امام رضا عليه السلام جون قرآني خدمتون
2020/10/18حضرت امام علي رضا جون قرآني خدمتون
سيد شاه حسين موسوي
قرآن ۽ اهلبيت هميشه کان هڪ ٻئي سان گڏ رهيا آهن ۽ هميشه لاءِ هڪ ٻئي سان گڏ رهندا چو ته پيغبر اڪرم (ص) جن جي فرمان مطابق اهي ٻئي ”ثقلين“ آهن ۽ هميشه گڏ رهندا ايستائين جو حوض ڪوثر تي پهچندا.
ان جو مطلب اهو آهي ته دنيا ۾ انهن ٻنهي جي جدائيءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي انهن منجھان خاموش ڪتاب (ڪتاب صامت) ۽ ٻيو ڳالهائيندڙ ڪتاب (ڪتاب ناطق) آهي. تنهن ڪري جڏهن به اهلبيت جي صداقت ۽ حقانيت جي دليل گھرجي ته قرآن جون خاموش آيتون ان جو جواب ڏيندي نظر اچن ٿيون. ڪٿي انهن جي طهارت ۽ عصمت کي بيان ڪن ٿيون ته ڪٿي خلوص سان راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو ذڪر ڪن ٿيون. ٻئي طرف ڇو ته قرآن خاموش آهي ۽ قرآن به تمام مسئلن جي جزئيات کي بيان ناهي ڪيو ويو ان ڪري احڪام کي بيان ڪرڻ ۽ قرآن جي صحيح تفسير ڪرڻ لاءِ عصمت جي زبان جو هجڻ ضروري آهي، تنهن ڪري اهلبيت ئي اهي هستيون آهن جن کان قرآن جي صحيح تفسير ملي سگھي ٿي.
هن مختصر مقالي ۾ اسان اهلبيت جي هڪ شخصيت جنهن کي عالم آل محمّد چيو وڃي ٿو، جن جي بيان ڪيل
ڪجھ روايتن کي مختلف قرآني موضوعن ۾ بيان ڪريون ٿا.
امام رضا جن جو دور اهو دور هيو جنهن ۾ مختلف افڪار جا ماڻهو، جيئن يونان جا فلسفي فڪر رکندڙ ۽ هند جا حڪماء، مسلمانن ۾ اچي داخل ٿيا جن جو جواب ڏيڻ لاءِ مسلمان عاجز هئا ان صورت ۾ حضرت امام رضا انهن سڀني اعتراضن جا جواب ڏنا ۽ ڪٿي مناظرا به ان دور جي خليفه عباسي (مامون رشيد) طرفان منعقد ٿيا جن ۾ مختلف مذهبن جا علماء پنهنجي دين جي حقانيت بيان ڪندا هئا پر امام رضا انهن جي پنهنجي ئي ڪتابن منجھان دين اسلام جي حقانيت کي ثابت ڪري انهن کي چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا.
عباسي خليفن طرفان ان دور ۾ قرآن جي سلسلي ۾ اهو مسئلو اٿاريو ويو ته قرآن مخلوق آهي يا خالق؟ امام رضا جن انهيءَ سياست کي سمجھي ويا ۽ پنهنجي شيعن کي روڪيندا رهندا هئا ته قرآن جي باري ۾ مجادلو ۽ بحث نه ڪريو ۽ جڏهن امام کان سوال ڪيو ويندو هيو ته جواب ۾ فرمائيندا هئا ته: قرآن نه خالق آهي نه مخلوق بلڪه الله جو ڪتاب آهي.(1)
قرآن جي تفسير، تاويل ۽ علوم قرآني جي باري بيان ڪيل امام رضا جن جي روايتن منجھان نموني طور هڪ يا ڪجھ روايتون ذڪر ڪندا سين.
قرآن جي تفسير پيغمبر اڪرم جي احاديث ذريعي:
قرآن ڪريم جي گواهيءَ مطابق قرآن جو حقيقي مفسّر پيغمبر اڪرم جي ذات آهي ۽ سندن اقوال ۽ سنت اسان لاءِ حجّت آهي ۽ اهڙي نموني پيغمبر اڪرم جي اهلبيت جي سنت ۽ انهن جا اقوال به حجّت آهن. ڪيترين ئي جاين تي اهلبيت روايت جي سند کي بيان ڪندي ان روايت کي پيغمبر اڪرم جن کان نقل ڪيو آهي. جيئن:
1 . امام رضا فرمايو ته: پيغمبر اڪرم (ص) کان روايت آهي ته آيت ”يوم ندعو کلّ اناس بامامهم“(2)ته هر قوم کان ان جي زماني جي امام، ڪتاب خدا ۽ سنّت پيغمبر جي باري ۾ پڇيو ويندو(3).
2 . امام رضا پيغمبر اڪرم جن کان روايت ڪن ٿا ته: هن آيت: ” و قفوهم انّهم مسئولون“(4) ۾ حضرت علي جي ولايت جي باري ۾ سوال ٿيندو.
تفسير روائي جو هڪڙو قسم، الفاظ جي معنائن جي وضاحت بيان ڪرڻ آهي.
جيئن حسين بن خالد روايت ڪري ٿو ته امام رضا هن آيت شريفه: ”اصبروا وصابروا ورابطوا“(5) جي باري ۾ فرمايو ته: جڏهن قيامت ٿيندي ته منادي ندا ڪندو ته صبر ڪرڻ وارا ڪٿي آهن؟ ته هڪڙو گروھ پنهنجي جاءِ تان اٿندو. راوي چوي ٿو مون عرض ڪيو ته: صابر ڪير آهن؟ امام فرمايو ته: اهي ماڻهو جيڪي واجبات کي ادا ڪرڻ ۽ حرام کي ترڪ ڪرڻ تي صبر ڪن ٿا. (6)
احمد بن محمد بن ابي نصر روايت ڪري ٿو ته: آيت: ”جئنا ببضاعة مزجاة(7) “ جو مطلب ڇا آهي؟ امام فرمايو: تنگدستي. ڇو ته ڪنعان ۾ ان وقت قحط (ڏڪار) هو ۽ حضرت يعقوب جي اولاد تنگدستي واري زندگي گذاري رهيا هئا.(8)
تفسير روائي جو هڪ نمونو قرآني آيتن کي تاريخي واقعات جي وضاحت ۽ انهيءَ جي لاءِ مثال جي طور تي بيان ڪرڻ آهي.
ابراهيم بن محمد همداني چوي ٿو ته: امام رضا جي خدمت ۾ عرض ڪيم ته الله سائين فرعون کي ڇو غرق ڪيو؟ جڏهن ته هو خدا جي توحيد (وحدانيت) تي ايمان رکي چڪو هو. امام فرمايو ته: عذاب الهي جي پهچڻ کان پوءِ ايمان آڻڻ قبول ناهي هوندو، خداوند عالم ان باري ۾ فرمائي ٿو ته: ” … فلا راَوا باۡسنا قالوا آمنّا بالله وحده وکفرنا بما کنّا به مشرکين فلم يک ينفعهم ايمانهم لما راوا باۡسنا “ ۽ فرمايائين ته ”يوم ياۡتي بعض آيات ربّک لا ينفع نفسا ايمانها لم تکن آمنت من قبل او کسبت في ايمانها خيرا “ غرق ٿيڻ مهل چيائين ته جيئن بني اسرائيل ايمان آندو آهي مون به ايمان آندو. ان وقت خدا پاڪ ان کي جواب ڏنو ته ان کان پهريان زمين تي فساد ڪندو هئين هاڻي تنهنجو ايمان فائدي مند ناهي. اسان تنهنجي بدن کي سالم رکندا سين ته جيئن بعد ۾ اچڻ وارن جي لاءِ عبرت هجي.
فرعون کي لوھ جو لباس پاتل هو ان جي باوجود خدا ان کي پاڻي ۾ غرق ڪري ڇڏيو.
ٻيو سبب اهو ته فرعون حضرت موسى جو سهارو ورتو هو خدا پاڪ فرمايو: اي موسى! اگر فرعون مون کان نجات گھري ها ته ان کي نجات ڏيان ها.(9)
بطن ۽ تاويل
علوم قرآني جي مسئلن منجھان هڪ مسئلو قرآني آيتن جي بطن (ڳُجهي معنى) ۽ تاويل آهي. حضرت امام جعفر صادق رسول خدا کان روايت ڪئي آهي ته:
” له ظهر وبطن ،فظاهره حکم و باطنه علم، ظاهره انيق وباطنه عميق(10)“ يعني قرآن جو هڪ ظاهر آهي ۽ هڪ باطن. ان جي ظاهر ۾ حڪمت ۽ باطن ۾ علم آهي. هيءُ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي باري ۾ شيعه سنّي متفق آهن.
تنهن ڪري جيڪي روايتون تاريخي واقعات (جيڪي قرآن ۾ ذڪر ٿيا آهن) جو مصداق بيان ڪن ٿيون اها انهن آيتن جي تفسير ناهي بلڪه آيت کي هڪ فرد سان ڀيٽڻ آهي ۽ ڪنهن به روايت کي آيت سان ڀيٽ ڏيڻ ان آيت جي عمومي معنى کي محدود نه ٿو ڪري؛ ۽ هڪ مصداق کي بيان ڪرڻ جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته باقي مصداقن ( نمونن) جو انڪار ڪيو وڃي.
البته هر ڪنهن ۾ اها طاقت نه آهي ته روايتن جي ذريعي قرآني آيتن جي تاويل ڪري ۽ بغير نص (روايت) جي قرآن جي تاويل به نه ٿي ڪري سگھجي. فقط اهي هستيون قرآن جي تاويل ڪري سگھن ٿيون جن جو علم خدا طرفان هجي.
ان کان علاوه قرآن جي آيتن جي تاويل ڪرڻ جا شرط آهن. جيئن:
1 . ظاهري ۽ باطني معنى ۾ رابطي جو هجڻ.
2 . باطني معنائون، قرآن جي مضمونن، سنت ۽ شرعي قاعدن جي مخالف نه هجن.
3 . مذهبي عقيدن کي قرآن تي نه مڙهيو وڃي.
ابان چوي ٿو ته امام رضا جي خدمت ۾ پهتس ۽ عرض ڪيم ته: هن آيت:
”يا ايّها الّذين آمنوا اطيعوالله واطيعوالرسول واولي الامر منکم(11)“
جو مطلب ڇا آهي؟ امام فرمايو: علي بن ابي طالب. پوءِ خاموش ٿي ويا ۽ گھڻي دير خاموش رهيا، پوءِ مون عرض ڪيو ته: حضرت علي کان پوءِ ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون: حسن اهڙي نموني خاموش ٿيندا رهيا ايستائين جو سڀني امامن جا نالا کنيائون.(12)
وشاء روايت ڪري ٿو ته: امام رضا کان پڇيم ته: مولا آئون توهان تان قربان ٿيان، ”فاسئلوا اهل الذکر ان کنتم مومنين(13) “ جي معنى بيان ڪيو. امام فرمايو ته: اهل ذڪر اسان آهيون، ماڻهن کي گھرجي ته اسان کان پڇن. ان تي مون عرض ڪيو ته بس پوءِ اسان سوال ڪرڻ وارا آهيون ۽ توهان اهي آهيو جن کان سوال ڪيو وڃي ٿو. امام فرمايو: ها. پوءِ مون عرض ڪيو ته: پوءِ ضروري آهي ته اسان توهان کان سوال ڪريون؟ امام فرمايو: ها. مون عرض ڪيو ته: پوءِ ضروري آهي ته توهان اسان جي سوالن جا جواب ڏيو. امام فرمايو ته: اهو اسان جو مسئلو آهي جيڪڏهن چاهيو سين ته جواب ڏيندا سين اگر نه چاهيو سين ته جواب نه ڏيندا سين. ڇو ته خداوند عالم جو ارشاد آهي ته: ”هذا عطائنا فامنن او امسک بغير حساب “.
1. توحيد صدوق، ص 223
2. سورت اسراءَ71
3. عيون اخبار رضا ج2 ص33
4. صافات 24
5. سورت آل عمران 200
6. تفسير قمي، ج 1 ص 126
7. سورت يوسف 88
8. _ تفسير قمي ج2ص192
9. عيون اخبار رضا ع، ج 2 ص311
10. _ مسند امام رضا عج1 ص383،382
11. _سورت نساءَ 59
12. _ تفسير عياشي ج1ص251
13. _ سورت نحل 43، سورت انبياءَ 7