نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

انبياء جي بعثت جي جاگرافيائي جانچ

فونٽ جو اندازو:
2020/10/19

*انبياء جي بعثت ‏‏۽ جاگرافيائي ‏جانچ*

ليکڪ:‏ ‏نويد حسين چنه

الله سائين مڙني جهانن جو ‏پالڻهار آهي ۽ انسان ان جي ‏تدبير ۽ ربوبيت هيٺ آهي، ‏جهڙي ريت انسان جي تڪويني ‏تربيت خدا جي تڪويني قانونن ‏جي روشني ۾ ٿئي ٿي، ساڳي ‏ئي ريت سندس تشريعي تربيت ‏پڻ خدا جي موڪليل شريعت ۽ ‏قانون کان سواءِ ممڪن نه آهي ‏‏۽ آسماني قانون کان سواءِ ‏ڪوبه اهڙو قانون نه آهي جيڪو ‏انسان ۽ انساني معاشري جي ‏سعادت ۽ ڀلائي جي ضمانت ‏ڏئي سگھي، ڇاڪاڻ ته هڪ ‏اهڙو قانون انسان جي سعادت ‏جو سبب ٿي سگھي ٿو جيڪو ‏ان جي تڪويني زندگيءَ سان ‏مطابقت رکندو هجي ۽ اهڙي ‏خاصيت رکندڙ قانون اها ئي ‏ذات پيش ڪري سگھي ٿي ‏جيڪا انسان جي زندگيءَ جي ‏تڪويني ۽ تشريعي پهلوئن ‏کان بهترين نموني واقف هجي ‏۽ اها هستي خدا جي ذات آهي ‏‏۽ نبي ان سعادت ڀري قانون ‏کي کڻي ايندڙ آهي، سو ڪوبه ‏اهڙو زمانو تصور نٿو ڪري ‏سگھجي جيڪو نبوت کان ‏خالي هجي؛ ڇاڪاڻ ته انسان ‏وجود جي مرحلي ۾ اچڻ کان ‏پوءِ ڪيتريون ئي منزلون طئي ‏ڪندو اڳتي وڌي رهيو هوندو ‏آهي، ڪهڙي منزل کان ڪهڙي ‏منزل ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ ‏ڪهڙي طريقي سان داخل ٿيڻو ‏آهي، تنهن جو علم ۽ ڄاڻ وٽس ‏نه آهي تنهنڪري هو هميشه خدا ‏جي ربوبيت هيٺ هدايت جو ‏محتاج آهي، بلڪه خدا جي ‏حڪمت جي تقاضا اها آهي ته ‏جتي جتي انسان جو وجود آهي ‏اتي خدائي حجت ۽ انبياء جو ‏هجڻ به ضروري آهي ته جيئن ‏هي انسان انبياء جي ذريعي خدا ‏جي پيغام کي حاصل ڪري ۽ ‏ان تي عمل پيرا ٿيندي ڪمال ‏جون منزلون طئي ڪري ‏سگھي. ‏

جيتوڻيڪ انساني تاريخ جي ‏هن ڊگھي عرصي ۾ ڪو اهڙو ‏انساني معاشرو نه آهي جتي ‏الله سائين انسان جي هدايت لاءِ ‏انبياء کي مبعوث نه ڪيو هجي ‏پر جڏهن انبياء جي بعثت کي ‏جاگرافيائي اعتبار سان ڏٺو ‏وڃي ٿو ته ڪجھ سوال اڀرن ٿا ‏ته: ڇا انبياء جي بعثت ڪن ‏خاص علائقن سان تعلق رکي ‏ٿي؟ ڇا ڪجھ اهڙا علائقا آهن ‏جتي ڪوبه نبي مبعوث نه ٿيو ‏هجي؟ ان بابت اڄڪلھ غلط ‏فهمي ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ چيو ‏وڃي ٿو ته جاگرافيائي اعتبار ‏سان انبياء ڪن خاص علائقن ‏‏۾ ڇو مبعوث ڪيا ويا؛ (1) ‏يعني انبياء رڳو وچ اوڀر ۾ ‏موڪليا ويا آهن ۽ خاص طور ‏تي حجاز ۽ فلسطين جي زمين ‏تي ظاهر ٿيندڙ آهن ۽ ٻوليءَ ‏جي اعتبار سان پڻ اڪثر ‏عبري، آريائي ۽ عربي ٻوليءَ ‏وارا نظر ٿا اچن، (2) جڏهن ته ‏ٻيا اهڙا ڪيترائي علائقا آهن ‏جتي انبياء جي بعثت جو ذڪر ‏نٿو ملي، تنهنڪري اهو سوال ‏اڀري ٿو ته ان جو فسلفو ڇا هو؟ ‏ڇا ٻين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ‏منجھ اها قابليت نه هئي جو ‏منجھائن نبي مبعوث ڪيو ‏وڃي ها؟ ‏

اهڙن سوالن ۽ غلط فهمين کان ‏پوءِ عقل غور ۽ ويچار ڪرڻ ‏لڳي ٿو ته ڇا حقيقت ائين ‏آهي؟ ڇا نبين جي بعثت ڪنهن ‏خاص هنڌ سان تعلق رکي ٿي؟ ‏ان بابت جيڪڏهن قرآن، حديث ‏‏۽ تاريخ جو غور سان مطالعو ‏ڪيو ويندو ته انبياء جي بعثت ‏کي هڪ خاص علائقي سان ‏محدود ڪرڻ واري دعوا جو ‏ڪمزور ۽ اڻ پختو هجڻ وائکو ‏ٿي پوندو، سو ان لاءِ هيٺ ‏ڪجھ اهم نڪتن ڏانهن اشارو ‏ڪجي ٿو:‏

دعوا دليل کان بغير

جاگرافيائي اعتبار سان اها ‏دعوا ڪرڻ ته الله سائين ‏ڪيترن ئي علائقن ۾ نبي نه ‏موڪليا آهن، دليل کان آجي ‏نظر اچي ٿي، جنهن کي تاريخ ‏جو سهارو وٺي ثابت نٿو ڪري ‏سگھجي؛ ڇاڪاڻ ته تاريخ نه ‏مڙني علائقن ۾ انبياء جي ‏بعثت کي ثابت ٿي ڪري ۽ نه ‏ئي ان جو انڪار ٿي ڪري، ‏بلڪه تاريخ گذريل وقت ۾ ‏رونما ٿيندڙ ڪجھ واقعن کي ‏بيان ڪندڙ آهي نه انهن سڀني ‏واقعن ۽ حالتن کي جيڪي ان ‏وقت ۾ رونما ٿيا، تنهنڪري اها ‏دعوا نه ٿي ڪري سگھجي ته ‏تاريخ ۾ ڪجھ هنڌن تي انبياء ‏جي بعثت جي ذڪر ۽ ڪجھ ۾ ‏ذڪر نه ٿيڻ مان معلوم ٿئي ٿو ‏ته انبياء جي بعثت ڪن خاص ‏علائقن سان محدود آهي.‏

‏۽ ڪجھ آيتون ۽ حديثون ان ‏مطلب ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ‏ته انساني تاريخ جي هن وڏي ‏عرصي ۾ مڙني قومن جي ‏درميان انبياء مبعوث ڪيا ويا. ‏جيئن ته ارشاد آهي:‏

إِنَّا أَرْسَلْنَاكَ بِالْحَقِّ بَشِيرًا وَنَذِيرًا وَإِن مِّنْ ‏أُمَّةٍ إِلَّا خلَا فِيهَا نَذِيرٌ (فاطر آيت 24.)‏

بيشڪ اسان توکي سچي دين ‏سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ‏ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ‏اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه ‏جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه ‏گذريو آھي.‏

هڪ ٻي آيت ۾ ارشاد آهي ته: ‏

وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِي كُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولاً (نحل آيت ‏‏36)‏

‏۽ بيشڪ هر ٽولي.۾ (ھڪ) ‏پيغمبر موڪليوسون.‏

هنن آيتن ۾ هر قوم ۾ انبياء ‏جي بعثت تي تاڪيد ڪيو ويو ‏آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ‏اهو چوي ته آيت ۾ موجود لفظ ‏امت جي معنى اها نه آهي ته ‏مراد هر قوم آهي بلڪه امت ‏جو لفظ هڪ عظيم ۽ متحد ‏معاشري ڏانهن اشارو آهي، ته ‏سندس جواب ۾ ڪجھ اهڙيون ‏آيتون به آهن جيڪي واضح ‏نموني مسئلي کي وائکو ڪن ‏ٿيون جيئن ته ارشاد آهي:‏

وَلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ (رعد آيت 7.)‏

‏۽ هر قوم لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ‏ھوندو آھي.‏

هن آيت ۾ ‏قوم جو لفظ آهي ‏جيڪو هڪ ننڍڙي ٽولي کي ‏به شامل ٿئي ٿو.(3)‏

‏۽ هڪ ٻي آيت ۾ ان ڳالھ ‏ڏانهن چڱي ريت اشارو ڪيو ‏ويو آهي ته ڪيترائي نبي آهن ‏جن جا نالا بيان نه ڪيا ويا آهن ‏پر اهي به پنهنجي پنهنجي وقت ‏‏۾ قومن ۽ امتن ۾ نبي طور ‏موڪليا ويا. جيئن ته ارشاد ‏آهي: ‏

وَرُسُلاً قَدْ قَصَصْنَاهُمْ عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَرُسُلاً ‏لَّمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ ( نساء، آيت 164.)‏

‏۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ‏ھن کان اڳ توکي بيان ‏ٻڌايوسون ۽ (پڻ ٻيا گھڻا اهڙا) ‏پيغمبر آھن جن جو بيان توکي ‏نه ٻڌايوسون.‏

ساڳيو ئي مطلب هڪ ٻي آيت ‏‏۾ هن ريت آهي ته:‏

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن ‏قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ ‏‏(غافر، آيت78)‏

‏۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي ‏پيغمبر موڪلياسون منجھائن ‏اهي جن جو احوال توکي بيان ‏ڪيوسون ۽ منجھائن اهي جن ‏جو احوال توکي بيان نه ‏ڪيوسون.‏

نبوت ۽ رسالت جو هڪ قوم ‏سان مخصوص نه هجڻ

هڪ نبي جي نبوت لاءِ ‏جاگرافيائي حيثيت اهميت ‏ڪونه ٿي رکي، جيڪڏهن هڪ ‏نبي کي ڪنهن هڪ قوم منجھ ‏مبعوث ڪيو ويو آهي تنهن جو ‏مطلب اهو نه آهي ته هو ان قوم ‏جو ئي نبي آهي، اهو ئي سبب ‏آهي ته هي نبي جيتوڻيڪ ‏ڪنهن هڪ خاص علائقي ۾ ‏مبعوث ٿيو آهي پر باقي قومن ‏‏۽ علائقن ۾ پڻ پنهنجا نمائندا ‏موڪلي رهيو هوندو آهي ۽ ‏اهو ئي سبب آهي جڏهن ‏پيغمبر اسلام جي نبوت جي ‏ڳالھ ايندي آهي ته اسلام ان ‏مطلب کي چڱي ريت بيان ‏ڪيو آهي ته حضرت جي ‏نبوت قيامت تائين آهي، تنهن ‏جو مطلب ته جيتوڻيڪ پيغمبر ‏اسلام ص جزيره عرب ۾ ظاهر ‏ٿيا پر قيامت تائين هي ماڻهو ‏هي قومون سندس امت طور ‏سڃاتيون وڃن ٿيون، سو ان ‏اعتبار سان جيڪا شيءِ نبوت ‏لاءِ اهميت جوڳي آهي سا وحي ‏جي پيغام کي حاصل ڪرڻ ‏آهي نه هڪ خاص علائقو يا ‏قوم يا قبيلي جو هجڻ. پر ‏جيڪڏهن ضرورت هر ڳوٺ ۽ ‏هر علائقي ۾ نبي کي مبعوث ‏ڪرڻ هجي ها ته اهو به خدا جي ‏قدرت ۽ مشيت سان ٿي پئي ‏سگهيو، جيئن ته آيت ۾ ارشاد ‏آهي:‏

وَلَوْ شِئْنَا لَبَعَثْنَا فِي كُلِّ قَرْيَةٍ نَذِيرًا. ‏فرقان آيت 51.‏

‏۽ جيڪڏھن چاهيون ھا ته هر ‏ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ ‏موڪليون ھا.‏

علائقي جي مرڪزي حيثيت ۽ ‏ان جي تاثير

گذريل مطلب مان اهو ثابت ‏ڪري آيا سين ته انبياء جي ‏بعثت کي ڪجھ علائقن سان ‏محدود ڪرڻ واري ڳالھ بي ‏بنياد ۽ هڪ اهڙي دعوا آهي ‏جنهن جي ثابتي لاءِ ڪابه دليل ‏نه آهي، پر ڪن خاص علائقن ‏‏۾ اڪثر نبين جي ظهور جو ‏فلسفو ڇا آهي؟ تنهن جو جواب ‏هي آهي ته اهڙا علائقا ‏اقتصادي، سياسي، عقيدتي ۽ ‏ثقافتي اعتبار سان مرڪزيت ‏رکندڙ هئا.‏

دنيا جي مڙني هنڌن مان وچ ‏اوڀر (‏Middle East‏) جو علائقو ‏هڪ اسٽريٽجڪ (‏strategic‏) ‏علائقو حساب ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ‏ته هي علائقو ٻن وڏن سمنڊن ‏ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ هندي سمنڊ ‏‏۽ ڪيترن ئي ٻين مختلف ‏سمنڊن جهڙوڪ ميڊيٽرينين ‏‏(‏Mediterranean Sea‏)، ڳاڙهو ‏سمنڊ ، درياءِ خزر، ڪارو سمنڊ ‏‏۽ اهڙي ريت خليج فارس جهڙن ‏سمنڊن سان گڏ هجڻ جي ڪري ‏دنيا جي مهمترين علائقن مان ‏شمار ٿئي ٿو، ان کان علاوھ ‏ٻيون اهم حيثيتون جهڙوڪ ‏خليج فارس ۽ درياءِ عمان کي ‏ملائيندڙ هرمز نالي هڪ ‏سوڙهي وادي ۽ مغربِ ‏عربستان جي جنوبي علائقي ‏‏۾ ڳاڙهي سمنڊ کي خليجِ عدن ‏سان ملائيندڙ باب المندب جي ‏وادي ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ کي ‏ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ڳنڍيندڙ ‏جبل الطارق جي وادي جهڙيون ‏اسٽريٽجڪ جايون وچ اوڀر جي ‏اهميت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ‏آهن، اهو ئي سبب آهي جو وچ ‏اوڀر جو علائقو دنيا جي تمدن ‏‏۽ ثقافت جو مرڪز رهيو آهي، ‏جتان ڪيترائي ديني عقيدا ۽ ‏مذهبي آئين ظاهر ٿيا آهن ۽ ‏ابراهيمي اديان ٽي اهم دين ‏جهڙوڪ يهوديت، مسيحيت ۽ ‏اسلام پڻ اهڙي ئي هنڌ کان ‏ظاهر ٿيا.‏

تمدن ۽ ثقافت جي مرڪز کان ‏نبوت جي نشر جو خدائي فيصلو

بيان ڪري آياسين ته وچ اوڀر ‏جو علائقو هڪ اسٽريٽجڪ ‏علائقو آهي ۽ اهڙي جاءِ تي ‏اڪثر نبين جي ظهور جو ‏فلسفو اهو آهي ته هي علائقا ‏اقتصادي، سياسي، عقيدتي ۽ ‏ثقافتي اعتبار سان مرڪزيت ‏رکندڙ هئا ۽ خدائي سنت به ان ‏تي قائم آهي ته اهڙي قسم جي ‏مرڪزيت رکندڙ علائقن ۾ ‏نبين کي مبعوث ڪري ته ‏جيئن نبوت جو پيغام جلدي ‏نشر ٿي ۽ ترويج پيدا ڪري ‏سگھي، ڇاڪاڻ ته اهو واضح ‏آهي جتي ثقافت ۽ تمدن ‏پنهنجي اوج ۽ ڪمال تي هجي ‏اتي جا ماڻهو ۽ حاڪم ‏جيڪڏهن دين جي ترويج ۾ ‏ڪوشان هوندا ته دين آساني ‏سان ٻين علائقن تائين پهچي ‏سگھندو، ڇوته اهڙن علائقن ‏کي مرڪزيت حاصل هجڻ جي ‏ڪري ٻئي ڪنهن به علائقا وارا ‏مرڪزي علائقن سان پاڻ کي ‏جڙيل رکڻ جي ڪوشش ڪندا ‏آهن ۽ تنهن زماني ۾ جيڪڏهن ‏رابطي جي وسيلن جي سادي ‏هجڻ کي نظر ۾ رکيو وڃي ته ‏اهو ضروري بڻجي ٿو ته نبوت ‏اهڙن مرڪزي علائقن مان ‏ظهور ڪري ته جيئن مختلف ‏هنڌن ۽ علائقن تائين خدائي ‏پيغام کي پهچائي سگھجي؛ ‏جهڙوڪ حضرت موسي جيڪڏهن کين تنهن وقت جي ‏مرڪزي علائقي خاص طور تي ‏فرعون جي محل اندر ظاهر نه ‏ڪيو ويو هجي ها ۽ دنيا جي ‏مرڪزيت ۽ قدرت رکندڙ هنڌ ‏کان پري ڪنهن معمولي جاءِ تي ‏کين نبوت تي مبعوث ڪيو ‏وڃي ها ته نبوت جي پيغام کي ‏دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ‏تائين پهچائڻ ۾ کين سوين ‏سال لڳي وڃن ها، پر دنيا جي ‏قدرت رکندڙ مرڪزي جاءِ ۽ ‏فرعون جي محل اندر حضرت ‏موسى‏ جي نبوت جو اٿندڙ ‏آواز فرعون جي قدرت جي ‏دائري ۾ ايندڙ هر هنڌ کي بارود ‏جيان تيزي سان اڏائيندو ٿئي ‏ويو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ‏دنياوي قدرت رکندڙ ۽ تمدن ۽ ‏ثقافت وارن علائقن منجھان ‏انبياء جي بعثت جو فلسفو ۽ ‏سرچشمو خدائي تدبير ۽ ‏حڪمت آهي.(4) جيئن ته ارشاد ‏آهي:‏

وَمَا كَانَ رَبُّكَ مُهْلِكَ الْقُرَى حَتَّى يَبْعَثَ فِي ‏أُمِّهَا رَسُولًا (قصص آيت 59)‏

‏ ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ‏ڳوٺن کي (ايستائين) ڪڏھن به ‏ناس ڪرڻ وارو نه آھي ‏جيستائين اُن جي مرڪز ۾ ڪو ‏پيغمبر (نه) موڪلي.‏

ته بس معلوم ٿيو ته مڙني ‏علائقن مان وچ اوڀر ۾ ڪجھ ‏خاص نبين جي بعثت جو ‏فلسفو اهڙن علائقن کي ‏مرڪزيت حاصل هجڻ هو، پر ‏تنهن جو مطلب هرگز اهو نه ‏آهي ته ٻئي ڪنهن هنڌ نبي ‏مبعوث نه ڪيا ويا هئا.‏

آقا جوادي آملي فرمائن ٿا:‏

جيڪڏهن مغربي سرزمين تي ‏ڪنهن نبي جي بعثت جو ‏تذڪرو نه آهي، ان جو سبب ‏هي ٿي سگھي ٿو ته اتي يا ‏انساني معاشري جو وجود ئي نه ‏هو يا جيڪڏهن انساني معاشرو ‏موجود هو ته پوءِ اسان وٽ ‏ڪابه اهڙي دليل نه آهي جو ‏چئجي ته خدا اتي ڪنهن به نبي ‏کي مبعوث نه ڪيو آهي؛ ‏ڇاڪاڻ ته قرآن ان مطلب ڏانهن ‏اشارو ڪري ٿو ته ڪيترائي ‏اهڙا نبي آهن جن جا نه نالا ۽ نه ‏ئي ڪو تذڪرو ڪيو ويو آهي ‏جڏهن ته کين نبوت تي مبعوث ‏ڪيو ويو هو، (5) ارشاد آهي:‏

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن ‏قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ ‏‏(غافر آيت 78)‏

‏۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي ‏پيغمبر موڪلياسون منجھائن ‏ڪن جو احوال توکي بيان ‏ڪيوسون ۽ منجھائن ڪن جو ‏احوال توکي بيان نه ڪيوسون.‏

نتيجو:‏

مٿي بيان ٿيل ڪجھ نڪتن ‏منجھان اهو نتيجو وٺي ‏سگھجي ٿو ته:‏

نبوت جو مقصد اهو آهي ته ‏ڪوبه شخص راهنما ۽ هادي ‏کان بغير نه رهي، ۽ ممڪن نه ‏آهي جو الله سائين ڪنهن امت ‏‏۽ قوم کي هادي ۽ راهنما کان ‏بغير سندن حال تي اڪيلو ڇڏي ‏ڏئي، ڇاڪاڻ ته الله جي ذات ‏انسان کي سندس ڪمال تائين ‏پهچائيندڙ آهي ۽ اهو وحي ۽ ‏انبياء جي بعثت کان سواءِ ‏ممڪن نه آهي، ان اعتبار سان ‏بشريت ۽ نبوت ۾ جدائي جو ‏تصور ئي نٿو ڪري سگھجي ‏سو يا ته خود پيغمبر ان ‏معاشري ۾ موجود هوندو يا ان ‏جو ڪو نمائندو اتي ان جي ‏تعليمات ۽ پيغام کي نشر ‏ڪندڙ هوندو، پوءِ جيڪڏهن ‏ڪن خاص علائقن بابت نبين ‏جو تذڪرو ٿيو آهي ته اهو ان ‏علائقن جي اهميت جي ڪري ‏آهي يا ڪن خاص حڪمتن جي ‏ڪري آهي ته جيئن ماڻهو ‏عبرت وٺي سگھن البته ان مان ‏هرگز اها مراد نه آهي ته ٻين ‏هنڌن تي انبياء مبعوث نه ٿيا ‏آهن، جيئن ته قرآن ان ڳالھ ‏ڏانهن واضح اشارو ڪيو ته :‏

وَرُسُلاً قَدْ قَصَصْنَاهُمْ عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَرُسُلاً ‏لَّمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ (نساء، آيت 164.)‏

‏۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ‏ھن کان اڳ توکي بيان ‏ٻڌايوسون ۽ (پڻ ٻيا گھڻا اهڙا) ‏پيغمبر آھن جن جو بيان توکي ‏نه ٻڌايوسون. ‏

‏۽ قرآن هڪ تاريخي ڪتاب نه ‏آهي بلڪه هدايت جو هڪ ‏عظيم چراغ آهي جيڪو رڳو ‏ڪن خاص نبين جي زندگيءَ ‏کي بيان ڪري انسانن کي ‏عبرت جو درس ڏئي رهيو ‏آهي.‏

حوالا

‏1.‏ ڏسو ڪتاب: تولدي ديگر، مذهب ‏فردا، ص 2 .‏

‏2.‏ قدر دان قراملڪي، دين و نبوت، ‏ص 243.‏

‏3.‏ قدر دان قراملڪي، دين و نبوت، ‏ص ص 244.‏

‏4.‏ آيت الله مکارم شيرازي، پيام ‏قرآن، ج 7 ، ص 368 .‏

‏5.‏ آيت الله جوادي آملي، تفسير ‏موضوعي قرآن، ج6 .‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :