نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

عرب سماج ۽ قرآن

فونٽ جو اندازو:
2020/10/19

عرب سماج ۽ قرآن

تحرير: قادر بخش ڪريمي

رب پاڪ اشرف المخلوقات، ‏انسان کي خلق ڪيو ۽ ان جي ‏هدايت لاءِ پنهنجا خدائي پيشوا ‏‏۽ سرواڻ رسولن، نبين ۽ ‏امامن جي روپ ۾ موڪليا ‏‏۽ هر زماني جي گھرج مطابق ‏صحيفن ۽ آسماني ڪتابن جي ‏صورت ۾ انسانن جي ڀلي لاءِ ‏قانونَ بيان ڪيا. انهن ڪتابن ‏مان آخري آسماني ڪتاب قرآن ‏جي صورت ۾ اسان جي پياري ‏نبي حضرت محمد صه تي نازل ‏ڪيو ۽ هن ڪتاب کي قيامت ‏تائين جي انسانن لاءِ هدايت ۽ ‏قانون قرار ڏنو. هن لکڻي ۾ ‏بندي ڪاوش ڪئي آهي ته قرآن ‏پاڪ تي
ٿيندڙ هڪ اهم اعتراض جو ‏جواب ڏنو وڃي. اهو اعتراض ‏هن ريت آهي.

قرآن تي ٿيندڙ هڪ اهم ‏اعتراض

ڇا قرآن عربن جي ثقافت ۽ ‏قانونن مان متاثر نه ٿيو آهي؟؟ ‏يعني ڇا عربن جي ثقافت ۽ ‏سندن قانونَ قرآن تي اثر انداز ‏نه ٿيا آهن؟؟؟؟
هن اعتراض ڪرڻ واري جو ‏مقصد اهو آهي ته قرآن پاڪ ۾ ‏شڪ پيدا ڪري ۽ اهو بيان ‏ڪري ته قرآن عربن جي ثقافت ‏مان متاثر ٿيو ۽ اها ثقافت قرآن ‏تي اثر انداز ٿي آهي. ‏
هن اعتراض جي جواب ڏيڻ لاءِ ‏اسان ان زماني جي ثقافت جي ‏مقابلي ۾ قرآن جي روش ۽ ‏طريقي ڪار کي بيان ڪريون ‏ٿا، جنهن کان پوءِ اهو چٽو ٿي ‏ويندو ته ان دور جي ثقافت قرآن ‏تي اثر انداز نه ٿي آهي.‏
‏ عرب ثقافت جي مقابلي ۾ قرآن ‏جو ڪردار
قرآن پاڪ ان دور جي ثقافت، ‏رسمن ۽ رواجن جي مقابلي ۾ ‏ٽي طريقي ڪار اپنايا هئا .‏
‏1. انڪاري طريقي ڪار ‏
‏2. هاڪاري ۽ مثبت طريقي ‏ڪار
‏3. اصلاحي طريقي ڪار
هاڻ اسان انهن طريقي ڪارن ‏مان هر هڪ کي تفصيل سان ‏بيان ڪريون ٿا.‏
‏ 1. انڪاري طريقي ڪار: ‏
قرآن الاهي قانون ۽ پالڻهار ‏طرفان موڪليل وحي آهي اهو ‏ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته قرآن ان ‏دور جي گمراه ثقافت ۽ باطل ‏رسمن کي پاڻ ۾ جاءِ ‏ڏئي؟؟؟!!!! ان بابت قرآن پاڻ ‏بيان ڪري ٿو ته:‏
لَا يَأْتِيهِ الْبَاطِلُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِ تَنزِيلٌ مِّنْ ‏حَكِيمٍ حَمِيدٍ (سورت فصلت، آيت 42.)‏
نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن ‏جي پويان باطل داخل ٿيندو ‏آھي، حڪمت واري ساراھيل ‏‏(الله جي پار) کان لاٿل آھي.‏
عربن جي جاهليت واري دور ‏جي ثقافت جي سڃاڻپ لاءِ اسان ‏ڪجھ نمونا پيش ڪريون ٿا. ‏
‏ الف. جاهليت واري دور جي ‏اخلاقي ثقافت ۽ رسمون:‏
اجتماعي رابطي ۾ اخلاق جو ‏وڏو عمل دخل هوندو آهي پر ‏اسان جڏهن عربن جي جهالت ‏واري زماني کي ڏسون ٿا ته ان ‏دور ۾ سندن اهڙيون اخلاقي ‏رسمون پَسجن ٿيون جو انسان ‏‏۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان ‏جھڪيو پوي. انهن رسمن ‏مجهان ڪجھ هن ريت آهن. ‏
‏(1) نياڻن کي قتل ڪرڻ: هن ‏ڪڌي رسم ڏانهن قرآن هن ‏ريت اشارو ڪيو آهي،
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالأُنثَى ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ ‏يَتَوَارَى مِنَ الْقَوْمِ مِن سُوءِ مَا بُشِّرَ بِهِ أَيُمْسِكُهُ عَلَى هُونٍ ‏أَمْ يَدُسُّهُ فِي التُّرَابِ أَلاَ سَاء مَا يَحْكُمُونَ (سورت ‏نحل، آيت 58 و59)‏
‏۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ ‏کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي ‏آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ‏ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ‏ھوندو آھي‎.‎‏ جيڪا کيس بڇڙي ‏خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي ‏سببان قوم کان پيو لڪندو ‏آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) ‏اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا ‏اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، ‏خبردار اُھي جيڪي فيصلو ‏ڪندا آھن سو بڇڙو آھي‎.‎
هن آيتن ۾ رب پاڪ چٽي ‏نموني بيان ڪيو آهي ته ان ‏زماني جا عرب نياڻي کي ‏ڪئين زندھ مٽيءَ ماءُ حوالي ‏ڪري ڇڏيندا هئا.‏
‏ (2) ننگو ٿي ڪعبي جو طواف ‏ڪرڻ: هن بڇڙي عمل بابت ‏قرآن پاڪ فرمايو آهي ته
وَإِذَا فَعَلُواْ فَاحِشَةً قَالُواْ وَجَدْنَا عَلَيْهَا آبَاءنَا وَاللّهُ أَمَرَنَا بِهَا ‏قُلْ إِنَّ اللّهَ لاَ يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاء أَتَقُولُونَ عَلَى اللّهِ مَا لاَ ‏تَعْلَمُونَ (سورت اعراف، آيت 28)‏
‏۽ جڏھن ڪو بي حيائي جو ‏ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن ‏‏(واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا ‏‏(ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي ‏اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ‏ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) ‏چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ‏ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، ‏اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو ‏چوندا آھيو جنھن جي (سند) ‏اوھين نه ڄاڻندا آھيو. ‏
هن آيت جي تفسير ۾ علامه ‏طباطبائيءَؒ عربن جي ننگو ٿي ‏طواف ڪرڻ ڏانهن اشارو ‏ڪندي فرمايو آهي ته اها ڪُڌي ‏رسم مڪي جي فتح تائين قائم ‏هئي پر پوءِ پاڻ سڳورن ان ‏کان منع فرمائي. (1) ‏
‏(3) تڪبر ۽ هٺُ ڪرڻ: عربن ‏جي هن عمل کي قرآن سوره ‏التڪاثر ۾ چٽي نموني بيان ‏ڪيو آهي. أَلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ حَتَّى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ ‏‏(سورت التڪاثر آيت 1۽ 2) ‏
‏(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي اوھان ‏کي ( رب جي ياد کان) غافل ‏ڪيو. تان جو قبرن کي ڏٺوَ ‏
‏ (4) وڏي آواز ۽ ڇرٻ سان ‏ڳالهائڻ: هن ڪوجھي عمل ‏بابت قرآن فرمايو:‏
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَرْفَعُوا أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ ‏وَلَا تَجْهَرُوا لَهُ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ أَن تَحْبَطَ ‏أَعْمَالُكُمْ وَأَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ (سورت حجرات، ‏آيت 2)‏
اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز ‏پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ‏ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ‏ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي ‏‏(تيئن) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ‏ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل ‏چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه ‏پروڙيندا ھجو.‏
‏ (5) بغير اجازت جي ڪنهن ‏جي گهر ۾ داخل ٿيڻ: هن بڇڙي ‏عادت ڏانهن اشارو ڪندي رب ‏پاڪ جي پاڪ ڪلام ۾ ذڪر ‏ٿيو آهي ته:‏
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّى ‏تَسْتَأْنِسُوا وَتُسَلِّمُوا عَلَى أَهْلِهَا ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ ‏‏(سورت نور، آيت 27.)‏
اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن ‏کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ‏‏۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) ‏موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن ‏تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ ‏چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت ‏وٺو
‏(6) ابن ڏاڏن جو غلط ڪمن ۾ ‏پيروڪار هجڻ: هن تمام بري ‏عمل کي قرآن پاڪ تمام چٽو ۽ ‏واضح بيان ڪيو آهي.‏
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّبِعُوا مَا أَنزَلَ اللّهُ قَالُواْ بَلْ نَتَّبِعُ مَا أَلْفَيْنَا ‏عَلَيْهِ آبَاءنَا أَوَلَوْ كَانَ آبَاؤُهُمْ لاَ يَعْقِلُونَ شَيْئاً وَلاَ ‏يَهْتَدُونَ (سورت بقره، آيت 170.)‏
‏۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته ‏جيڪي الله لاٿو تنھن جي ‏تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ‏ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن ‏ابن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي ‏پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ ‏سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا ‏هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا‎.‎
ان کان سواءِ کوڙ ساريون ‏ڪڌيون رسمون ان دور ۾ ‏جاهل عربن ۾ رائج هيون پر ‏قرآن پاڪ انهن رسمن کي نديو ‏‏۽ ان ثقافت ۽ رسمن جي جاءِ ‏تي سهڻا اخلاق پيش ڪيا، جن ‏اخلاقن جو جلوو نبي اڪرم ‏ جي وجود پاڪ ۾ پسي ‏سگهجي ٿو. اهوئي سبب آهي ‏جو پاڻ سڳورن ‏ فرمايو: ‏
انّي بعثتُ لاُتمم مکارم الاخلاق ‏
بيشڪ مونکي بهترين اخلاق ‏جي سکيا ڏيڻ لاءِ مبعوث ڪيو ‏ويو آهي. ‏
ب) عربن جي اعتقادي ثقافت
ان دور جي جاهل عربن وٽ ‏هڪ پاسي کان گذريل شريعتن ‏جا آثار موجود هئا ته ٻئي پاسي ‏انهن شريعتن جي قانونن ۾ ‏تحريف ۽ هيرا ڦيري ڪري ‏پنهنجا عقيدا درست ڪيا هئا. ‏مثال طور: بتن جي شفاعت ‏ڪرڻ تي اعتقاد رکڻ، فرشتن ‏،جنن ۽ مختلف سيارن جي ‏پوڄا ڪرڻ ۽ ان جهڙا ڪافي ‏باطل ۽ ڪُڌا عقيدا عربن ۾ ‏رائج هئا پر قرآن پاڪ انهن ‏مڙني عقيدن کي مختلف ‏مقامن تي رد ڪيو آهي.‏
‏ ج) خانداني ثقافت ‏
نموني جي طور اسان ان دور ‏جي عربن ۾ شادي بابت موجود ‏ڪجھ ڪڌين رسمن کي ذڪر ‏ڪريون ٿا. ‏
حق مهر بابت عربن جي اها ‏رسم هئي ته حق مهر ڪنوار ‏جي پيءُ يا قبيلي جي وڏڙن جو ‏حق آهي.(2) جڏهن قرآن پاڪ ‏انهن بيڪار رسم جي مخالفت ‏ڪندي اهو فرمايو ته:‏
وَآتُواْ النَّسَاء صَدُقَاتِهِنَّ نِحْلَةً (سوره نساء آيت ‏‏4.) ‏
‏۽ گهروارين کي سندن حق مهر ‏‏( قرض يا) عطيه جي عنوان ‏سان ادا ڪريو. ‏
بس قرآن پاڪ سمجهايو ته حق ‏مهر گهرواريءَ جو حق آهي ۽ ‏لازمي طور ان کي ڏنو وڃي. ‏قرآن جي ان قانون سان عربن ‏جي ذڪر ڪيل ڪڌي رسم ‏باطل قرار ڏنو ويو.‏
شادي بابت عربن ۾ اها رسم ‏پڻ موجود هئي ته هڪ شخص ‏تمام گهڻيون شاديون ڪري ‏سگهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪا ‏محدوديت ناهي.(3)‏
قرآن ڪريم ان ثقافت ۽ رسم ‏کي باطل قرار ڏنو ۽ مرد جي ‏شادين جي تعداد کي محدود ‏قرار ڏنو ۽ ان سان گڏ اها ‏شرط به لڳائي ته مرد چار ‏شاديون به ان صورت ۾ ڪري ‏سگھي ته جڏهن انهن مڙني ‏گهروارين ۾ مساوات ۽ ‏برابريءَ سان پيش اچي. هن ‏مطلب کي ڏسڻ لاءِ سوره نساء ‏جي شروعاتي آيتن جو مطالعو ‏ڪريو. ‏
ان کان علاوه به جاهل عربن ۾ ‏هن ميدان ۾ کوڙ ساريون ‏رسمون موجود هيون پر اسان ‏اختصار کي نظر ۾ رکندي انهن ‏ٻن رسمن تي اڪتفاء ڪريون ‏ٿا. ‏
‏2. هاڪاري ۽ مثبت طريقي ‏ڪار
عربن ۾ موجود ڪجھ رسمون ‏جيڪي عقل ۽ وحيءَ جي ‏ٽڪراءُ ۾ نه هيون انهن رسمن ‏‏۽ رواجن جي قرآن تائيد ڪئي. ‏پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ‏ته انهن رسمن جو سرچشمو ‏عرب هئا بلڪه انهن رسمن جو ‏سرچشمو عقل ۽ فطرت انسان ‏آهي.‏
جهڙوڪ، هڪ خالق تي اعتقاد ‏رکڻ: ‏
قرآن جي ڪافي آيتن ۾ ان ‏بابت بيان ٿيل آهي نموني طور ‏توهان سورت عنڪبوت جي ‏آيت 61۽63، سورت مومنون ‏جي آيت 84 کان 89 تائين، ‏سورت يونس جي آيت 31، ‏سورت زخرف جي آيت 87 ۽ ‏سورت لقمان جي آيت 25 جو ‏مطالعو ڪري سگهو ٿا. ‏
ٻي عربن جي ثقافت جنهن جي ‏قرآن تائيد ڪئي آهي اها حرمت ‏وارن مهينن ۾ جنگ ۽ لڙائيءَ ‏کان پاسو ڪرڻ هو اهي حرمت ‏وارا مهينا هي آهن. رجب، ذي ‏القعده، ذي الحج ۽ محرم. ان ‏ڪري جو هنن مهينن جي ‏گذريل دينن ۾ پڻ حرمت ۽ ‏پاسداري ڪئي ويندي هئي ان ‏ڪري اسلام ۽ قرآن عربن جي ‏ان ثقافت جي تائيد ڪئي. ان ‏کان علاوه به عربن جون ڪجھ ‏رسمون آهن جن جي تائيد ‏ڪئي آهي پر اختصار خاطر ‏اسان ذڪر نٿا ڪريون.‏
‏3. اصلاحي طريقي ڪار‏
عربن ۾ ڪجھ ثقافت ۽ ‏رسمون اهڙيون هيون جن کي ‏قرآن رد نه ڪيو بلڪه انهن ‏رسمن جي اصلاح ۽ تڪميل ‏ڪئي . انهن رسمن مان ڪجھ ‏کي بيان ڪريون ٿا. ‏
نماز پڙهڻ ۽ عبادت ڪرڻ:‏
نماز ۽ عبادت گذريل پيغمبرن ‏وانگر ان دور ۾ موجود هئي پر ‏اسلام ۽ قرآن ان نماز کي ‏مڪمل نموني بيان ڪيو. ‏
ج ڪرڻ: عرب جاهلن ۾ پڻ ‏حج موجود هو پر قرآن ۽ اسلام ‏حج جهڙي عبادت کي تمام ‏واضح ۽ مڪمل سهڻي انداز ۾ ‏بيان فرمايو.‏
لکڻيءَ جو تَتُ:‏
عربن جي منفي ثقافت ۽ ‏رسمن جو قرآن تي ڪو به اثر ‏ناهي ٿيو بلڪه قرآن انهن جي ‏گھڻين رسمن کي رد ڪيو آهي ‏‏۽ جن رسمن جو سرچشمو ‏عقل، فطرت ۽ گذريل ‏نبين جي شريعتون هو ‏انهن رسمن جي قرآن تائيد ۽ ‏اصلاح فرمائي آهي.‏
حوالا
‏1) ترجمه تفسيرالميزان ج8، ص89 ۽ ‏‏90‏
‏2) اسلام و جاهليت، ص 604.‏
‏3) تمدن اسلام و عرب، ص 102.‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :