نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

تخليق زمين ۽ آسمن قرآن جي روشنيءَ۾

فونٽ جو اندازو:
2020/11/20

تخليق زمين ۽ آسمان قرآن جي روشني ۾

مولانا سيد ضمن علي شاهه نقوي

شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جنهن پوري جهان کي تمام سهڻي نظام تحت خلق ڪيو ۽ درود و سلام ان پاڪ ذات تي جيڪو عالمين جي لاءِ رحمت بڻجي آيو ۽ ان پاڪ آل تي جنهن الله جي امت جي هدايت جي ذميواري کنئين ۽ ان جو ڪتاب قرآن هڪ نور آهي جيڪو هميشه لاءِ بشر جي فڪر ۽ عقل کي روشني پهچائڻ لاءِ آيو ۽ انسانن جي واٽ کي روشن ڪيائين ۽ هي ڪتاب انسانن کي معرفت ڏيڻ لاءِ آيو آهي ۽ ڪتاب جيڪو الاهي دستر خوان آهي ته جيئن انساني نسل ۽ بشر کي پنهنجي معرفت جي وسيلي سان سيراب ڪري ان ڪري فرمائي ٿو عالم ۽ جاهل برابر نه ٿا ٿي سگهن.

هل يستوي الذين يعلمون والذين لا يعلمون (1)

ان ڪري تمام مسائل جيڪي به انسان جي زندگيءَ سان واڳيل آهن يا انسان جي علم سان ڳانڍاپو رکن ٿا ، قرآن انهن مسئلن کي سوالن جي ذريعي سان انسان کي توجه ڏياري ٿو. ائين ڇو آهي؟ ان ڪري ته جيئن انسان علم کي اهميت ڏئي ڪري پاڻ کي ظلمت ۽ اونداهي جي کڏن مان ڪڍي ڪري علم جي نور سان روشن ڪري ۽ قرآن تمام علمن جي لاءِ راھ هموار ڪري ٿو ۽ سوال ڪرڻ علم جي چاٻي آهي تنهن ڪري مولا علي اميرالمومنين جن فرمايو: ”العلم خزائن و مفاتيحها السوال“ علم هڪ خزانو آهي ۽ ان کي کولڻ لاءِ ڪنجي جي ضرورت آهي، ان جي ڪنجي سوال ڪرڻ آهي، ان ڪري هن زماني ۾ نوجوانن جي ذهنن ۾ اسلام ۽ قرآن جا دشمن مختلف قسمن جا شبهات ۽ سوالن جي ذريعي سان دين ۽ قرآن کان پري ڪري رهيا آهن اسان چاهيون ٿا ته مختلف شبهات ۽ سوالن جا جواب به مڪتب قرآن ۽ اهل بيت جي ذريعي سان ڏئي ڪري انهن جوانن کي قرآن ۽ اهلبيت جي ويجهو ڪريون ته جيئن هن دور ۾ جيڪو فتنن ۽ فسادن سان پُر آهي انهن نوجوانن کي نجات ڏياري سگھون. ان ڪري اسان هن مقالي ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي باري ۾ سوال ڪيا وڃن ٿا ان باري ۾ قرآن ڪريم جي آئين سان ۽ اهلبيت جي روايتن جي ذريعي سان جواب ڏنا وڃن البته اسان جهڙن گھٽ علم رکڻ وارن جي مجال ناهي جو جيئن جواب هجڻ کپن ائين ئي ڏنا هجن پر ڇو جو اهلبيتجيڪي علم جو سمنڊ آهن اتان جيڪو قطرو حاصل ڪيو آهي ان قطري مطابق ڪوشش ڪريون ته جيئن ممڪن آهي ڪنهن جوان جي هدايت ٿي پوي ۽ ان جي وسيلي سان اهلبيتراضي ٿين.

پهريون سوال

خلقت آسمان ۽ زمين جي باري ۾ ڪيو ٿو وڃي ته قرآن جي آيتن ۾ خلقت آسمان ۽ زمين يعني هن جهان جي باري ۾ اختلاف پاتو وڃي ٿو ، ڪجھه آيتن ۾ خلقت(8) ڏينهن کي بيان ڪيو اٿن مثلا سورت فصلت آيت 129 ۾ بيان ٿيو آهي ته اسان هن جهان کي (8) اٺن ڏينهن ۾ خلق ڪيو آهي ٻن ڏينهن ۾ زمين خلق ٿي ۽ چئن ڏينهن ۾ جبل ۽ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻن ڏينهن ۾(7) ست آسمانن کي خلق ڪيو ويو آهي ۽ ڪجھه آيتن ۾ مثال سورت اعراف ”54“ ۽ يونس ”3“ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته اسان آسمان ۽ زمين کي (6) ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيو ان مان معلوم ٿو ٿئي ته قرآن جي آيتن ۾ اختلاف آهي؟

جواب

قرآن ڪريم مختلف آيتن ۾ جهان جي خلقت جي مُدّت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ اسان فقط آيتن جي ظاهر کي ڏسي ڪري فيصلو ڪريون ٿا جڏهن ته آيتن جو هڪ ظاهر آهي ۽ هڪ باطن آهي بس جيڪو آيتن ۾ مدت ۽ ڏينهن جو تعداد بيان ڪيو ويو آهي اهو صحيح آهي ڇو جو لفظ ”يوم“ استعمال ٿيو آهي ان کان مراد اها ناهي جيڪي اسان جي معاشري ۾ سمجهي وڃي ٿي بلڪه ”يوم“ مان هنن آيتن ۾ مراد دَورو (زمانو) آهي جيئن هن آيت ۾ قرآن فرمائي ٿو:

اِنّ ربكم الله الذي خلق السماوات والارض في ستة ايام (2)

بيشڪ توهان جو پروردگار اهو الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيو آهي.

۽ ٻئي جڳهه سورت فصلت، 9 کان 12 آيت تائين خدا فرمائي ٿو ته اسان آسمان، زمين ۽ جيڪو ڪجھه انهن جي وچ ۾ آهي ان کي ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيوسين.

بس هنن آيتن ۾ زمين جي خلقت کي ٻن مرحلن ۾ بيان ڪيو ويو ۽ چهار مرحلا جبلن ۽ بيابانن، کاڌي جي شين جي خلقت کي بيان ڪيو ويو ۽ ٻه مرحلا آسمانن جي خلقت لاءِ بيان ڪيا ويا آهن سورت فصلت ۾ ڪل اٺ مرحلا بيان ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻين آيتن ۾ جهان جي خلقت کي ڇهن ڏينهن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

قرآن جي مفسرن جو نظريو:

1_ تمام گهڻن مفسرن جو نظريو هي آهي ته لفظ ” اربعة ايام“ آيتن ۾ آيو آهي خلقت جا ٻه مرحلا بيان ڪري ٿو يعني پهرين ٻن مرحلن ۾ زمين کي خلق ڪيو ويو آهي ۽ ٻه ڏينهن بعد وارن ۾ جيڪي به شيون زمين سان وابستا آهن مثال جبل، گاه، سبزيون ۽ کاڌي پيتي جون شيون خلق ڪيون ويون آهن ان نظرئي جي مطابق آيتن جو اختلاف ختم ٿي وڃي ٿو.

2_ مفسر ڪبير علامه محمد حسين طباطبائي جو نظريو هي آهي ته : مراد ” اربعة ايام“ مان چار موسمون آهن ڇو جو قرينن مان به معلوم ٿئي ٿو مراد ان لفظ مان چار موسمون آهن ڇو جو انهن قرين منجهان هڪ قرينو هي آهي ته تمام زندھ موجودات جو رزق به انهن ئي چئن موسمن ۾ مقدر ٿيل آهي ان ڪري آيت ۾ اربعة ايام کان پهرين جملي کي حذف ڪيون يا ڪنهن جملي کي پوشيده رکون اهو ظاهر آيت جي خلاف آهي. (3)

3_ ڪجھه مفسرن جو نظريو هيءُ آهي ته ” اربعة ايام“ اشارو ان ڏانهن آهي ته زمين جي مڪمل ٿيڻ واري مرحلي کي بيان ڪيو ويو آهي، انهن مفسرن جي نظر ۾ سورت فصلت جون آيتون فقط چار مرحلن کي انهن ڇهن مرحلن مان بيان ڪن ٿيون ، پر ٻين مرحلن جي باري ۾ ساڪت ۽ چپ آهن يعني بيان نه ڪيو ويو آهي. (4) ان مختصر نظريات مان معلوم ٿئي ٿو ته هر ڪنهن پنهنجي علمي سطح جي اعتبار سان آيتن جي ظاهري اختلاف کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان بحث مان نتيجو:

فقط آيت جي ظاهر کي ڏسي ڪري نتيجو نه نڪرندو بلڪه آيتن جي تفسير ۾ ضروري آهي ته ٻين آيتن کان مدد وٺي ڪري تفسير ڪئي وڃي مثال : سورت نازعات جي آيتن 27 کان 33 تائين لفظ ”ايام“ آيو آهي پر ان مان خلقت جي مرحلن کي بيان ڪرڻ لاءِ استفاده نه ڪيو ويو آهي ليڪن خلقت جي مرحلن کي جيئن سورت فصلت جي آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي هنن آيتن ۾ به ان جي مشابه بيان ڪيو ويو آهي بس انهن آيتن ۾ ڪو به اختلاف ناهي جيڪڏهن انسان توجه ۽ دقت سان نظر ڪري ته پهرئي نظرئي جي تاييد ٿئي ٿي ته سڀني نظرين مان بهترين راه حل پهريون نظريو آهي ته اربعة ايام ظرف آهي ۽ ان کان پهريان جملو پوشيده ۽ لِڪل آهي يعني ”في تتمة“ يا ”کُلُّ ذالک“ مناسب ترين راه حل آهي ڇو جو سورت فصلت جي آيت 10 ۾ اهي ئي مطالب آهن جيڪي سورت نازعات ۾ بيان ٿيل آهن يعني ان ۾ (زمين، جبلن) کي مضبوط قرار ڏنائين انهن ۾ برڪت ڏنائين ۽ کائڻ وارين شين کي ان ۾ معين ڪيائين، اَخرج مِنها ماءَها و مرعاها والجبال ارساها، پاڻي، گاه، ڀاڄين کي ان مان ٻاهر ڪڍيائين ۽ جبلن کي مضبوط سڌو رکيائين.

بس کائڻ جون شيون ۽ رزق به اهوئي گاه پاڻي آهي جيڪو زمين جوئي حصو آهي ان جي ڪري قرآن ڪريم اسان جي لاءِ نمونا بيان ڪري ٿو ۽ انهن آيتن ۾ ڏينهن (يوم) بيان ٿيل به ڏينهن جيڪو اسان ۽ توهان جي ذهن ۾ 24 ڪلاڪن جو هوندو آهي اها مراد ناهي بلڪي ڏينهن جي معنا آهي هڪ دَورو ۽ زمانو آهي بس انهن آيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته خداوند عالم، جهان جي خلقت کي ڇهن ڏينهن يا اٺن ڏينهن ۾ بيان ڪيو آهي زماني ۽ دَوري جي حساب سان بيان ڪيو اٿس.

سوال نمبر ٻيو:

ڇا زمين کي پهريائين خلق ڪيو ويو آهي يا آسمان کي ڇو جو ٻن قسمن جون آيتون قرآن ڪريم ۾ آيون آهن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ظاهر ۾ مخالف نظر اچي رهيون آهن.؟

ڪجھه آيتون آسمان جي خلقت کي زمين کان پوءِ بيان ڪري رهيون آهن يعني پهريائين زمين کي الله سائين خلق ڪيو، پوءِ آسمان کي مثلا هن آيت ۾:

هُوَ الَّذِي خَلَقَ لَكُم مَّا فِي الأَرْضِ جَمِيعاً ثُمَّ اسْتَوَى إِلَى السَّمَاء فَسَوَّاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ (5)

اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي مڙيئي (شيون) زمين ۾ آھن سي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين.

بِالَّذِي خَلَقَ الْأَرْضَ فِي يَوْمَيْنِ، ثُمَّ اسْتَوَى إِلَى السَّمَاء، فَقَضَاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ فِي يَوْمَيْنِ (6)

الله اهو آهي جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ خلق ڪيو ان کان پوءِ آسمان کي خلق ڪيائين، انهن کي ستن آسمانن جي صورت ۾ ٻن ڏينهن ۾ ڪامل ڪيائين.

قديمي مفسرن ظاهري آيتن جي معنا کي قبول ڪيو آهي مثلا ابن عباس، مجاهد ۽ حسن بصري وغيره (7) انهن آيتن ۾ معلوم ٿيو ته آسمان کي زمين کان پوءِ بڻايو ويو آهي ڇو جو لفظ ثمّ آيو آهي ۽ ثمّ ترتيب لاءِ ايندو آهي يعني پهريائين زمين، ان کان پوءِ آسمان.

۽ ڪجھه آيتون وري بيان ڪن ٿيون ته آسمان کي پهريائين ۽ زمين کي پو۽ خلق ڪيو ويو آهي : مثال سورت نازعات آيت،27 کان 32 تائين لفظ ” بعد “ استعمال ٿيو آهي

أَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ السَّمَاء بَنَاهَا…. وَالْأَرْضَ بَعْدَ ذَلِكَ دَحَاهَا أَخْرَجَ مِنْهَا مَاءهَا وَمَرْعَاهَا وَالْجِبَالَ أَرْسَاهَا

ڇا توهان کي خلق ڪرڻ سخت آهي يا آسمان کي خداوند عالم آسمانن کي بڻايائين ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين پاڻي ۽ گاهن کي زمين مان ٻاهر ڪڍيائين ۽ جبلن کي بڻايائين،

جيڪو ڪجھه ٻنهي آيتن جي ظاهر مان مفهوم نڪري ٿو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻنهي آيتن ۾ تضاد ۽ اختلاف آهي؟

سوال جو جواب:

ڪجھ آيتون خلقت آسمان ۽ زمين جي باري ۾ ظاهرن اختلاف جو سبب ٿيون آهن جنهن جي ڪري مفسرن جو به آسمان جي خلقت ۽ زمين جي ترتيب جي باري ۾ يعني ڇا پهريائين آسمان کي خلق ڪيو ويو يا زمين کي؟ ان باري ۾ اختلاف آهي.

(الف) پهريائين خلقت آسمان بعد ۾ زمين

علامه طباطبائي لکي ٿو ته زمين جي خلقت (دحو الارض) جو آئين ۾ جيڪو اشارو ڪيو ويو آهي ان مان مراد گول شڪل جو نظريو آهي. زمين جي خلقت ۽ زمين جو وڇائڻ هڪ ئي آهي ۽ آسمان جي خلقت کان پوءِ وجود ۾ آئي ڇو جو لفظ ” ثمّ“ کي جيڪو سورت فصلت ۾ آيو آهي اهو ظاهر ۾ بعد ۾ خلق ٿيڻ جي خبر کي بيان ڪري ٿو يعني ” ثمّ“ ٻڌائي ٿي ته زمين آسمان کان بعد ۾ خلق ڪئي وئي آهي.

دليل: علامه چوي ٿو هنن آيتن ۾ زمين جي وڇائڻ کان بعد ۾ پاڻي جو نڪرڻ سَرسبز گاه جبلن جي بنياد رکڻ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ۽ انهن سڀني شين جي خلقت زمين سان گڏ ذڪر ٿيل آهي ۽ آسمان جي خلقت کي لفظ ” ثمّ“ سان جيڪو عربي قاعدن ۾ عطف جو حرف آهي ان کان پوءِ ذڪر ڪيو ويو آهي اها دليل آهي ته زمين کي آسمان کان بعد ۾ خلق ڪيو ويو آهي. (8)

۽ ”پيام قرآن“ ۾ به جيڪو قرآن جي تفسير ۾ ڪتاب لکيل آهي سورت نازعات جي آيت 27کان32 تائين لکي ٿو ته: انهن آيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته آسمان جي خلقت زمين جي خلقت کان پهريان آهي ۽ پاڻي جو هجڻ ۽ گاهن ۽ جبلن جو ان کان بعد ۾ وجود ۾ اچڻ اها دليل آهي ته خلقت ترتيب سان انجام ڏني وئي آهي ۽ ترتيب اها شيءِ آهي جنهن جي اڄ جو علم به ان تي تاڪيد ڪري رهيو آهي ته زمين جو وجود سج کان بعد ۾ ٿيو آهي ۽ پاڻي جو زمين جي سطح تي اچڻ ۽ ان کان پوءِ گاهه، وڻ ٽڻ ۽ ان کان پوءِ جبلن جو وجود ۾ اچڻ اهي سڀ موجودات زمين جي خلقت کان پوءِ خلق ڪيا ويا آهن. (9)

(ب) آسمان جي خلقت ٻن مرحلن ۾:

ڪجھ مفسرن جيڪو سورت فصلت ۽ سورت نازعات جي آيتن ۾ ظاهري اختلاف نظر اچي رهيو آهي ان کي هن طريقي سان حل ڪيو اٿن.

اهي چون ٿا آسمان کان پهريائين دونهون هيو ان ڪري خداوند عالم سورت فصلت ۾ بيان ڪري ٿو ته

رفع سمكها فسواها واغطش ليلها و اخرج ضُحاها

ان دونهي کان پوءِ آسمان جي بنياد رکيائين ان کي بيان ڪيو ويو آهي، ڇو جو سورت نازعات جي آيتن ۾ ستن (7) آسمانن جو ذڪر نه آيو آهي ۽ سورت فصلت ۾ ٻنهي بنيادن ۽ مرحلن کي بيان ڪري رهيو آهي يعني زمين جو وڇائڻ (دحو الارض) و پاڻي جو زمين مان نڪرڻ ۽ گاهن ۽ جبلن جو نڪرڻ فاصلي سان ٻن بنيادن سان آسمان صورت ۾ آيو. (10)

(ج) ڪجھ مفسرن وري ٻئي طريقي سان ٻنهي سورتن جي آيتن جي اختلاف کي حل ڪيو آهي.

چون ٿا ته : خدا زمين جي جسم کي آسمان کان پهريائين خلق ڪيو ليڪن زمين کي وڇايو نه ويو هو. ان کان پوءِ آسمان کي خلق ڪيائين ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين .(11)

(د) آيتون ترتيب کي بيان نه ٿيون ڪن:

ڪجھ دانشمندن تحقيق ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا آهن ته زمين جي خلقت ۽ آسمان جي ترتيب جي باري ۾ آيتن مان معلوم نه ٿو ٿئي بلڪه لفظ ” ثمّ“ ۽ ”بعد“ فقط ڪلام ۽ جملن کي ربط ۽ڳنڍڻ لاءِ بيان ٿيا آهن. (12)

ان پوري بحث مان نتيجو نڪري ٿو ته جيڪو سورت نازعات ۾ لفظ ” بعد “ ذڪر ڪيو ويو آهي ان مان معلوم ٿئي ٿو ته زمين کي آسمان کان پوءِ خلق ڪيو ويو آهي.

ڇو جو اڄ جي علم (سائنس) به ان کي ئي ثابت ڪيو آهي ۽ جن آيتن ۾ ستن آسمانن جو ذڪر ٿيو آهي شايد آسمان جي جزئيات کي بيان ڪيو ويو هجي نه اصل آسمان کي.

ٽيون سوال:

ڇا آسمان ۽ زمين پهريائين کان جدا هئا يا شروع ۾ هڪ هئا بعد ۾ جدا ٿيا يعني ڪجھ ماڻهو سوال ڪن ٿا ته ڇا خداوند عالم جنهن وقت آسمان ۽ زمين کي خلق ڪيو ان وقت ئي جدا جدا خلق ٿيا هئا يا نه جڏهن خدا انهن کي خلق ڪيو ته هڪ هئا بعد ۾ جدا ٿيا ڇو جو سورت انبياء ، آيت نمبر 30 ۾ آيو آهي ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا ۽ بعد ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا ڇو جو لفظ ” رتق “ ۽ ” فتق “ جو استعمال ٿيڻ دليل آهي خلقت جي شروعات ۾ مليل ۽ گڏ هئا ۽ بعد ۾ جدا ٿيا ۽ سورت فصلت جي آيت نمبر 11 ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته آسمان ۽ زمين جي خلقت هڪ ٻئي کان جدا يعني شروع کان ئي جدا جدا خلق ڪيو ويو بس ٻنهي آيتن ۾ اختلاف نظر اچي رهيو آهي.

جواب:

قرآن جي علمي بحثن مان هڪ بحث اها آهي ڪهڙي شيءِ کي پهريائين خلق ڪيو ويو آهي قرآن خلقت جي مرحلن کي بيان ڪري ٿو هن جهان کي خداوند عالم مرحلن ۾ خلق ڪيو آهي، انهن مرحلن مان هڪ مرحلو ”رتق“ آهي ۽ ٻيو مرحلو ”فتق“ جو آهي ان جي ڪري دانشور سورت انبياء جي آيت 30 ۾بيان ڪن ٿا ته ان آيت ۾ ٻنهي مرحلن کي بيان ڪيو ويو آهي

أَوَلَمْ يَرَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَنَّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ كَانَتَا رَتْقًا فَفَتَقْنَاهُمَا (13)

ڇا توهان انهن کي نه ڏٺو آهي جنهن ڪفر اختيار ڪيو يعني معلومات حاصل نه ڪيائون ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا ۽ اسان انهن ٻنهي کي جدا ڪيوسين

بس ان آيت ۾ بيان ٿيو ته آسمان ۽ زمين کي جدا جدا خلق ڪيو ويو آهي.

پر سورت فصلت ۾ آيو آهي ته:

ثُمَّ اسْتَوَى إِلَى السَّمَاء وَهِيَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ اِئْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَا أَتَيْنَا طَائِعِينَ (14)

ان کان پوءِ آسمان کي خلق ڪيائين جڏهن ته اهو دونهو هو و آسمان ۽ زمين کي حڪم ڏنائين ته چاهيو يا نه چاهيو اچو، زمين ۽ آسمان چيو ته اسان اطاعت ڪرڻ وارن وانگر اچون ٿا.

جيڪو سورت انبياء جي آيت ۾ لفظ ”ير“ آيو آهي ان مان مراد علمي ۽ فڪري نگاه آهي ۽ ظاهري اکين سان ڏسڻ مراد نه آهي (15) ڇو جو ان آيت ۾ خلقت جي ابتداءِ کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ابتدائي خلقت ۽ شروعاتي خلقت کي ظاهري اکين سان ڏسڻ انسان جي لاءِ ممڪن ئي ناهي ڇو جو اڃان انسان خلق نه ٿيو هو. بس لفظ ”رتق ۽ فتق “ ٻئي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آهن. رتق جي معنا آهي ٻن شين کي پاڻ ۾ ملائڻ آهي. (16) ۽ ”فتق“ جي معنا آهي ”ٻه شيون پاڻ ۾ مليل هيون انهن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ“ ۾ استعمال ٿيو آهي (17) ليڪن مفسرن آيتن ۽ روايتن ۽ علمي مثالن جي اعتبار سان ”رتق“ ۽ ”فتق“ جون مختلف نموني سان تفسير بيان ڪئي آهي.

آسمان بند هوندي برسات نه وسندي هئي زمين به بند هئي يعني زمين مان گاهه، وڻ ٽڻ نه پيو نڪري پر رب پاڪ انهن ٻنهي کي کوليو ته آسمان مان برسات کي نازل ڪيائين ۽ زمين مان قسمين قسمين جا ٻوٽا ۽ گاهه ڦٽي نڪتا (18)

”مليل موّاد “ مان مراد هي آهي ته جنهن مواد مان آسمان ۽ زمين کي خلق ڪيو ويو موّاد هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو هو، بس جنهن مواد مان جهان خلق ٿيو ڄڻ ته هڪ ئي مادو نظر پيو اچي پر مواد جدا ٿيڻ مان مراد اها آهي ته نئي بناوٽ وجود ۾ اچڻ پهرئين مادي ۾ حيوان، گاهه ۽ سڀني موجودات جو وجود ۾ اچڻ آهي (19) ۽ رتق مان مراد هي آهي ته جهان وجود ۾ اچڻ کان پهريان واري حالت کي چئبو آهي۽ فتق کان مراد هي آهي ته وجود ۾ آڻي ان ۾ ظاهر ڪرڻ آهي. يعني رب پاڪ هن جهان کي خلق ڪرڻ کي لفظ فتق جي وسيلي سان بيان ڪيو آهي،(20) ان بيان مان معلوم ٿيو ته آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا يعني خلقت جي شروع ٿيڻ کي بيان ڪري ٿو ، يعني خلقت جي شروعات ڪيئن ٿي. تنهن ڪري دانشور چون ٿا ته پورو جهان هڪ گول بال وانگر وڏي شي جي صورت ۾ غبار هوان جي ڪري قرآن به دونھ سان تعبير ڪئي اٿس، اها گول شي اندران ڦاٽي ۽ حرڪت ۾ آئي ۽ ان جا ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ لڳا ۽ ڪواڪب ، ستارا ، منظومه شمسي ۽ زمين وجود ۾ آيا. اڃا تائين هي جهان وسعت ۾ آهي اهو علمي نظريو سڀ کان پهريائين رياضي دان لاپلاس ۽ مشهور نجومي فرانسوي تقريباً ٻه صديون پهريائين ظاهر ڪيو هو (21) پر ڪجھه مفسرن جو نظريو هي آهي ته هن جهان جي خلقت ۾ ڪيترائي ڀيرا فتق وجود ۾ آيو آهي.

الف: ”ماء“ (پاڻي) هن جهان جو وڏي ۾ وڏو مادو هو جيڪو فتق (يعني جدا جدا) ٿيو، (22)

ب: دخان آسمان يعني آسماني دونهو جيڪو ستن آسمانن ۾ جدا جدا ٿيو جيئن زبد ارض به زمين جي ستن تهن ۾ فتق ٿيو هو.

ج: زمين ۾ گاهن جو ڦٽڻ ۽ آسمان مان برسات جو وسڻ .

جيڪو ڪجھه بيان ڪيو ويو ان مان معلوم ٿيو ته ٻنهي نظرين ۾ اختلاف نه آهي بلڪه آيت ۾ هڪٻئي جي ارتباط کي بيان ڪيو ويو آهي، ٻنهي آيتن مان نتيجو نڪري ٿو ته سورت انبياء جي آيت ۾ آسمان ۽ زمين جي مجموعي خلقت کي بيان ڪيو ويو آهي ته ابتدا ۾ هڪ گول بال بخارن جي صورت ۾ هڪٻئي سان مليل(يعني رتق) هئا ۽ ان کان پوءِ هڪ ٻئي کان جدا (فتق) ٿيا ۽ سورت فصلت جي آيت 11 ۾ آسمان جي خلقت جي جزيات ۽ مرحلن کي بيان ڪيو ويو آهي ته انهن کي ڪيئن خلق ڪيو ويو پهريائين ڪهڙي مرحلي ۾ هئا، پوءِ وارو مرحلو ڇا هو ان ڪيفيت ۽ حالت کي آيت بيان ڪري ٿي.(23)

ڪهڪشان، ستارا ۽ انهن جي مدار جو بيان

سوال نمبر4:

ست آسمان ۽ زمين ڇا آهن ۽ ڪهڙي جاءِ تي آهن؟

يعني سوال هي آهي ته دانشورن ۽ آسماني ڪتابن جي مفسرن جي درميان اختلاف پاتو وڃي ٿو ته ڪجھه چون ٿا ته ست آسمان ۽ زمين جو نظريو هيئت بطلموسي جي خلاف آهي ۽ اعجاز ۽ معجزي علمي قرآن جا قائل آهن ۽ ڪجھه وري چون ٿا ته علم جي مخالف آهي پر هيئت بطلموسي جي موافق آهي.(24)

جواب:

الله پاڪ قرآن ۾ ست مرتبه واضح لفظن ۾ ۽ ٻه مرتبه ڪنائي سان ستن آسمانن کي بيان ڪيو آهي ۽ هڪ آيت ۾ ظاهري طور ستن زمينن جو ذڪر ڪيو اٿس.

اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ وَمِنَ الْأَرْضِ مِثْلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الْأَمْرُ بَيْنَهُنَّ(25)

الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي.

اهڙي طريقي سان هنن سورتن ۾ به ستن آسمانن جو ذڪر آيو آهي، سورت بقره، آيت29_ سورت بني اسرائيل، آيت44_ سورت مومنون، آيت86_ سورت فصلت، آيت12_ سورت ملڪ، آيت3_ ۽ سورت نوح، آيت15 ۾ ذڪر ٿيو آهي ۽ سورت طلاق 12 ۾ ظاهري طور ستن زمينن جو ذڪر آيو آهي. پر واضح ۽ چٽن الفاظن ۾ ذڪر نه آيو آهي.

ان نظريي جي تاريخ

اهو نظريو ڪڏهن کان شروع ٿيو؟

قرآن ستن آسمانن کي حضرت نوح  جي ڪلام سان نقل ڪيو آهي، علامه طباطبائي سورت طلاق جي آيت 12 مان نتيجو بيان ڪري ٿو ته مشرڪ به ستن آسمانن تي اعتقاد رکندا هئا ۽ حضرت نوح  ان مطلب جي ذريعي سان انهن سان بحث ۽ گفتگو ڪئي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو سوال اسلام کان پهريائين موجود هو بلڪه يهودين ۽ مسيحن کان به پهريائين ستن آسمانن جو نظريو موجود هو.

ڪتاب مقدس (توريت ۽ انجيل) ۾ به ڪيترائي مرتبه آسمان جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي ڪڏهن آسمان مادي ۽ ڪڏهن آسمان روحاني جيڪو هن دنيا کان ٻاهر آهي اتي فقط سعادت برقرار آهي، اها جڳهه مخصوص الله جي ذات سان آهي، ان جڳهه تان حضرت عيسى  نازل ٿيندو آهي. يهودين جا روحاني پيشوا ان عقيدي تي آهن ته ست آسمان آهن انهن مان ٽن آسمانن تي جسم رهندا آهن ۽ چار آسمان روحاني آهن انهن تي ملائڪ ۽ پاڪ ذاتيون. آهن.(26) جڏهن قرآن ستن آسمانن جي باري ۾ گفتگو ڪئي ته يونان جي جهان شناسن جو نظريو مڪتب اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ مسلمان به بنو عباس جي خلافت جي دور ۾ هيئت بطلميوسي(27) کان واقف ٿيا، هي سوال ڪيو ويو ته افلاڪ جو تعداد هيئت بطلميوسي ۾ نو عدد آهن پر قرآن ۾ آسمانن جو تعداد ست عدد آهي ان ڪري چيو ويو ۽ مختلف نظريا بيان ڪيا ويا.

هڪڙا هيئت بطلميوسي جا مخالف ٿيا ۽ اعجاز علمي قرآن جا قائل ٿيا ۽ ڪجھه قرآن جي علم جي مخالفت ڪري هيئت بطلميوسي جا قائل ٿيا. ان ڪري مسلمان دانشور به پنهنجي علم مطابق قرآن جي آيتن ۾ توجيه ۽ تفسير ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ڪي راهه حل کي هن طريقي سان بيان ڪن ٿا:

1: بو علي سينا : عرش قرآن ۾ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ

۽ تنھنجي پالڻھار جي عرش کي اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.

ان آيت ۾ عرش مان مراد به نائون فلڪ يا فلڪ الافلاڪ هيئت بطلموسي آهي. ابن سينا ڪوشش ڪئي آهي ته ان تحليل جي ذريعي سان الاهي ڪلام ۽ هيئت بطلميوسي کي جمع ڪري. (28)

2: خواجه نصير الدين طوسي: جيڪو متڪلم ۽ علم ڪلام ۽ علم نجوم ۾ مشهور هو اهو ڪوشش ڪري ٿو افلاڪ جي عدد کي نوَن کان ستن تائين پهچائي پر ان نظرئي کي دانشورن قبول نه ڪيو(29)

3: علامه مجلسي: جيڪو مشهور ۽ معروف شيعه محدث آهي سورت بقره جي آيت نمبر 29

ثُمَّ اسْتَوَى إِلَى السَّمَاء فَسَوَّاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ

وري آسمان ڏانھن متوجه ٿيو پوءِ اُنھن کي ست آسمان ڪري برابر بيھاريائين،

علامه جلسي لکيو ته ستن آسمانن جو هجڻ نوَن آسمانن سان منافات نٿو رکي جيڪو علم نجوم ۾ ثابت ٿيو آهي، اصل ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف نٿا رکن، ڇو جو دين جي زبان ۾ اٺون آسمان ۽ نائين آسمان جو ڪرسي ۽ عرش سان تعبير ڪئي وئي آهي.(30)

4: حاج ملا هادي سبزواري: ڪتاب شرح منظومه ۾ لکي ٿو ته اٺين آسمان مان مراد ڪرسي ۽ فلڪ اطلس ۽ نائين فلڪ کان مراد عرش آهي ڇو جو ان جي عقل ۽ شريعت تائيد ڪن ٿا.(31)

نظرين ۾ تحقيق

بو علي سينا، علامه مجلسي ۽ ملا هادي سبزواري ڪا خاص دليل نه ڏني آهي جيڪا انسان کي يقين ڏياري ۽ عرش ۽ ڪرسيءَ جي لغوي ۽ اصطلاحي معنا اٺين آسمان ۽ نائين آسمان سان مناسبت نه ٿي رکي ڇو جو ڪرسيءَ جي معنا آهي تخت ۽ تخت مان مراد سلطنت ۽ خدا جي قدرت آهي.

عرش جي لغت ۾ معنا ڇت وارو گھر آهي ۽ تخت، حڪومت جي معنا ۾ آيو آهي ڇو جو هي مٿي ۽ بلند آهي ۽ اهو لفظ قرآن ۽ روايتن ۾ ان معنا ۾ ذڪر ٿيو آهي ته جتان جهان جا امور نڪرندا آهن (32) ۽ مفسرن به عرش کي حڪومت جي معنا ۾ ورتو آهي ۽ ان مان مراد قدرت ، سلطنت ۽ خدائي حڪومت آهي(33)

نتيجو

هن مسئلي ۾ جيڪا تحقيق ڪئي وئي آهي ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ”سبع سماوات“ مان مراد ست آسمان آهن ۽ سج، چنڊ ۽ تارا وغيره سڀ پهرين آسمان تي آهن ۽ باقي ڇھ آسمانن کي انسان پنهنجي ظاهري اکين سان نٿو ڏسي سگھي. (34)

پوري بحث مان نتيجو وٺي سگھجي ٿو ته قرآن ۾ آسمان جي هڪ معنا کي بيان نه ڪيو ويو آهي بلڪه آسمان مختلف معنائن ۽ مصداقن ۾ بيان ڪيو ويو آهي جنهن آيت ۾ به لفظ (سَما) بيان ٿيو آهي هر آيت ۾ پنهنجي معنا ۽ مفهوم ۾ بيان ٿيو آهي ان ئي ڪري روايتن ۾ بيان ٿيل آهي ته قرآن جا بطن ۽ هر بطن جا 70 بطن آهن ان ڪري لڪيل رازن کي نبي مرسل ۽ سندس اهل بيت کان سواءِ ٻيو ڪو به سمجھي نه ٿو سگھي ڇو جو قرآن جي زبان کي اهو ئي سمجھي سگھي ٿو جيڪو وحيءَ جي نزول جو مرڪز ۽ ملائڪن جي اچ وڃ جو به مرڪز هجي .انهن صفتن جو مالڪ رسول پاڪ(ص) ۽ سندس اهلبيت(ع) کان وڌيڪ ڪو به نه آهي ان ڪري جو اهي ذاتيون ئي آهن جيڪي پالڻهار طرفان هن زمين تي حجت بالغه، الله جا ولي ۽ خدا جي ڪتاب جا حقيقي ترجمانَ ۽ مفسر آهن.

حوالا

1. سورت زمر، آيت9

2. اعراف، 54 و يونس، 31 ۽ هود، 7 ۽ حديد، 4.

3. تفسير الميزان، ج 7، ص 364.

4. تفسير فرقان، ج 24، ص 24.

5. سورت بقره، آيت 29.

6. سورت فصلت، آيات 9_12.

7. سورت التحرير والتنوير، ج1، ص 119.

8. تفسير الميزان، ج17، ص 265.

9. پيام قرآن، ج8، ص151.

10. تفسير الفرقان، ج 24، ص 26.

11. تفسير مجمع البيان ، ج 10 ، ص 659.

12. مقايسه اي ميان عهدين، قرآن و علم، ص 195.

13. سورت انبياء، آيت 30.

14. سورت فصلت، آيت 11.

15. قاموس قرآن، ج 3، ص 37.

16. مفردات راغب، ص 341.

17. ساڳيو، ص 623

18. تفسير مجمع البيان، ج7 ، ص82.

19. تفسير الميزان، ج14، ص 278.

20. تفسير فخر رازي، ج22، ص 173 .

21. تفسير نمونه ج13، ص394.

22. سورت هود، آيت71

23. تفسير فرقان، ج16 ، ص285.

24. سروش، بشر و بشير، روزنامه ڪار گذاران، 20/12/1386.

25. سورت طلاق، آيت12.

26. جيمس هاڪس، ڪتاب مقدس، ماده آسمان

27. بطلميوسي، منجم ۽ جغرافيائي دان هڪ شخص هو جيڪو معروف يوناني هو ان ڪتاب لکيو”مجسطي ۽ آثارالبلاد“ ان جو عقيدو هو ته زمين ساڪن ۽ جهان جو مرڪز آهي ۽ ست گره ان جي چوڌاري حرڪت ڪن ٿا اهي ست گره هي آهن، چنڊ، عطارد، زهره، سج، مريخ، مشتري ۽ ذحل ۽ اٺون فلڪ جتي ستارا آهن ۽ نائون فلڪ جتي فلڪ الافلاڪ يا فلڪ اطلس آهي، اتي سڀ افلاڪ موجود آهن.

28. ابن سينا، رسائل، ص128 _ 129.

29. بهبودي هفت آسمان، ص8.

30. مجلسي، بحارالانوار، ج57، ص5

31. سبزواري، شرح منطوومه، قسمت فلسفه ، ص 269

32. قاموس قرآن ، لفظ عرش

33. الميزان ، ج1، ص 155

34. تفسير نمونه، سورت طلاق آيت 12 جي هيٺ بحث ٿيل آهي.

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :