نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

اسلام ۽ غلامي کان آجپي جو حل

فونٽ جو اندازو:
2020/10/20

اسلام ۽ غلامي کان آجپي جو حل

نائب علي ڪميلي

اسلام جي اچڻ کان پهرين ‏پوري دنيا ۾ خاص طور تي ‏جزيرة العرب جي سرزمين تي ‏ڪجھ اهڙيون ريتون ۽ رسمون ‏رائج هيون جن جو انسانيت ‏جي اصولن سان دور جو واسطو ‏به ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو انهن ريتن ‏‏۽ رسمن مان غلامي جي چڪي ‏‏۾ بي وس انسانن جي ‏پيسجندڙ زندگين جا به انوکا ‏داستان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ‏جيتوڻيڪ اسلامي نقطه نظر ‏مطابق الله تعالى هر انسان کي ‏آزاد پيدا ڪيو آهي، تنهن ‏ڪري ڪنهن به انسان کي اهو ‏حق حاصل ناهي، جو ڪنهن ‏ٻئي انسان جي آزادي کسي ‏پنهنجو غلام بڻائي. پر ان جي ‏باوجود ماضي قريب ۾ جڏهن ‏کان حقوق بشر جي عنوان سان ‏علمي معاشري ۾ ڪجھ مسئلن ‏تي بحثون شروع ٿيون، ته ‏اسلامي نقطه نظر کي ‏خاص طور تي نشانو بڻائي ‏مختلف قسمن جون غلط ‏فهميون پيدا ڪيون ويون ۽ ‏غلامن ۽ ڪنيزن جي حوالي ‏سان اسلام جو منفي چهرو ‏پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ‏وئي. زير نظر مقالي ۾ اهو ‏واضح ڪرڻ چاهيون ٿا، ته ‏اسلام جو غلامن ۽ ڪنيزن جي ‏حوالي سان جيڪو نظريوآهي، ‏اهو تمام سنجيدگي تي مشتمل ‏آهي، اسلام نه رڳو ڪنهن آزاد ‏انسان کي غلام بڻائڻ جهڙي ‏رواج جي مخالفت ڪئي آهي، ‏پر انهن جي آزادي لاءِ هر قسم ‏جي حيلي جي سکيا پڻ ڏني ‏آهي، البته معاشري ۾ رائج ٻين ‏رسمن وانگر هن رسم کي به ‏مرحلي وار ختم ڪرڻ جا ‏دستور جاري ڪيا ته جيئن ‏معاشرو ڪنهن خطرناڪ ‏مرحلي کان محفوظ رهي ‏سگهي.

هتي غلامي جي سلسلي ۾ ‏قرآن ۽ اسلام جو نقطه نظر ‏پيش ڪرڻ کان پهرين هڪ ٻن ‏بحثن کي مختصر طور روشني ‏وجهنداسين.‏

الف: قديم زماني ۾ غلام بڻائڻ ‏جو طريقو

قديم زماني ۾ غلام جو مطلب ‏اهو هوندو هو ته هڪ انسان کي ‏ٻئي انسان جي مالڪيت ۾ ‏ورتو ويندو هو ۽ ان جا تمام ‏اختيارات، چاهي انهن جو تعلق ‏سندس جان سان هجي، چاهي ‏سندس اولاد سان هجي، سندس ‏مال سان توڙي سندس عقيدي ‏سان هجي، اهي سڀئي مالڪ ‏جي قبضي هيٺ ئي سمجهيا ‏ويندا هئا. قرآن مجيد ۾ اهڙي ‏قسم جي غلامي ڏانهن هن ‏ريت اشارو ڪيو ويو آهي: ‏‏”ضَرَبَ اللّهُ مَثَلاً ‏عَبْدًا مَّمْلُوكًا لاَّ يَقْدِرُ عَلَى شَيْءٍ “ (سورت نحل، ‏آيت 75) ‏

الله خريد ٿيل ٻانهي جو مثال ‏ڏنو آهي، جيڪو ڪنهن به شيءِ ‏تي قدرت نه ٿو رکي. ‏

ان وقت اهو تصور ڪيو ويندو ‏هو ته غلام جانور جي مثال ‏هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ‏مالڪ جي اختيار ۾ هوندو ‏آهي، ايستائين جو سندن مالڪ ‏کين قتل ڪرڻ کان نه ‏ڪيٻائيندا هئا ۽ انهن لاءِ ڪنهن ‏حق جا قائل نه هئا. عام طور تي ‏غلام جنگ ۾ قيدي ڪري هٿ ‏ڪيا ويندا هئا يا وري اهي ‏مقروض ماڻهو جيڪي پنهنجو ‏قرض لاهڻ جي سگھ نه رکندا ‏هئا، تن کي غلام بڻايو ويندو ‏هو.‏

اهڙي قسم جي غلامي جي اهم ‏خاصيت اها هئي ته انسان کي ‏انسانيت جي مرحلي مان ڪڍي ‏حيوانيت جي درجي تي پهچائي ‏ڇڏيندي هئي. قديم زماني ۾ ‏ڪٿي ڪٿي غلام، ‏غلامي کان علاوھ پنهنجي ‏مالڪ جو پوڄاري به ليکيو ‏ويندو هو، اهي غلام پنهنجي ‏مالڪن جي پوڄا به ڪندا هئا، ‏قرآن مجيد ان ڳالھ ڏانهن اشارو ‏ڪندي، اهو ذڪر ڪري ٿو ته ‏فرعون جا پيروڪار بني ‏اسرائيل کي پنهنجي غلامي ۾ ‏وٺندا هيا. جيئن ارشاد ٿئي ٿو ‏ته: ”وَتِلْكَ نِعْمَةٌ تَمُنُّهَا عَلَيَّ أَنْ عَبَّدتَّ بَنِي ‏إِسْرَائِيلَ“ (سورت شعراء، آيت 22) ‏يعني: ۽ ڇا هيءَ اها نعمت آهي، ‏جنهن جو مون تي احسان جتايو ‏اٿئي ته بني اسرائيل کي ٻانهو ‏بڻايو اٿئي.‏

ب: جديد دور ۾ غلامي جو ‏طريقو اڄ ڪلھ جي جديد دور ۾ ‏ظاهري طور تي غلامي جو ‏طريقو پڄاڻي تي پهچي چڪو ‏آهي، پر هڪ نئين انداز ۾ ‏غلامي جو راڄ وري به برقرار ‏آهي. جديد غلامي جو بنياد ‏دوکي دولاب ۽ ٺڳي تي ٻڌل ‏آهي، قديم زماني ۾ هلندڙ ‏ غلامي جي برخلاف جنهن جو ‏بنياد قدرت ۽ تسلط تي بيٺل ‏هو. پر اڄ ڪلھ جي جديد دور ‏‏۾ غلامي جي طريقن ۾ ‏ثقافتي ۽ اقتصادي يلغار، ‏ڪميونسٽ حڪومتن جي ‏قدرتمندي، جنسي وحشت جو ‏شڪار ٿيڻ وغيره جهڙا مثال ‏شامل آهن. ان قسم جي غلامي ‏‏۾ ظاهري طور تي ماڻهو آزاد ‏هوندا آهن، پر ڪنهن معمولي ‏اجرت جي عيوض ۽ ڪڏهن ‏ڪڏهن ته بغير اجرت جي ٻين ‏جي قبضي هيٺ اچي ويندا آهن ‏‏۽ ايستائين جو غير رسمي ‏طور تي مختلف مرڪزن ۾ ‏انهن جي خريد ۽ فروخت ٿيندي ‏رهي ٿي.‏

قرآن ۽ اسلام جو نقطه نظر ‏

انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي ‏جنهن کي پالڻهار جي ذات ‏فطري طور تي آزاد خلق ڪيو ‏آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ‏ته انسان رڳو پنهنجي پالڻهار ‏جو ئي بندو ٿي رهي ۽ ٻين ‏جي قيد ۽ بند کان آزاد هجي، ‏ان ڪري قرآن مجيد نبين جو ‏وظيفو اهو ڄاڻائي ٿو ته اهي ‏انسانن جي آزادي جو ئي پيغام ‏ڏيندا رهيا آهن.”الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الرَّسُولَ ‏النَّبِيَّ الأُمِّيَّ الَّذِي يَجِدُونَهُ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِي التَّوْرَاةِ ‏وَالإِنْجِيلِ يَأْمُرُهُم بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَاهُمْ عَنِ الْمُنكَرِ ‏وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبَاتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ الْخَبَآئِثَ وَيَضَعُ ‏عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَالأَغْلاَلَ الَّتِي كَانَتْ عَلَيْهِمْ فَالَّذِينَ ‏آمَنُواْ بِهِ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَاتَّبَعُواْ النُّورَ الَّذِيَ ‏أُنزِلَ مَعَهُ أُوْلَـئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ.“ (سورت ‏اعراف، آيه 157)‏

جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر ‏جي تابعداري ڪن ٿا، جنھن ‏جون وصفون وٽن موجود ‏توريت ۽ انجيل ۾ لکيل پائن ‏ٿا (اُھو) کين چڱن ڪمن جو ‏حُڪم ڪندو آھي ۽ برن ڪمن ‏کان کين روڪيندو آھي ۽ ‏پاڪيزه شيون اُنھن لاءِ حلال ‏ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن ‏حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو ‏بار ۽ جيڪي زنجيرون مٿن ‏ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، ‏پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ ‏سندس تعظيم ڪئي، سندس ‏مدد ڪيائون ۽ انھيءَ نور ‏‏(ڪلام الله) جي تابعداري ‏ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو ‏سي ئي ڪامياب آھن.‏

پيغمبر اسلام ‏ص غلامي جي ‏زنجيرن کي ماڻهن جي گردنن ‏مان لاهي ٿو، پاڻ جهالت ۽ ‏ناداني جي زنجيرن کي علم ۽ ‏بصيرت جي طرف دعوت ڏيڻ ‏ذريعي، بت پرستي ۽ خرافات ‏جي زنجيرن کي توحيد ڏانهن ‏سڏڻ ۽ طبقاتي نظام کي ‏اسلامي ڀائيچاري ۽ قانون جي ‏مقابلي ۾ برابري جي طرف ‏دعوت ڏئي ٽوڙيو.(1) ‏

ائمه معصومين عليهم السلام جي روايتن ‏‏۾ پڻ ان ڳالھ کي چٽي نموني ‏واضح ڪيو ويو آهي ته انسان ‏کي آزاد پيدا ڪيو ويو آهي، ‏تنهن ڪري کيس ڪنهن جو ‏غلام نه ٿيڻ گهرجي، امام ‏ علي عليه السلام جن فرمائن ٿا: ‏‏”لاتكن عبد غيرك وقد جعلكَ الله حرا“(2) ‏يعني: ٻين جو غلام نه ٿي ‏جڏهن ته الله سائين توکي آزاد ‏پيدا ڪيو آهي. ‏

فقه ۾ هڪ قاعدو رائج آهي، ‏جنهن جو عنوان آهي: ”الناس ‏مسلطون على انفسهم و اموالهم“ يعني ماڻهو ‏پنهنجي جانين ۽ مالن مٿان ‏مڪمل حق رکن ٿا. جيڪو ‏قاعدو پڻ ائمه معصومين عليهم السلام ‏جي روايتن جو مضمون آهي، ‏اهڙي قسم جا قاعدا به ان ڳالھ ‏کي سمجهائن ٿا ته انسان آزاد ‏آهي، ڇاڪاڻ ته ذاتي طور ‏جيڪو پنهنجي پاڻ تي مسلط ‏هوندو آهي ته ٻيا ان مٿان ڪو ‏به حق نه ٿا رکن. البته انسان جي ‏فطرت به غلامي سان سازگاري ‏نه ٿي رکي، ڇاڪاڻ ته انسان کي ‏انسانيت جي مرحلي کان هيٺ ڪيرائي ‏ڇڏي ٿي ۽ عقل به ان کي پسند ‏نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته غلامي ‏انسان جي ڪمال ۽ سندس ‏صلاحيتن جي اجاگر ٿيڻ کان ‏رڪاوٽ بڻجي ٿي. ‏

قرآن مجيد ۾ غلامي جي ‏حوالي سان ذڪر ٿيل آيتن جو ‏تعداد مجموعي طور تي 22 ‏آهي. ‏

‏1_اهي آيتون جن ۾ ”عبد“ يا ‏ان جا مشتق لفظ ڪتب آيا آهن، ‏جيڪي 5 (پنجن) جڳهن تي ‏ذڪر ٿيا آهن.(3)‏

‏2_اهي آيتون جن ۾ ”رقبه“ جو ‏لفظ ڪم آيو آهي(4)‏

‏3_ اهي آيتون جن ۾ غلامن ‏جي ملڪيت جو ذڪر ٿيو ‏آهي.(5) ‏

اسلام پاران غلامن جي آزادي ‏لاءِ پيش ڪيل راھ حل.‏

اسلام غلامن جي آزادي جي ‏لاءِ مختلف طريقا اپنائي کين ‏سڪون جي زندگي فراهم ‏ڪرڻ لاءِ ڪيتريون راهون ‏هموار ڪيون. قرآن مجيد جي ‏مختلف آيتن ۾ ذڪر ٿيل ‏طريقن کي مختلف حصن ۾ ‏تقسيم ڪري سگهجي ٿو.‏

الف: کين شادي ڪرڻ جو ‏حق آهي. ‏جهڙي ريت ارشاد ٿئي ٿو: ‏‏

”وَأَنكِحُوا الْأَيَامَى مِنكُمْ وَالصَّالِحِينَ ‏مِنْ عِبَادِكُمْ وَإِمَائِكُمْ إِن يَكُونُوا فُقَرَاء ‏يُغْنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضْلِهِ وَاللَّهُ وَاسِعٌ عَلِيمٌ ‏‏“ (سورت نور، آيت 32.)‏

‏۽ توهان مان بغير شوهرن واري ‏عورتن ۽ بغير زالن واري ‏شوهرن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ‏ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان ‏نيڪن کي (به پرڻايو)، ‏جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته ‏الله پنھنجي فضل سان کين بي ‏نياز ڪندو، ۽ الله ڪشادگيءَ ‏ڪندڙ، آگاھ آھي

ب: ڪنيزن کي حق مهر ‏ڏيڻ جو دستور

ان سلسلي ۾ قرآن مجيد ۾ هن ‏ريت ارشاد ٿئي ٿو:‏

‏ ” فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ “ (سورت نساء، آيت ‏‏25)‏

ج: انهن لاءِ قصاص ‏‏(بدلي) جو حق رکيو ويو ‏آهي. ‏

قرآن مجيد جي هيءَ آيت ان ‏مطلب کي بيان ڪري ٿي. ”يَا ‏أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الْقِصَاصُ فِي الْقَتْلَى الْحُرُّ ‏بِالْحُرِّ وَالْعَبْدُ بِالْعَبْدِ“ (سورت بقره، آيت ‏‏178) اي ايمان وارؤ! خون ٿيڻ ‏‏۾ توهان تي قصاص (بدلو) ‏لکيو ويو آهي، آزاد جي بدلي ‏آزاد ۽ ٻانهي جي بدلي ٻانهو.‏

‏2_ ڪنيزن سان بدرفتاري سان ‏پيش اچڻ کان روڪٿام

ان سلسلي ۾ آيل حڪمن کي به ‏هيٺين ريت تقسيم ڪري ‏سگهجي ٿو

الف: ٻانهين کي پاڪدامني ‏جي خلاف ڪم تي مجبور نه ‏ڪيو. ‏

‏”وَلَا تُكْرِهُوا فَتَيَاتِكُمْ عَلَى الْبِغَاء إِنْ أَرَدْنَ تَحَصُّنًا“ ‏‏(سورت نور، آيت 33) ‏

اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن ‏پاڪدامني جو ارادو ڪن ته کين ‏بري ڪم تي مجبور نه ڪيو.‏

ب: ٻانهين جو نڪاح سندن ‏اهل جي اجازت کان بغير نه ‏هجي.”فَانكِحُوهُنَّ بِإِذْنِ أَهْلِهِنَّ“ (سورت ‏نساء، آيت25) ‏

پوءِ کين پنهنجي مالڪن جي ‏اجازت سان پرڻايو. ‏

‏3_سزا ۾ گهٽتائي:‏

ان سلسلي ۾ ارشاد ٿئي ٿو: ‏

‏”فَإِذَا أُحْصِنَّ فَإِنْ أَتَيْنَ بِفَاحِشَةٍ فَعَلَيْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى ‏الْمُحْصَنَاتِ مِنَ الْعَذَابِ“(سورت نساء، آيت ‏‏25) پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون ‏تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي ‏حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا ‏سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ ‏مٿن آھي. ‏

‏4_ سندن آزادي جي لاءِ مختلف ‏حيلا پيش ڪرڻ

قرآن مجيد غلامن جي آزادي ‏لاءِ مختلف حيلا پيش ڪيا ته ‏جيئن ان ذريعي غلامي جي ‏زنجيرن مان آزاد ٿي هڪ آزاد ‏انسان جي حيثيت سان معاشري ‏‏۾ زندگي گذاري سگهن. انهن ‏حيلن کي هيٺين ريت تقسيم ‏ڪري بيان ڪري سگهجي ٿو:‏

الف: مڪاتبو، جنهن جو مطلب ‏آهي ته ٻانهي ۽ سندس مالڪ ‏جي درميان قراردادبندي سان ‏کيس آزاد ڪيو وڃي. الله ‏سائين جو ارشاد ٿئي ٿو: ”وَالَّذِينَ ‏يَبْتَغُونَ الْكِتَابَ مِمَّا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ فَكَاتِبُوهُمْ إِنْ عَلِمْتُمْ ‏فِيهِمْ خَيْرًا وَآتُوهُم مِّن مَّالِ اللّهِ الَّذِي آتَاكُمْ“ ‏‏(سورت نور، آيت 32)‏

‏۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي ‏‏(آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) ‏لکيل انجام گھرن تن ۾ ‏جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته ‏کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو ‏مال الله اوھان کي ڏنو آھي ‏تنھن مان کين ڏيو.‏

ب: غلامن جي آزادي کي ‏غلطي ۾ قتل ٿي وڃڻ جو ‏ڪفارو قرار ڏنو ويو آهي” وَمَن ‏قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَئًا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ“ (سورت ‏نساءِ، آيت 92) ‏

‏۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي ڀُل ‏چُڪ سان قتل ڪري ته (ھڪ) ‏مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري

ج: غلامن جي آزادي کي قسم ‏جو ڪفارو قرار ڏيڻ. الله سائين ‏جو ارشاد آهي.‏

‏”لاَ يُؤَاخِذُكُمُ اللّهُ بِاللَّغْوِ فِي أَيْمَانِكُمْ وَلَـكِن يُؤَاخِذُكُم بِمَا ‏عَقَّدتُّمُ الأَيْمَانَ فَكَفَّارَتُهُ إِطْعَامُ عَشَرَةِ مَسَاكِينَ مِنْ ‏أَوْسَطِ مَا تُطْعِمُونَ أَهْلِيكُمْ أَوْ كِسْوَتُهُمْ أَوْ تَحْرِيرُ رَقَبَةٍ“ ‏‏(سورت مائده، آيت 89.) ‏

الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ‏‏۾ اوھان کي سزا نه ڏيندو، پر ‏جيڪي قسم اوھان پڪي نيت ‏سان کنيا تنھن اوھان کي ‏پڪڙيندو، پوءِ ان جو ڪفارو ‏وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي ‏عيال کي کارائيندا آھيو تنھن ‏مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ‏ڏيڻ آھي، يا کين ويس پارائڻ، ‏يا ٻانھون آزاد ڪرڻ آهي.‏

د: غلامن جي آزادي کي ظهار ‏جو ڪفارو قرار ڏيڻ. الله سائين ‏جو ارشاد آهي.” وَالَّذِينَ يُظَاهِرُونَ مِن ‏نِّسَائِهِمْ ثُمَّ يَعُودُونَ لِمَا قَالُوا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ“ (سورت ‏مجادله، آيت 3.) ‏

جيڪي پنهنجي گهر وارين کي ‏ظهار ڪن ٿا، پوءِ پنهنجي چئي ‏کان واپس موٽن ته کين گهرجي ‏ته هڪٻئي کي ڇُهڻ (جماع ‏ڪرڻ) کان پهرين هڪ ٻانهي ‏کي آزاد ڪن. ‏

ھ: غلامن جي آزادي هڪ ‏قسم جي نيڪي شمار ٿئي ٿي ‏‏۽ ان ۾ ثواب آهي. جيئن ته ‏سوره بقره جي آيت نمبر 19 ۾ ‏اهڙي قسم جو حڪم آيو آهي.‏

و: مفت ۾ يا وري عيوض جي ‏ادائيگي سان قيدين جي آزادي ‏جو حڪم: جيئن ارشاد ٿئي ٿو ‏ته:

” فَإِذا لَقِيتُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا فَضَرْبَ الرِّقَابِ حَتَّى إِذَا ‏أَثْخَنتُمُوهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ فَإِمَّا مَنًّا بَعْدُ وَإِمَّا فِدَاء حَتَّى تَضَعَ ‏الْحَرْبُ أَوْزَارَهَا“ (سورت محمد، آيت4.)‏

پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان ‏جنگ ڪريو تڏھن (انھن جون) ‏گردنون ڪٽيو، ايستائين جو ‏جڏھن چڱي طرح ماري وٺو، ‏تڏھن مضبوطيءَ سان قيد ڪيو ‏وري (قيد کان) پوءِ يا ته احسان ‏ڪرڻ (سان آزاد ڪيو) يا ڏنڊ ‏وٺو، ايستائين جو جنگ ‏پنهنجو سنگين بار ڇڏي.‏

البته اهو ڏنڊ ڏوھ جيڪو ‏مسلمانن جي اڳواڻن جي طرفان ‏مقرر ڪيو ويندو آهي، اهوهڪ ‏جنگي ڏنڊ هو ۽ قرآن مجيد جي ‏ان دستور سان وري ٻيهر ‏غلامن جي پيدا ٿيڻ جي اصلي ‏سرچشمي کي بلڪل بند ڪري ‏ڇڏيو. آيت الله مڪارم ‏شيرازي، ذڪر ٿيل آيتن جي ‏ذيل ۾ لکن ٿا: ”جيتوڻيڪ قرآن ‏مجيد ۾ جنگي قيدين جي ‏سلسلي ۾ استرقاق (غلامي ۾ ‏وٺڻ) جو مسئلو هڪ حتمي ‏دستور جي عنوان سان ذڪر نه ‏ٿيو آهي. پر ان ڳالھ جو انڪار ‏نه ٿو ڪري سگهجي ٿو قرآن ‏۾ ان سلسلي ۾ ڪجھ احڪام ‏ذڪر ٿيا آهن. (6) ‏

ائمه معصومين عليهم السلام ۽ غلامن ‏سان سهڻي سلوڪ جا مثال

ائمه معصومين عليهم السلام جيڪي ‏ناطق قرآن جي حيثيت رکن ٿا ‏‏۽ سندن هر عمل قرآن مجيد ‏جي تعليمات جي عڪاسي ‏ڪندي نظر ايندو آهي، تن جي ‏زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته پاڻ ‏غلامن جي سلسلي ۾ قرآن ‏مجيد جي ڏنل دستورن کي ‏مختلف موقعن تي عملي جامو ‏پهرائيندا رهندا هئا، جنهن جا ‏ڪجھ مثال هيٺ پيش ڪجن ‏ٿا:‏

‏1_حضرت امام زين العابدين ‏عليه السلام جي هڪ ڪنيز جيڪا ‏امام ‏ عليه السلام لاءِ وضو جو پاڻي ‏مهيا ڪري رهي هئي ته اچانڪ ‏ان جي هٿ مان ٿانو ڇڏائي ويو ‏جنهن جي ڪري امام ‏عليه السلام جو ‏هٿ مبارڪ زخمي ٿي پيو، پاڻ ‏تنبيه واري انداز ۾ هن ڏانهن ‏

نگاھ ڪئي، ته ان وقت سندن ‏ڪنيز چوڻ لڳي ته الله تعالى ‏قرآن ۾ فرمائي ٿو: ”وَالْكَاظِمِينَ ‏الْغَيْظَ“ (سورت آل عمران، آيت 134.) ‏‏۽ جيڪي پنهنجي ڪاوڙي پي ‏وڃن ٿا. ته امام ‏عليه السلام جواب ۾ ‏فرمايو: مون پنهنجي ڪاوڙ پي ‏ڇڏي، ان ڪنيز وري آيت جو ‏اڳيون حصو پنهنجي زبان تي ‏جاري ڪيو: ”وَالْعَافِينَ عَنِ النَّاسِ“ ‏يعني: ۽ جيڪي ماڻهن کي ‏معاف ڪري ڇڏين ٿا. ته پاڻ ‏فرمايائون: الله سائين توکي ‏بخش ڪري، پوءِ وري آيت جو ‏آخري حصو تلاوت ڪيائين. ‏وَاللّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ يعني: ۽ الله ‏نيڪي ڪندڙن کي پسند ڪري ‏ٿو، ته پاڻ جواب ۾ فرمايائون: ‏‏”اذهبي فانت حرة لوجه الله“ يعني: ‏تون وڃ، تون الله جي خاطر ‏آزاد آهين.(7)‏

‏2_ هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ‏امام محمد باقر ‏عليه السلام وٽ هڪ ‏غلام هو ۽ ان ڪو نيڪ ڪم ‏انجام ڏنو هو، ته امام ‏عليه السلام ‏سندس ڪم کي ساراهيو، ان ‏کان پوءِ فرمايائون: ”فاذهب فانت حر ‏فاني اكره ان استخدم رجلا من اهل الجنة“ تون ‏وڃ، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو ‏پسند ناهي ته آئون ڪنهن ‏بهشتي ماڻهو کان ڪو ڪم ‏وٺان.(8)‏

‏3_امام جعفر صادق ‏عليه السلام کان ‏هڪ روايت آهي ته پاڻ ‏فرمايائون: ”من اعتق نسمة صالحة لوجه الله ‏كفر الله عنه مكان كل عضو منه عضوا من النار“ ‏يعني: جيڪو ماڻهو ڪنهن ‏نيڪ ڪنيز کي الله جي خاطر ‏آزاد ڪندو ته الله تعالى سندس ‏هر عضوي جي عيوض ‏سندس بدن جي عضوي کي ‏جهنم جي باھ کان بچائيندو.(9) ‏

‏4_غلامي جي غلط رسم کي ‏ختم ڪرڻ ۽ ان کي معاشري ۾ ‏سڪون ۽ چين بخشڻ جو ‏طريقو اهو آهي ته انهن کي ‏مختلف بهانن سان آزاد ڪيو ‏وڃي، جنهن لاءِ قرآن ۽ اسلام ‏جيڪي طريقا ٻڌايا آهن، انهن ‏مان هڪ بهترين طريقو اهو پڻ ‏بيان ڪيو آهي ته ستن سالن ‏کان پوءِ غلام خود بخود آزاد ‏ٿي ويندو آهي. جيئن ته امام ‏جعفر صادق ‏‏ فرمائن ٿا: ‏‏”من كان مؤمنا فقد عتق بعد سبع سنين اعتقه صاحبه ‏ام لم يعتقه لا يحل خدمة من كان مؤمنا بعد سبع ‏سنين“ يعني: جيڪو شخص ‏مومن آهي، ته اهو ستن سالن ‏کان پوءِ آزاد ٿي وڃي ٿو، چاهي ‏سندس مالڪ کيس آزاد ڪري ‏چاهي نه، ستن سالن کان پوءِ ‏ڪنهن مومن (غلام) کان ڪم ‏وٺڻ جائز ناهي. ‏

غلامن سان چڱي نموني پيش ‏اچڻ.‏

اسلام ۾ غلامن سان مهرباني ‏‏۽ نرم رفتار سان پيش اچڻ لاءِ ‏ڪيترائي دستور ذڪر ٿيا آهن، ‏ايستائين جو اسلام کين ‏پنهنجي مالڪن جي زندگيءَ ۾ ‏برابر جو شريڪ قرار ڏنو آهي. ‏پيغمبر اسلام ص جن فرمائن ‏ٿا: جنهن وٽ ڪو (غلام) ڀاءُ ‏هجي. کيس گهرجي ته جيڪو ‏پاڻ کائي ٿو ان کي به کارائي، ‏جيڪو پاڻ پائي ٿو ان کي به ‏پارائي، سندس طاقت کان ‏وڌيڪ کيس ذميواري نه ‏سونپي.(10)‏

حضرت علي عليه السلام پنهنجي ‏غلام قنبر کي فرمايو: ”مون ‏کي پنهنجي خدا کان شرم ٿو ‏ٿئي ته تنهنجي لباس کان ڀلو ‏لباس پايان، ڇاڪاڻ رسول خدا صه جن فرمايو: جيڪو لباس ‏پاڻ پايو ٿا، سو کين پارايو، ‏جيڪو کاڌو پاڻ کائو ٿا، سو ‏کين کارايو. (11) ‏

امام جعفر صادق عليه السلام جن ‏فرمائن ٿا: جڏهن والد محترم ‏ڪنهن غلام کي ڪم چوندا ‏هيا، ته ڏسندا هيا، ته جيڪڏهن ‏ڪم سخت آهي ته پاڻ ‏بسم الله چئي ڪم ‏‏۾ مشغول ٿي ويندا هئا ۽ ‏سندس خدمت ڪندا هئا.(12)‏

آزاد انسان جو وڪرو، اسلام ‏جي نظر ۾ تمام نفرت انگيز ‏معاملو بنيادي طور تي اسلام جي نظر ‏‏۾ غلامن جي خريد ۽ فروخت ‏هڪ تمام نفرت انگيز معاملو ‏شمار ٿئي ٿو، جيئن پاڻ ‏سڳورن ‏‏ جن فرمايو: ”شرالناس ‏من باع الناس“ يعني: سڀني کان ‏برو ماڻهو آهو آهي، جيڪو ‏ماڻهن کي وڪڻي.(13). نه فقط ‏ايترو پر اسلام جي نظر ۾ اهو ‏گناھ جيڪو ڪڏهن بخشجي نه ‏ٿوسگهجي انهن مان هڪ ‏انسان جي آزادي کي کسڻ وارو ‏عمل آهي. هڪ حديث ۾ ‏پيغمبر اسلام ‏‏ جن کان نقل ‏ڪيو ويو آهي ته پاڻ فرمايائون: ‏‏”ان الله تعالى غافر ‏كل ذنب الا من جحد مهرا او اغتصب اجيرا اجره او باع ‏رجلا حرا“ يعني: الله تعالى هر گناھ ‏کي بخش ڪري ڇڏيندو، سواءِ ‏ٽن گناهن جي، جيڪو ماڻهو ‏پنهنجي گهر واري جي حق مهر ‏جو انڪار ڪري، يا مزدور جي ‏اجرت غصب ڪري يا وري ‏ڪنهن آزاد انسان کي وڪڻي. ‏

غلامن جي آزادي ۾ مرحلي وار ‏دستورن جي اچڻ جو راز

هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ‏جڏهن اسلام انسان جي آزادي ‏جو حامي آهي ۽ ان ڳالھ کي ‏بيان ڪندو رهي ٿو ته انسان ‏کي آزاد پيدا ڪيو ويو آهي، ‏تنهن ڪري کيس ڪنهن جي ‏غلامي ۾ زندگي گذارڻ نه ٿي ‏جڳائي، ته پوءِ هڪ ئي دفعو ‏غلامي جي رسم و رواج کي ‏ڇو ختم نه ڪيو ويو؟

ان سوال جي جواب ۾ عرض ‏ڪنداسين ته اسلامي احڪام ۽ ‏تعليمات انسانن جي علم، ‏آگاهي ۽ سوچ جي مناسبت سان ‏ئي ايندا رهيا آهن، جيڪي ‏آهسته آهسته جاري ٿيندا رهن ‏ٿا، يعني: پهرئين مرحلي ۾ ‏اسلام سڀني کي مڪمل آگاهي ‏ڏئي ٿو ۽ ان جي مڪمل طور ‏تي رهنمائي ڪندو آهي، ان کان ‏پوءِ کين اطاعت ۽عمل جي ‏طرف دعوت ڏيندو آهي. ‏اسلامي حڪمن جي جاري ٿيڻ ‏جو اهو ئي طريقو رهيو آهي، ‏خاص طور تي غلط رسم ۽ ‏رواج جي ڪري وجود ۾ آيل ‏ڪارنامن سان مقابلي ڪرڻ ۾ ‏اسلام جو طريقو اهو ئي رهيو ‏آهي.غلامي جو مسئلو به انهن ‏مسئلن منجهان هڪ شمار ٿئي ‏ٿو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ انساني ‏معاشري جي تقريبا اڌ آبادي ‏ظالم ۽ جابر انسانن جي چنبي ‏‏۾ غلامي جي زندگي گذاري ‏رهي هئي، ته ان وقت ‏جيڪڏهن اسلام هڪ ئي دفعو ‏غلامن جي آزادي جو دستور ‏ڏئي ها ته ڪيترا مسئلا وجود ‏‏۾ اچن ها. هڪ ئي دفعو آزادي ‏ڏيڻ سان جيڪي مسئلا پيش ‏اچن ها، انهن کي هيٺين ريت ‏بيان ڪري سگهجي ٿو:‏

‏1_اسلام جي اچڻ وقت دنيا جي ‏ڪيترن ئي علائقن ۾ جن ‏منجهان جزيرة العرب به هڪ ‏شمار ٿئي ٿو، غلامن جي ڏي ‏وٺ داخلي توڙي خارجي لحاظ ‏سان هڪ اهم معاملو شمار ‏ٿيندو هو، جيڪڏهن اسلام ان ‏نظام کي هڪ ئي دفعو ختم ‏ڪري ها، ته معاشري جا ڪيترا ‏ئي ماڻهو پنهنجي ملڪيت جو ‏هڪ وڏو حصو هٿن مان وڃائي ‏ويهن ها، ته هيءُ مسئلو هڪ ‏طرف کان ان ڳالھ جو سبب ‏ٿئي ها جو معاشرو اقتصادي ‏لحاظ کان تمام وڏي بحران جو ‏شڪار ٿي وڃي ها ته ٻئي ‏طرف ماڻهن جي اسلام طرف ‏اچڻ ۾ گهٽتائي جو سبب ٿئي ‏ها، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترا ‏اسلام قبول ڪرڻ جي ڪري ‏پنهنجي ملڪيت جو تمام وڏو ‏حصو هٿن مان وڃائي ويهن ها، ‏جنهن جي ڪري اقتصادي لحاظ ‏سان مفلوج ٿي وڃن ها. (14)‏

‏2_ جيڪڏهن اسلام عمومي ‏طور تي اهو دستور جاري ‏ڪري ها ته ان زماني جا ماڻهو ‏سڀني غلامن کي آزاد ڪن، ته ‏انهن مان ڪيترا ئي وڏي ‏پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ‏ها، ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي ته ‏معاشري جو اڌواڌ حصو غلامن ‏تي ٻڌل هوندو هو، انهن وٽ نه ‏ڪو مستقل ڌنڌو هوندو هو۽ نه ‏وري زندگي گذارڻ لاءِ وٽن ڪو ‏گهر هوندو هو ۽ نه ئي ڪو ‏وسيلو هوندو هو. جيڪڏهن ‏هڪ ئي وقت آزاد ٿين ها، ته ‏معاشري جو هڪ وڏو حصو ‏انهن آزاد ٿيل غلامن جو هجي ‏ها، جيڪي زندگي گذارڻ ۾ ‏تمام گهڻي خطرناڪ مرحلي ‏مان گذري رهيا هئا، ته وري اهو ‏به ممڪن هو جو معاشري جي ‏نظم ۽ ضبط ۾ وڏو خلل اچي ‏وڃي ها.(15)‏

‏3_غلامن پنهنجي بي رحم ‏مالڪن جي طرفان ڪيتريون ‏تڪليفون ۽ اذيتون ڏٺيون ‏هيون، جيڪڏهن اسلام هڪ ‏ئي دفعو کين آزاد ڪري ها، ته ‏اهو ٿي سگهيو پئي ته اهي ‏ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ ‏غلام جن جون دليون پنهنجي ‏مالڪن جي لاءِ ڪيني ۽ بغض ‏سان ڀريل هيون، سندن مالڪن ‏خلاف وڏو ڪو خوني انقلاب ‏برپا ڪري وٺن ها، ۽ انهن جو ‏تمام سخت انداز ۾ انتقام وٺن ‏ها، جنهن ڪري معاشري جي ‏امنيت کي وڏو ڇيهو پهچي ‏ها.(16) ‏

حوالا

‏1.‏ تفسير نمونه، آيت الله ‏مڪارم شيرازي، ج6، ذڪر ‏ٿيل آيت جي ذيل ۾ ‏

‏2.‏ بحارالانوار، ج74، ص215‏

‏3.‏ سورت بقره، آيت، 178 ۽ ‏‏221، سورت نور، آيت 75 ۽ ‏سورت شعراء، آيت 22‏

‏4.‏ سورت نساء، آيت،92، ‏سورت مائده، آيت، 89، ‏سورت مجادله، آيت 3 ۽ ‏سورت بلد، آيت13.‏

‏5.‏ سورت نساء، آيت 3، 24، 25 ‏‏۽ 36، سورت نحل آيت71، ‏سورت مومنون، آيت 6، ‏سورت نور آيت 31 ۽ 33، ‏سورت روم، آيت 28، ‏سورت احزاب، آيت 50، 52 ‏‏۽ 55 ۽ سورت معارج، آيت ‏‏30.‏

‏6.‏ تفسير نمونه، ج21، ص431.‏

‏7.‏ تفسير نور الثقلين، ج1، ‏ص390، مجمع البيان، ج2، ‏ص505‏

‏8.‏ وسائل الشيعه، ج16، ص32.‏

‏9.‏ ساڳيو حوالو.‏

‏10.‏ ‏ بحارالانوار، ج74، ص141. ‏

‏11.‏ ساڳيو حوالو، ص143. ‏

‏12.‏ ساڳيو حوالو. ‏

‏13.‏ مستدرک الوسائل، ج13، ‏ص95 ۽96 ‏

‏14.‏ حقوق و سياست در قرآن، ‏آيت الله محمد تقي مصباح ‏يزدي. ‏

‏15.‏ تفسير نمونه، ج21، ص416‏

‏16.‏ اسلام و حقوق بشر، ص ‏‏209‏

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :