الّذين هدى الله فبهداهم اقتده‏ (سورت انعام، آيت ‏‏90.) هيءُ اهي آهن جن کي خداوند عالم ‏هدايت ڪئي آهي بس انهن جي هدايت ‏جي اقتداء ۽ پيروي ڪر.‏

‏2 . ٻي آيت ۾ خدا پاڪ فرمائي ٿو ته: ‏من يضلل الله فما له من هداه و من يهدي الله ‏فما له من مُضلّ‏ (سورت زمر، آيت 36.) ترجمو: ‏جنهن کي به خدا گمراھ ڪري ان کي ‏ڪوئي به هدايت نه ٿو ڪري سگھي ۽ ‏جنهن کي خدا هدايت ۽ رهنمائي ڪري ‏ان کي ڪوئي به گمراھ نه ٿو ڪري ‏سگھي.‏

پهرين آيت ۾ واضح طور بيان ڪيو ‏ويو آهي ته انبياء خدا جي طرفان ئي ‏هدايت يافته آهن بس انهن جي ئي ‏پيروي ڪئي وڃي ۽ ٻي آيت منجھان ‏معلوم ٿيو ته هڪڙا افراد اهي آهن ‏جيڪي خدا جي هدايت جي سايي ۾ ‏زندگي ڪري رهيا آهن انهن ۾ اصلاً ‏گمراھ ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي ‏سگھي.‏

هنن آيتن منجھان نتيجو ملي ٿو ته ڇو ‏جو انبياء خدا جي هدايت هيٺيان آهن ‏ڪڏهن به گناھ نه ڪندا آهن ڇو جو هر ‏گناھ ۽ معصيت گمراهي آهي ۽ گمراهي ‏انبياء جي وجود ۽ زندگيءَ ۾ نه ٿي ‏اچي سگھي، جڏهن گمراهي نه ٿي اچي ‏سگھي ته معصيت ۽ گناھ به انهن جي ‏زندگيءَ ۾ داخل نه ٿو ٿي سگھي انهيءَ ‏ڪري انبياء‏ جي زندگي ۽ وجود ۾ ‏عصمت جو هجڻ ضروري آهي.‏

ب: اطاعت واريون آيتون

اهي آيتون جن ۾ انبياء جي اطاعت جو ‏حڪم ڪيو ويو آهي.‏

‏1.‏ قل ان کنتم تحبّون الله فاتّبعوني يُحببکم الله و ‏يَغفرلکم ذنوبکم‏ (سورت آل عمران، آيت 31.) ‏

اي پيغمبر‏! انهن کي چئو ته: ‏جيڪڏهن خدا سان محبت ڪيو ٿا ته ‏منهنجي پيروي ڪريو ته جيئن خدا ‏توهان سان محبت ڪري ۽ توهان جي ‏گناهن جي بخشش ڪري.‏

‏2. ٻي آيت ۾ فرمائي ٿو ته: ‏‏…من يطع ‏الرّسول فقد اطاع الله…‏‏ (سورت نساء، آيت80.) ‏ترجمو: جيڪو به رسول‏ جي پيروي ‏ڪندو ان الله جي اطاعت ۽ پيروي ‏ڪئي آهي.‏

اهي آيتون انبياء جي عصمت تي واضح ‏‏۽ چٽا دليل آهن؛ ڇو؟ ان ڪري جو ‏ماڻهن کي انبياء جي مطلق ۽ بغير ‏ڪنهن قيد ۽ شرط جي دعوت ڏنل آهي ‏‏۽ ان کان علاوه پيغبرن جي اطاعت کي ‏خدا جي اطاعت چيو ويو آهي. ان ‏منجھان معلوم ٿئي ٿو ته انبياء الهي ‏معصوم آهن ان جي ئي ڪري ته ماڻهن ‏کي خداوند متعال حڪم ڏنو آهي ته ‏فقط انهن جي ئي اطاعت ۽ پيروي ‏ڪريو.‏

ج: اخلاص واريون آيتون

ٽيون دستو انهن آيتن جو جن ۾ اخلاص ‏کي بيان ڪيو ويو آهي.‏

هنن آيتن ۾ مخلص بندن جو ذڪر آندو ‏ويو آهي.‏

‏1.‏ ‎ ‎ڪجھ آيتن ۾ آيو آهي ته شيطان ‏ڪجھ‎ ‎انسانن تي قدرت نه اٿس، ڇو جو ‏پاڻ شيطان اعتراف ۽ اقرار ٿو ڪري ته ‏منهنجي ڪا به توهان تي قدرت ناهي، ‏چوي ٿو ته:‏فبعزّتک لاُغوينّهم اجمعين الّا ‏عبادک منهم المخلصين‏ (سورت ص، آيت 82.) ‏

تنهنجي عزت جو قسم آهي ته تنهنجن ‏بندن کي گمراھ ڪندس سواءِ تنهنجي ‏مخلص بندن جي. معلوم ٿي ويو ته ‏شيطان جو وس ئي ڪونهي جو مخلص ‏بندن کي گمراھ ڪري سگهي.‏

‏2. بعض آيتن ۾ مخلص انبياء جو نالو ‏وٺي ذڪر ڪيو ويو آهي: ‏واذکر عبادنا ‏ابراهيم و اسحٰق ويعقوب اولي الايدي و الابصار ‏انّا اخلصناهم بخالصه ذکر الدّار و انّهم عندنا لمن ‏المصطفى الاخيار و اذکر اسماعيل و اليسع و ذا ‏الکفل و کلّ من الاخيار‏(سورت ص، آيات 45 48.)‏

اسان جي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ ‏يعقوب کي ياد ڪر اسان انهن کي ‏خالص ۽ پاڪ بڻايو ۽ اهي پڻ منهنجا ‏چونڊيل ۽ نيڪ بندا آهن ۽ ياد ڪر ‏اسماعيل، يسع ۽ ذوالڪفل کي اهي ‏سڀئي نيڪ بندا هئا.‏

هن آيت شريفه ۾ مخلص انبياء جو ذڪر ‏ٿيل آهن ڇو جو هن آيت ۾ هي جملو ‏انّا اخلصناهم بخالصه‏ دليل آهي ته مخلص ‏بندا انهن کي ئي خدا ڄاڻايو آهي ‏جيڪڏهن هن آيت کي پهرين آيت سان ‏ملايو وڃي ته معلوم ٿي ويندو ته اهي ‏انبياء الله جي مخلص بندن جا روشن ‏مصداق آهن جيڪي شيطان جي ‏وسوسي کان محفوظ ۽ امان ۾ آهن، ‏بس انبياء الهي معصوم آهن ان کان ‏علاوه اها ڳالهه به واضح هجڻ گهرجي ‏ته ڪوئي مذهب ان تفصيل جو قائل نه ‏ٿيو آهي ته ڪجھ انبياء معصوم آهن ۽ ‏ڪجھ انبياء معصوم نه آهن، اها دليل ‏آهي ته سڀئي انبياء معصوم ۽ گناهن ‏کان پاڪ آهن. (6)‏

اسان هينئر تائين سڀني انبياء جي ‏عصمت کي عقلي ۽ نقلي دليلن سان ‏ثابت ڪيوسين ۽ هاڻي فقط محمّد ‏مصطفى‏ جن جي عصمت کي قرآن ۽ ‏روايتن جي نظر ۾ بطور مختصر بيان ‏ڪريون ٿا:‏

پاڻ سڳورن‏ جي عصمت قرآن جي نظر ‏‏۾‏

‏1. ‏‏… و ما ينطق عن الهوى ان هو الّا وحي ‏يُوحى‏ (سورت نجم، آيت 3 – 4.)‏

ترجمو: پيغبر‏ هوى، هوس ۽ ‏نفساني خواهشات جي مطابق نه ٿو ‏ڳالهائي. جيڪي ڪجھ به چوي ٿو وحي ‏خدا سان ڳالهائي ٿو ۽ جيڪا وحي کيس ‏خدا جي طرفان موڪلي وڃي ٿي.‏

‏2. ٻي آيت ۾ فرمائي ٿو ته: ‏ما کذب ‏الفؤاد ما راى‏ (سورت نجم، آيت11)‏

جيڪي ڪجھ پيغمبر‏ ڏٺو آهي ان ‏جي دل به ان جو انڪار نه ڪيو. يعني ‏جيئن ظاهري اکين سان ڏسي ٿو ائين ‏ئي باطني دل سان به ڏسي ٿو.‏

‏3. خدا فرمائي ٿو: ‏ما زاغ البصر و ما طغى‏ ‏‏(سورت نجم، آيت17)‏

ترجمو: هن آيت ۾ خداوند عالم فرمائي ‏ٿو ته: پيغمبر‏ جون اکيون جيڪي ‏ڪجھ عالَم ۽ دنيا کي ڏسن ٿيون نه ‏گھٽ ۽ نه وڌيڪ مشاهدو ڪن ٿيون.‏

‏4 . خدا پاڪ فرمائي ٿو: ‏إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ ‏لِيُذْهِبَ عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ ‏تَطْهِيرًا‏ (سورت احزاب، آيت 33.)‏

ترجمو: خداوند عالم جو اهو ئي ارادو ‏آهي ته توهان اهلبيت کان آلودگي ۽ ‏نجاستن کي دور ۽ توهان کي پاڪ رکڻ ‏وانگر پاڪ رکي.‏

اهي آيتون فقط حضرت محمّد ‏مصطفى‏ ۽ سندن اهلبيت‏‏ جي ‏باري ۾ بيان ڪيون ويون آهن ۽ جيڪا ‏دليل سڀني انبياء جي لاءِ بيان ڪئي ‏ويئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪوئي به ان ‏تفصيل جو قائل نه ٿيو آهي ته ڪجهه ‏نبي معصوم ۽ ڪجهه غير معصوم ‏آهن ان مان معلوم ٿئي ٿو ته عصمت ‏انبياء‏ جي صفتن منجھان ۽ نبوّت ‏جي ئي صفت آهي. (7)‏

بحث جو نتيجو ۽ خلاصو هيءُ نڪتو ته ‏انبياء‏ جي عصمت جي لاءِ دليلون ‏قرآن مجيد ۾ موجود آهن ٻيو ته قرآن ‏پاڪ ۾ تمام گھڻيون ۾ آيتون موجود ‏آهن ته انبياء جي عقل ۽ عمل ۾ ڪڏهن ‏به شيطاني وسوسي ۽ نفساني خواهش ‏جي راھ ئي ڪونهي.‏

‏۽ ٽيون نتيجو اهو آهي ته انبياء جي ‏عصمت دين جي ضروريات ۽ مهم ‏مسئلن منجھان آهي.‏

نبي اڪرم‏ جي عصمت روايات جي ‏نظر ۾ ‏

‏1 . هڪ ڏينهن مامون رشيد حضرت ‏امام رضا‏ کان سوال ڪيائين ته: ڇا ‏توهان نه ٿا چئو ته انبياء معصوم آهن؟ ‏امام‏ فرمايو: ها، انبياء معصوم ‏آهن. (8)‏

‏2 . ٻي روايت ۾ ابن عباس کان آهي ته ‏حضرت محمّد‏ کان ٻڌو ويو ته رسول ‏الله‏ فرمايو ته: آئون ۽ علي‏ حسن ۽ ‏حسين‏ ۽ ان جا 9 فرزند مطهّر ۽ ‏معصوم آهن.‏

‏3 . امام باقر‏‏ فرمايو: ‏

انّ الانبياء لا يذنبون لاَنّهم معصومون مطهّرون لا ‏يذنبون و لا… ولا يرتکبون ذنباً صغيراً ولا کبيراً‏ ‏‏(9)‏

انبياء گناھ نه ڪندا آهن ڇو جو سڀ ‏معصوم ۽ پاڪ آهن ۽ انهن ڪڏهن به ‏چاهي ننڍو گناھ هجي يا وڏو انجام نه ‏ڏنو اٿن.‏

اهلبيت‏ جي عصمت تي عقلي دليلون

پهرين دليل: شيعن جي عقيدي مطابق ‏اهل بيت‏ پيغمبر اڪرم‏ جن کان ‏پوءِ نبي اڪرم‏ جي تمام امور ۽ ‏نبوت جي ڪمن جا ذميدار آهن، ته جيئن ‏جيڪي ڪم نبوت جي مقام جي لائق ‏آهن انجام ڏين. انهيءَ جي ڪري عقل ‏حڪم ٿو ڪري ته ائمه معصومين‏ به ‏پيغمبرن وانگر مقام عصمت تي فائز ‏هجن ڇو جو جيڪي ڪم امام جي ‏مٿان آهن اهي بغير عصمت جي ممڪن ‏نه آهن، ان کان علاوه جيڪڏهن امام، ‏معصوم نه هجي ته قرآن جي آيتن کي ‏سمجھڻ ۾ اشتباھ ڪندو جيڪو قرآني ‏آيتن جي فهم ۽ سمجھڻ ۾ غلطي ۽ ‏اشتباھ ڪري ته اهو شريعت محمّد‏ ‏جو محافظ نه ٿو ٿي سگھي ۽ ماڻهن ‏کي هدايت به نه ٿو ڪري سگھي. ۽ ‏جيڪڏهن هدايت ڪرڻ وارو معصوم نه ‏هجي ته ماڻهن جو اعتماد به نه رهندو.‏

ٻي دليل: امام جو وجود ان ڪري به ‏ضروري آهي جو پاڻ ماڻهو معصوم نه ‏آهن ۽ جيڪو به هر خطا ۽ علمي ۽ ‏عملي لغزش کان پاڪ هجي ۽ ماڻهو ‏جڏهن به ان ڏانهن رجوع ڪن ته ڪامل ‏اطمينان سان پنهنجي تڪليفن ۽ ‏وظيفن کي دين جو دستور سمجھي ‏انجام ڏيندا؛ جيڪڏهن امام به عام ‏ماڻهن وانگر گناهگار ۽ خطائن کان ‏محفوظ نه هجي ته وري خود ان امام ‏کي ٻئي جي ضرورت پوندي جيڪو هر ‏خطا کان پاڪ هجي ۽ ائين اهو سلسلو ‏جاري رهندو ايستائين جو ڪنهن تائين ‏اهو سلسلوپهچي نه سگهندو، اهو علمي ‏اصطلاح ۾ تسلسل آهي جيڪو باطل ‏آهي بس ضروري آهي ته امام، معصوم ‏هجي.‏

ٽين دليل عقلي کي ڪلامي ۽ اعتقادي ‏ڪتابن جهڙوڪ خواجه نصير الدّين ‏طوسي‏ امامت جي بحث ۾ آندو آهي ‏‏۽ خواجه نصير الدين ڪجھ عقلي ‏دليلون امام جي عصمت تي بيان ڪيون ‏اٿس.‏

‏1 . ڇو جو امام دين ۽ شريعت جو حافظ ‏‏۽ نگهبان آهي ان ڪري امام کي ‏معصوم هئڻ گھرجي.‏

‏2 . جيڪڏهن دين جو پيشوا ۽ رهبر ‏گناھ ۽ اشتباھ ڪري ته ان جي اطاعت ‏ڪرڻ جي بجاءِ ان کي نهي عن المنڪر ‏ڪئي ويندي حالانڪه خداوند عالم قرآن ‏مجيد ۾ انهن جي اطاعت جو حڪم ‏ڏنو آهي. ‏

اطيعوا الله و اطيعوا الرّسول و اولي الامر منکم‏ ‏‏(سورت نساء، آيت 59.)‏

‏3. جيڪڏهن امام گناھ ڪري ته خدا جي ‏هدف جي مخالف آهي ۽ خدا ماڻهن کي ‏ان جي پيروي ۽ اطاعت جو حڪم نه ‏ڏئي ها.‏

‏4. ضروري آهي ته امام ۽ دين جو رهبر ‏عقل ۽ دين جي معرفت ٻين کان وڌيڪ ‏رکندو هجي جيڪڏهن ٻين ماڻهن کان ‏گھڻي نه هجيس ته اهو امام به نه ٿو ٿي ‏سگھي ڇو جو جيڪڏهن گناھ ۽ ‏معصيت ڪري ته ان جو مرتبو ۽ درجو ‏ٻين ماڻهن کان گھٽجي ويندس بس ‏ضروري آهي ته امام جو رتبو ۽ درجو ‏ٻين کان وڌيڪ هجڻ کپي. (10)‏

قرآن مجيد ۾ تمام گھڻيون آيتون آهن ‏جيڪي عصمت اهل بيت‏ کي بيان ‏ڪن ٿيون جن مان هڪ آيت تطهير آهي ‏جيڪا اهل بيت‏ جي عصمت کي ‏ثابت ڪري ٿي ۽ ايتري ته آيت تطهير ‏مشهور آهي جو ان جي تلاوت ٻڌڻ سان ‏ئي سڀني جي ذهنن ۾ عصمت اهل ‏بيت‏ اچي وڃي ٿي. آيت هي آهي: ‏إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ ‏وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا‏ (11)‏

سني ۽ شيعا مفسر لکن ٿا ته آيت تطهير ‏رسول خدا‏ ۽ اهلبيت‏‏( علي، ‏فاطمه، حسن ۽ حسين ‏‏.) جي شان ۾ ‏نازل ٿي آهي. (12)‏

هن آيت جي ڪجھ لفظن ڏانهن توجهه ‏ڏيارڻ ضروري سمجھان ٿو ته هن آيت ۾ ‏ارادي کان مراد خدا جو اراده تڪويني ‏آهي نه اراده تشريعي. اراده تڪويني ۽ ‏تشريعي ۾ فرق هي آهي ته خدا جي ‏اراده تڪويني ۾ ڪڏهن به خلاف ورزي ‏نه پاتي ويندي آهي ليڪن اراده تشريعي ‏‏۾ خلاف ورزي اچي سگھي ٿي، ممڪن ‏آهي ته مڪلّف ان تي عمل ڪري ۽ ‏ممڪن آهي ته عمل نه ڪري، ڇو مراد ‏اراده تڪويني آهي ان ڪري جو اراده ‏تشريعي خاص ماڻهن جي لاءِ ڪونهي ‏بلڪه سڀني مڪلفين کي شامل آهي ‏حالانڪه آيت تطهير ۾ خدا جو ارادو ‏خاص جماعت سان آهي اها جماعت ‏خاص، پيغمبر اڪرم‏ ۽ سندن ‏اهلبيت‏ آهن، ڇو جو فرمائي ٿو: ‏عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ‏ بس مراد اراده ‏تڪويني آهي. (13)‏

‏۽ ٻي طرف هن آيت ۾ خدا جي خاص ‏عنايت ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيڪا بهترين ‏دليل آهي ته مراد اراده تڪويني آهي نه ‏تشريعي. ڇو جو تشريعي ۾ خاص ‏عنايت نظر نه ٿي اچي، بس ان ڪري ‏خدا جي ارادي جو تعلق به اهلبيت رسول ‏سان ئي آهي ته توهان اهلبيت کي ‏ظاهري ۽ معنوي ناپاڪائيءَ کان دور ۽ ‏پري رکي اهائي رسول خدا‏ ۽ ‏اهلبيت‏ جي عصمت لاءِ بهترين دليل ‏آهي. (سورت بقره، آيت 124.)‏

ٻي آيت امامت آهي جيڪا امام ‏‏ ‏جي عصمت ۽ معصوم هجڻ تي دليل ‏آهي: ‏و اذ ابتلى ابراهيم ربّه بکلمات فاتمّهنّ ‏قال انّي جاعلک للنّاس اماماً قال و من ذريتي قال ‏لا ينال عهدي الظالمين‏(سورت بقره، آيت 124.)‏

ترجمو: ان زماني کي ياد ڪر جڏهن ‏ابراهيم کي خدا ڪجھ شين ۾ امتحان ‏ورتو ۽ ابراهيم ان امتحان ۾ ڪامياب ‏ٿيو، خدا کيس فرمايو مان توکي انسانن ‏جو امام بڻايو ۽ ابراهيم عرض ڪيو ته: ‏منهنجي نسل مان به امام بڻائيندين؟، ‏خدا فرمايو: (هي امامت) منهنجو عهدو ‏آهي جيڪو ظالمن کي نه ڏيندس ۽ نه ‏پهچندو.‏

ان آيت مان شيعن جي عقيدي مطابق ‏معلوم ٿئي ٿو ته امامت به رسالت ۽ ‏نبوت جي عهدي وانگر آهي اهو منصب ‏الهي آهي، خدا ٿو ڄاڻي ته اهو منصب ‏ڪنهن کي ڏئي ۽ ان عهدي ۽ مقام جي ‏ڪير لائق آهي. باقي اها ڳالهه ته اها آيت ‏عصمت جي لاءِ دليل ڪهڙي ريت آهي؟ ‏ان جو جواب هي آهي ته: ڇو جو ماڻهن ‏جا چار قسم آهن: هڪ يا ته ماڻهو پوري ‏زندگي ظالم يا پوري زندگي ظلم کان ‏پاڪ هوندا آهي، ٽيون يا زندگي جي ‏پهرئين حصي ۾ ظلم ڪندو آهي عمر ‏جي آخر ۾ توبه ڪندو آهي چوٿين قسم ‏هيءَ آهي يا عمر جي پهرئين حصي ۾ ۾ ‏صالح يعني جواني ۾ صالح ۽ آخري ‏عمر ۾ ظالم هوندو آهي. ۽ حضرت ‏ابراهيم‏ جو شان ان کان مٿي آهي ‏جو مقام امامت جي سلسلي ۾ پهرئين ‏‏۽ چوٿين قسم واري ماڻهن لاءِ گھري، ‏تنهن ڪري ممڪن ئي ناهي جو حضرت ‏ابراهيم‏ جي دعا ان ٻن قسمن جي ‏ماڻهن کي شامل ٿئي.‏

ڳالهه جو نتيجو اهو ته: جنهن پنهنجي ‏پوري عمر ۾ ظلم نه ڪيو هجيس ان ‏کي ئي آيت به شامل آهي ڇو جو خدا هن ‏آيت ۾ نفي ٻئي قسم جي ڪئي آهي، ‏‏ لا ينال عهدي الظالمين‏ فرمايائين: جيڪو ‏ظالم هجي منهنجو منصب امامت ان ‏کي نه ملندو. ڇو جو عمر جي پهرئين ‏حصي ۾ ظلم ڪيائين ۽ عمر جي آخري ‏حصي ۾ توبه ڪئي اٿس پوءِ به اهو به ‏ظالم حساب ڪيو ويندو. فقط اهو قسم ‏باقي رهندو جيڪو ڪڏهن به ظالم نه ‏رهيو هجي اهو ئي معصوم هوندو آهي ‏منصب امامت ان کي ئي ملندو آهي. ‏‏(14)‏

پوري بحث مان نتيجو اهو نڪتو ته ‏عصمت اهل بيت‏ تي پهرين دليل ‏قرآن پاڪ آهي ۽ ٻيو تمام گهڻين دليلن ‏سان ثابت آهي ته قرآن جي اصطلاح ۾ ‏اهلبيت ‏‏ رڳو پنجتن پاڪ ئي آهن، ‏پيغمبر اڪرم، حضرت علي مرتضى، ‏حضرت فاطمه، حضرت حسن ۽ امام ‏حسين‏ آهن ۽ نبي اڪرم‏ جون ‏گھرواريون اهلبيت ۾ شامل ناهن. (15) ‏آيت تطهير جي باري ۾ تمام اهلسنت ۽ ‏شيعا روايات گواهه آهن ته اهلبيت‏ ‏جي شان ۾ ئي نازل ٿي آهي.‏

‏[1]. بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي ‏جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر ‏موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو ‏آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي ‏سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ ڀل ۾ ‏‏(ڀليل) ھؤا (سورت آل عمران / آيت 164)‏

‏[2]. جيڪڏهن پاڻ وٽ ڪجهه به نه هوندو ته ٻين کي ‏ڇا ڏيندو.‏

‏[3]. محمدتقي مصباح، آموزش عقايد، ج 2، ص 67; ‏جعفر سبحاني، منشور جاويد، ج 5، ص 32.‏

‏[4]. الالهيات علي الهدى الڪتاب و السنه و العقل، ‏ج 2، ص 157.‏

‏[5]. جوادي آملي، وحي و نبوت (تفسير موضوعي ‏‏3)، ص 231.‏

‏[6]. جعفر سبحاني، منشور جاويد، ج 5، ص 41 ـ ‏‏48. ‏

‏ [7]. جوادي آملي ، وحي و نبوت (تفسير موضوعي ‏‏3)، ص 213 ـ 225. ‏

‏[8]. الميزان، ج 11، ص 166.‏

‏[9]. جوادي آملي ، وحي و نبوت، ص 227 و 228.‏

‏[10]. جوادي آملي ، وحي و نبوت، ص 239.‏

‏[11]. جوادي آملي ، وحي و نبوت، ص 234.‏

‏[12]. محمدتقي مصباح، آموزش عقايد، ج 2، ص ‏‏191‏

‏[13]. جعفر سبحاني، ج 4، ص 126; الميزان، ج ‏‏16، ص 325.‏

‏[14]. الميزان، ج 1، ص 274 ‏

‏[15].الميزان، ج 16، ص 212; جعفر سبحاني، ‏منشور جاويد، ج5، ص 219.‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :