نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

قرآني موضوعات تي حضرت امام موسى ڪاظم‏ عليه السلام جا ارشادات

فونٽ جو اندازو:
2020/10/18

قرآني موضوعات تي حضرت امام موسى ڪاظم‏ جا ارشادات

اصغرعلي لسڪاڻي

تحقيق جي مطابق امام موسى ‏ڪاظم‏ کان نقل ٿيو آهي جن ۾ ‏مختلف موضوعات جي باري ۾ ‏امام‏ قرآني موضوعات جن ۾ ‏مختلف آيتن جي تفسير، تاويل، تطبيق ‏‏۽ علوم قرآني کي بيان ڪيو ويو آهي.‏

امام موسى ڪاظم‏ ان زماني ۾ ‏زندگي گذاري رهيا هئا جنهن ۾ ‏مختلف علوم جي ترقي سان گڏوگڏ ‏مختلف ڪلامي ۽ فقهي مذهب وجود ۾ ‏آيا، ان ڪري مختلف مقامن تي ‏امام‏ پنهنجي گفتگوءَ ۾ قرآني ‏موضوعات کي بيان فرمائيندا هئا.‏

اسان اهڙي روايتن جي باري ۾ هتي ‏گفتگو ڪندا سين جن ۾ امام‏ آيت ‏يا ان جو ڪجھ حصو ذڪر ڪيو هجي ‏يا وري ڪنهن روايت ۾ ممڪن آهي ته ‏آيت ذڪر ٿيل نه هجي پر مفسرن اهڙي ‏روايتن کي تفسير روائي ۾ بيان ڪيو ‏آهي ڇو ته اها روايت ڪنهن آيت جي ‏

باري ۾ امام‏ بيان ڪئي آهي. مثال ‏جي طور تي: امام موسى ڪاظم‏ ‏کان روايت آهي ته 25 ذيقعده تي ڪعبة ‏الله کي ٺاهيو ويو، اها سڀ کان پهرين ‏

خدا جي رحمت هئي جنهن کي زمين تي ‏قرار ڏنو ويو، جيڪو به ان ڏينهن

تي روزو رکي خداوند عالم ان جي لاءِ ‏سٺ مهينن جي روزن جو ثواب لکندو.‏

مذڪوره روايت، روائي تفاسير ۾ ‏سورت آل عمران جي 96 آيت جي بيان ‏‏۾ ذڪر ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته روايت ‏‏۾ آيت واضح طور تي ذڪر ٿيل ناهي.‏

لهذا جڏهن اسان روائي تفاسير ڏانهن ‏رجوع ڪريون ٿا معلوم ٿئي ٿو ته ‏تفسير ۽ علوم قرآن جي متعلق مختلف ‏موضوعات جي باري ۾ روايتون ملن ‏ٿيون، جيئن ته تفسير يعني آيت جي ‏معنى بيان ڪرڻ ۽ ان کي واضح ڪرڻ ‏آهي پر ڪيتريون روايتون آهن جيڪي ‏قرآني آيتن جي معنى نٿيون بيان ڪن ‏بلڪه قرآن جي موضوعات سان متعلق ‏آهن تنهن ڪري انهن کي به تفسيري ‏روايات چيو وڃي ٿو.‏

سڀ کان پهريان اسان انهن روايتن کي ‏بيان ڪريون ٿا جي قرآني آيتن جي ‏تفسير يا الفاظ جي معنى آيتن جي ‏مصداق (عمومي يا خصوصي) کي بيان ‏ڪن ٿيون.‏

شروع ۾ بيان ٿيو ته امام موسى ‏ڪاظم‏ کان قرآن جي تفسير جي ‏باري ۾ 275 روايتون نقل ٿيل آهن جن ‏‏۾ 112 روايتون تفسيري آهن، ۽ باقي ‏‏163 روايتون جن کي اصطلاح ۾ ‏تفسيري چيو وڃي ٿو پر اهي ڪنهن ‏آيت جي تفسير يا معنى کي بيان نه ‏ٿيون ڪن بلڪه قرآني موضوعات جي ‏باري ۾ آهن جنهن جو مثال ڏيئي آيا ‏آهيون.‏

تفسيري روايتون به مختلف قسمن جون ‏آهن جن کي مختلف عنوانن سان پيش ‏ڪريون ٿا:‏

‏1 . تفسيري روايتون: هي اهي روايتون ‏آهن جن کي امام‏ آيتن جي ظاهري ‏معنى بيان ڪندي ارشاد فرمايو آهي. ‏جيئن:‏

‏1 . الفاظ جي معنى جي بيان ۾:‏

قرآن جي تفسير ۾ پهريون قدم لفظن ‏جي معنى بيان ڪرڻ آهي ڇو ته قرآن ‏جي نازل ٿيڻ واري زماني ۾ الفاظ جي ‏معنى ڇا هئي ان کي ڄاڻڻ وڏي اهميت ‏رکي ٿو. ان باري ۾ پيغمبر اڪرم‏ ۽ ‏اهلبيت‏ جون روايتون مهم ترين ‏ذريعو آهن ڇو ته خود قرآن جي گواهي ‏مطابق قرآن جي معنائن کي بيان ڪرڻ ‏جي ذميواري نبي اڪرم‏ جن تي آهي ‏‏۽ حديث ثقلين جي گواهي مطابق ‏اهلبيت‏ کي هن قرآن جي سڀ کان ‏بهتر تفسير ۽ وضاحت ڪري سگھن ٿا.‏

امام موسى ڪاظم‏ جون ڪجھ ‏روايتون قرآني الفاظ جي معنى کي ‏بيان ڪن ٿيون. جيئن حسين بن بشار ‏حضرت امام موسى ڪاظم‏ کان هن ‏آيت ‏وَيُهْلِكَ الْحَرْثَ وَالنَّسْلَ‏(1) ‏

‏”منجھس فساد وجھي ۽ پوک ۽ نسل ‏ناس ڪري،“ جي معنى جي باري ۾ ‏سوال ڪيو ته امام‏ فرمايو: ‏نسل‏ ‏يعني ذريت، خاندان، ۽ ‏حرث يعني ‏پوک.‏

امام‏ کان آيت: ‏و المحصنات من الّذين ‏اوتو الکتاب من قبلکم‏ جي باري ۾ سوال ‏ڪيو ويو ته ‏

محسنات‏ ڪير آهن؟ ‏حضرت امام موسى ڪاظم جن ‏فرمايو ته: ‏محسنات‏ منجھان مراد ‏پاڪدامن عورتون آهن.‏

2 . شرعي اصطلاحن جي بيان ۾‏

شريعت ۾ ڪجھ اصطلاحون بيان ‏ڪيون ويون آهن، جيئن غيبت، توڪّل، ‏ايمان، عُجب و غيره.‏

امام‏ کان هن آيت ‏وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ ‏فَهُوَ حَسْبُهُ‏ (2)‏

‏”۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن ‏کي الله ڪافي آھي،“ ‏

جي باري ۾ سوال ڪيو ويو جنهن جي ‏جواب ۾ حضرت فرمايو ته: خدا تي ‏توڪل جا درجا آهن، انهن منجھان هڪ ‏اهو ته هر ڪم ۾ خدا تي توڪل ڪرين، ‏هر حال ۾ راضي رهين، ڄاڻ ته خدا ‏تنهنجي خير خواهي ۾ ڪوتاهي نه ‏ڪندو، ڄاڻ ته اختيار هن کي آهي بس ‏انهيءَ تي توڪل ڪر ۽ پنهنجو سڀ ‏ڪم انهيءَ (خدا) جي حوالي ڪري ‏ڇڏ.(3)‏

غيبت جي باري ۾ سورت حجرات جي ‏آيت نمبر 12 جي باري ۾ امام‏ کان ‏سوال ڪيو ويو ته امام‏ جن فرمايو ‏ته: جيڪو به شخص ڪنهن جي غير ‏موجودگيءَ ۾ ڪا ڳالھ ڪري (عيب ‏بيان ڪري) جنهن کي ماڻهو ڄاڻين ٿا ته ‏اها غيبت نه آهي، ۽ جيڪڏهن ماڻهو نه ‏ٿا ڄاڻين ۽ اهو عيب ان ۾ پاتو وڃي ته ‏اها غيبت آهي ۽ اگر اهڙو عيب بيان ‏ڪري جيڪو ان شخص ۾ نه پاتو وڃي ‏ته اهو بهتان آهي. (4)‏

‏3 . آيتن جي تفسير ۽ وضاحت

اهڙين روايتن ۾ گھڻو ڪري آيت جي ‏ذڪر کان پوءِ امام‏ جو فرمان ان ‏آيت جي باري ۾ آندو ويو آهي. ڪڏهن ‏ڪڏهن ڪنهن آيت جي باري ۾ راوي ‏جي سوال جي جواب ۾ امام‏ تفسير ‏بيان ڪئي آهي. جيئن عبد الله بن ‏جارود چوي ٿو ته: سورت بقره جي هن ‏آيت ‏‏ فصيام ثلاثة ايّام في الحجّ‏ جي باري ۾ ‏امام‏ کان سوال ڪيم، حضرت ‏فرمايو ته: ترويه کان هڪ ڏينهن پهريان ‏‏۽ هڪ ڏينهن ان کان پوءِ ۽ عرفه جي ‏ڏينهن روزو رکي.(5)‏

يا وري بغير سوال ڪرڻ جي امام ‏‏ ‏آيت جي تفسير ڪئي آهي، جيئن ‏سورت حج جي آيت نمبر 29 ‏‏ وَلْيَطَّوَّفُوا ‏بِالْبَيْتِ الْعَتِيقِ‏(6) جي تفسير ڪندي ‏امام‏ فرمايو ته: واجب طواف، ‏طواف نساء آهي.(7)‏

‏4 . آيتن جي تاويل جي باري ۾‏

تاويلي روايتون يعني قرآن جي ظاهري ‏معنى کان هٽي ڪري ان جي اندروني ‏‏۽ باطني معنى کي بيان ڪن ٿيون.‏

علامه طباطبائي‏ فرمائن ٿا ته: قرآن ‏جو ظاهر ان جي واضح معنى آهي ۽ ‏جيڪا پهرين نگاھ ۾ اسان جي سمجھ ‏‏۾ اچي وڃي ٿي۽ ان کان علاوه ٻي ‏معنى به هوندي آهي جيڪا ان ظاهر جي ‏اندر هوندي آهي، چاهي هڪ هجي يا ان ‏کان وڌيڪ، ويجھي هجي يا دور؟ پر ‏انهن ٻنهي ۾ رابطو هوندو آهي.(8)‏

شيعه سني ڪتابن ۾ قرآن جي بطن جي ‏باري ۾ مختلف روايتون ذڪر ڪيون ‏ويون آهن. جيئن پاڻ سڳورن‏ جن کان ‏روايت آهي ته: ”و ما في القرآن آية الّا و ‏لها ظهر و بطن“ قرآن مجيد ۾ ڪا به ‏آيت نه آهي مگر ان جي لاءِ هڪ ظاهر ‏آهي ۽ هڪ باطن.‏

امام موسى ڪاظم‏ جن جو ڀاءُ علي ‏بن جعفر روايت ڪري ٿو امام ‏ڪاظم‏ کان ته: مون امام‏ جي ‏خدمت ۾ عرض ڪيو ته سورت مُلڪ ‏جي آيت نمبر 30 ‏قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ أَصْبَحَ مَاؤُكُمْ ‏غَوْرًا فَمَن يَأْتِيكُم بِمَاء مَّعِينٍ‏(9) جي تاويل ڇا ‏آهي؟ حضرت فرمايو ته: جڏهن توهان ‏پنهنجي امام کي گم ڪيو ته ڪير ‏توهان جي لاءِ ٻيو امام آڻيندو؟

آيت جي ظاهري معنى پاڻيءَ جي باري ‏‏۾ آهي جيڪو هر زندھ شيءِ جي لاءِ ‏زندگيءَ جو سبب ٿئي ٿو، پر آيت جي ‏باطني معنى امام جي باري ۾ آهي ‏جنهن جو وجود انساني معاشري جي ‏حيات جي ضمانت آهي.(10)‏

5 . جري و تطبيق جي باري ۾‏

ان جو مطلب آهي ته ڪا آيت ڪنهن ‏گروھ، قوم يا شخص جي باري ۾ هجي ‏ته ان قوم يا گروھ جي زماني گذري ‏وڃڻ سان آيت جو مفهوم ختم نه ٿو ٿي ‏وڃي بلڪه انهن تي صفا؟؟ واري ٻي ‏قوم ۽ گروھ تي ان آيت کي فٽ ڪري ‏سگھجي ٿو، ان کي ‏جري‏ چيو وڃي ‏ٿو. يعني هن آيت جو حڪم جاري آهي ‏آئنده قومن تي.‏

‏۽ تطبيق يعني آيتن جي الفاظ انهن جي ‏مصداقن تي فٽ ڪرڻ. آية الله جوادي ‏آملي فرمائن ٿا ته: ڪنهن به آيت کي ان ‏جي مصداق تي فٽ ڪرڻ سان ان آيت ‏جي عموميت ضايع نه ٿي ٿئي سواءِ ان ‏جي جو آيت جو مصداق هڪڙو فرد ‏هجي.‏

جري‏ ۽ ‏تطبيق‏ جي لحاظ سان روايتن ‏جي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري سگھجي ‏ٿو:‏

الف: انحصاري مصداق.‏

ب: ڪامل ترين مصداق.‏

ج: عمومي مصداق.‏

‏1 . انحصاري مصداق: ڪجھ آيتون ‏اهڙيون آهن جن تي فقط مخصوص ۽ ‏معين مصداق فٽ ڪري سگھجي ٿو. ‏امام ڪاظم‏ کان هن آيت ‏‏ يَا أَيُّهَا ‏الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ وَأُوْلِي ‏الأَمْرِ‏(11) جي باري ۾ سوال ڪيو ويو، ‏حضرت فرمايو ته: اولي الامر جو مطلب ‏علي بن ابي طالب ۽ ان کان بعد يارهن ‏امام آهن. (12)‏

هن آيت کي انهن مصداقن کان علاوه ‏ڪنهن ٻئي تي فٽ نه ٿو ڪري سگھجي ‏ڇو ته خدا ۽ رسول‏ جي اطاعت سان ‏انهن جي اطاعت جو حڪم ڏنو ويو ‏آهي جنهن جي لاءِ عصمت جو هجڻ ‏ضروري آهي. (13)‏

‏2 . ڪامل ترين مصداق:‏

حضرت امام موسى ڪاظم‏ هن آيت ‏شهد الله انّه لا الٰه الّا هو … قائماً بالقسط‏ ‏جي باري ۾ فرمايو ته: ” اولو العلم“ جو ‏مطلب امام آهي. يعني ڪامل ترين ‏مصداق امام آهي ڇو ته اهو ئي باب ‏مدينة العلم آهي، ان کان علاوه عالم ‏به مصداق ٿي سگھن ٿا. ‏

‏3 . عمومي مصداق:‏

سورت اعراف جي هن آيت ‏يَا بَنِي آدَمَ ‏خُذُواْ زِينَتَكُمْ عِندَ كُلِّ مَسْجِدٍ‏(14) جي باري ‏‏۾ امام موسى ڪاظم ‏‏ جن فرمايو ‏ته: زينت جو هڪ مصداق نماز جي ‏وقت وارن کي ڪنگي ڏيڻ آهي، پر ان ‏کان علاوه صاف ڪپڙا پائڻ، خوشبوءِ ‏لڳائڻ به زينت منجھان آهي.‏

استشهادي روايتون

استشهاد جي معنى اها آهي ته ڪنهن به ‏مطلب کي واضح ڪرڻ جي لاءِ دليل ‏پيش ڪرڻ يا شاهد يا گواھ آڻڻ يا گواهي ‏طلب ڪرڻ.‏

‏۽ هن جاءِ تي استشهاد جو مطلب آهي ته ‏امام ڪاظم‏ پنهنجي نظريي يا ‏اعتقاد جي ثابت ڪرڻ لاءِ قرآني آيتن ‏کي گواھ جي عنوان سان پيش ڪيو ‏آهي. (مولا جو اهو طريقو گهڻي ڀاڱي ‏ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن سان بحث ‏ڪندي هوندو هو)‏

امام موسى ڪاظم‏ جو زمانو ‏خلافت عباسي جو ابتدائي دور هو ۽ ان ‏زماني ۾ هر طرف علمي بحث ۽ ‏مباحثن جي هلچل هئي جنهن جي ڪري ‏مختلف فرقا ۽ مذهب وجود ۾ آيا ۽ ‏مسلمان پنهنجي عقائد ۾ يوناني، ‏هندي ۽ ايراني عقائد کي شامل ڪرڻ ‏لڳا. ان وقت امام موسى ڪاظم‏ ‏جي ذميواري هئي ته دين حق کي قرآن ‏جي روشنيءَ ۾ بيان ڪن ۽ گھڻو ڪري ‏اعتقادي ۽ فقهي مسئلن تي امام ‏‏ ‏جون روايتون بيان ڪيون ويون آهن.‏

اعتقادي روايتون

ڪنهن شخص جڏهن امام ‏‏ کان ‏سوال ڪيو ته آيا رسول خدا‏ جن الله ‏پاڪ کي ڏٺو هو؟ ته امام ‏‏ ان جي ‏جواب ۾ فرمايو ته: رسول خدا ‏‏ جن ‏خدا پاڪ کي پنهنجي دل سان ڏٺو هو نه ‏ڪه ظاهر اک سان. ڇا توهان ناهي ٻڌو ‏ته خداوند متعال فرمائي ٿو ته: ‏‏ مَا كَذَبَ ‏الْفُؤَادُ مَا رَأَى‏(15) هڪ ڏينهن هارون ‏رشيد امام ‏‏ کي چيو ته: ڪهڙي ‏دليل سان توهان چئو ٿا ته اسان پيغمبر ‏خدا ‏‏ جن جي ذريت منجھان آهيون؟ ‏جڏهن ته پيغمبر جي نسل باقي نه رهي ‏‏۽ ڌيء جي ذريعي سان ڪنهن جي نسل ‏ناهي هلندي. امام ‏‏ فرمايو ته: بهتر ‏آهي ته جواب نه ڏيان پر هارون جو ‏اصرار هو ته قرآن منجھان جواب ڏيو، ‏امام ‏‏ سورت انعام جي 84 ۽ 85 ‏نمبر آيتن جي تلاوت ڪئي ۽ فرمايائون ‏ته: حضرت عيسى ‏‏ کي حضرت ‏ابراهيم ‏‏ جي ذريت قرار ڏنو ويو ‏آهي جڏهن ته حضرت عيسى ‏‏ جو ‏پيءُ نه آهي. هارون جواب ڏنو ته: حضرت ‏عيسى ‏‏ ان جي ماءُ جي ذريعي ‏انبياء جي ذريت قرار ڏنو ويو آهي؛ ‏امام ‏‏ فرمايو ته: اسان به اسان جي ‏ماءُ حضرت فاطمه زهرا ‏‏ جي ذريعي ‏پيغمبر جي ذريت آهيون.(16)‏

فقهي روايتون

ڪنهن شخص هر مهيني ۾ روزي رکڻ ‏جي باري ۾ حضرت امام موسى ڪاظم ‏‏ کان سوال ڪيو ته امام ‏‏ ‏فرمايو ته: هر مهيني ۾ ٽي روزا رکي ته ‏پوري مهيني جي روزن جو ثواب ‏ملندس. خداوند عالم فرمائي ٿو ته: ‏‏ ‏من جاءَ بالحسنة فله عشرُ امثالها‏ هڪ نيڪي ‏جو اجر ان جي ڏھ برابر آهي. اهڙي ‏طريقي سان انسان پوري عمر جي ‏روزن جو ثواب حاصل ڪري سگھي ‏ٿو، البته سواءِ ماه رمضان جي.(17)‏

علوم قرآن جي باري ۾ روايتون

روائي تفسيرن ۾ انهن روايتن کي به ‏تفسيري روايتن جو نالو ڏنو ويو آهي ‏جيڪي ڪنهن آيت جي لفظ جي معنى ‏يا ان جي تفسير ته نٿيون بيان ڪن پر ‏قرآني موضوعات جي باري ۾ ڪنهن ‏مقام تي امام ‏‏ انهن کي بيان ڪيو ‏آهي يا ڪنهن راوي جي سوال جي ‏جواب ۾، جيئن قرآن جي قرائت جي ‏باري ۾. قرائت قرآن جي باري ۾ ‏مشهور آهي ته قُراءِ سبعه ست معروف ‏قرآن جا قاري هئا جن جي قرائت ۽ ‏لهجو معتبر هو. ان باري ۾ ائمه ‏معصومين ‏‏ به رهنمائي ڪندا هئا ته ‏ڪهڙي انداز (لهجي) ۾ قرآن پاڪ جي ‏تلاوت ڪئي وڃي.‏

هڪ شخص امام ‏‏ جي خدمت ۾ ‏عرض ڪيو ته مولا قرآن ۾ ڪجھ ‏آيتون آهن جن کي اسان ٻئي انداز ۾ ‏ٻڌو آهي ۽ ان انداز ۾ پڙهڻ اسان جي ‏لاءِ مشڪل آهي ڇا ان صورت ۾ ‏گناهگار آهيون؟ امام ‏‏ فرمايو ته: تو ‏جنهن انداز ۾ سکيو آهي ان انداز ۾ ‏پڙهندو ڪر.‏

اسباب نزول جي باري ۾‏

اسباب نزول جي معنى آهي ته ڪنهن ‏واقعي کان پوءِ هڪ يا ڪجھ آيتون ‏نازل ٿين ته اهو واقعو سبب نزول جو ‏ٿيندو آهي.‏

محمد بن فضيل امام موسى ڪاظم ‏‏ کان روايت ڪري ٿو ته: مون امام ‏‏ کان هن آيت ‏لا يملک لکم ضرّاً و لا ‏رشداً‏ جي باري ۾ سوال ڪيو، امام ‏‏ فرمايو ته: رسول خدا ‏‏ جن ‏ماڻهن کي حضرت علي ‏‏ جي ولايت ‏جي باري ۾ حڪم ڪيو، قريش وارا ‏حضرت جي خدمت ۾ آيا ۽ چيائون ته: ‏اسان کي ان ڳالھ کان معافي ڏيو، ‏حضرت فرمايو ته: اهو خدا جو ڪم آهي ‏لهذا هيءَ آيت نازل ٿي.‏

‏1.‏ سورت بقره، آيت 205‏

‏2.‏ سورت طلاق، آيت 3‏

‏3.‏ ڪتاب ڪافي، ج 2 ص 65، حديث 1375‏

‏4.‏ تفسير روح المعاني، ج 5 ص 94 ، ‏

‏5.‏ تفسير عياشي، ج 1 ص 92‏

‏6.‏ سورت حج، آي 29‏

‏7.‏ اصول ڪافي، ڪليني، ج 4 ص 51‏

‏8.‏ تفسير الميزان، ج 3 ص 74‏

‏9.‏ سورت ملڪ، آيت 30‏

‏10.‏ تفسير نمونه، ج 24 ص 360‏

‏11.‏ سورت نساء، آيت 59‏

‏12.‏ تفسير عياشي، ج 1 ص 253‏

‏13.‏ تفسير در منثور، ج 2 ص 176‏

‏14.‏ سورت اعراف، آيت 31‏

‏15.‏ سورت نجم، آيت 11‏

‏16.‏ صدوق، ج 1 ، ص 84- 85‏

‏17.‏ اصول ڪافي، ج 4، ص 93.‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :