نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

قرآن پاڪ جو عربي هجڻ ۽ وحي هجڻ جي تشريح (ڀاڱون ٻيو)

فونٽ جو اندازو:
2020/10/23

قرآن مجيد جو تعارف

مولانا وسيم رضا سبحاني

4_قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ جو ڪارڻ:

قرآن عربي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ ستن جاين تي ’قرآن عربي‘، ٽن جاين تي ’لسان عربي‘ ۽ هڪ جاءِ تي ’حڪم عربي‘ جي اشارن سان مذڪور آهي. اصل موضوع جي جاچ پڙتال کان اڳ اسان هڪ بنيادي قانون ڏانهن اشارو ڪريون ٿا، جيڪو قانون پاڻ قرآن به بيان ڪيو آهي. يعني رسولن ۽ نبين کي جن جن قومن ۽ امتن ڏي موڪليو ويو تن کي اهائي ٻولي عطا ڪئي وئي، جيڪا ان قوم ۽ ملّت جي ٻولي هئي. سورة ابراهيم جي آيت: 4 ۾ ڌڻي سڳوري فرمايو آهي ته:

(وما ارسلنا من رّسول الّا بلسان قومهٖ لبيّن لهم)

(ترجمو: ۽ اسان ڪنهن به رسول کي سندس قوم جي ٻوليءَ کان سواءِ ناهي موڪليو ته جيئن انهن لاءِ (حقيقتون) وائکيون ڪن.)

الله تبارڪ و تعالى جو اهو قانون مڙني آسماني ڪتابن جي نازل ڪرڻ ۾ پڻ جاري ساري رهيو آهي. سورة شورى جي آيت: 7 ۾ ارشاد آهي ته:

(وکذالک اَو حينا اِليک قرآناً عربيا لتنذر اُمّ القرى ومن حولها)

(۽ اهڙي ريت اسان عربيءَ ۾ قرآن توتي وحي ڪيوسين ته جيئن مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کي خبردار ڪرين!)

ان قانون مطابق قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ هڪ فطري ڳالهه تي پئي؛ ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳورا اهڙي قوم ۾ نبي بڻجي آيا جن جي ٻولي عربي هئي. البت، ان ڳالهه جو مقصد اهو بنهه ناهي ته پاڻ سڳورن جي رسالت ڪا عالمي نه آهي ۽ رڳو عربن لاءِ آهي؛ پر جيئن ته سورة شورى ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ’مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کي ڪن کڻاءِ‘ اهو رڳو ان لاءِ هيو ته پاڻ سڳورن کي پنهنجي عالمي رسالت جي شروعات في الحال مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کان شروع ڪرڻ جو حڪم هيو! ٻي صورت ۾، سندن رسالت عالمي- هر قوم ۽ هر زماني لاءِ آهي ۽ پاڻ ’هدًي اللناس‘ بڻجي آيا.

قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي راز کي سمجھڻ لاءِ ماهرن جا رايا پڻ ويچار جوڳا آهن. ٻولين جي ڄاڻن جو رايو آهي ته: عربي ٻولي تمام گھڻي ڪشادي ۽ پکڙيل آهي، تنهنڪري ٻين ٻولين کان وڌيڪ سگھاري آهي. مثلاً، عربي ٻوليءَ ۾ ’فعلن‘ جا لفظ، چوڏهن آهن، جڏهن ته عام طور ٻين ٻولين ۾ ’فعلن‘ لاءِ ڇهه لفظ هوندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت مؤنث، مذڪر، اسم ۽ ضميرن لاءِ به ائين ئي گھڻا لفظ آهن. اهو ئي سبب آهي جو عربي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، شايد انهيءَ ڪري روايتن ۾ نقل ٿيو آهي ته :

(يبين الا لسن ولا تبينه الا لسن)

(عربي ٻولي ٻين ٻولين کي ته بيان ڪري سگھي ٿي، پر ٻيون ٻوليون عربي ٻوليءَ کي بيان ڪري نه ٿيون سگھن.) (اصول ڪافي، ج: 2، ص: …..)

الله سائينءَ پنهنجي پڇاڙڪي آسماني ڪتاب لاءِ، سڀني کان برتر ٻوليءَ جو انتخاب ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان پڇاڙڪي ڪتاب کي قيامت تائين معجزي طور باقي رهڻو آهي. الله تبارڪ و تعالى قرآن جي عربي هجڻ جي نسبت به پاڻ ڏانهن ڪندي فرمايو آهي:

(انّا انزلنا قرآناً عربيّا لعلّکم تعقلون.)

(پڪ ڄاڻو ته، اسان ان قرآن کي عربي ٻوليءَ ۾ لاٿو، ته جيئن اوهان ويچار ڪري سگھو). (يوسف، آيت: 2)

(انّا جعلنا قرآناً عربياً لعلّکم تعقلون.)

(جائي پائي، اسان ان قرآن کي عربي صورت ڏني، ته جيئن اوهان پنهنجي عقل ۾ وهاري سگھو). (زخرف، آيت: 3)

(کذ لک انزلنا حکما عربياً )

(اهڙيءَ ريت اسان حڪمن کي عربي صورت ۾ ڀيڄيو). (رعد، آيت: 37)

(بلسان عربي مبين)

( هي واضح عربي ٻوليءَ ۾ آهي). (نحل، آيت: 103)

5_لفظ ”وحي“ لغت جي روشنيءَ ۾:

لفظ ’قرآن‘ ۽ ’وحيءَ‘ جو پاڻ ۾ نهايت گھاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن جي آيتن جي نازل ٿيڻ جو ذريعو ’وحي‘ ئي آهي. ان لاءِ، هتي لفظ ’وحيءَ‘ بابت ڪجھ مباحث ذڪر ڪريون ٿا:

لفظ ’وحيءَ‘ بابت ابن منظور ’لسان العرب‘ ۾ لکي ٿو ته:

(الوحي الاشارة والکتابة والرسالة والالهام والکلام الخفي و کلّ ما اَلقيته الى غيرک، و وحى اليه و اوحى اي کلمه بکلام يخفيه من غيره)

(وحي يعني اشارو ڪرڻ، لکڻ، موڪلڻ، الهام، ڍڪي ڳالهائڻ ۽ هر اها شيءِ جيڪا ٻئي کي بيان ڪئي وڃي، ٻين لفظن ۾ ’وحى اليہ و اُوحى‘ يعني هن سان ٻين کان ڍڪي ڳالهايائين.)

مذڪوره لفظ جي وضاحت بابت راغب اصفهاني ’مفردات قرآن‘ ۾ لکي ٿو: ”وحي تيز ۽ تکي اشاري کي چئبو آهي، تنهنڪري هر اهو ڪم جيڪو تيز ۽ تکو هجي، ان کي وحي چوندا آهن ۽ اهو (اشارو) رمز ۽ مام واري ڪلام ۾ هجي يا لفظن ۽ اکرن کان خالي آوازن جي شڪل ۾ هجي يا بدن جي ڪنهن عضوي جي وسيلي سان هجي يا لکڻ جي وسيلي هجي.

لفظ ’وحيءَ‘ جي اصطلاحي معنى ۽ مفهوم:

(وحي) پيغمبرن جو هڪ اهڙو معنوي ۽ روحاني ڳانڍاپو آهي، جنهن جي وسيلي سان پيغمبر آسماني پيغام ڳنهندا آهن.

6_لفظ ”وحي“ قرآن جي روشنيءَ ۾:

قرآن شريف ۾ لفظ ’وحي‘ ڪافي وسعت ۾ ڪتب آيو آهي، فرشتن، شيطانن، انسانن، حيوانن ۽ زمين لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي؛ البته، ان لفظ جو گھڻو استعمال ان وحيءَ جي باري ۾ ٿيو آهي جيڪا الله تبارڪ و تعالى پنهنجي پيغمبرن تي نازل ڪندو آهي، انشاء الله ان جي باري ۾ وڌيڪ ذڪر ڪنداسين. هيٺ نموني طور قرآن ۾ وحي جا استعمال بيان ڪريون ٿا:

(الف) فرشتن ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ:

(و اذ يُوحى ربّک الى الملائکة اَنّي معکم)

(جڏهن تنهنجي نپائڻهار فرشتن تي وحي ڪئي ته بيشڪ مان توهان سان گڏ آهيان.) (انفال، آيت:12)

(ب) انسان ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ:

(و اوحينا الى امّ موسى ان ارضيه)

(۽ موسى جي امڙ تي وحي ڪئي ته تون ان کي ٿڃ پيار!) (قصص، آيت: 7)

(ج) بي جان شين ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ:

(يومئذ تحدث اخبارها باَنّ ربّک اوحى لها)

(ان ڏهاڙي (زمين) پنهنجون ڳالهيون ظاهر ڪندي (جهڙيءَ ريت) تنهنجي نپائڻهار مٿس وحي ڪئي.) (زلزلہ، آيت:4، 5)

(د) شيطاني وسوسو:

(کذالک جعلنا لکلّ نبي عدوّا شياطين الانس و الجن يُوصا بعضهم الى بعض)

(اهڙي ريت هر نبيءَ جا انسانن ۽ جنن مان شيطان سندس ويري قرار ڏناسين، جيڪي هڪڙا ٻين ڏي وحي ڪن ٿا.) (انعام، آيت:112)

(هه) اشارو:

(فخرج على قومهمن المحراب فاوحى اليهم ان سبّحوا بکرةً و عشيّا)

(ته پوءِ محراب مان پنهنجي قوم ڏانهن آيو ۽ کين اشارو ڪيائين ته ڏينهن رات (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو) (مريم، آيت:11)

(و) جبلت:

(و اوحى ربّک الى النحل)

(تنهنجي تاتڻهار ماکيءَ جي مک ڏانهن وحي ڪئي). (نحل، آيت:68)

عظيم مفسر علامه طبا طبائي صاحب لکي ٿو: ”وحي جي استعمال مان پروڙ پوي ٿي ته لفظ وحي مان مراد اهڙي نموني سان ڪا ڳالهه ڪرڻ جو ٻئي کان اها ڳجهي هجي. ان بنياد تي ڪنهن حيوان کي ان جي جبلت پٽاندر، ڪنهن ڳالهه جي الهام ڪرڻ کي وحي چئجي ٿو؛ ۽ اهڙي نموني ڪنهن ڳالهه جو انساني نفس ۾ (سورت قصص پٽاندر) خواب جي ذريعي يا (سورت مريم پٽاندر) وسوسي يا اشاري جي ذريعي سان اچڻ کي پڻ وحي چئبو آهي.“ (الميزان، ج: 12، ص: 292)

7_نبوي وحي ۽ ان جا قسم:

وحي جي قسمن مان سڀني کان مشهور قسم پيغمبرن تي وحي ڪرڻ آهي. قرآن شريف ۾ اهو لفظ ۽ ان مان ورتل لفظ لڳ ڀڳ ستر دفعا پيغمبرن تي لاٿل وحي جي باري ۾ استعمال ٿيو آهي.

’وحي‘ ڇا آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ان وحي جي ڪيفيت ۽ حقيقت کي سمجھڻ ۽ پرکڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، رڳو ان وحي جي اهڃاڻن ۽ نشانين مان ڪي قدر اندازو ڪري سگھجي ٿو.

عظيم مفسر علامه طباطبائي صاحب ان باري ۾ لکي ٿو: ”وحي هڪ قسم جو آسماني ڪلام ڪرڻ آهي جيڪو حس ۽ عقل سان سمجھي نه ٿو سگھجي؛ بلڪه، ان سمجھ لاءِ هڪ نرالي شعور ۽ ادراڪ جي گھرج آهي. اهو نرالو شعور ۽ ادراڪ ڪن انسانن ۾ الله جي مشيّت ۽ ارادي سان پيدا ٿيندو آهي. غيبي اصول ۽ قانون جيڪي حس ۽ عقل کان ڳجھا هوندا آهن سي ان وحيءَ ذريعي حاصل ٿيندا آهن.“ (قرآن در اسلام، ص: 125)

مذڪوره صاحب تفسير جي ڪلام مان اهو ئي سمجھ ۾ اچي ٿو ته: وحي، عام رواجي رستي کان هٽي ڪري هڪ جدا دڳ آهي. ان وحيءَ جي ذريعي انسانن مان ڪي انسان پنهنجي لياقت ۽ صلاحيت موجب، عالم غيب سان رابطو قائم ڪندي اتان قانون ۽ شريعت ڳنهي عام ماڻهن لاءِ سعادت ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ ٻڌائيندا آهن.

هڪ اعتراض جو جواب:

اعتراض اهو ڪيو وڃي ٿو ته: انسان هڪ مادّي هستي آهي سو مادّي حالت ۾ مٿاهين ڪائنات سان رابطو ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

دراصل، ان اعتراض جو بنياد انساني حقيقت کان اڻڄاڻائي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان اعتراض ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته انسان رڳو هڪ مادّي هستي آهي، جڏهن ته عقلي ۽ قرآني دليلن سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته انسان هڪ اهڙي هستي آهي جنهن ۾ مادّي پهلوءَ سان گڏوگڏ، هڪ روحاني ۽ مجرّد پهلو به آهي. حقيقت ۾، انسان جو انسانيت وارو اهو روحاني ۽ مجرّد پهلو ئي اهيمت جو حامل آهي؛ پر عام طور انسان مادّي ۽ دنيا جي زنجيرن ۾ پاڻ کي ايترو ته وڪوڙي ڇڏيو آهي جو پنهنجي روحاني ۽ مجرّد گوهر کان ڄڻڪ اڻ واقف آهي.

مٿي بيان ڪيل ڳالهه مطابق اهو اعتراض ته: ’انسان غيب سان رابطو ڪيئن ٿو ڪري سگھي!‘ ڪابه حقيقت نه ٿو رکي؛ بلڪ انسان پنهنجي روحاني ۽ مجرد پهلوءَ سان مادّي دنيا کان مٿانهين ڪائنات سان رابطو جوڙي سگھي ٿو. هن مختصر مقالي ۾ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ گنجائش کان مٿي آهي.

نبوي وحي جا قسم:

قرآن شريف نبوي وحي جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: سورة شورى جي آيت: 51 ۾ ارشاد آهي ته:

’وما کان لبشر ان يکلّمه الله الّا وحياً او من وراء حجاب او يرسل رسولاً‘

(الله ڪنهن به ماڻهوءَ سان وحي يا پردي جي پويان يا پنهنجي رسول کان سواءِ ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري.)

وحي ٽن طريقن سان ڪئي ويندي آهي:

1. پيغمبر ۽ ڌڻي سڳوري جي وچ ۾ سڌو سنئون رابطو ٿيندو آهي،

2. پڙدي جي پويان وحي ڪئي ويندي آهي، جيئن حضرت موسى سان وڻ جي ذريعي ڪلام ڪيو ويو،

3. فرشتي جي ذريعي وحي نازل ڪئي ويندي آهي.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :