نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ع جو تفسيري طريقه ڪار

فونٽ جو اندازو:
2020/10/18

امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق جو تفسيري طريقه ڪار

منور علي شريعتي

خداوند متعال دين اسلام کي ”وحي ‏قرآني“ ۽ ”وحي بياني“ جي صورت ۾ ‏موڪليو آهي وحي بياني مان گهڻو ‏حصو ”ديني سکيا“ جي صورت ۾ فقط ‏پيغمبر جي وارثن کي مليو جنهن مان ‏ان جو وسيع حصو قرآن ۽ ان جي ‏تفسير آهي. انهي ڪري قرآن ”ثقل ‏اڪبر“ مان فائدو وٺڻ لاءِ اسان کي ‏ضروري آهي ته ثقل اصغر يعني ‏معصوم امامن ڏانهن رجوع ڪريون ‏جيڪي ڪلام الهي جي بهترين شرح ۽ ‏تفسير ڪن ٿا.‏

انهيءَ ڪري هتي اسان امام محمد باقر ‏‏۽ امام جعفرصادقجي دور جو ذڪر ‏ڪريون ٿا، جيڪو تاريخ اسلام ۾ تمام ‏گهڻي اهميت رکي ٿو انهن امامن جي ‏روايتن منجهان فقط هتي ڪجهه ‏تفسيري روايتن ۽ سندن تفسيري ‏طريقي جي جاچ پڙتال ڪيون ٿا.‏

پيغمبر اسلام جي رسالت جو زمانو به ‏جنگين ۽ ٻين مختلف سياسي اجتماعي ‏مشڪلاتن ۽ مسلمانن جي ضرورت جي ‏محدود هجڻ ۽ ان کان علاوه ڪجهه ‏ٻين سببن جي ڪري اسلام جا مسائل ‏جهڙوڪ: احڪام، آداب، اخلاق ۽ تفسير ‏قرآني، خصوصي ۽ عمومي تعليمات ‏جي صورت ۾ ظاهر ٿيا انهن مان ‏پهريون عمومي تعليمات تي مشتنل ‏حصو ماڻهن جي ضرورت کي پورو ‏ڪرڻ لاءِ هيو جيڪو روايتن ۽ آيات ‏

جي تفسير ۽ شان نزول، بيان احڪام ۽ ‏آداب اسلام جي صورت هو جنهن ۾ ‏

اهي ئي روايتون آهن جن جا مخاطب ‏معاشري جا سڀئي افراد آهن جيڪي ‏سنت نبي جي اصلي چؤکٽ کي تيار ‏ڪن ٿا ۽ تعليم نبوي جو ٻيو حصو ‏وسيع پيماني تي ظاهر ٿيو جيڪو ‏امامت جي ميراث مان آهي.‏

پهريون حصو جيڪو ڪنهن حد تائين ‏محدود هو ۽ ان زماني ۾ حديث نقل ‏ڪرڻ ۽ لکڻ تي پابندي هئي، اهڙي ‏صورت ۾ اهل بيت ‏‏ ڏانهن رجوع ‏ڪرڻ ضروري هيو. ۽ انهن حضرات ‏ڪڏهن به فڪر اسلام جي ترويج ڪرڻ ‏کان ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي مختلف ‏مشڪلات هئڻ جي باوجود پنهنجي ‏وظيفي کي مختلف طريقي سان انجام ‏ڏيندا رهيا ۽ هي رسالت مختلف پهلوئن ‏تي مشتمل هئي اسان فقط امام محمد ‏باقر ۽ امام جعفرصادقجي دور کي مد ‏نظر رکي انهن حضرات جي تفسيري ‏روايات ۽ انهن جي اهم ۽ آشڪار ‏خاصيتن کي بيان ڪريون ٿا.‏

پيغمبر اسلام جي رحلت کان پوءِ ‏حضرت علي عليه السلام هر قسم جي ‏سياسي تلاش کان دور رهيا ۽ اسلام ‏جي بچاء لاءِ مصيبتن تي صبر ڪندا ‏رهيا تنهن هوندي به ڪجهه صحابه ‏ڪلام الهي جي تعليم پرائيندا رهيا. ان ‏کان پوءِ امام حسن ۽ امام حسين‏ جو ‏زمانو به سياسي ۽ معاشرتي ڇڪتاڻ جي ‏ڪري علمي فيض پهچائڻ کان محروم ‏رهيو. امام سجاد‏ جي زماني ۾ ڪربلا ‏جي واقعي جي ڪري شيعن مٿان ‏دهشت جو دور رهيو، تنهن ڪري پاڻ ‏دعائن جي صورت ۾ دين جو پيغام ‏پهچائڻ ۾ مصروف رهيا. باقي امام ‏محمد باقر ۽ امام جعفر صادق‏ جي ‏دور ۾ اموين ۽ عباسين جي ڇڪتاڻ ۽ ‏اختلاف جي ڪري ڪافي حد تائين ‏ميدان خالي رهيو جنهن جا ڪجهه مثال ‏هيٺ ڏجن ٿا:‏

‏1.‏ سياسي آزادي

امام محمد باقر ‏‏ جي پوري زندگي ۽ ‏امام جعفر صادق ‏‏ جا تقريباً پنجاه سال ‏اموين جي ظلم ۽ جور جو شڪار رهيا ‏اموي حڪومت جي ڪجهه عرصي ‏گذرڻ کان بعد انهن جي حڪومت جيڪا ‏شورا جي نالي تي ٺهي هئي اها ‏شهنشاهي حڪومت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ‏عوام کان پنهنجي اظهار نظر جو حق ‏کسيو ويو ۽ حڪومت جو بيت المال ‏پنهنجي عيش و عشرت لاءِ استعمال ‏ڪيو ويو اها حالت شيعه ۽ غير شيعه ‏قيامن جو سبب بڻي جيئن ڪربلا وارو ‏واقعو، حرّ وارو داستان، توابين جو ‏قيام ۽ مختار جو قيام ۽ ائين ئي امام ‏سجاد‏ جي دور ۾ ڪجهه قيام ٿيا جيئن ‏ته محمد بن عبدالله بن حسن جو قيام ۽ ‏ان جي ڀاءَ ابراهيم جو قيام ۽ امام ‏محمد باقر ۽ امام جعفر صادق‏ جي ‏دور ۾ به ڪجهه اندروني ۽ ڪجهه ‏بيروني قيام ٿيا انهن سڀني قيامن جي ‏باعث اموي حڪومت سقوط ڪيو ۽ ‏عباسين جي حڪومت آئي.‏

انهي درميان امام محمد باقر ‏‏ لاءِ ‏فرهنگي، علمي ۽ مذهبي دور پيدا ٿيو ‏جيتري اموي حڪومت زوال ڏانهن ‏ويجهي ٿيندي رهي اوترو ئي شيعا ‏آزادي محسوس ڪندا رهيا.‏

‏2. قياس جي پوئلڳن جو اڳتي وڌڻ ‏امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق‏ ‏نبوي ڏانهن دعوت ڏيڻ، اهل سنت جي ‏روايات جو محدود هجڻ ۽ انهن جو اهل ‏بيت ‏‏ ڏانهن رجوع نه ڪرڻ باعث ‏ٿيو ته اهل سنت جا علماء پنهنجي ‏مشڪلات کي دور ڪرڻ لاءِ راي ۽ ‏قياس ڏانهن رجوع ڪيو ۽ سنت نبوي ‏کان دور ٿيا. امام محمد باقر ۽ امام ‏جعفرصادق‏ جي دور ۾ راي ۽ قياس ‏ڏانهن رجوع ڪرڻ ۾ وسعت آئي ۽ هڪ ‏مستقل مڪتب جي صورت ۾ ظاهر ‏ٿيو.‏

ان زماني ۾ عراق مڪتب قياس جو ‏مرڪز هو ۽ انهن جو باني ابوحنيفه هو ‏‏۽ جيئن ته گھڻا شيعه عراق ۾ رهندا هئا ‏امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ ‏اهل راي ۽ قياس سان مناظري جي ‏صورت ۾ مقابلو ڪيو ۽ عقل جي ‏حڪم شرعي جي استنباط ۾ حقيقي ‏حيثيت بيان ڪئي ۽ اهو بيان ڪيو ته ‏سنت نبوي جي ڪيتري ضرورت آهي.‏

ان کان علاوه پنهنجي شيعن ۽ ٻين ‏مذهبن جي مڃيندڙن لاءِ واضح ڪيو ته ‏اگر مشرق ۽ مغرب تائين وڃي رجوع ‏ڏانهن رجوع ڪن ڪٿي به حقيقي ۽ ‏وسيع علم ۽ وسيع جيڪو اهلبيت ‏‏ ‏وٽ آهي انهن کي نه ملندو.‏

‏3 . امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي زندگي‎ ‎جي دوران مختلف مذهب ‏ظاهر ٿيا انهن منجھان ڪجھ فرقا هي ‏آهن: معتزله، مرجئه، اهل قياس، غلات، ‏خوارج ۽ اهل ڪتاب. اهي فرقا ان دور ‏‏۾معاشري ۾ فعاليت ۽ فڪري تلاش ۾ ‏مصروف هئا ۽ اڪثر شيعن جي هدف ۽ ‏انهن جي عقيدن لاءِ مشڪلات ۽ انهن ‏جي ذهنن ۾ شبهات ايجاد ڪري رهيا ‏هئا انهن منجھان اڪثر مذهب امام ‏محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي ‏دور کان پهرين ظاهر ٿيا هئا. ليڪن ‏سندن خاص فرهنگي ۽ عقيدتي فعاليت ‏جي ڪري انهن فرقن جي تلاش وسيع ‏ٿي وئي، ۽ انهن جي پيروڪارن جو ‏تعداد به وڌي رهيو هو.‏

هتي اسان انهن اهم فرقن منجهان رڳو ‏انهن جوذڪر ڪنداسين جيڪي هڪ ‏خاص مقصد ۽ نعري سان ظاهر ٿيا ۽ ان ‏دور جي فرهنگي ۽ سياسي زندگي تي ‏اثر انداز ٿيا.‏

الف: خوارج (ا)‏

خوارج جنگ نهروان ۾ شڪست کان ‏پوءِ سياسي تلاش ۽ پنهنجي خاص ‏مريدن جي تعداد ۾ محدود ٿي ويا هئا ‏ليڪن اموي حڪومت جي آخري دور ۽ ‏عباسي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ‏جيڪا ٿوري گهڻي آزادي ملي هئي ‏انهن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نظر ۽ ‏عقيدي کي اهل بيت ‏‏ جي مريدن ۾ ‏رائج ڪن، انهيءَ ڪري خوارج سان ‏مقابلو جيڪو حضرت امام علي ‏‏ ‏جي دور کان شروع ٿيو هو ، امام ‏محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي ‏دور ۾ مناظرن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ‏انهن جو مثال ته امام محمّد باقر ‏‏ ‏جو نافع بن ازرق سان مناظرو آهي، ‏امام ‏‏ نافع بن ازرق کي سندس ‏منحرف عقيدي ۾ شڪست ڏني ۽ ‏ماڻهن کي ڏيکاريو ته هيءُ گروھ جاهل ۽ ‏ظاهري طور مقدس (پاڪ) آهي.(2)‏

ب: معتزله

معتزله جيڪي خوارج جي افراطي ‏عقيدي ۽ انهن جي ٻين مسلمانن سان ‏سخت رويي جي ڪري ظهور ڪيو هو ‏تن پنهنجي ڪوشش کي وسيع پيماني ‏تي انجام ڏنو.‏

انهن جا ڪجھ خاص عقيدا هئا انهن ‏منجھان هڪ هي آهي ته مفضول جي ‏امامت فاضل تي آهي، انهيءَ عقيدي ‏اموين جي حڪومت کي شرعي حيثيت ‏ڏني ۽ اهل بيت ‏‏ کي ان دور جي ‏معاشري کان ٻاهر رکيو، ۽ انهن جا ‏ڪجھ عقيدا مسيحيت وانگر هئا ۽ ‏اهي عقيدا ان دور جي مسلمانن جي ‏عقيدن لاءِ خطري وارا هئا. انهيءَ ڪري ‏امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ ‏انهن جي ٽوڙ ۾ ان دور جي معتزله جي ‏علماء سان مناظرا ڪيا، انهن منجھان ‏حسن بصري ۽ عمرو بن عبيد معتزلي ‏آهن.(3)‏

ج: مرجئه(4)‏

انهن جي باري ۾ ڪجھ علماء جي نظر ‏آهي ته انهن جي پيدائش اموين جي ‏طرف کان آهي ۽ انهن پنهنجي سياسي ‏مقصد ۽ پنهنجي حڪومت کي مضبوط ‏ڪرڻ لاءِ ان مذهب جو سنگ بنياد رکيو ‏‏۽ انهن وسيع پيماني تي اها ڪوشش ‏ڪئي ۽ اهو امام محمد باقر ۽ امام ‏جعفر صادق ‏‏ جي دور ۾ اهو مذهب ‏مسلمانن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو، ‏ٻيو انهيءَ ڪري امام محمد باقر ۽ امام ‏جعفر صادق ‏‏ انهن جي عقائد کي رد ‏ڪرڻ لاءِ ان عقيدي جي طرفدارن سان ‏مناظرا ڪيا انهن منجھان ابوحنيفه ۽ ‏عمرو بن قيس آهن. ۽ انهن جي باطل ‏عقيدن کان بيزاري جو اظهار ڪيو ۽ ‏انهن کي هن دنيا ۽ آخرت جو دشمن ‏سمجھيو.‏

د: غالين جو عام ٿيڻ(5)‏

اموين جي آخري دور ۽ عباسين جي ‏شروعاتي دور ۾ سياسي دٻاء جي گھٽ ‏ٿيڻ جي ڪري غلوّ جو عقيدو جيڪو ‏ڪجھ سال پهرين پيدا ٿي چڪو هو ‏وسيع پيماني تي رواج پيدا ڪيو ۽ ‏عام طور تي اسلامي معاشري ۽ ‏بالخصوص شيعن جي لاءِ اهم ٿي چڪو ‏هو. اهڙي حالت ۾ امام محمد باقر ۽ ‏امام جعفر صادق ‏‏ جي شيعه ‏عقيدي کي محفوظ رکڻ جي لاءِ تمام ‏اهم تلاش انهن سان مقابلو ۽ انهن جي ‏مخالفت ڪرڻ هئي ۽ اها تلاش ٻين ‏شين جي مقابلي ۾ هڪ وسيع تلاش ‏هئي.‏

انهن منجھان غالي عقيدي جي اڳواڻن ‏جي نالي ۽ خاصيتن جي سڃاڻپ ڪرائڻ ‏شيعن جو ان طبقي کي انهن جي ‏ڀٽڪيل عقيدن کان روڪڻ، غالين سان ‏اٿڻ ويهڻ ۽ فرهنگي معاملات کان ‏روڪڻ. انهن جي عقيدي جي رد ڪرڻ ‏‏۽ انهن تي ڦٽڪار ڪرڻ ۽ ان کي ڪافر ‏چوڻ ۽ شيعه فڪر کي بيان ڪرڻ. حديث ‏صحيح کي جعلي حديث جي مقابلي ۾ ‏سڃاڻپ جي لاءِ معيار بيان ڪرڻ جيڪو ‏ڪتاب ۽ سنت ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي.‏

امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ پاران اهل بيت ‏‏ جي علم تي ‏تاڪيد ڪرڻ ته انهن جو علم، علمِ ‏الهي آهي ۽ ان مطلب کي واضح ڪرڻ ‏ته صحيح علم اهل بيت ‏‏ جن وٽ ‏آهي.‏

ھ: تشيع جو رائج ٿيڻ(6)‏

پوري تاريخ ۾ شيعه عدالت جي مطالبي ‏جي ڪري ظالم حڪومت جي دٻاء هيٺ ‏هئا ۽ ڪيترائي دفعا مجبور ٿيندا هئا ‏ته تقيو ڪن. ان دور ۾ جيڪا معاشري ‏‏۾ آساني ملي هئي اها هيءَ هئي ته ‏مڪتب تشيع جي پيروڪارن به پنهنجي ‏مذهبي تلاش شروع ڪئي ۽ امام محمد ‏باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ ڏانهن ‏رجوع ڪري پنهنجي مذهبي تعليم جو ‏فائدو ورتو.‏

‏4 . شاگردن جي تربيت ڪرڻ‏

ان دور ۾ مسلمان اسلام جي اصلي ‏هدف کان دور ٿي رهيا هئا ۽ جاهليت ‏وارين عادتن ڏانهن وڃي رهيا هئا ۽ ‏مختلف مذهب ظاهر ٿي رهيا هئا ۽ ‏جعلي حديثون عام ٿي رهيون هيون ۽ ‏ڪجھ فقهاء کي حڪومت جي طرف ‏کان تائيد ملي رهي هئي. اهڙي حالت ۾ ‏حديث ۽ سنت کي زنده ڪرڻ ۽ هر ‏قسم جي شڪ کي دين کان دور ڪرڻ ‏لاءِ عالمن ۽ فقيهن جو احساس ٿي ‏رهيو هو. انهيءَ ڪري امام محمد باقر ‏‏۽ امام جعفر صادق ‏‏ مديني پاڪ ۾ ‏هڪ فرهنگي، علمي ۽ تربيتي مدرسي ‏جو سنگ بنياد رکيو جيڪو مختلف ‏عِلمن ۽ معارف ۾ اهم ڪردار ادا ‏ڪري رهيو هو. اهڙي طرح اڪثر ‏دانشور پنهنجي جواب حاصل ڪرڻ جي ‏لاءِ ان مدرسي ڏانهن رجوع ڪري رهيا ‏هئا. چاهي اهي ڪنهن به مذهب سان ‏تعلق رکندا هجن.‏

‏۽ ان مدرسي جي نتيجي ۾ امام محمد ‏باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي علمي ‏‏۽ اخلاقي مشهور دانشورن ۾ شهرت ‏حاصل ٿي حاصل ٿي ۽ ان جو ٻيو ‏نتيجو اهو حاصل ٿيو ته تقريباً چار هزار ‏شاگردن تربيت حاصل ڪئي انهن ‏منجھان معروف فقيه ۽ عالم ڪجھ هي ‏آهن:‏

زراره، محمد بن مسلم، ابوبصير ۽ ‏ڪجھ ٻيا بزرگ آهن. جن منجھان هر ‏هڪ خاص رشتي ۾ معروف ٿيو ۽ انهن ‏وري ٻين اسلامي علائقن ۾ مدرسا ‏کوليا ۽ حديثون نشر ڪرڻ جو ڪم ‏شروع ڪيو.(7)‏

‏5 . حديثن جي دستاويزن کي نشر ڪرڻ

سياسي جھڳڙن جي گھٽجڻ ۽ اموي ‏حاڪميت جو هڪ ٿيڻ سبب بڻيو ته ‏ڪيترائي علماء سياست کان دور ٿي، ‏پنهنجي درس ۽ بحث ڏانهن وڃن. اهڙي ‏حالات ۾ شيعا حديث جيڪا ابتدائي ‏مسئلن جي حد تائين محدود هئي. ڪجھ ‏حادثن جي ڪري ختم ٿي ويا هئا انهيءَ ‏ڪري امام محمد باقر ۽ امام جعفر ‏صادق ‏‏ دستور فرمايو ته: حديثون گڏ ‏ڪري نئي سر لکيون وڃن.‏

هي حديثي دستاويز پوءِ 400 اصل 400 ‏مؤلف کان ڪتابي صورت ۾ ظاهر ٿيا ‏‏۽ شيعه ۽ سني علماء انهن جون اڪثر ‏روايتون پنهنجن ڪتابن ۾ لکيون آهن. ‏انهيءَ دور ۾ پهريون دفعو عمر بن عبد ‏العزيز حديث نقل ڪرڻ ۽ لکڻ واري ‏حڪم کي هٽايو ۽ ابوبڪر بن حزم کي ‏حديثن لکڻ جي ذميواري سونپي.(8)‏

امام محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي تفسير ‏جو طريقه ڪار

جيئن ته پهرئين بيان ٿي چڪو آهي ته ‏سنت، قرآن جي تفسير ڪندڙ آهي ۽ ‏اهلبيت ‏‏ جي روايتن جو وسيع ‏

حصو قرآن ۽ ان جي تفسير ۽ تاويل جي ‏باري ۾ آهي ۽ هر مفسر انهن روايتن ‏ڏانهن رجوع ڪرڻ ۾ محتاج آهي. ‏انهيءَ ڪري حضرت امام محمّد باقر ‏‏ جن فرمائن ٿا ته: اهل بيت ‏‏ ‏ڏانهن رجوع ڪرڻ کان بغير قرآن جي ‏تفسير ڪرڻ ان شخص جي هلاڪت جو ‏سبب بڻجي ٿي.(9)‏

ان شيءِ جو احساس امام محمد باقر ۽ ‏امام جعفر صادق ‏‏ جي دور ۾ تمام ‏گھڻو محسوس ٿيو ٿي ان ڪري جو ‏هڪ طرف خوارج هئا ۽ اهي ڪوشش ‏ڪري رهيا هئا ته پنهنجي عقيدن کي ‏ظواهر قرآن سان ڀيٽين ۽ ٻئي طرف ‏کان مرجئه، ٻين حڪمن وانگر تفسير ‏قرآن ۾ ٽال مٽول ڪري رهيا هئا پئي ‏ڪيو. ليڪن معتزله ڪوشش ڪري ‏رهيا هئا ته جيترو ٿي سگهيو پئي هڪ ‏آيت منجھان مختلف صورت ڪڍي رهيا ‏هئا ۽ انهيءَ وسيلي سان دشمن جي ‏حجت کي ٽوڙي رهيا هئا جن جي حجت ‏به قرآني آيتون هيون ۽ پنهنجي مذهب ‏جي تائيد ڪري رهيا هئا.‏

ليڪن غالي تفسير قرآن جي راھ ۾ ‏جيڪي مشڪلاتون پيش ڪري رهيا ‏هئا اهي سڀ ٻين مذهبن کان وڌيڪ ‏هيون.‏

ليڪن اهل بيت ‏‏ پيغمبر اسلام ‏‏ ‏جن جي پيروي ڪندي مختلف طريقن ‏سان قرآن جو تفسير ڪندا رهيا، اهي ‏طريقا هي آهن:‏

الف: قہرآن جو تفسير قرآن سان:‏

‏ ان لاءِ اسين هتي مختصر طور شاهد ‏مثال آڻيون ٿا جيڪي امام محمد باقر ۽ ‏امام جعفر صادق ‏‏ جي ڪلام ۾ آيا ‏آهن بيان ڪريون ٿا:‏

قرآن جو تفسير ڪرڻ ۾ سڀني کان ‏وڌيڪ خود قرآن آهي ۽ ان جو بهترين ‏دليل امام علي ‏‏ جو قول، ” القرآن ‏ينطق بعضه ببعض “(10) آهي ۽ ٻيو سبب ‏هيءُ آهي ته قرآن ۾ نصيحتون، قصا، ‏احڪام ۽ مختلف حڪمتون بار بار ‏آيون آهن انهيءَ ڪري سڀني آيتن کي ‏گڏ ڪري ۽ انهن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ‏کان بغير تفسير ڪرڻ جو ٻيو طريقو ‏ناهي. آيتن جو هڪجهڙو هجڻ ۽ ڪڏهن ‏وري هڪ موضوع جي لفظ جو مختلف ‏آيتن ۾ تڪرار ٿيڻ ۽ ڪڏهن وري ان ‏جي معنى جو تڪرار ٿيڻ باعث بڻجي ‏ٿو ته صحيح تفسير حاصل نه ٿي سگهي.‏

قرآن جو قرآن ذريعي تفسير ٻين طريقن ‏سان به آهي جيئن مختصر ۽ مبين کي ‏بيان ڪرڻ، عام ۽ خاص، ناسخ ۽ ‏منسوخ، مطلق ۽ مقيد ۽ ٻين طريقن ‏جي ذريعي به تفسير ڪري سگهجي ٿي. ‏انهي ڪري هن قسم جي ذريعي قرآن ‏جي تفسير ڪرڻ قرآن ڪريم ۽ اهل ‏بيت ‏‏ جي نگاهه ۾ قابل قبول آهي ۽ ‏قرآن جي مفسر جي لاءِ ضروري آهي ته ‏هو ڪامل طريقي سان پوري قرآن تي ‏احاطو رکندو هجي.(11) ۽ اهل بيت ‏‏ ‏جي تفسيري روايات ۾ تمام گھڻو ‏مشاهدو ٿئي ٿو. جهڙوڪ: امام صادق ‏‏ ”عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا الْمُقَرَّبُونَ“ (سورت مطففين، ‏آيت28) جي تفسير ۾ فرمائن ٿا ته: ‏مقربون منجھان مراد اسان آل محمّد ‏يعني پيغمبر اسلام‏ حضرت خديجه‏ ‏‏۽ حضرت علي ‏‏ ۽ انهن جي ذريت ‏آهي جيڪا انهن سان ملحق ٿيندي ۽ ‏انهن جي گواھ هيءَ آيت: ”والحقنا بهم ‏ذريتهم“ (سورت طور، آيت21) آهي.‏

‏۽ ٻي جڳھ تي هڪ شخص هن آيت ( و ‏شاهد و مشهود ”سورت بوج، آيت3“) ۾ ‏پنهنجي نظر پيش ڪرڻ کان پوءِ امام ‏محمّد باقر ‏‏ جن جي نظر حاصل ‏ڪئي، امام محمّد باقر ‏‏ جن ٻين ‏جي نظريات کي هن آيت جي ذريعي رد ‏ڪيو: ” ذالک يوم مجموع له النّاس و ذالک يوم ‏مشهود(سورت هود، آيت103) “ شاهد ‏منجھان مراد عرفه جو ڏينهن ۽ مشهود ‏مان مراد قيامت جو ڏينهن آهي.‏

ب: سنت(12) جي ذريعي قرآن جو ‏تفسير:‏

قرآن جي تفسير ڪرڻ ۾ خود قرآن کان ‏پوءِ سنت جي تمام گھڻي اهميت آهي ان ‏ڪري جو خداوند متعال آيات جو بيان، ‏وحي بياني جي ذريعي پيغمبر اسلام ‏‏ جن تي نازل ڪيو، انهيءَ ڪري پاڻ ‏سڳورا‏ هر شخص کان وڌيڪ خدا جي ‏ڪتاب جي مجمل ۽ مشڪل آيت جي ‏تفسير ۾ آگاھ آهن.‏

شيعن جي نظر ۾ معصوم جو ڪلام ” ‏ثقل اصغر“ قرآن جو شريڪ ۽ ان جو ‏تفسير ڪندڙ آهي انهيءَ ڪري ‏ڪيترائي دانشمند قرآن جي تفسير ‏پيغمبر ۽ اهل بيت ‏‏ جي صحيح ‏حديثن کان سواءِ جائز نه ٿا سمجھن(13) ‏‏۽ معصومين‏‏ خاص طور امام محمد ‏باقر ۽ امام جعفر صادق‏ تمام ‏گھڻين جڳهن تي قرآن جي آيات کي ‏بيان ڪرڻ ۾ نبي اڪرم ‏‏ جن جي ‏روايات کي ڪتب آندو آهي.‏

پاڻ هن مقام تيٻن طريقن سان عمل ‏ڪيو آهي ‏

‏(1): ڪڏهن روايتن کي بغير سند جي ‏پيغمبر اسلام ‏‏ ۽ حضرت امام علي ‏‏ يا ٻين معصومن کان نقل ڪيو ‏آهي ‏

‏(2): ڪڏهن ان حديث کي ڪامل سند ‏سان نقل ڪيو آهي. هر صورت ۾ سند ‏جو ذڪر ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان اهل بيت ‏‏ جي ڪلام ۾ ڪو به خلل نه ٿو ‏اچي. انهيءَ ڪري جو معصومين ‏‏ ‏فرمائن ٿا ته: سندن حديث سندن ابن ‏ڏاڏن جي حديث آهي ۽ اهو خداوند ‏متعال جو ڪلام آهي جيڪو حضرت ‏جبرائيل جي ذريعي پاڻ سڳورن ‏‏ جن ‏تي نازل ٿيو آهي.‏

سنت جي ذريعي قرآن جي تفسير جا نمونا:‏

امام جعفر صادق ‏‏ ”فاذا فرغت فانصب ‏و الى ربّک فارغب“ (سورت انشراح، ‏آيت7،8) جي تفسير ۾ فرمائن ٿا ته: ‏جيئن تون فارغ ٿين ته پنهنجي جھنڊي ‏کي لهراءِ ۽ پنهنجي وصي جو سڀني ‏کي تعارف ڪراءَ ۽ انهن کي ان جي ‏فضيلت کان آگاھ ڪر ان تي عمل ‏ڪندي پيغمبر اسلام ‏‏ جن فرمايو: ‏‏”من کنت مولاه فعليّ مولاه “(14) ۽ هڪ ٻي ‏روايت ۾ امام محمّد باقر ‏‏ جن ‏فرمائن ٿا ته: ”نبا عظيم“ (سورت نبا، ‏آيت2) مان مراد حضرت علي ‏‏ آهي ‏‏۽ پنهنجي ڪلام جي تائيد ۾ امير ‏المؤمنين ‏‏ جي هن ڪلام ڏانهن ‏استناد ڪن ٿا: ”ما لله عزّ و جلّ آية هي اکبر ‏منّي و لا لله نبا اعظم منّي“.(15)‏

ج: قرآني لفظن جو تفسير ۽ بيان:‏

قرآني لغتن جي ڄاڻ تمام ضروري آهي ‏ايتري قدر جو ڪجھ بزرگ فرمائن ٿا ته: ‏اهو مفسر قرآن جيڪو علم لغت جي ‏ڄاڻ نه ٿو رکي ته کيس تنبيه ڪئي ‏وڃي.(16) ان ڪري جو قرآن عربن جي ‏رائج طريقي تي نازل ٿيو آهي. گھڻن ‏جڳهن تي جتي هڪ ڪلي پيغام آهي ‏پيچيده ۽ مشڪل نه آهي ليڪن ڪجھ ‏الفاظ اهڙا آهن جيڪي پڙهڻ واري جي ‏ذهن ۾ ڪجھ سوال پيدا ڪن ٿا. انهيءَ ‏ڪري امام محمد باقر ۽ امام جعفر ‏صادق ‏‏ جي ڪلام جو ڪجھ حصو ‏قرآني لغتن جي بيان ۾ آهي. مثلاً: امام ‏محمّد باقر‏ جن فرمائن ٿا: هن آيت ‏‏”هل في ذالک قسم لذي حجر“(سورت فجر، ‏آيت5) ۾ ”حجر“ جي معنى عقل ‏آهي.(17)‏

‏۽ ٻي جڳھ تي امام جعفر صادق ‏‏ ‏هن آيت ”و مزاجه من تسنيم“ (سورت ‏مطففين، آيت33) ۾ ”تسنيم“ جي معنى ‏ڪندي فرمائن ٿا ته تسنيم سنم جي ‏ڌاتو مان ورتل آهي جيڪو ”رفع“ يعني ‏بلندي جي معنى ۾ آهي ان ڪري جو ‏اهو چشمو بلند مڪان کان جاري ٿئي ‏ٿو.(18)‏

د: مصداق جي ذريعي آيات جو بيان ‏ڪرڻ:‏

هڪ آيت جي مصداق کي بيان ڪرڻ ‏جي معنى هيءَ آهي ته ان آيت کي ‏ڪنهن واقعي يا دنيا ۾ موجود ڪنهن ‏شيءَ تي فٽ ڪرڻ. ليڪن ضروري آهي ‏ته موضوع ۽ مصداق جي درميان ‏مناسبت هجي. اهلسنت جي روايات ۾ ‏مصداق جو ذڪر ڪرڻ هڪ خاص ‏منزلت رکي ٿو، امام محمد باقر ۽ امام ‏جعفر صادق‏ جي دور ۾ ڪجھ ساده ‏ذهن جا ماڻهو ۽ خوارج يا وري مفاد ‏پرست جيئن غالي ڪوشش ڪري رهيا ‏هئا ته آيتن کي پنهنجي فائدي ۾ ۽ ‏دشمنن جي مقابلي ۾ تفسير ڪن ۽ ‏غلط تاويل جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي ‏متقي، مؤمن، ڪامياب انسان ظاهر ‏ڪري رهيا هئا ۽ شيعن کي منافق، ‏فاسق ۽ ڪافر طور پيش ڪري رهيا هئا.‏

اهڙي صورت ۾ قرآني آيتن کي صحيح ‏طريقي سان پنهنجي حقيقي مصداق ‏سان ڀيٽڻ شيعن لاءِ ۽ انهن کي انحراف ‏کان بچائڻ ضروري هو.‏

هتي ضروري آهي ته اسين ان ڳالهه جو ‏ذڪر ڪيون ته آيتن جي مصداقن جا ‏قسم مختلف آهن. خاص مصداق، اتم ‏مصداق، عام مصداق ۽ باطل مصداق ‏آيت.‏

‏1: خاص مصداق

قرآن جي ڪجھ آيتن ۾ لفظ عام آهي ‏‏۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جا گهڻائي مصداق ‏هجن ليڪن ڪجھ شاهد ۽ قرينا آهن ‏جيڪي آيت کي هڪ يا ڪجھ مصداقن ‏‏۾ محدود ڪن ٿا ۽ ٻين افراد کي عام ‏دائري کان ٻاهر ڪڍين ٿا. ان جو هڪ ‏نمونو آيت ولايت آهي. ”إِنَّمَا وَلِيُّكُمُ اللّهُ ‏وَرَسُولُهُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ الَّذِينَ يُقِيمُونَ الصَّلاَةَ وَيُؤْتُونَ ‏الزَّكَاةَ وَهُمْ رَاكِعُونَ“ (سورت مائده، آيت55) ‏آهي توڙي جو لفظ الذي عام معنى کي ‏سمجهائي ٿو. پر ان مان مراد علي‎ ‎آهي.‏

‏2:اتمُّ مصداق (سڀ کان وڌيڪ ڪامل ‏مصداق)‏

هن قسم جو مصداق ان کي ”اڪمل“ ۽ ‏‏”اعلى“ به چون ٿا. يعني آيت جو لفظ ۽ ‏معنى مختلف مصداقن کي شامل ٿئي ‏ٿو ۽ انهن مصداقن جا درجات به مختلف ‏آهن. ليڪن هڪ يا ڪجھ فرد ٻين کان ‏درجي جي اعتبار ۾ اعلى درجي تي ‏آهن. اهي آيت جا سڀني کان وڌيڪ ‏ڪامل مصداق آهن. ان جو شاهد مثال: ‏امام محمدباقر‏ هن آيت ” إِلَّا الَّذِينَ ‏آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ“ ‏‏(سورت تين، آيت6) جي تفسير ۾ ‏فرمائن ٿا ته ان آيت جوسڀني کان وڌيڪ ‏ڪامل مصداق علي ‏‏ آهي.‏

ٻيو شاهد مثال: امام باقر‏ هن آيت ‏‏”إِنَّ الْأَبْرَارَ لَفِي نَعِيمٍ * وَإِنَّ الْفُجَّارَ لَفِي جَحِيمٍ“ ‏‏(سورت انفطار، آيت13،14) جي تفسير ‏‏۾ فرمائن ٿا اسان ابرار آهيون ۽ اسان ‏جا دشمن فجار آهن.‏

‏3: عام مصداق:‏

عام مصداق انحصاري مصداق ۽ اتم ‏مصداق وانگر نه آهي، بلڪه جڏهن به ‏آيت جو لفظ صلاحيت رکندو هجي ته ‏ان جا مختلف مصداق هجن ته جيڪڏهن ‏اتي هڪ عادي مصداق ذڪر ڪيو وڃي ‏ته ان مصداق کي مصداق عام چون ٿا.‏

عام مصداق جو مثال: امام محمد باقر ‏‏ کان هن آيت ”وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاء ‏ظَهْرِهِ * فَسَوْفَ يَدْعُو ثُبُورًا “ (سورت انشقاق، ‏آيت10،11) ۾ روايت آهي ته هن آيت جو ‏مصداق مشرڪ آهي.(19) هڪ ٻي ‏روايت ۾ امام ‏‏ فرمائن ٿا ته: هن ‏آيت جو مصداق اسود بن عبد الاسود ‏مخزومي آهي، جنهن کي حضرت حمزه ‏‏ جنگ بدر ۾ قتل ڪيو هو.(20)‏

‏4: مصداق باطن يا آيت جي تاويل:‏

علوم اسلامي جا علماء تاويل جي ‏تعريف ۽ ان جي خاصيتن جي باري ۾ ‏مختلف قسمن جي نظر رکن ٿا، ڪجھ ‏تاويل کي تفسير جي معنى ۾ (21) ۽ ‏ڪجھ وري تاويل کي اهڙي حقيقت ‏چون ٿا جنهن مان ڪجھ امور نڪرن ٿا.‏

انهن سڀني کان علاوه ڪجھ اهڙا علماء ‏به آهن جيڪي چون ٿا ته عام، اڪمل ۽ ‏خاص مصداقن کان علاوه هر آيت هڪ ‏عام مفهوم رکي ٿي جنهن کي ”مفهوم ‏انتزاعي“ چئبو آهي يعني اهڙو مفهوم ‏جيڪو ڪجھ مصداقن سان ڀيٽي ‏سگهجي جيتوڻيڪ لفظ مان اهو مفهوم ‏سمجهه ۾ نه اچي. اهي علماء اهڙي ‏مصداق کي ” تاويل “ ۽ مصداق باطن ‏چون ٿا.‏

اهڙي مصداق جو روشن مثال: امام ‏محمّد باقر ‏‏ کان روايت آهي، امام ‏‏ فرمائن ٿا ته: آيت ” فلينظر الانسان الى ‏طعامه “ (سورت عبس، آيت24) ۾ طعام ‏مان مراد هڪ فرد جو علم آهي يعني ‏انسان غور ۽ فڪر ڪري ته اهو علم ‏ڪنهن کان حاصل ڪري رهيو آهي؟

ٻيو مثال: امام صادق ‏‏ کان روايت ‏آهي ته هن آيت ”هل اتٰک حديث الغاشية“ ‏‏(سورت غاشيه، آيت1) ۾ الغاشيه مان ‏مراد اهي افراد آهن جن پنهنجي امام ‏جي حق کي ڪا اهميت نه ڏني ۽ سندن ‏کي لڪايو.(22)‏

ھ: تمثيل (مثال پيش ڪرڻ)۽ تشبيھ (هڪ ‏شيءَکي ٻي شيءَ سان ڀيٽڻ وارو طريقو)‏

پنهنجي ڪلام کي مخاطب تائين ‏پهچائڻ جو هڪ طريقو تمثيل ۽ تشبيھ ‏جو به آهي. ان طريقي کي استعمال ‏ڪرڻ سان متڪلم (ڳالهائڻ واري) ‏پنهنجي مقصد تائين جلدي پهچي وڃي ‏ٿو خداوند متعال به قرآن پاڪ ۾ ڪافي ‏جڳهن تي ان طريقي کي استعمال ڪيو ‏آهي. ۽ اهل بيت ‏‏ جي ڪلام ۾ به ‏اهڙي طريقي جو استعمال ڏٺو ويو آهي.‏

قرآن ۾ اهڙا ڪافي مقام آهن ليڪن ‏اسان هتي فقط هڪ مقام جو ذڪر ‏ڪريون ٿا لفظ ” نعيم“ جو صحيح ‏مفهوم جيڪو هن آيت ”ثم لتسئلنّ يومئذ ‏عن النّعيم“ (سورت تڪاثر، آيت8) ۾ ذڪر ‏ٿيو آهي ابوحنيفه ۽ ڪجھ ٻيا افراد ‏چون ٿا ته ان مان مراد دنياوي نعمت ‏آهي. انهيءَ ڪري امام محمّد باقر ‏‏ ‏تمثيل جي ذريعي ان نظريي کي رد ‏ڪيو آهي ۽ ابو حنيفه کي خطاب ڪري ‏فرمائن ٿا ته: جهڙي طرح جيڪڏهن تو ‏وٽ ڪو مهمان اچي ٿو ۽ تون ان کي ‏ڇانو ۾ ويهارين ٿو ۽ ان کي ٿڌو پاڻي ‏پيارين ٿو ۽ ان تي ڪو به احسان نه ٿو ‏جتائين، جڏهن ته خداوند متعال سڀني ‏کان وڌيڪ ڪريم آهي تنهن ڪري ‏کيس اهو نٿو جڳائي جو پنهنجي بندي ‏کي غذا ۽ پاڻي ڏئي ۽ ان باري ۾ ان ‏کان سوال ڪري؛ بلڪه نعيم منجھان ‏مراد پيغمبر اڪرم ‏‏ جن جي وجود ‏جي نعمت جو سوال آهي جنهن جي ‏ذريعي انسانن کي گمراهي کان صحيح ‏رستي تي آڻي.‏

و: برهان عقلي جي مدد سان آيتن جو ‏تفسير ڪرڻ

قرآن مجيد جون ڪجھ آيتون اهڙيون ‏آهن جيڪي عقيدي ۽ ڪلام جي نظرين ‏سان مربوط آهن ۽ انهن آيتن کي ‏سمجھڻ جي لاءِ ضروري آهي ته دليل ۽ ‏برهان آڻيون، انهيءَ طريقي جي ذريعي ‏اسان افراد جا شبهات ختم ڪري ‏سگھون ٿا. عقلي برهانن کي نه صرف ‏قرآن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي پر اهل ‏بيت ‏‏ جي روايات ۾ به عقلي برهان ‏نظر اچي ٿو، ۽ اهي دلائل امام محمد ‏باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي ‏روايات ۾ ڪافي نظر اچن ٿا.‏

انهن مان اهل بيت ‏‏ جا بهترين دليل ‏سورت توحيد ۾ آهن. ‏

مثال طور امام صادق ‏‏ هڪ ‏مختصر ليڪن تمام اونهو دليل سورت ‏توحيد جي تفسير ۾ پيش ڪيو آهي.‏

ح: تفسير امام محمد باقر ۽ امام جعفر ‏صادق ‏‏ ۾ شان نزول جي منزلت:‏

شان نزول جو علم روايت کان سواءِ ‏حاصل نه ٿو ٿي سگهي ۽ شان نزول جو ‏علم آيات جي معنى کي سمجھڻ ۽ ‏تفسير جي مشڪلات کي دور ڪرڻ ۾ ‏اهم ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو.‏

اهل بيت ‏‏ ان علم کي مد نظر ‏رکندي پنهنجي ڪجھ احاديث کي ان ‏موضوع ۾ بيان ڪيو آهن.‏

مثال طور: امام جعفر صادق ‏‏ جي ‏هيءَ روايت ان مطلب کي واضح ڪري ‏ٿي ته ڪجهه يهودي پيغمبر اسلام ‏‏ ‏جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پاڻ ‏سڳورن ‏‏ جن کان درخواست ڪيائون ‏ته انهن لاءِ خداوند متعال جي وصف ‏بيان ڪري، ان وقت انهن جي جواب ۾ ‏سورت توحيد نازل ٿي.‏

ان کان علاوه به امام محمد باقر ۽ امام ‏جعفر صادق ‏‏ جي روايتن ۾ ٻيا ‏ڪجھ موضوع پڻ آيا آهن ليڪن انهن ‏سڀني موضوعن کي اسان هتي ذڪر نٿا ‏ڪري سگھون.‏

نتيجو:‏

اسان جيڪي ڪجھ بيان ڪري چڪا ‏آهيون ان مان معلوم ٿئي ٿو ته امام ‏محمد باقر ۽ امام جعفر صادق ‏‏ جي ‏تفسيري طريقه ڪار ۾ بنيادي ۽ اهم ‏طريقا هي آهن:‏

قرآن جي قرآن سان تفسير ۽ قرآن جي ‏روايت جي ذريعي تفسير، عقلي برهان ‏جي ذريعي تفسير، تاويل، مصداق جو ‏ذڪر ڪرڻ. شان نزول، لغتن جي ‏سمجهاڻي.‏

اسان جي هن روايتي بحث ۾ جيڪا ‏خصوصاً امام محمد باقر ۽ امام جعفر ‏صادق ‏‏ جي تفسيري طريقه ڪار ۾ ‏آهي انهن روايتن مان وسيع حصو تاويل ‏‏۽ مصداق باطن جي بيان ۾ آهي ۽ جن ‏کي سمجھڻ جو علم فقط ”راسخون في ‏العلم“وٽ آهي جيڪو خود اهو آشڪار ‏ڪري ٿو ته اسان قرآن جي تفسير ۾ ‏اهل بيت ‏‏ ڏانهن رجوع ڪرڻ جا ‏محتاج آهيون.‏

‏(1)‏ مذهب خوارج، مطابق جيڪو به ‏گناهه ڪبيره جو مرتڪب ٿئي ته ان ‏کي ڪافر قرار ڏنو ويندو ” جعفر ‏سبحاني، بحوث، ص118“‏

‏(2)‏ شيخ طوسي، تهذيب ، ج1 ، ص241 ‏‏.‏

‏(3)‏ دراسات في الفرق والعقايد، ‏ص206.‏

‏(4)‏ انهن جو اصل عقيدو هي هو ته دين ‏آسان آهي ۽ مسلمانيت جو معيار ‏دل ۽ نه عمل ۽ ظالم جي خلاف ‏ڪنهن کي به ان جي خلاف بغاوت ‏جو حق ڪونهي.‏

‏(5)‏ غالين جو نظريو هي هو ته ائمه ‏معصومين ‏‏ جي الاهيت جا قائل ‏هئا ۽ حضرت علي ‏‏ کي العياذبالله ‏خدا چوندا هئا ۽ ٻين امامن کي ‏نبي مڃيندا هئا.(شيخ طوسي، ‏اختيار، ص301)‏

‏(6)‏ مذهب تشيع مان مراد: اهلبيت ‏‏ ‏جا پوئلڳ هجڻ ۽ امام علي ‏المرتضى‏ جي امامت جو منصوص ‏‏(الله پاڪ جي طرف کان) هجڻ تي ‏عقيدو رکڻ.‏

‏(7)‏ تاريخ ابن شهر آشوب، ج4، ‏ص211 .‏

‏(8)‏ ابو رية، اضواء على السنه ‏المحمديه، 260_261‏

‏(9)‏ علامه مجلسي، بحار الانوار، ‏ج24. ص237 .‏

‏(10)‏ نهج البلاغه، خطبه132 .‏

‏(11)‏ الميزان، علامه طباطبائي، ج1، ‏ص19.‏

‏(12)‏ شيعن جي عقيدي مطابق، سنت ‏جي معنى هن ريت آهي، ڪنهن ‏به معصوم‏ جو قول فعل ۽ ‏تقرير هجي ته ان کي سنت چوندا ‏آهن.‏

‏(13)‏ طوسي، تفسير التبيان، ج1، ص4.‏

‏(14)‏ ڪليني، ڪافي، ج1، ص293.‏

‏(15)‏ ڪليني، ڪافي، ج2، ص207.‏

‏(16)‏ سيوطي، الاتقان، ج2، ص444، ‏مالک بن انس کان نقل ڪيو ‏اٿس.‏

‏(17)‏ تفسير قمي، ج2، ص422 .‏

‏(18)‏ ساڳيو، ج4، ص440‏

‏(19)‏ ڪليني، ڪافي، ج2، ص301.‏

‏(20)‏ تفسير قمي، ج2، ص412 .‏

‏(21)‏ طبري، جامع البيان، ج1، ص63.‏

‏(22)‏ ڪليني، ڪافي، ج8، ص178.‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :