نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

قرآن ۽ حضرت محمد مصطفى(ص) جي حڪمراني (1)

فونٽ جو اندازو:
2020/10/27

قرآن ۽ حضرت محمد مصطفى(ص) جي حڪمراني (1)

تحرير: محمود علي معصومي

قرآم ڪريم حضرت رسول خدا(ص) جي حاڪميت کي مختلف آيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي انهن آيتن کي ڪجھ قسمن ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو:

1: اهي آيتون جيڪي رسول خدا(ص) جن جي اطاعت ۽ پيروي کي بيان ڪن ٿيون

2: اهي آيتون جيڪي مؤمن جي مٿان رسول خدا(ص) جن جي ولايت ۽ برتري کي بيان ڪن ٿيون.

3: اهي آيتون جيڪي رسول خدا(ص) جن جي فيصلي ۽ حڪم کي بيان ڪن ٿيون.

4: اهي آيتون جيڪي ماڻهن جي مالي معاملن ۾ رسول خدا(ص) کي مرڪزي ڪردار جي حيثيتجي طور پيش ڪن ٿيون.

5: اهي آيتون جيڪي ماڻهن کي رسول خدا(ص) جن تي ايمان آڻڻ جي سلسلي ۾ تاڪيد ڪن ٿيون.

بس معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد ۾ رب العزّت حضرت محمّد مصطفى(ص) جن جي حڪومت ۽ حاڪميت ۽ سندن مڪمل پيروي ۽ اطاعت جو حڪم ڏنو آهي.

جيئن بيان ٿيو ته قرآن پاڪ حضرت رسول خدا(ص) جن جي حڪومت ۽ حاڪميت کي مختلف قسمن جي آيتن ۾ بيان ڪيو آهي ڇو جو اسان جو هدف مطلب کي نهايت ئي مختصر انداز ۾ بيان ڪرڻ آهي، تنهن ڪري انهن مختلف قسمن جي آيتن منجھان ڪجھ جي وضاحت پيش ڪجي ٿي:

1: اطاعت جو حڪم ڏيندڙ آيتون

هنن آيتن منجھ رسول خدا(ص) جن جي اطاعت ۽ پيرويءَ کي مختلف مرحلن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هڪ جاءِ تي قرآن پاڪ اطاعت ۽ پيرويءَ کي سڀني رسولن جو هدف ۽ مقصد قرار ڏنو آهي. جهڙي نموني ارشاد آهي ته: وَمَا أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلاَّ لِيُطَاعَ بِإِذْنِ اللّهِ وَلَوْ أَنَّهُمْ إِذ ظَّلَمُواْ أَنفُسَهُمْ جَآؤُوكَ فَاسْتَغْفَرُواْ اللّهَ وَاسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُولُ لَوَجَدُواْ اللّهَ تَوَّابًا رَّحِيمًا [1] ڪنهن به پيغمبر کي نه موڪليو سون،مگر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن ماڻھن پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا، پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ (۽) مھربان لھن ھا.

۽ ٻي جاءِ تي قرآن مجيد ۾ خدا پاڪ ۽ رسول اڪرم(ص) جي اطاعت جو حڪم ڏنو ويو آهي. جيئن هن آيت ۾ ارشاد ٿئي ٿو: يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ وَأُوْلِي الأَمْرِ مِنكُمْ فَإِن تَنَازَعْتُمْ فِي شَيْءٍ فَرُدُّوهُ إِلَى اللّهِ وَالرَّسُولِ إِن كُنتُمْ تُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ ذَلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيلاً[2]اي ايمان وارؤ! الله جي اطاعت ڪريو ۽ سندس پيغمبر(ص) جي اطاعت ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو صاحب امر ھجي تنھن جي به اطاعت ڪريو؛ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ سندس پيغمبر(ص) جي حُڪم ڏانھن موٽايو، اِھو اوهان جي لاءِ ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي.

هن آيت ڪريمه ۾ الله ۽ سندس رسول(ص) جي اطاعت کي جدا جدا ذڪر ڪيو ويو آهي. ليڪن ٻي آيت ۽ الله پاڪ ۽ سندس رسول(ص) جي اطاعت کي گڏ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن ارشاد ٿو ٿئي ته: يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَرَسُولَهُ وَلاَ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَأَنتُمْ تَسْمَعُونَ [3] اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس پيغمبر(ص) جي فرمانبرداري (اطاعت) ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو، جڏهن ته اوھين ان جي ڳالهين کي ٻُڌو ٿا.

هنن آيتن ۾ اصلي مقصد ۽ هدف رسول خدا(ص) جن جي اطاعت کي بيان ڪرڻ آهي، ڇو ته الله پاڪ جي اطاعت ۽ پيروي ۾ عقلي حساب سان ڪو به انڪار نه آهي ۽ الله سائينءَ جي اطاعت کي سڀ قبول ڪن ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته الله پنهنجي اطاعت کي مقدمي جي طور تي بيان ڪيو آهي. ڇو جو اصلي هدف هيءُ آهي ته خدا فرمائي ٿو ته منهنجي اطاعت ته يقيني ۽ حتمي آهي ليڪن منهنجي اطاعت سان گڏ منهنجي رسول(ص) جي اطاعت ڪريو.

ان ڳالھ جو دليل هيءُ آهي ته پوري قرآن مجيد ۾ ڪٿي به صرف رڳو الله پاڪ جي اطاعت کي بيان نه ڪيو ويوآهي، ليڪن قرآن ۾ ڪيترائي ڀيرا صرف ۽ صرف رڳو رسول(ص) جي اطاعت جو حڪم ڏنو ويو آهي. جهڙي نموني قرآن پاڪ جي هن آيت ۾ الله سائينءَ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ [4] ۽ نماز پڙھو ۽ زڪات ڏيو ۽ پيغمبر جي اطاعت ڪريو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.

انهن آيتن منجھان اهو واضح ٿئي ٿو ته خداوند ڪريم ڪجھ ڪمن کي رسولن جي حوالي ڪيو آهي ته جيئن ربّ العزت جي اجازت سان ماڻهن کي هر ان ڪم جي باري ۾ فرمان ڏين جنهن ۾ ماڻهن جي ڀلائي هجي ۽ ماڻهن تي لازم آهي ته انبياءE جي حڪمن تي لبيڪ چوندي انهن جي پيروي ۽ اطاعت ڪن.

اهڙي نموني انهن آيتن منجھان هي پڻ روشن ۽ واضح ٿئي ٿو ته رسول خدا(ص) جن جي اطاعت ۾ ڪا به خاص حد معين ٿيل نه آهي جهڙي طريقي سان خدا پاڪ جي اطاعت مطلق آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي حد جو تصور نه ٿو ڪري سگھجي، اهڙي ئي طريقي سان رسول خدا(ص) جن جي اطاعت به مطلق ۽ عام آهي ۽ پڻ اولو الامر جي اطاعت به مطلق آهي ۽ مطلق اطاعت ان جي ئي ڪري سگھجي ٿي جيڪو هر حال ۽ لحاظ کانمعصوم ۽ پاڪ هجي. [5]

انهيءَ عام ۽ مطلق اطاعت مان سمجھي سگھجي ٿو ته رسول جي اطاعت، سياسي ۽ شخصي ۽ اجتماعي ڪمن ۾ هلندڙ آهي ۽ ان مطلب کي قرآن پاڪ جي هيءَ آيت سهڻي انداز سان بيان ڪري رهي آهي: وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عَنْهُ فَانتَهُوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ [6] ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو ۽ جنھن کان اوھان کي روڪي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.

هيءَ آيت پڻ عام آهي رسول خدا(ص) جن جي سڀني فرمانن کي شامل آهي چاهي سياسي هجن، چاهي ذاتي ۽ شخص هجن ۽ چاهي اجتماعي هجن، اسان کي رسول جي فرمان تي جان به قربان ڪرڻ کپي ۽ ان ئي شيءِ کي حاڪميت چئبو آهي ۽ رسول خدا(ص) جن جي حاڪميت هر مخلوق تي حڪومت ڪري رهي آهي.

2: آيت ولايت

رسول الله(ص) جن جي ولايت مان مراد هيءُ آهي ته رسول قانون بڻائڻ وارو هجي ۽ اجتماعي معاملن ۽ احڪام کي سڀني تي جاري ڪري ۽ اها ئي معنى حڪومت ۽ معاشري جي لاءِ امير جي هجڻ جي پڻ آهي. چاهي ان حاڪم کي ماڻهو پاڻ چونڊين يا خدا پاڪ جي طرفان حاڪم کي مقرر ڪيو وڃي هر صورت ۾ معاشري جي لاءِ حڪومت ۽ حاڪم جو هجڻ ضروري آهي؛ ڇو جو انسان ناقص آهن، نقص کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ديني حاڪم جي ضرورت آهي جيڪو وحي جي ذريعي ناقص انسان کي ڪمال تائين پهچائي ٿو سگھي. آيات ولايت ان موضوع کي بهترين طريقي سان بيان ڪيو آهي. جهڙي نموني ارشاد آهي ته: النَّبِيُّ أَوْلَى بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ [7] يعني: رسول الله(ص) مومنن تي سندن جانين کان وڌيڪ برتري رکي ٿو.

بس هن آيت جي مطابق جيڪڏهن رسول الله(ص) جن ڪنهن جي باري ۾ ڪو ارادو ڪيو ته رسول جو ئي ارادو هلندو ايستائين جواهو ارادو ڪنهن جي شخصيت جي باري ۾ ئي ڇو نه هجي ان شخصي ارادي ۾ به ان شخص جو ارادو نه هلندو بلڪه خدا پاڪ جي رسول(ص) جو ارادو هلندو ۽ رسول الله(ص) جن جي اوليت شخصي ۽ معاشرتي معاملن ۾ جاري ۽ ساري آهي.

علامه طباطبائي(رحمة الله عليه) جو بيان

هيءُ عظيم مفسر هن آيت: >النَّبِيُّ أَوْلَى بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ< جي تفسير ۾ بيان ڪن ٿا ته: مومنن جي نفسن (جانن) مان مراد خود پاڻ مؤمن آهن،تنهن ڪري آيت جي معنى هيءَ ٿيندي ته: رسول الله(ص) مؤمنن تي مؤمنن کان وڌيڪ برتري رکي ٿو. ۽ برتري جي معنى هيءَ آهي ته جڏهن رسول ۽ مؤمنن کي پاڻ ۾ ڀيٽايو وڃي رسول الله(ص) جن جو طرف ڀاري هوندو. خلاصو هيءُ ته جنهن شيءِ جو مؤمن پنهنجي لاءِ قائل آهي چاهي سندس حفاظت جو مسئلو هجي يا بزرگي جو معاملو هجي يا ارادي جو جاري ڪرڻ هجي انهن سڀني معاملن ۾ رسول الله(ص) برتري رکي ٿو ۽ جيڪڏهن معاملو رسول الله(ص) ۽ مؤمنن جي وچ ۾ ٻڏتر جو شڪار هجي، ان صورت ۾ رسول(ص) جو طرف ڀاري هجڻ کپي. رسول الله(ص) جن جي ولايت هڪ پيءُ جي ولايت وانگر آهي جيئن پٽ تي واجب آهي ته پيءُ جي اطاعت ۽ پيروي ڪري، اهڙي نموني سان مؤمنن تي به واجب آهي ته رسول الله(ص) جن جي اطاعت ۽ پيروي ڪن. [8]

حوالا

[1]سورت نساء، آيت: 64

[2]سورت نساء، آيت: 59

[3]سورت انفال، آيت: 20

[4]سورت نور، آيت: 56

[5]تفسير المنار، جلد 5، ص 180

[6]سورت حشر، آيت: 7

[7]سورت احزاب، آيت: 6

[8]تفسير الميزان، ج 16، ص 276

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :