نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

امام زمانه جي ظهور متعلق قرآن ۽ حديثن جون بشارتون

فونٽ جو اندازو:
2020/10/18

امام زمانه جي ظهور متعلق قرآن ۽ حديثن جون بشارتون

سنڌيڪار: مجاهد حسين مخلصي

امام زمانه جو ظهور ۽ پوري دنيا ‏تي عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ‏ڪرڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي ‏شيعه توڙي سني علماء تسليم ڪيو ‏آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام اهم بحثن ‏کي ذڪر ڪيو اٿن، هتي قرآن ۽ حديثن ‏جي نظر ۾ سندن ظهور تي ڪجھ ‏روشني وجهنداسين. ‏ 

غيب تي ايمان

‏(الذين يومنون بالغيب) ”سورت بقره3“‏

جيڪي غيب تي ايمان رکندا آهن

مڙني نبوتن ۽ حق جي مذهبن جو ‏مرڪزي نڪتو ۽ نبين جي دين کي ٻين ‏مذهبن کان جدا ڪرڻ واري عقيدي جو ‏نالو ”غيب تي ايمان آهي“.‏

انبياءِ ڪرام عالم احساس ۽ عالم ‏ظاهر کان عالم معقول جي درميان ‏موجود رابطي کي بيان ڪندا آهن ۽ ‏ انهي طريقي ڪار جي ذريعي بشريت ‏کي عالمِ غيب جي تعليم ڏيندا آهن، ‏

غيب تي ايمان يعني انهن شين تي ايمان ‏آڻڻ آهي جيڪي ظاهري حواس (پنجن ‏حسي قوتن) کان ڍڪيل آهن چاهي ‏باطني حواس ۽ عقل جي ذريعي ان جو ‏حاصل ڪرڻ ممڪن هجي، جيئن (وجودِ ‏خدا، صفات ثبوتيه ۽ سلبيه، ‏

قيامت، دوزخ ۽ فرشتا وغيره) يا وري ‏ممڪن نه هجي جيئن خدا ۽ سندس ‏صفات جي اصل حقيقت، ملائڪه ۽ ‏روح جي حقيقت يا اهو ايمان ماضي ۽ ‏مستقبل جي حادثن جي باري ۾ ئي ڇو ‏نه هجي خدا تي ايمان، ملائڪن تي ‏ايمان، برزخ تي ايمان، جنت ۽ جهنم تي ‏ايمان يا وحي تي ايمان ۽ انهن تمام ‏شين تي ايمان رکڻ جيڪي اسان کي ‏نبين، ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾ ‏ٻڌايون آهن اهي سڀ ”غيب تي ايمان“ ‏جون قسمون آهن.‏

غيب تي ايمان يا ته عقل جي ذريعي ‏ثابت آهي يا ان جي باري ۾ ڪا نقلي ‏دليل آهي، البته جڏهن دليل نقلي هجي ‏ته پوءِ اهو غيب اهڙو هجڻ گهرجي ‏جنهن جو عقلي دليلن جي ذريعي وجود ‏محال نه هجي ۽ عقل جي نزديڪ ان ‏جي وجود ۾ ڪو شڪ نه پاتو وڃي، ‏جنهن وقت عقل ڪنهن شيءِ جي وجود ‏جي تصديق نه ڪري يا ان جي باري ۾ ‏ڪا دليل آڻي نه سگهي ته نقلي دليلن ‏جي ذريعي انهن کي قبول ڪرڻ نه ‏صرف جائز آهي بلڪه عقل جي مطابق ‏لازمي ۽ ضروري آهي.‏

تمام آسماني مذهبن پڻ ”غيب تي ايمان“ ‏کي نيڪ عملن جي قبوليت لاءِ شرط ‏قرار ڏنو آهي ۽ اخلاقيات ۽ انساني ‏فضائلن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ به انهي ‏ڳالهه کي شرط ڪيو ويو آهي. اصولي ‏طور تي انبياءِ ۽ آسماني هادين جي ‏تبليغ جو اثر انهن ماڻهن تي گهڻو ‏هوندو آهي جيڪي عالم غيب ۽ ان ‏دنيا کان هٽي ڪري شيئن جي وجود تي ‏شڪ ڪندا آهن آخري زماني ۾ ”صالح“ ‏‏(نيڪ هستي) يعني حضرت امام مهدي ‏جي ظهور تي ايمان به انهي غيبي ‏ڳالهين جو حصو آهي، جن جي باري ۾ ‏پيغمبر ‏‏ اسان کي اطلاع ڏنو آهي ۽ ‏ان جي تصديق ڪرڻ واجب آهي جهڙي ‏طرح پيغمبر ‏‏ حضرت مهدي ‏‏ جي ‏ظهور کان علاوه ٻين به عجيب وغريب ‏‏۽ حيرت ۾ وجهندڙ واقعن جي باري ۾ ‏خبر ڏني آهي جيئن سج جو ڍڪجڻ، ‏دريائن جو ٽٽڻ، تارن جو ڪري پوڻ ۽ ‏جدا جدا ٿيڻ، جبلن جو حرڪت ڪرڻ ۽ ‏آسمانن ۾ شگاف ٿيڻ، اهي سڀ خبرون ‏غيب جو حصو آهن قرآن مجيد ۾ به ‏مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ۽ غيب ‏سان متعلق گهڻيون ئي خبرون موجود ‏آهن، انهي سان گڏوگڏ پيغمبر اڪرم ‏‏ جي مٿان وحي جو نازل ٿيڻ، ان تي ‏ايمان رکڻ، ان سڀني شين تي ايمان به ‏‏(اهو اجمالي طور تي ئي ڇو نه ‏هجي)”غيب تي ايمان رکڻ“ آهي. هڪ ‏ڏينهن ايندو جڏهن سڀ عجيب ۽ غريب ‏حادثا ۽ واقعا ضرور ظاهر ٿيندا جنهن ‏بابت پيغمبر اڪرم ‏‏ ۽ قرآن مجيد به ‏اسان کي خبردار ڪيو آهي ۽ اهڙي ‏طرح جيئن ته قرآن مجيد بيان ڪيو آهي ‏‏۽ پيغمبر اڪرم‏‏ ۽ سندن جانشين ‏‏(امامن‏‏) به اسان کي ڪيترن ئي ‏روايتن جي ذريعي بشارت ڏني آهي ته ‏هڪ ڏينهن ضرور آخري زماني جا ‏مصلح، حضرت مهدي‏ ظهور فرمائيندا ‏‏۽ پوري دنيا ۾ اسلام ڦهلجي ويندو، ‏غيب جي باري ۾ پيغمبر اڪرم ‏‏ ۽ ‏ائمه طاهرين جيڪي اڳڪٿيون ڪيون ‏آهن ۽ تاريخ جي تمام معتبر ڪتابن ۾ ‏معتبر سند سان پڻ ذڪر ٿيل آهن، ‏پيغمبر اڪرم‏ جي بعثت جي ‏شروعاتي زماني جي مقابلي ۾ هينئر ‏پاڻ سڳورن جي بيان ٿيل غيبي خبرن ‏کي قبول ڪرڻ نهايت ئي آسان آهي. ڇو ‏ته ان وقت اهي ڳالهيون جيڪي نبي ‏پاڪ ٻڌايون اهي اڃا ثابت ڪونه ٿيون ‏هيون ان جي ڪري سندن سچائي ۽ ‏حقيقت جي تائيد ممڪن نه هئي، اهڙي ‏طرح اسان پيغمبر اڪرم جي زماني ‏ڏانهن تاريخ جا جيترا به ورق اٿلائيندا ‏هليا وڃون انهي ڳالهه کي قبول ڪرڻ ‏جا امڪان گهٽ کان گهٽ ٿيندا ويندا پر ‏انهي جي ابتڙ جيترو به اڳيان نظر کڻي ‏ڏسون ۽ تاريخ اسلام کي شروع کان ‏آخر تائين ڏسڻ شروع ڪيون ته اسان جو ‏عقل ۽ اسان جو ضمير انهي ڳالهه کي ‏آساني سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ‏ويندو آهي ۽ اسان جو ايمان بلڪل ‏پختو ٿي ويندو آهي. وقت گذرڻ سان ‏گڏوگڏ اهو ظاهري طور واضح ۽ روشن ‏ٿي ويندو آهي ته پيغمبر اڪرم ‏‏ ‏وحي الاهي جي بنا تي ايندڙ وقت جي ‏باري ۾ اڳڪٿيون ڪيون هيون انهي ‏لاءِ (پيغمبر اڪرم ‏‏ کانپوءِ) جيترو به ‏وقت اڳتي گذري رهيو آهي انهي جي ‏سچائي وڌيڪ ظاهر ٿيندي ٿي وڃي ‏جڏهن پاڻ ‏‏ هن آيت جي تلاوت ڪندا ‏هئا: ‏

‏(وَ إِن كُنتُمْ فىِ رَيْبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلىَ‏ عَبْدِنَا فَأْتُواْ ‏بِسُورَةٍ مِّن مِّثْلِهِ وَ ادْعُواْ شُهَدَاءَكُم مِّن دُونِ اللَّهِ ‏إِنكُنتُمْ صَادِقِينَ فَإِن لَّمْ تَفْعَلُواْ وَ لَن تَفْعَلُواْ فَاتَّقُواْ ‏النَّارَ الَّتىِ وَقُودُهَا النَّاسُ وَ الحِْجَارَةُ أُعِدَّت ‏لِلْكَافِرِين)‏

جيڪڏهن توهان کي هن ڪلام جي ‏باري ۾ ڪوبه شڪ هجي جنهن کي ‏اسان پنهنجي بندي تي نازل ڪيو آهي ‏ته انهي جهڙي ڪا به هڪ سورت کڻي ‏اچو ۽ الله کانسواءِ جيترا به توهان جا ‏مددگار آهن انهن سڀني کي سڏيو ‏جيڪڏهن توهان پنهنجي دعويٰ ۽ خيال ‏‏۾ سچا آهيو ۽ جيڪڏهن توهان ائين نه ‏ڪري سگهيو ۽ يقيناً اوهان ائين نه ‏ڪري سگهندوَ ته انهي باهه کان ڊڄو ‏جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن ۽ جيئن ‏ڪافرن لاءِ بڻائي ويئي آهي. ‏

‏۽ جڏهن پاڻ‏ ‎‏ هي پڙهندا هئا: ‏

قل لئن اجتمعت والانس الجن علي ان ياتو بمثل ‏هذا القرآن لاياتو بمثله ولو کان بعضهم لبعض ‏ظهيرا

اي رسول چئو! ته جيڪڏهن سڀ جا ‏سڀ انسان ۽ جن ان قرآن جهڙو (ڪو ‏ڪتاب) کڻي آڻڻ چاهين تڏهن به نٿا آڻي ‏سگهن پوءِ اهي هڪ ٻئي جي مدد ئي ‏ڇو نه ڪن. ‏

ڇا ڪجهه معتبر روايتون اطمينان لاءِ ‏ڪافي آهن؟

اسان جو مزاج اهو آهي ته اڪثر تاريخي ‏واقعن کي صرف هڪ مورخ جي نقل ‏ڪرڻ جي ڪري مڃيندا آهيون يا دنيا ‏جي اهم واقعن کي صرف هڪ تجزيي ‏ڪار جي چوڻ تي قبول ڪندا آهيون ته ‏هن ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ اوهان کي ‏ڪيترن صحيح ۽ معتبر روايتن جي ‏ضرورت آهي جنهن کان پوءِ وڃي اوهان ‏کي انهي جو يقين ٿئي؟ ‏

جيڪڏهن حقيقت ۾ اوهان انصاف ‏پسند مزاج هوندؤ ته چوندؤ هڪ ئي ‏معتبر حديث ڪافي آهي ۽ جيڪڏهن ‏ٿورڙا شڪي مزاج جا هوندؤ يا احتياطي ‏طبيعت رکندڙ هوندؤ ته چوندؤ ٻه ٽي ‏حديثون هونديون ته وڌيڪ اطمينان پيدا ‏ٿي ويندو؟ ‏

اسان جواب ڏينداسين ته: هن موضوع ‏تي هزارين معتبر حديثون آهن جيڪي ‏حديث، تاريخ ۽ ‏ رجال جي ڪيترن ئي ‏ڪتابن ۾ موجود آهن، ذڪر ٿيل گفتگو ‏‏۾ هاڻي ڪوبه شڪ ۽ شبهه باقي نٿو ‏رهي ته پيغمبر اڪرم‏ ۽ ائمه ‏معصومين جي حديثن جي بلڪل مطابق ‏آخري زماني ۾ جڏهن دنيا ظلم ۽ ڏاڍ ‏سان ڀرجي ويندي ته مصلح منتظر ‏حضرت مهدي‏ موٽندا جيڪي هن دنيا ‏کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندا ان ‏جو ظهور يقيني ڳالهه آهي انهي ۾ ‏ڪنهن به قسم جي شڪ ۽ شبهه جي ‏گنجائش نه آهي.‏

دنيا جي اصلاح ڪندڙ

جن شين جي باري ۾ تمام اسلامي ‏فرقن جو اتفاق ۽ اجماع آهي انهي مان ‏آخري زماني ۾ نبي اڪرم ‏‏ جي ‏اهلبيت مان ئي قائم آل محمد حضرت ‏مهدي ‏‏ جو ظهور به شامل آهي ۽ انهي ‏نظريي جا پوئلڳ هڪٻئي سان ملي ‏ڪري اهڙي عالمي انقلاب ۽ مصلح جي ‏ظهور جو انتظار ڪري رهيا آهن جيڪو ‏خداوندِ متعال تي ايمان ۽ اسلامي ‏احڪامن جي بنيادن تي دنيا جي نظام ‏کي هلائيندو ۽ هرطرف عدالت قائم ‏ڪندو دنيا کي ظالمن جي خوني هٿن ‏مان ڇوٽڪارو ڏياريندو ۽ پوري دنيا تي ‏اسلامي راڄ قائم ڪندو.‏

سڀني ماڻهن جون نظرون انهي تي کُتل ‏آهن ۽ سڀ ماڻهو انتطارجون گهڙيون ‏گذاري رهيا آهن ته پيغمبر اڪرم ‏‏ ‏جي اولاد مان هڪ قابل احترام شخص ‏قيام ڪري، اسلامي ڀائيچاري ۽ برابري ‏جي نئين سر شروعات ڪري بشريت ‏کي سڪون ۽ اطمينان جي نعمت سان ‏ڀري ڇڏي، فرقيواريت، جدائي، ‏محرومي ۽ ناڪامي کان نجات عطا ‏ڪري هي هڪ الاهي وعدو آهي جيڪو ‏ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهي. دنيا ‏هن روشن ۽ تاب ناڪ دور ۾ هر طرف ‏کان تيزي سان وڌي رهي آهي، زماني ‏جي رفتار سج جي گردش انسانيت کي ‏هر لمحو انهي ڏينهن جي نزديڪ ڪري ‏رهي آهي حضرت مهدي ‏‏ جي ظهور ۽ ‏پوري دنيا جي اسلامي حڪومت قائم ‏هجڻ جي قرآن مجيد جي ڪيترين ئي ‏آيتن ۽‏‎ ‎متواتر روايتن کي بهترين دليل ‏‏۽ سند جي طور تي پيش ڪري سگهجي ‏ٿو انهي ڪري جيڪي به مسلمان قرآن ‏ڪريم ۽ پيغمبر اڪرم ‏‏ جي نبوت ‏جو يقين رکندا آهن ته انهن جي لاءِ قرآن ‏‏۽ ان صالح هستي جي ظهور تي مڪمل ‏يقين ۽ ايمان رکڻ ضروري آهي جڏهن ‏ته هن مضمون ۾ انهن ڳالهين کي ‏تفصيل سان بيان ڪرڻ ممڪن ناهي ‏انهي ڪري اسان پنهجي پڙهندڙن جي ‏وڌيڪ ڌيان جي لاءِ هن ٻن عنوانن کي ‏ذڪر ڪريون ٿا.‏

• قرآني آيتون ‏

• عالم اسلام جو اتفاق

هيٺيان اسان ٻنهي جي مختصر ‏وضاحت ڪنداسين

قرآن مجيد جون آيتون

الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي ‏آيتن ۾ انهن ڳالهين جو واعدو ڪيو ‏آهي ته پوري دنيا ۾ اسلامي حڪومت ‏قائم ٿيندي دين اسلام هر طرف ڦهلجي ‏ويندو تمام مذهبن تي انهي جو غلبو ‏هوندو (صالح ۽ لائق ماڻهو حڪومت ‏ڪندا) ان مان ڪجهه آيتون هي آهن ‏

‏((وَ قَتِلُوهُمْ حَتىَ‏ لَا تَكُونَ فِتْنَةٌ وَ يَكُونَ الدِّينُ كُلُّهُ ‏لِلَّهِ))‏

‏۽ توهان انهن ڪافرن سان جهاد ‏ڪيوايتري تائين جو فتني جو وجود ئي ‏نه رهي ۽ سڄو دين الله جي لاءِ ٿي وڃي ‏‏( سورت انفال آيت 39) ‏

‏((هُوَ الَّذِى أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَى‏ وَ دِينِ الْحَقّ‏ِ ‏لِيُظْهِرَهُ عَلىَ الدِّينِ كُلِّهِ ))‏

اهوئي خدا جنهن پنهجي رسول کي ‏هدايت ۽ حق جي دين سان گڏ موڪليو ‏ته جيئن پنهجي دين کي سڀني دينن تي ‏غالب ڪري ((سورت توبه آيت 33 ۽ ‏سورت فتح آيت 28 )) ‏

‏((يُرِيدُونَ أَن يُطْفُِواْ نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَ يَأْبىَ اللَّهُ ‏إِلَّا أَن يُتِمَّ نُوره)) ‏

هي ماڻهو چاهين ٿا ته خدا جي نورکي ‏پنهنجي منهن جي ڦوڪن سان وسائي ‏ڇڏين ۽ الله کين روڪي رکيو آهي ‏ايستائين جو پنهنجي نور کي مڪمل ‏ڪري ((سورت توبه آيت 32.)) ‏

‏((يُرِيدُونَ لِيُطْفُِواْ نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَ اللَّهُ مُتِمُّ ‏نُورِهِ )) ‏

هي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي نور کي ‏ڦوڪن سان وسائي ڇڏيون ۽ الله پنهجي ‏نور کي مڪمل ڪرڻ وارو آهي ‏‏((سورت صف آيت 8)) ‏

‏(( وَ يُرِيدُ اللَّهُ أَن يحُِقَّ الْحَقَّ بِكلَِمَاتِهِ وَ يَقْطَعَ ‏دَابِرَ الْكَافِرِينَ))‏

‏۽ الله جو ارادو آهي ته پنهنجي ڪلامن ‏ذريعي حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن ‏جي سلسلي کي ختم ڪري. ((سورت ‏انفال آيت 7))‏

‏((وَ قُلْ جَاءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْبَاطِلُ إِنَّ الْبَاطِلَ كاَنَ ‏زَهُوقًا)) ‏

‏۽ چئي ڏي حق اچي ويو ۽ باطل فنا ٿي ‏ويو ۽ باطل فنا ٿيڻ وارو ئي آهي. ‏‏((سورت اسراء آيت 81)) ‏

‏((وَ لَقَدْ كَتَبْنَا فىِ الزَّبُورِ مِن بَعْدِ الذِّكْرِ أَنَّ الْأَرْضَ ‏يَرِثُهَا عِبَادِىَ الصَّلِحُون)) ‏

‏۽ اسان ذڪر کان بعد زبور ۾ به لکي ‏ڇڏيو آهي ته اسان جي زمين جا وارث ‏اسان جا نيڪ بندا ئي هوندا (( سورت ‏انبياء آيت 105)) ‏

‏((وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ ءَامَنُواْ مِنكمُ‏ْ وَ عَمِلُواْ الصَّلِحَتِ ‏لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فىِ الْأَرْض)) ‏

الله اوهان مان جيڪي ايمان وارا آهن ۽ ‏جن عمل صالح ڪيا آهن انهن سان ‏واعدو ڪيو آهي ته انهن کي زمين تي ‏اهڙي طرح پنهنجو خليفو بڻائيندو ‏جهڙي طرح پهرين وارن کي بڻايو هو. (( ‏سورت نور آيت 55)) ‏

‏((وَ لَقَدْ سَبَقَتْ كلَِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِينَ إِنهَُّمْ ‏لهَُمُ الْمَنصُورُونَ وَ إِنَّ جُندَنَا لهَُمُ الْغَالِبُون)) ‏

‏۽اسان جي پيغمبر بندن سان اسان جي ‏ڳالهه پهرين کان طئي ٿي وئي آهي ته ‏انهن جي ڪهڙي به طرح مدد ڪئي ‏ويندي ۽ اسان جو لشڪر هر حال ۾ ‏غالب اچڻ وارو آهي.‏

‏ (( سورت صافات آيت 171، کان 173 )) ‏

إِنَّا لَنَنصُرُ رُسُلَنَا وَ الَّذِينَ ءَامَنُواْ فىِ الحَْيَوةِ الدُّنْيَا ‏

بيشڪ اسان پنهنجي رسولن ۽ ايمان ‏آڻيندڙن جي دنياوي زندگي ۾ مدد ‏ڪندا آهيون (( سورت غافر آيت 51)) ‏

كَتَبَ اللَّهُ لَأَغْلِبنَ‏َّ أَنَا وَ رُسُلىِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزِيز ‏

الله لکي ڇڏيو آهي ته مان ۽ منهنجو ‏رسول غالب اچڻ وارا آهيون، بيشڪ ‏الله صاحب قوت ۽ صاحب عزت آهي. ‏‏((سورت مجادله آيت 21)) ‏

انهي کان علاوه ٻيون به آيتون آهن جن ‏جي تاويل حضرت ولي العصر (عج) ‏جي ظهور جي وقت سامهون ايندي اهي ‏سڀ انهي ڳالهه جي دليل به آهن ته ‏اسلام سڀني مذهبن تي غالب ايندو ۽ ‏اهل حق باطل پرستن تي غلبو حاصل ‏ڪري وٺندا يا نبين جو مسلط هجڻ ۽ ‏نور خدا جو تمام ۽ مڪمل هجڻ يقيني ‏آهي انهن سڀني آيتن جي معنيٰ اڃا ‏مڪمل طريقي سان ظاهر نه ٿي آهي ۽ ‏اهي آيتون آخري زماني ۾ ان جي ‏عملي هجڻ جون بشارتون ڏيئي رهيون ‏آهن، خداوندِ عالم اهو واعدو ڪيو آهي ‏ته هو پنهنجي پيغمبرن جي مدد ضرور ‏ڪندو. ۽ انهن کي غلبو عطا ڪندو اهو ‏ئي طئي آهي ته انهي غلبي ۽ مدد جو ‏تعلق صرف آخري زماني سان مخصوص ‏ڪونهي ڇو ته الله تعاليٰ خود فرمايو ‏آهي فىِ الحَْيَاةِ الدُّنْيَا (دنيا واري زندگي ‏‏۾) ٻيو اهو ته انهي مان اها مراد به نه ‏آهي ته انبياءِ ڪرام پنهنجي قومن مٿان ‏پنهنجي زماني ۾ غلبو حاصل ڪري ‏وٺندا ۽ انهي جي مشن کي ترقي ملندي ‏ڇوته ڪيترن ئي نبين جي تبليغ جو ‏انهن جي قوم تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. ‏بلڪه ڪيترن ئي نبين کي قتل ڪيو ‏ويو انهي مدد ۽ غلبي سان انهن جي ‏مقصد ۽ پيغام جي مدد انهي جو غلبو ‏مراد آهي ۽ انهن آيتن مان اهو ئي ظاهر ‏ٿيندو آهي ته اها نصرت ڪنهن خاص ‏رتبي سان مخصوص نه آهي بلڪه انهي ‏کان هر طرح جي (مطلق) مراد آهي، اها ‏ئي نور کي تمام ڪرڻ جي معنيٰ به آهي ‏ته جيڪي ماڻهو خدا جي نور کي وسائڻ ‏چاهيندا آهن ۽ اسلام جي ترقي ۾ ‏رڪاوٽ پيدا ڪندا، انهن جي مقابلي ۾ ‏خداوندِ عالم پنهنجي نور کي مڪمل ‏ڪري ڇڏيندو انهي جي معنيٰ به اها ئي ‏آهي ته خداوندِ عالم پنهنجي دين کي ‏ترقي عطا ڪندو ۽ اسلام جون حدون ‏وڌنديون وينديون ۽ اهو نور انهي وقت ‏مڪمل ٿي ويندو جڏهن اسلام سڄي ‏دنيا ۾ ڦهلجي ويندو زمين تي مومنن ‏جي جانشيني ۽ ان تي انهن جي وارث ‏هجڻ جو اهوئي مطلب آهي ته هو سڄي ‏دنيا جا مالڪ ۽ مختار بڻجي ويندا بلڪه ‏اهو موقعو صرف امام زمان عج ۽ ‏انهن جي ساٿين کي ملندو باطل جي ‏مٿان حق جو غلبو انهي جي به اها ئي ‏معنيٰ آهي ته هر اعتبار سان حق، باطل ‏تي ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ويندو ۽ ‏جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته حجت ۽ دليل ‏جي ذريعي غالب ٿيندو ۽ اهو ظاهري ‏طورغالب نه ٿيندو ته اتي اهو چئبو ته ‏انهن آيتن ۾ هر طرح جو تسلط سمجهه ‏‏۾ اچي ٿو پرهي آيت ‏لِيُظْهِرَهُ عَلىَ الدِّينِ ‏كُلِّهِ ته جيئن الله پنهنجي دين کي سڀني ‏دينن تي غالب ڪري ڇڏي، اسلام جي ‏غالب هجڻ لاءِ واضح دليل آهي انهن ‏آيتن جي تصديق ۽ تائيد انهن روايتن ‏مان به ٿيندي آهي جيڪي رسول اڪرم ‏کان انهي سلسلي ۾ نقل ٿيون آهن ‏جيئن پاڻ ‏‏ فرمايائون: ليدخلنّ هذاالدين ‏علي مَن دخل عليه اليل ‏ِجتي به رات داخل ‏ٿيندي (پوري دنيا) آهي اتي هي دين ‏ضرور پهچندو هن حديث ۾ پاڻ ‏‏ علي ‏ما دخل عليه اليل فرمايو آهي ۽ علي ما دخل ‏عليه اليوم اوالشمس ناهي فرمايو انهي جو ‏راز شايد اهو ٿيندو ته انهي ۾ دين جي ‏تشبيهه سج سان ڏني ويئي آهي ڇوته ‏جتي به رات هوندي آهي ته اتي سج ‏ضرور پهچندو آهي اهڙي طرح اسلام ‏جي روشن ۽ منور سج جا ڪرڻا سڄي ‏دنيا ۾ ڦهلجي ويندا ۽ ڪفر ۽ ضلالت ‏جي اونداهي جو اهڙي طرح خاتمو ٿي ‏ويندو جهڙي طرح سج رات جو خاتمو ‏ڪري ڇڏيندو آهي ‏

‏(2) تمام مسلمانن جو اجماع ‏

انهي اجماع ۽ اتفاق کان جيڪڏهن ‏شيعن جو اجماع مراد ورتو وڃي ته اهو ‏بلڪل واضح آهي ته امام حسن ‏عسڪري (ع) جي فرزند حضرت قائم ‏آلِ محمد جو ظهور شيعه اثنا عشري ‏مذهب جو اهم حصو آهي. ۽ جيڪڏهن ‏انهي اجماع مان تمام مسلمانن جو ‏اتفاق مراد هجي ته انهي کي ثابت ڪرڻ ‏لاءِ اهل سنت جي هڪ صاحب نظر ۽ ‏معتزلين جي برک عالم علامه ابن ابي ‏الحديد جو هي هڪ ئي جلسو ڪافي ‏آهي جيڪو هُن شرح نهج البلاغه ‏‏(مطبوعه مصر، جلد 2 ص 535 ) ۾ ‏لکيو آهي

قد وقع اتفاق الفريقين من المسلمين اجمعين علي ‏ان الدنيا و التکليف لاينقصي الا عليه

ٻنهي فرقن شيعه ۽ سني جو انهي ڳالهه ‏تي اتفاق آهي ته دنيا ۽ شرعي ذميواري ‏جو خاتمو امام مهدي‏ جي ظهور کان ‏سواءِ نه ٿيندو. اهل سنت جي چئن ‏معروف علماء کي ڇو ته اهي ايندڙ ‏مضمونن ۾ نقل ٿيل آهن، انهي ڪري ‏انهن کي مٿي ذڪر نٿو ڪيو وڃي اتي ‏ئي ملاحظو فرمائيندا. ته جن ماڻهن جي ‏تاريخ تي اونهي نظر آهي انهن کي سٺي ‏نموني سان معلوم آهي ته مصلح منتظر ‏مهدي‏ جي ظهور جي باري ۾ تمام ‏مسلمانن جي درميان ۾ ايتري حد تائين ‏اتفاق پاتو وڃي ٿو جو پهرئين صدي ‏هجري کان هاڻي تائين جنهن به مهدي ‏هجڻ جي دعوا ڪئي آهي يا جنهن جي ‏به طرف انهي جي نسبت ڏني وئي آهي ‏ته سڀني انهي جي کُلئي دل سان ‏مخالفت ڪئي آهي، پر خود ظهور جي ‏مسئلي تي ڪنهن به مخالفت ناهي ‏ڪئي، ڇوته هي ڳالهه مسلمانن جي ‏اجماع ۽ پيغمبر اڪرم ‏‏ جي واضح ‏روايتن جي خلاف آهي، بلڪه هو هن ‏جي مخالفت ۽ باطل هجڻ جي لاءِ اهو ‏طريقو استعمال ڪندا هئا ته روايتن ۾ ‏حضرت مهدي (‏‏) جي ظهور جي متعلق ‏جن علامتن ۽ نشانين جو ذڪر آهي، ‏جيئن ته انهن جي دعويٰ ڪندڙن جي ‏هتي ڪابه علامت نه ٿي پاتي وڃي انهي ‏ڪري اهي ماڻهو ڪوڙا آهن. اهل سنت ‏جي چئني مذهبن جي چئن بزرگ علماءِ ‏يعني ابن حجر شافعي، ابوالسر احمد بن ‏ضياء حنفي، محمد بن احمد مالڪي، ‏يحييٰ بن محمد حنبلي کان جڏهن انهي ‏سلسلي ۾ سوال ڪيو ويو ته انهن انهي ‏جو انهي انداز ۾ جواب ڏنو جنهن جو ‏تفصيل ڪتاب ”البرهان في علامات مهدي ‏آخر الزمان“ باب 13 ۾ انهن جي فتوائن ‏سان گڏ نقل ٿيل آهي، انهن امام مهدي ‏‏ جي ظهور جي مسئلي کي ثابت ‏ڪرڻ سان گڏ امام‏ جي ڪجهه ‏خصوصيتن جي طرف به اشارو ڪيو ‏آهي. ‏

يعني ته هو دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ‏ڀري ڇڏيندو يا حضرت عيسيٰ‏ انهي ‏جي اقتدا ڪندو يا سندن جيڪي ٻيون ‏صفتون به بيان ڪيون ويون آهن، ‏مختصر هي ته اها انهن جي دليل ۽ ‏قانوني فتويٰ آهي ايتري قدر جو جناب ‏زيد جي طرف جيڪا مهدويت جي غلط ‏نسبت ڏني ويئي هئي انهي سلسلي ۾ ‏بني اميه جي شاعر حڪيم بن عياش ‏ڪلبي چيو آهي (ولم ار مهديا علي الجذع ‏يصلب) (1) مونکي اهڙو ڪوبه مهدي ‏نظر نه آيو جنهن کي سولي تي چاڙهيو ‏وڃي، تنهن جو مطلب ته جڏهن مهدي ‏‏(‏‏) ظهور ڪندو ته تمام ملڪن کي ‏فتح ڪندو ۽ پوري دنيا ۾ صرف انهي ‏جي حڪومت هوندي هر جڳهه تي عدل ‏‏۽ انصاف جو راڄ هوندو تنهن ڪري ‏جناب زيد جنهن کي سولي تي لٽڪايو ‏ويو اهو ڪيئن ٿو مهدي ٿي سگهي؟ ‏

ڳالھ جو خلاصو هي ته پيغمبر اڪرم‏ ‏جي متواتر روايتن مطابق رڳو امام ‏مهدي ‏‏ جو ظهور ئي حتمي ۽ قطعي ‏نه آهي، بلڪه تواتر سان هي به ثابت آهي ‏ته پاڻ سڄي دنيا کي عدل ۽ انصاف ‏سان ڀري ڇڏيندا ۽ حضرت عيسيٰ ‏‏ ‏آسمان تان نازل ٿي ڪري سندن پٺيان ‏نماز پڙهندا ۽ پاڻ پوري دنيا کي فتح ‏ڪندا.‏

‏(1)‏ ابن حجر عسقلاني شافعي پنهنجي ‏ڪتاب ”الاصابه ج1،ص395 تي فوائد ‏ڪواڪبي کان جيڪا روايت نقل ڪئي ‏آهي انهي جي مطابق اهو حڪيم بن ‏عياش امام جعفر صادق جي بد دعا سان ‏تمام عبرتناڪ حالت ۾ هلاڪ ٿيو هو

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :