نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

وسيلو ۽ قرآن

فونٽ جو اندازو:
2020/10/19

وسيلو ۽ قرآن
تحرير سيد ضمن علي شاه
اها ڳالهه روشن ۽ واضح آهي ته ‏اسلام کي اُٿندي ئي خطرناڪ ‏دشمن سان مقابلو ڪرڻو پيو، ‏وڏين وڏين مصيبتن سان مهاڏو ‏اٽڪائڻو پيو ۽ نبي ڪريم ‏‏(‏‏) جي صحابين جي درميان ‏منفاقت واري تحريڪ ڪرُ کنيو ‏‏۽ نبي ڪريم(‏‏) کي ايتري ‏فرصت نه ملي سگهي جو ان ‏تحريڪ کي بنياد کان ئي ختم ‏ڪري وڃن ها، ان جي ڪري ‏ئي منافقين جي تحريڪ ‏ڏينهنون ڏينهن وڌندي رهي ‏تنهنڪري خداوند قرآن ۾ ‏اهڙيون آيتون نازل ڪيون ‏جيڪي منافقن جي صفتن ۽ ‏نشانين کي بيان ڪري انهن ‏کي رسوا ڪندو رهيو ايستائين ‏جو رب پاڪ قرآن ۾ هڪ پوري ‏سورت منافقون جي نالي سان ‏نازل ڪئي.‏

توڙي جو ان تحريڪ جو نالو ۽ ‏طريقي ڪار وقت جي گذرڻ ‏سان گڏوگڏ تبديل ٿيندو رهيو ‏پر نفاق جو مرض اسلام ۽ ‏مسلمانن سان گڏ ايڊز ۽ ‏ڪينسر جي بيماري وانگر ‏هميشه لاءِ باقي رهيو ۽ دين جي ‏وڏي عمارت کي اندران ئي ‏کوکلو ڪندو رهيو بس جيئن ‏ئي اسلام ظهور ڪيو منافقن ‏جي تحريڪ ظاهري ڏيک ڏيندڙ ‏عابدن ۽ زاهدن جي صورت ۾ ‏پڌري ٿي، جن رسول خدا(‏‏) ‏جي ئي زماني ۾ مسجد جو ‏بنياد رکيو جنهن کي قرآن ‏مسجد ضرار جي نالي سان ياد ‏ڪيو آهي ڪڏهن اها ساڳئي ‏تحريڪ مولا امير المومنين‏ ‏جي زماني ۾ خوارج جي ‏شڪل ۾ ظاهر ٿي سامهون ‏آئي، بهرحال تحريڪ اها ئي ‏رهي پر هر دور ۾ فقط ‏ نالا ۽ صورتون تبديل ڪندا ‏رهيا پر سڀني جو هدف فقط ‏هڪ ئي رهيو اهو هيءُ آهي ته ‏اسلام جي بنياد کي اسلام جي ‏ئي نالي ۽ لباس ۾ ختم ڪيو ‏وڃي.‏
ان اسلام دشمني جي موجوده ‏دور ۾ آخري ڪڙي وهابيت ‏آهي جنهن جي شروعات بي ‏ديني ۽ انحراف جي سرزمين ‏‏”نجد“ کان ٿي، وهابيت جي ‏تحريڪ، ڪفر، شرڪ ۽ بي ‏دين طاقتن جي مدد سان ئي ‏حجاز ۽ مڪه مڪرمه ۽ مديني ‏جي پاڪ سرزمين تي قبضو ‏ڪيو. ان کان پوءِ اسلام دشمن ‏تحريڪن جي قائدن ۽ رهبرن ‏پنهنجن گمراه ۽ باطل نظريات ‏دنيا ۾ نشر ڪرڻ شروع ڪيو ‏انهن جو اصل هدف ۽ مقصد ‏دين جي نالي سان ئي دين سان ‏جنگ ۽ توحيد ۽ ايمان جي ئي ‏نالي سان بي ديني ۽ ڪفر جي ‏ترويج ڪرڻ هو.‏

خاص طور تي هن ٽيڪنالاجي ‏‏۽ انٽرنيٽ دؤر آهي، مختلف ‏طريقن سان نوجوانن ۽ جوانن ‏جي ذهنن کي گمراھ ڪرڻ وارن ‏سوالن جي ذريعي منحرف ‏ڪري رهيا آهن هن پُر آشوب ‏دور ۾ والدين لاءِ ضروري آهي ‏ته پنهنجي اولاد جي مڪتب ‏اهلبيت عليهم السلام جي ‏علمن سان تربيت ڪري نجات ‏ڏين اسان هن مقالي ۾ نوجوانن ‏جو ڏيان ڇڪائڻ ۽ هر قسم جي ‏باطل فڪر کان سندن ذهنن کي ‏پاڪ لاءِ ڪجهه باطل مذهبن ‏جي طرفان ٿيل سوالن ۽ ‏شبهات (غلط فهمين) کي بيان ‏ڪندي انهن جا جواب ذڪر ‏ڪنداسين.‏
‏(1)‏ ڇا انبياء ۽ اوليائن سان ‏توسل ڪرڻ شرڪ آهي؟
وضاحت: (وهابي فڪر جي باني ‏ابن تيميه 661هه 728هه) ‏مسلمانن کي نبي ڪريم (‏‏) ‏سان توسل ڪرڻ جي ڪري ‏مشرڪ چيو ۽ ان کان پوءِ ‏محمد بن الوهاب (سن 1111ھ، ‏‏1206) ۽ ان جي پيروڪارن ۽ ‏هم خيال پوئلڳن مسلمانن جي ‏ذهنن ۾ اهو غلط فڪر ڀريو ته ‏جيڪو به انبياء ۽ اوليائن سان ‏توسل ڪري اهو مشرڪ آهي ۽ ‏ان نظريي کي رواج ڏنائون. ابن ‏تيميه چوي ٿو ته: جيڪو به نبي ‏ڪريم‏ جي مزار ۽ قبر مطهر ‏يا ڪنهن صالح ۽ نيڪ بندي ‏جي قبر تي اچي انهن کان اهو ‏سوال ڪري ته ان کي بيماري ‏کان شفا ڏين يا سندس قرض ادا ‏ڪن يا ڪا ٻي مشڪل حل ڪن ‏ته اهو مشرڪ آهي، ڇو جو خدا ‏کان علاوه ڪير به اهو عمل ‏انجام ڏيڻ تي قادر ناهي فقط ‏خدا جي ئي ذات قادر آهي ‏جيڪڏهن ڪو به شخص ائين ‏ڪري ته ان کي توبه ڪرڻ تي ‏مجبور ڪيو وڃي جيڪڏهن ‏توبه نه ڪري ته ان کي قتل ‏ڪرڻ واجب آهي(1) ۽ چوي ٿو ‏ته: جيڪي ماڻهو چون ٿا ته ‏فلاڻو مونکان وڌيڪ خدا جي ‏نزديڪ آهي ۽ مونکان وڌيڪ ‏نيڪ ۽ پرهيزگار آهي ان کي ‏دعا جي قبول ٿيڻ لاءِ تنهن ‏ڪري واسطو قرار ڏيان ٿو ائين ‏چوڻ شرڪ آهي ۽ ائين چوڻ ‏وارو به مشرڪ آهي(2) مشرڪ ‏به مُردن جي قبرن تي اچي ‏ڪري انهن سان مخاطب ٿي ‏ڳالهائن ٿا يا زنده انسان جيڪو ‏غايب آهي ان کي مخاطب ٿيڻ ‏‏۽ ان لاءِ قصيدا پڙهڻ ۽ انهن ‏کي چوڻ ته اي منهنجا مولا ۽ آقا ‏خدا وٽ پنهنجي شفاعت ۽ ‏سفارش ڪر ته اسان کي دشمنن ‏تي ڪاميابي ڏي ۽ فلاڻي ‏مشڪل کي حل ڪر وغيره ‏جڏهن ته ملائڪن، انبياء ۽ ‏صالح بندن کي چوڻ ۽ انهن جي ‏موت کانپوءِ انهن جي قبرن ۽ ‏مزارن تي وڃڻ انهن سان ‏مخاطب ٿي ڳالهائڻ اهو وڏي ۾ ‏وڏو شرڪ آهي جيڪو ‏مشرڪن جي درميان ۾ رائج ‏هو.(3)‏
ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ضروري ‏آهي ته اسان سڀ کان پهريائين ‏توسل ۽ شرڪ جي لغت ۽ ‏اصطلاح ۾ جيڪا معنى آهي ان ‏کي بيان ڪيون.‏
توسل جي لغت ۾ معنى ۽ مفهوم‏
لفظ توسل ”وسيلي“ مان ورتو ‏ويو آهي ۽ لغت ۾ گھڻيون ‏

وسيلي جون تمام گهڻيون ‏معنائون بيان ڪيون ويون آهن.‏
‏ 1. نزديڪ ٿيڻ‏
‏2. بادشاه وٽ مقام ۽ منزلت ‏ماڻڻ
‏ 3.رجوع ۽ مرتبو‏
‏4. انسان جو پنهنجي مقصد ‏تائين پهچڻ لاءِ چارو ڳولڻ
‏5. ڪنهن به طريقي سان ٻئي ‏جي نزديڪ ٿيڻ ممڪن هجي ‏‏(4) ‏
اصطلاح ۾ توسل جي معنى ۽ ‏مفهوم ‏
ديني اصطلاح ۾ توسل جي ‏معنى آهي پنهنجي نيڪ دلي ‏مراد ماڻڻ لاءِ الله سائين جي ‏نيڪ بندن کي سندس بارگاهه ‏‏۾ واسطو ڏنو وڃي.
پر ڪجهه دانشمندن توسل جي ‏اصطلاحي معنى کي سمجهڻ ‏لاءِ به لغت جي معنى مان سهارو ‏ورتو آهي ۽ اهي توسل جي ‏معنى هن ريت ٻڌائين ٿا: ”توسل ‏اليه بوسيلة اذا تقرب اليه بعمل“ (5) يعني ‏جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عمل ‏جي ذريعي ڪنهن جي نزديڪ ‏ٿيندو آهي. (ته چئبو آهي: هو، ‏هن)‏
‏ توسل جون قسمون
‏1.‏ خدا سان توسل ڪرڻ ان ‏جي اسمن ۽ صفات ۽ افعال ‏جي ذريعي ۽ سندس ذات ‏سان تي ايمان آڻيندي ۽ اهڙي ‏ريت رسول خدا‏ تي ايمان ‏جي واسطي سان توسل ‏ڪرڻ.‏
‏2.‏ صالح ۽ نيڪ زنده ‏انسان جي واسطي سان هجي ‏خدا سان توسل ڪرڻ
‏3.‏ عمل صالح ۽ نيڪ عمل ‏سان خدا سان توسل ڪرڻ.‏
‏4.‏ اهي ڪم جن جي باري ‏‏۾ شريعت خاموش آهي.‏
‏5.‏ مشرڪن جو بتن سان ‏توسل ڪرڻ.‏
‏6.‏ اهو انسان صالح ۽ نيڪ ‏جيڪو هن دنيا مان هليو ويو ‏هجي ان سان توسل ڪرڻ.(6)‏
شرڪ جي اصطلاحي معنى
جيڪي ڪتاب عقيدي ۽ علم ‏ڪلام جي باري ۾ لکيا ويا ‏
آهن انهن شرڪ جي معنى لاءِ ‏ڪو خاص عنوان ذڪر ناهي ‏ڪيو انهن ۾ رڳو شرڪ کي ‏توحيد جو مخالف مفهوم قرار ‏ڏنو ويو آهي.‏
هتي اسان توحيد جي معنى ۽ ‏ان جا قسم بيان ڪريون ٿا ته ‏جيئن شرڪ جي معنى صحيح ‏نموني سمجهه ۾ اچي. توحيد ‏جي معنى هي آهي ته ان ڳالهه ‏جو عقيدو رکڻ ته الله تعالى ‏هڪ آهي ۽ ان جو ڪو شريڪ ‏‏۽ مٽ ناهي. شرڪ جو سڀ ‏

کان وڌيڪ اهم قسم توحيد ‏ذاتي ۾ شرڪ ڪرڻ آهي.‏
توحيد ذاتي يعني خدا پنهنجي ‏ذات ۾ اڪيلو ۽ واحد آهي خدا ‏جهڙو ڪوبه ٿي نٿو سگهي (7) ‏ان عقيدي جي آڌار تي ‏جيڪڏهن ڪو اهو عقيدو رکي ‏ته خدا جي ذات جي مقابلي ۾ ‏ٻيو ڪو وجود پنهنجي ذات ۾ ‏به مستقل آهي ته اهو توحيد ‏ذاتي ۾ شرڪ آهي ڇو جو الله ‏جي ذات ۾ ڪنهن ٻئي کي ‏شريڪ ڪيائين.‏
عبادت ۾ شرڪ جي معنى کان ‏پهريان توحيد عبادي جي معنى ‏ڪريون ٿا يعني عبادت ‏مخصوص فقط خدا سان آهي ان ‏کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت ‏ڪرڻ جائز نه آهي اسان جي ‏بحث ۽ گفگتو ابن تيميه ۽ ان ‏جي پيروڪار محمد بن ‏عبدالوهاب سان آهي جيڪي ‏مڙني مسلمانن کي شرڪ جي ‏الزام سان آلوده ڪن ٿا اهو ‏شرڪ جنهن کي اهي ذڪر ڪن ‏ٿا اهو شرڪ عبادي جي قسمن ‏منجهان آهي.‏
توسل جي تاريخ
هتي اسان توسل جي سلسلي ‏‏۾ هڪ تاريخي گفتگو ڪرڻ ‏چاهيون ٿا اهل سنت جو عالم ‏قرطبي لکي ٿو ته الله تعالي ‏هڪ تابوت نازل ڪيو ان ۾ ‏حضرت آدم جي اولاد مان ‏جيڪي نبي اچڻا هئا انهن جو ‏نقشو نڪتل هو، حضرت آدم ‏ کان پوءِ ان جي اولاد هڪ ‏ٻئي کي ورثي ۾ ڏيندي ‏سانڍيندا رهيا ايستائين جو ‏حضرت يعقوب جي ورثي ۾ ‏آيو ان کان پوءِ بني اسرائيل ‏جي هٿن ۾ پهتو جڏهن به ‏ڪنهن مسئلي تي اختلاف ‏ٿيندو هو ته ان تابوت جي ‏وسيلي سان پنهنجي وچ ۾ ‏فيصلو ڪري اختلاف دور ‏ڪندا هئا ۽ جڏهن به جنگ ‏ٿيندي هئي ته پنهنجي اڳيان ‏اڳيان ان تابوت کي هلائيندا ‏هئا ان سان تبرڪ ۽ توسل ‏ڪري سوڀ ماڻيندا هئا.(8)‏
‏۽ سدي کان روايت آهي ته ‏جڏهن به يهودين ۽ مشرڪن ۾ ‏جنگ ٿيندي هئي ته تورات کي ‏ٻاهر کڻي ايندا هئا پنهنجي هٿن ‏کي ان جڳهه تي رکندا هئا جتي ‏حضرت محمد ‏ جو نالو لکيل ‏هوندو هو ۽ چوندا هئا ته اي ‏الله توکي واسطو آهي ان نبي ‏جو جنهن جي اچڻ جو تو اسان ‏کي واعدو ڏنو آهي ان جي ‏واسطي اڄ اسان کي دشمنن تي ‏ڪاميابي ڏي ۽ ان واسطي سان ‏فتح حاصل ڪندا هئا (9) بس ‏اسان مٿين ٻن واقعن مان اهو ‏نتيجو حاصل ڪيون ٿا ته جنهن ‏قوم جو اسلام سان ڪوبه ‏واسطو نه هو اهي به توسل جي ‏ذريعي پنهنجي مشڪلات کي ‏حل ڪندا هئا.‏
توسل جي قسمن جي وڌيڪ ‏وضاحت
اسان پهريائين توسل جي ‏اصطلاحي معنى بيان ڪئي ‏سون ان ۾ توسل جون ڇهه 6 ‏قسمون بيان ڪيون ويون.هتي ‏اسان هر هڪ قسم کي دليلن ‏سان بيان ڪيون ٿا پهرئين ‏قسم هي هئي ته خدا تعالى کي ‏پنهنجي نالن ۽ صفاتن ۽ فعلن ‏جو واسطو ڏيڻ، مٿس ايمان جو ‏واسطو ڏيڻ ۽ نبي ‏ تي ايمان ‏آڻڻ جو واسطو ڏيڻ اها قسم نه ‏شريعت جي خلاف آهي ۽ نه ئي ‏ان توسل کي شيعه توڙي سني ‏حضرات رد ڪن ٿا.‏
قرآني آيتون:‏‎ ‎
آيت 1
وَ لِلَّهِ الْأَسمْاءُ الحْسْنىَ‏ فَادْعُوهُ بهِ (سورت ‏اعراف آيت 180)‏
‏ نيڪ نالا فقط خدا جا ئي آهن ‏ان جي نالي سان سڏيو بس ان ‏مان واضح ٿيو ته خدا کي ‏پنهنجن نالن سان سڏڻ جائز ‏آهي.‏
آيت (2)‏
‏ رَّبَّنَا إِنَّنَا سَمعنى مُنَادِيًا يُنَادِى لِلْايمَنِ أَنْ ءَامِنُواْ بِرَبِّكُمْ ‏فَامَنَّا رَبَّنَا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا وَ كَفِّرْ عَنَّا سَيِّاتِنَا وَ تَوَفَّنَا مَعَ الْأبْرَار ‏‏(سورت آل عمران آيت 193)‏
‏ اي اسان جا خدا اسان تنهنجي ‏دعوت ڏيڻ واري جو آواز ‏ٻڌوسون جيڪو ايمان آڻڻ جي ‏دعوت ڏئي رهيو آهي (چوي ‏ٿو) ته پنهنجي پروردگار تي ‏ايمان آڻيو اي اسان جا پالڻهار ‏اسان به ايمان آندوسين (ان ‏ايمان جي واسطي) اسان جا ‏گناهه معاف فرما ۽ اسان جي ‏مداين کي ڍڪ ۽ اسان کي ‏نيڪن سان گڏ مار“ بس ايمان ‏جي واسطي سان گناهن جي ‏معافي گهريائون.‏
آيت (3)‏
أُوْلَئكَ الَّذِينَ يَدْعُونَ يَبْتَغُونَ إِلىَ‏ رَبِّهِمُ الْوَسِيلَةَ ‏أَيهُّمْ أَقْرَبُ وَ يَرْجُونَ رَحْمَتَهُ وَ يخَافُونَ عَذَابَهُ إِنَّ ‏عَذَابَ رَبِّكَ كاَنَ محَذُورً* (سورت اسراء ‏آيت 57)‏
‏ اهي معبود جن کي مشرڪ ‏سڏين ٿا خدا جي قريب ٿيڻ لاءِ ‏‏(انهن کي) وسيلو ڪري تلاش ‏ڪن ٿا، انهن مان جيڪو وڌيڪ ‏نزديڪ وسيلو هجي ۽ ان جي ‏رحمت ۾ اميد رکن ٿا ۽ ان جي ‏عذاب کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ ته ‏تنهنجي پالڻهار جو عذاب ئي ‏ڊڄڻ لائق آهي.‏
آيت (4)‏
يَأَيُّهَا الَّذِينَ ءَامَنُواْ اتَّقُواْ اللَّهَ وَ ابْتَغُواْ إِلَيْهِ الْوَسِيلَةَ وَ ‏جَاهِدُواْ فىِ سَبِيلِهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون* (سورت مائده ‏آيت 35)‏
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ‏ان تائين (نزديڪ ٿيڻ لاءِ) ‏وسيلو تلاش ڪريو ۽ ان جي ‏راهه ۾ جهاد ڪيو ته جيئن ‏ڪامياب ٿيو.‏
سنت جي نگاهه ۾‏
جن دعائن جي حضرت رسول ‏خدا ‏ ڏانهن نسبت ڏني وئي ‏آهي انهن ۾ پاڻ هن ريت خدا ‏کان مدد گهرن ٿا:”ياحي ياقيوم برحمتكَ ‏استغيث“(10)‏
ٻي دعا ۾ آيو آهي ته: فصّل علي محمد ‏وآله وهب لنفسي علي ظلمها نفسي يعني: بس ‏محمد وآل محمد تي درود ۽ ‏صلوات موڪل ۽ پنهنجي نفس ‏تي جيڪو ظلم ڪيو اٿم ان ‏تي مون کي معاف ڪر(11) هن ‏دعا ۾ خدا کي سندس فعل جو ‏واسطو ڏنو ويو آهي يعني ‏محمد وآل محمد تي صلوات ‏موڪلڻ جيڪو خدا جو فعل ‏آهي اهل سنت جي فتوا مطابق ‏محمد و آل محمد ‏ تي ‏صلوات موڪلڻ خدا جي فعل ‏جي عنوان سان جائز آهي(12)‏
ٻيو قسم: ڪنهن صالح انسان جي ‏واسطي ڏئي توسل ڪرڻ ‏جيڪو زنده به هجي انهي اميد ‏سان ته خدا ان صالح بندي جي ‏دعا کي قبول به ڪندو.‏
توسل جو اهو قسم به ٻنهي ‏فريقن (شيعه ۽ اهل سنت) وٽ ‏جائز آهي جيئن اهل سنت وارا ‏انهي واقعي کي قبول ٿا ڪن ته ‏پاڻ سڳورن ص جي زماني ۾ ‏ڪافي وقت کان مديني ۾ ‏برسات نه وسي ۽ ماڻهو به وڏي ‏سختي ۾ هئا، جمعي جو ڏينهن ‏هو پاڻ سڳورا جمعي جي ‏خطبي ڏيڻ ۾ مشغول هئا هڪ ‏مرد نبي سڳورن کي چيو ‏ته اي رسول خدا برسات نه ‏وسڻ جي ڪري اسان جو مال ‏تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي خدا ‏کان دعا گهرو ته برسات وسائي ‏ته جيئن ڏڪار کان نجات حاصل ‏ڪريون ۽ پاڻ سڳورن‏ منبر ‏تي دعا جي لاءِ پنهنجا هٿ ‏مبارڪ مٿي کنيا ۽ هن ريت ‏دعا گهريائون: ”اللهم اغثنا ‏اللهم اغثنا“ انس بن مالڪ ‏چوي ٿو ته ان وقت آسمان صاف ‏هو ۽ آسمان ۾ ڪوئي ڪڪر ‏به نه هو نبي ڪريم جي دعا ‏کانپوءِ هڪ ڪڪر آيو ۽ ‏برسات وسڻ شروع ٿي وئي ۽ ‏هڪ هفتي تائين وسندي رهي ‏جڏهن ٻيو هفتو شروع ٿيو ته ‏مديني جا ماڻهو نبي جي ‏خدمت ۾ پهتا ۽ چيائون ته يا ‏رسول الله اسان جا گهر خراب ‏‏۽ مال غرق ٿي رهيا آهن وري ‏نبي ‏ دعا لاءِ هٿ مٿي ڪيا ‏‏۽ فرمايائون: ”اللهم موالينا او لاعلينا“ ‏برسات بند ٿي وئي آسمان ‏صاف ٿي ويو سج نڪتو جڏهن ‏ته مديني جي ٻاهران برسات ‏وسي رهي هئي.(13)‏
ٽيون قسم: نيڪ عمل جي ‏ذريعي توسل
ان قسم کي به اهل سنت وارا ‏قبول ڪن ٿا ۽ هڪ قصو به پاڻ ‏سڳورن‏ کان نقل ڪن ٿا: ته ‏پاڻ سڳورن‏ فرمايو: ته بني ‏اسرائيل جي زماني ۾ ٽي ‏ماڻهو غار ۾ ويا ۽ خداوند عالم ‏جي ارادي سان اهو دروازو پٿر ‏سان بند ٿي ويو. انهن دروازي ‏کولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ‏پر ان پٿر جي تختي کي پري ‏ڪري نه سگهيا جڏهن مجبور ‏ٿيا ته پاڻ ۾ صلاح ڪيائون: خدا ‏سان پنهنجي ڪنهن نيڪ عمل ‏جي واسطي توسل ڪريون ته ‏انهن مان هڪ پنهنجي پيءَ ۽ ‏ماءُ سان جيڪا نيڪي ۽ احسان ‏ڪيو ان جو داستان بيان ‏ڪيائين پوءِ چيائين: ”اللهم ان كنت ‏فعلت ذالك ابتغاء وجهك فاصرف عنا ما نحن“ ‏خدايا جيڪڏهن منهنجو عمل ‏تنهنجي رضايت لاءِ هو ته تون ‏اسان کي ان گرفتاري مان نجات ‏ڏي ان پٿر ڪجهه پنهنجي جاءِ ‏کان هٽيو ۽ وري انهن مان ٻئي ‏به پنهنجي هوس ۽ شهوت جو ‏داستان شروع ڪندي چوڻ لڳو ‏ته: مون کي نفساني خواهش ‏اچي ستايو ۽ اها پوري ڪرڻ ‏لاءِ پنهنجي پڦي جي ڌيءَ کي ‏ورغلايم ۽ هو به ان ڳالهه تي ‏راضي ٿي پر مون آخري وقت ‏‏۾ ان کي چيو ”اتق الله“ الله ‏کان ڊڄ اهو ٻڌي مونکي خدا ‏جو خوف ٿيو ۽ ان بري ڪم ‏کان پاسو ڪيم ته ان شخص ان ‏عمل جو واسطو ڏئي دعا گهري ‏جنهن سان ڪجهه پٿر هٽيو ۽ ‏انهن مان ٽئين شخص وري ‏پنهنجو داستان شروع ڪيو ته: ‏مون وٽ مزدور ڪم ڪندا هئا ‏‏۽ جڏهن ڪم تان لهندا هئا ته ‏انهن کي پئسا ڏيندو هيس هڪ ‏ڏينهن هڪ مزدور لاءِ پئسا نه ‏هئا جو ان کي ڏيان ته ان مزدور ‏کي چيم ته منهنجو ڪو اٺ يا ‏گهيٽو جيڪو چاهين ڪاهي ‏وڃ اهو ڪم به پالڻهار رضايت ‏خاطر انجام ڏنم ۽ پوءِ ان به ‏انهي عمل سان توسل ڪيو ‏بس ٽئين شخص جي توسل ‏ڪرڻ سان پورو پٿر دروازي ‏تان هٽي ويو ۽ غار جو دروازو ‏کلي ويو(14) ‏
بس ان داستان ۽ قصي مان ‏معلوم ٿيو ته نيڪ عمل سان ‏توسل ڪرڻ جائز آهي.‏
ڇوٿون قسم: اهڙن امور سان ‏توسل ڪرڻ جن جي باري ۾ ‏شريعت ڪجهه به نه چيو آهي .‏
هن قسم جي وضاحت هن ريت ‏آهي ته انسان اهڙي شخص سان ‏توسل ڪري جنهن جو وڏو ‏مقام آهي مثال طور مثلاً هن ‏لفظن سان توسل ڪري: اللهم اني ‏اسئلك‎ ‎بما تبيك كذا و كذا يا مثال طور ‏چوي:”اللهم اغفرلي بحق الصالحين بحق محمد او بحرمة ‏النبي او بجاه الانبياء او بكنز الانبياء“ وهابي ان ‏قسم جي توسل کي بدعت ‏چون ٿا جڏهن ته اهو عمل ‏شرڪ ناهي(15)‏
پنجون قسم: مشرڪن جو توسل ‏بتن سان ‏
هيءَ قسم به ٻنهي فريقن (شيعه ‏اهل سنت) وٽ بدعت ۽ شرڪ ‏آهي ڇو جو خداوند عالم قرآن ‏‏۾ فرمائي ٿو ته: (وَ مَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُواْ ‏مِن دُونِ اللّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلىَ‏ يَوْمِ الْقِيَمَةِ وَ هُمْ ‏عَن دُعَائهِمْ غَافِلُون) ”سورت الاحقاف، ‏آيت 5 “ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ‏گمراهي ۾ آهي جيڪو خدا کان ‏علاوه ٻئي کي سڏي ٿو جيڪو ‏قيامت تائين (انهي سڏ جو) ‏جواب نه ٿو ڏئي جڏهن ته انهن ‏جا معبود انهن جي سڏڻ کان ‏غافل آهن ۽ اهڙي نموني سان ‏هيءَ آيت ان مطلب تي به گواهه ‏آهي ته بتن کي سڏڻ يا انهن ‏جي عبادت ڪرڻ بدعت ۽ ‏شرڪ آهي. ”سوره مومنون/ ‏آيت117 “‏
آيا نيڪ انسان کي سندس ‏موت کانپوءِ وسيلو قرار ڏيڻ ‏جائز آهي.‏
وهابي نيڪ انسان سان توسل ‏ڪرڻ ايستائين جو پيغمبر ‏اسلام سان سندن وفات ‏کانپوءِ توسل کي بدعت ۽ ‏شرڪ چون ٿا پر اهلسنت جي ‏تفسيري ڪتابن ۾ ڪجهه ‏تاريخي واقعا نقل ڪيا ويا آهن ‏جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ‏پيغمبر اسلام جي هن دنيا ‏مان وداع ڪرڻ کانپوءِ توسل ‏ڪيو ويو آهي پر وهابي انهن ‏واقعن کي ڪوڙو سمجهن ٿا ‏هن داستان تي توجه ڪندا ته ‏هڪ اعرابي شخص پاڻ ‏سڳورن‏ جي قبر مطهر تي ‏آيو ۽ عرض ڪيائين: السلام عليك يا ‏رسول الله سمعت الله يقول ”وما ارسلنا من رسول ‏الا ليطاع باذن الله ولو انهم اذ ظلموا انفُسهم جاؤك ‏فاستغفرو الله واستغفر لهم الرسول لوجدوا الله توابا ‏رحيماً ان آيت جي تلاوت کان پوءِ ‏چيائين: ”قد جئتك مستغفري من ذنوبي ‏مستشفعا بك الي ربي ..“ هي داستان ‏اهل سنت جي ڪتابن ۾ آيو ‏آهي.(16)‏
پر وهابي ان داستان کي ‏ٺڪرائيندي چون ٿا ”فهذا كذب ولا ‏نصح“ هي داستان ڪوڙو آهي ۽ ‏اسان ان کي صحيح نه ٿا ‏سمجهون، چون ٿا ته: هيءَ آيت ‏فقط پاڻ سڳورن جي حيات ‏سان رابطو رکي ٿي سندس ‏وفات کان پوءِ ان جو واسطو ‏ناهي پر اهو وهابين جو باطل ‏نظريو آهي ڇو جو الله تعالى ‏هن آيت ۾ بيان ڪري ٿو ته ‏جيڪڏهن توهان پنهنجي نفس ‏تي ظلم ڪيو اٿوَ يا ڪو گناهه ‏ڪيو اٿوَ ته وڃو منهنجي نبي ‏جي وسيلي سان استغفار ڪيو ‏ان آيت ۾ خدا اهو بيان ٿو ‏ڪري ته نبي وٽ وڃو پوءِ ‏چاهي زنده هجي يا نه هجي، ‏بس ان آيت مان معلوم ٿئي ٿو ‏ته پنهنجي گناهن جي مغفرت ‏لاءِ نبي اڪرم سان توسل ‏ڪرڻ گهرجي چاهي زنده هجي ‏يا هن دنيا مان هليو ويو هجي ‏هر حال ۾ توسل جائز آهي بس ‏شيعن ۽ وهابين ۾ اختلاف ‏فقط ان ئي قسم جي توسل ۾ ‏آهي چون ٿا ته انبياء ۽ خدا جي ‏اولياء سان مرڻ کان پوءِ به ‏توسل جائز ناهي، اهڙو توسل ‏بدعت ۽ شرڪ آهي پر شيعن ‏وٽ انبياء ۽ خدا جي اولياء ۽ ‏نيڪ بندن سان توسل ڪرڻ ‏چاهي زنده هجن يا هن دنيا مان ‏وڃي چڪا هجن ته به انهن جي ‏قبرن تي وڃڻ جائز آهي.‏
توسل جي جائز هجڻ تي ڪجهه ‏دليلون
توسل قرآن جي نظر ۾:‏
قرآن توسل جي باري ۾ تمام ‏واضح آيت آهي جنهن ۾ پاڻ ‏سڳورن سان توسل ڪرڻ ‏جي سفارش ڪئي وئي آهي اها ‏هيءَ آهي: ‏
وَ لَوْ أَنَّهُمْ إِذ ظَّلَمُواْ أَنفُسَهُمْ جَاءُوكَ فَاسْتَغْفَرُواْ اللَّهَ وَ ‏اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُولُ لَوَجَدُواْ اللَّهَ تَوَّابًا رَّحِيم ‏‏”سورت نساء/ آيت 64“‏
جيڪڏهن انهن ماڻهن پنهنجي ‏پاڻ تي ظلم ڪن ته اي نبي جي ‏تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان ‏بخشش ۽ مغفرت گهرن ۽ ‏رسول‏ به انهن لاءِ استغفار ‏ڪري ته خدا کي گهڻو توبه ‏قبول ڪرڻ وارو ۽ مهربان ‏پائيندا.‏
هيءَ آيت رسول الله ۽ امام سان توسل ڪرڻ کي ‏شرڪ ۽ بدعت چوڻ وارن جي ‏نطرئي کي باطل ڪري رهي ‏آهي ڇو جو هيءَ آيت گناهگارن ‏کي پاڻ سڳورن ص ڏي اچڻ ۽ ‏کين وسيلو قرار ڏيڻ جو واضح ‏طور دستو ڏئي ٿي.‏
خداوند عالم به پاڻ سڳورن ۽ معصومين‏ جي واسطي ‏سان انهن جي توبه کي قبول ‏ڪري ٿو جيڪڏهن توسل، ‏استغفار، دعا ۽ شفاعت پاڻ ‏سڳورن‏ جو واسطو ڏيڻ ‏شرڪ هجي ها ته قرآن ڪريم ‏گنهگارن کي ڪيئن اهو حڪم ‏‏۽ دستور ڏي ها ته نبي وٽ ‏وڃن غور طلب ڳالهه آهي تهاهو ‏ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خدا ‏هڪ ئي زماني ۾ اجازت ڏي ‏ته هي ڪم توهان لاءِ جائز آهي ‏‏۽ انهي وقت ۾ وري چوي ته ‏جائز ڪونهي اهو ته خود خدا ‏جي قرآن ۾ اختلاف جو سبب ‏جيڪو خدا جي ذات کان محال ‏آهي ته اهڙو حڪم ڏي.‏
‏۽ ٻي ڳالهه ته اسان پنهنجا گناهه ‏نبي يا امام کان معاف نٿا ‏ڪرايون بلڪه نبي يا امام کي ‏واسطو ٿا بڻايون ڇو جو کانئن ‏وڌيڪ ٻيو ڪوبه هن دنيا ۾ خدا ‏وٽ عزت جي لائق ڪونهي ‏ڪهڙي مذهب وارو ان کي ‏شرڪ ۽ بدعت چئي ٿو، بلڪه ‏اهي خدا جا نمائندا آهن انهن ‏کي واسطو ۽ شفيع قرار ڏيڻ ‏خالص عبادت آهي. ۽ اهلسنت ‏جي تفسير جي ڪتابن ۾ آيو ‏آهي ته: فَاسْتَغْفَرُوا اللَّهَ من ذلك بالإخلاص، و ‏بالغوا في الاعتذار إليك من إيذائك بردّ قضائك، ‏حتى انتصبت شفيعا لهم إلى اللَّه و مستغفراً لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوَّاباً ‏لعلموه توابا، أى لتاب عليهم. و لم يقل: و استغفرت ‏لهم، و عدل عنه إلى طريقة الالتفات، تفخيما لشأن ‏رسول اللَّه صلى اللَّه عليه و سلم و تعظيما لاستغفاره، و ‏تنبيها على أن شفاعة من اسمه الرسول‏(17)‏
هن پوري عبارت مان جيڪا ‏اهل سنت جي وڏي عالم نقل ‏ڪئي آهي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ‏سڳورا‏ بذات خود خدا جي ‏طرفان شفاعت ڪرڻ لاءِ چونڊيا ‏ويا آهن خدا جي حڪم سان ‏اسان جي شفاعت ڪن ٿا ‏جيڪي به موحد ۽ توحيد ‏پرست آهن انهن لاءِ ضروري ‏آهي ته نبي ۽ معصومين ‏ سان توسل ڪندي الله جي ‏نزديڪ ٿين.‏
توسل تي سيرت مان دليل:‏
الف: پاڻ سڳورن جي سيرت ‏
ان سلسلي ۾ هن روايت تي ‏توجهه ڪيو:‏
هڪ شخص بيابان ۾ زندگي ‏گذاريندو هو پاڻ سڳورن ‏جي خدمت ۾ آيو ۽ ڪجهه شعر ‏پڙهي پاڻ سڳورن کي ‏وسيلو ٿيڻ لاءِ عرض ڪيائين ‏‏۽ چيائين يا رسول الله خدا کان ‏برسات وسڻ لاءِ دعا فرمايو پاڻ ‏سڳورن‏ منبر تي وڃي دعا ‏ڪيائون ته برسات وسڻ شروع ‏ٿي وئي. (18) بخاري ان روايت ‏کي نقل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ‏لکي ٿو ته جڏهن برسات وسڻ ‏شروع ڪيو ته حضرت علي حضرت ابو طالب جو هڪ ‏شعر خود رسول الله جي شان ‏‏۾ پڙهيو ته رسول الله‏ ڏاڍو ‏خوش ٿيا ۽ رسول جي صورت ‏مبارڪ تي خوشي ۽ رضايت جا ‏آثار ظاهر ٿيا (19) ‏
ب: صحابه ۽ ۽ علماءِ ڪرام ‏جي سيرت:‏
ابو جوزا روايت ڪري ٿو ته ‏مديني ۾ قحط آيو مديني وارا ‏عايشه وٽ آيا عايشه چيو ته ‏رسول الله جي قبر تي وڃو ‏‏۽ سندن قبر مٿان جيڪا ڇت ‏آهي ان کي پري ڪيو جيئن ‏رسول جي قبر ۽ آسمان جي ‏وچ ۾ رڪاوٽ نه هجي ماڻهن ‏ائين ئي ڪيو برسات وسڻ ‏شروع ٿي وئي زمينون سايون ‏‏۽ اٺن جون کلون به سايون ٿي ‏ويون ان کان پوءِ ان سال جو ‏نالو ”عام الفتق“ رکيائون. (20)‏
مالڪي مذهب جو امام مالڪ ‏چوي ٿو:‏
عباسي حڪومت ٻيو خليفو ‏منصور دوانيقي جو جنهن سال ‏حج تي ويو ته رسول پاڪ‏ ‏جي قبر تي زيارت ڪرڻ ويو ‏زيارت ڪرڻ جي دوران امام ‏مالڪ ان کان پڇيو ته: اي امير ‏هتي رسول الله جو حرم ۽ ‏روضو آهي پنهنجي آواز کي ‏آهستي ڪر ڇاڪاڻ ته خدا، ‏رسول جي احترام ۽ ادب لاءِ ‏ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته ‏‏”لاترفعو اصواتكم فوق صوت النبي“ سورت ‏حجرات/ آيت 2‏
پنهنجي آوازن کي نبي جي ‏آوازن کان مٿانهون نه ڪيو.‏
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول ‏خدا جو احترام ۽ عزت هن دنيا ‏مان لاڏاڻي ڪرڻ کانپوءِ به ائين ‏ئي واجب آهي جيئن رسول الله ‏جي حيات ۾ واجب ۽ لازم ‏هو.‏
منصور اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ‏احترام رسول الله جي روضي ‏جو احترام ڪرڻ ان کان پوءِ ‏مالڪ کي ڇا دعا جي وقت ‏پنهنجو چهرو قبلي ڏانهن ‏ڪيان يا رسول الله جي قبر ‏ڏانهن هجي، مالڪ چيس: ته ‏رسول خدا خدا تائين پهچڻ ‏لاءِ تنهنجو به وسيلو آهي ۽ ‏تنهنجي پيءَ آدم جو به ‏وسيلو آهي تنهن ڪري پنهنجو ‏چهرو رسول خدا جي طرف ‏ڪر ۽ ان جي شفاعت سان خدا ‏جي نزديڪ ٿي ته جيئن خدا ‏تنهنجي دعا کي قبول ڪري ۽ ‏امام مالڪ سورت حجرات جي ‏آيت نمبر 2 کي دليل طور پيش ‏ڪيو.(21)‏
اهل سنت جي علماء جون ‏فتوائون:‏
ابن حجر پنهنجي هڪ فتوا ۾ ‏چيو اٿس ته: ڪجهه اجاين ۽ ‏برين ڳالهين جهڙوڪ مردن ۽ ‏عورتن جي گڏجي وڃڻ جي ‏ڪري زيارت نه ڇڏڻ گهرجي ‏ڇاڪاڻ ته: زيارت جي معنى خدا ‏جي قريب ٿيڻ آهي تنهن ڪري ‏انهن فسادن ۽ براين جي ‏ڪري زيارت نٿي ڇڏي ‏سگهجي بلڪه انسان تي لازم ‏آهي ان فعل کي انجام ڏي ۽ ‏ٻين کي به شوق ڏياري ته جيئن ‏سڀ ماڻهو زيارت تي وڃن(22)‏
دعاي توسل
جيڪڏهن انسان دعائن ۽ ‏زيارتن جي ڪلمات ۾ توجه ‏ڪري جيڪي معصومين ‏کان اسان تائين پهتيون آهن ۽ ‏اهڙي ريت شيعن وٽ جيڪي ‏مشهور دعائون ۽ زيارتنامه آهن ‏انهن ۾ غور ۽ فڪر ڪري ته ‏سڄي حقيقت معلوم ۽ واضح ‏ٿي وڃي ٿي ته زيارتون ۽ دعا ‏پڙهڻ، توسل ڪرڻ سان انسان ‏خدا جي بارگاهه ۾ ادب ۽ ‏تواضع جي آخري مرتبي تي ‏پهچي ٿو. ‏

هتي دعا توسل ۾ جيڪي ‏الفاظ آيا آهن انهن کي تبرڪ ‏طور تي پيش ڪجي ٿو:‏
يا سادَتي وَمَوالِيَّ اِنّي تَوَجَّهْتُ بِكُمْ اَئِمَّتي وَعُدَّتي لِيَوْمِ فَقْري ‏وَحاجَتي اِلَى اللّهِ‎ ‎‏ وَ تَوَسَّلْتُ بِكُمْ ‏
اِلَى اللّهِ ‏‎ ‎وَاسْتَشْفَعْتُ بِكُمْ اِلَى اللّهِ، فَاشْفَعُوا لي ‏عِنْدَ اللّهِ ‏‎ ‎وَاسْتَنْقِذُوني مِنْ ذُنُوبي عِنْدَ اللّهِ، فَاِنَّكُمْ ‏وَسيلَتي اِلَى اللّهِ‎ ‎وَبِحُبِّكُمْ وَبِقُرْبِكُمْ اَرْجُو نَجاةً ‏مِنَ اللّهِ‎ ‎فَكُونُوا عِنْدَ اللّهِ رَجائي يا سادَتي يا ‏اَوْلِياءَ اللّهِ‎ ‎صَلَّى اللّهِ عَلَيْهِمْ اَجْمَعينَ
‏ وَلَعَنَ اللّهِ‎ ‎اَعْداءَ اللّهِ‎ ‎ظالِميهِمْ مِنَ الاْوَّلينَ ‏وَالاْخِرينَ آمينَ رَبَّ الْعالَمينَ‎ .‎
جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪيو ‏دعاءِ توسل جي معنى ۾ وڃي ‏ته اسان جيڪي به حاجتون خدا ‏کان گهرون ٿا ته انهن ۾ هر ‏جملي کانپوءِ اعتراف ڪيو ٿو ‏وڃي ته توهان اولياء خدا آهيو ‏تنهنجي ڪري توهان کي خدا ‏جي بارگاهه ۾ وسيلو قرار ڏيان ‏ٿو.‏
هن پوري ۽ مختصر مقالي مان ‏اهو نتيجو نڪتو ته ابن تيميه، ‏محمد بن عبدالوهاب ۽ انهن جا ‏پيروڪار جيڪي تمام مسلمانن ‏تي توسل جي ڪري شرڪ ۽ ‏بدعت جون تهمتون ٿا لڳائن نه ‏انهن جو ڪو بنياد آهي ۽ نه ئي ‏شريعت مقدس ۾ توسل کان ‏منع ڪئي وئي آهي. ‏
حوالا
‏1)‏ زيارت القبور والاستنجاد، ص 156 ۽ رجوع ‏ڪيو کشف الشبهات مجموع مولفان شيخ ‏محمد بن الوهاب تاريخ نجد و آل سعود
‏2)‏ ساڳيو.‏
‏3)‏ التوسل والوسيله 18، 19‏
‏4)‏ لسان العرب والمنجد (و. س .ل) جي مادي ۾ ‏‏۽ مفردات راغب (و، س، ل) جي مادي ۾ ‏مجمع البحرين تفسير کشاف ۽ تفسير فخر ‏رازي سورت مائده آيت 35 جي ذيل ۾ لکن ‏ٿا.‏
‏5)‏ لسان العرب ج 11 ص124‏
‏6)‏ ابولوز، ابو انس علي بن حسين التوسل، ‏اقسامه واحڪامه ص 15‏
‏7)‏ سبحاني جعفر فرهنگ عقايد و مذاهب ‏اسلامي ج3 باب اقسام توحيد
‏8)‏ جامع احکام القرآن، قرطبي، ج3، ص249 و ‏‏250.‏
‏9)‏ تفسير روح المعاني آلوسي، ج1، ص 20 ۽ ‏تفسير در المنثور سيوطي ج1، ص216.‏
‏10)‏ الاسباني في صحيح الترمذي ص 2796‏
‏11)‏ صحيفه سجاديه، امام سجاد عليه السلام جي ‏هڪ دعا جو حصو
‏12)‏ مجموع فتواي ۽ رسائل الشيخ ابن عثمين ‏ج2، ص 352.‏
‏13)‏ ‏ صحيح بخاري حديث 1021 ۽ صحيح مسلم ‏، حديث 798.‏
‏14)‏ صحيح بخاري حديث 2272 ۽ صحيح مسلم ‏ح 2743‏
‏15)‏ مجمموع فتاوي عثمين ج 2 ص
‏16)‏ تفسير ابن ڪثير، سورت نساء آيت 64‏
‏17)‏ زمخشري ، الکشاف عن الحقائق غوامص ‏التنزيل ج1 ص 538 ‏
‏18)‏ کشف الارتياب ص 310 ‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :