نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

شفاعت قرآن جي روشنيءَ ۾ (قسط 1)

فونٽ جو اندازو:
2020/11/24

پھرئين قسط

تحرير: محمود علي معصومي

شفاعت هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن کان ڪوبه مسلمان انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح مسلمانن جي سڀني عالمن جو اهو اتفاق آهي ته شفاعت اسلامي عقيدي ۾ هڪ بنيادي اصول جي حيثيت رکي ٿي ايتري قدر جو فخر رازي پڻ ان اتفاق ۽ اجماع کي بيان ڪندي چوي ٿو ته:

مسلمانن جو ان ڳالھ تي اتفاق ۽ اجماع آهي ته حضرت محمد مصطفي4 قيامت جي ڏينهن شفاعت جي مقام تي فائز هوندا.(1)

اهڙي طرح نووي صحيح مسلم جي شرح ۾ لکيو آهي ته قاضي عياض جو بيان آهي ته اهل سنت وارا شفاعت واري مسئلي کي عقلي لحاظ سان ممڪن ۽ نقلي لحاظ سان واجب ڄاڻين ٿا ڇو ته شفاعت جي باري ۾ قرآن شريف جون صريح آيتون ۽ صحيح روايتون موجود آهن.(2)

پر ان اتفاق ۽ اجماع جي باوجود شفاعت واري مسئلي ۾ ڪجھ شبهات ۽ اعتراض وارد ڪيا ويا آهن جن جو اصلي ڪارڻ اهل بيت رسولF کان دوري ۽ دشمني آهي انهن شبهن ۽ اشڪالن کي سامهون رکندي اسان پاڻ تي واجب قرار ڏنوسين ته شفاعت جي باري ۾ هڪ مختصر مقالي کي تحرير ڪيون ته جيئن اجمالي طور تي انهن شبهن جا جواب ڏئي سگهجن.

خاص طور تي هن مقالي ۾ قرآني آيتن کي بيان ڪنداسون ته جيئن شفاعت واري موضوع کي ڪنهن حد تائين واضح ۽ روشن ڪري سگهجي.

سڀ کان پهريان شفاعت کي وڌيڪ سمجهڻ لاء شفاعت جي لغوي ۽ اصطلاحي معنا کي بيان ڪنداسون.

خداوند عالم کان التجاء آهي ته هن موضوع ۾ اسان جي مدد ڪري ته جيئن سهڻي انداز ۾ بيان ڪري سگهون.

شفاعت جي لغوي معنى

راغب ڪتاب مفردات ۾ شفاعت جي معني ڪندي بيان ڪيو آهي ته شفاعت يعني: ٻئي جو ساٿ ڏئي ان جي مدد ڪرڻ ۽ اڪثر اوقات شفاعت اتي استعمال ٿيندي آهي جتي شفاعت ڪندڙ جو مقام ۽ عظمت وڌيڪ هجي ۽ جنهن جي شفاعت ڪئي وڃي ان جو مقام ۽ شان هيٺاهون هجي.(3)

ابن منظور لسان العرب ۾ لکي ٿو: شفع وتر جي متضاد آهي جنهن جي معني آهي ٻڌي، كان وترا فشفعه اي صيرته زوجا. يعني هو اڪي هيو مان هن کي ٻَڌي ڪري ڇڏيو.(4)

مقصود هي آهي ته جيڪو انسان قيامت جي ڏينهن شفاعت جو محتاج هوندو آهي اهو اڪيلو ۽ ناقص هوندو آهي شفاعت ڪندڙ ان کي فرديت ۽ نقص کان دور ڪندو آهي ۽ هن جا نقص ختم ڪري هن ۾ نيڪين جو اضافو ڪندو آهي ته جيئن هو زوجيت ۽ ڪمال سان ڀرپور ٿي سگهي.

ان مطلب کي علامه طباطبائي Q پنهنجي تفسير الميزان ۾ بهترين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. الشفاعه هو اصل الشفع شفاعت جو شفع جو اصل ۽ مادو آهي ۽ متضاد الوتر آهي يعني شفيع ڄڻ ته ناقص فرد جو ساٿ ڏئي هن کي ٻڌيءَ ۾ تبديل ڪندو آهي جيڪا شي ناقص هئي اها شفيع جي سهاري جي ڪري قوي ٿي ويندي آهي جڏهن ته ضعف ۽ نقص جي ڪري پهريان ان مقام کي ماڻي نه پئي سگهيو.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شفاعت کان پوء ان جو ضعف ، قوت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ان جا نقص ، ڪمال ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ ان کي ئي شفاعت چئبو آهي.

شفاعت قرآني اصطلاح ۾

قرآن ڪريم شفاعت جي ڪلمي کي ٻن جڳهن تي استعمال ڪيو آهي هڪ نظام تڪوين ۾ ۽ ٻيو نظام تشريع ۾.

تڪويني شفاعت

قرآن جي زبان ۾ حيات هجي يا موت، رزق هجي يا عطا ۽ آسماني حوادث هجن يا زميني يا خاڪي ماجرا هجي انهن سڀني ۾ طبيعي اسباب جو دخل ضرور هوندو آهي ۽ فلسفي ۽ عقلي حساب سان به هي نظام ڪجھ اسباب تي قائم ۽ دائم آهي پر اهي سڀ قانون ۽ علتون ۽ اسباب خداوند ڪريم جي اذن ۽ اجازت سان هوندا آهن يعني علت کي خدا علت بڻايو آهي ۽ اسبابن ۾ به خدا اثر ڏنو آهي ۽ خود خدا انهن علتن ۽ اسبابن جو ايجاد ڪندڙ آهي ۽ انهن جي بقاء جو ضامن آهي.

ان حقيقت جي طرف مسلمانن جي وڏي فيلسوف صدر الدين شيرازي اشارو ڪيو آهي ته ما سواء الله سڀني شين ۾ فقر ۽ حاجت سمايل آهي.(5)

ان وڏي فيلسوف جي نظريي کي قرآن به بيان ڪيو آهي.

يَا أَيُّهَا النَّاسُ أَنتُمُ الْفُقَرَاء إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيدُ(6)

اي انسانو اوهان سڀ خدا جي طرف محتاج اهيو ۽ صرف خدا آهي جيڪو بي نياز ۽ تعريف جي لائق آهي.

هن آيت مبارڪ جي مطابق فقر ۽ احتياج الله کان سواءِ شين لاءِ ۽ بي نيازي خدا جي ذات ۾ منحصر آهي يعني سڀ جو سڀ فقر ممڪن موجودات ۾ آهي ۽ سڀ جي سڀ بي نيازي خدا جي ذات ۾ آهي ۽ موجودات ۾ صرف محتاجي آهي ۽ خدا جي ذات ۾ بي نيازي آهي.

سڀ علتون ۽ اسباب پيدائش ۽ بقا جي اثر ڏيڻ ۾ خدا جا محتاج آهن بس عالم تڪوين ۾ شفاعت جي معنى هي آهي ته علتون ۽ اسباب ۽ مسببات جي درميان هڪ واسطي جي حيثيت رکنديون آهن هر سبب خدا وٽ مسبب ۽ موجود جي شفاعت ڪندو آهي ته جيئن خدا پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان مسبب کي وجود جي نعمت سان مالامال ڪري ڇڏي سبب جي ڳانڍاپي ۽ شفاعت سان خدا مسبب کي وجود بخشيندو آهي عالم تڪوين ۾ ان کي شفاعت چوندا آهن.

قرآن مجيد تڪويني شفاعت کي بيان ڪندي فرمايو آهي

إِنَّ رَبَّكُمُ اللّهُ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَى عَلَى الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الأَمْرَ مَا مِن شَفِيعٍ إِلاَّ مِن بَعْدِ إِذْنِهِ ذَلِكُمُ اللّهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ أَفَلاَ تَذَكَّرُونَ.(7)

اوهان جو پروردگار اهو خدا آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيو ان کان پوء پنهنجي قدرت جو اظهار ڪيو ۽ هن جهان جي تدبير ڪئي ڪوبه شفاعت ڪندڙ خدا جي اذن ۽ اجازت کان بغير شفاعت نه ڪندو اهو خدا آهي جيڪو اوهان جو پروردگار آهي بس ان جي عبادت ڪريو ڇو اوهان هوشيار نٿا ٿيو؟.

آيت مبارڪ جي اول ۾ آسمانن ۽ زمين جي خلقت ۽ خلقت جي زمان ۽ وقت کي بيان ڪيو ويو آهي ان کان پوء خدا جي قدرت کي سڀني مخلوقات لاءِ بيان ڪيو ويو آهي ۽ مخلوقات کي خلق ڪرڻ کان پوء به انهن تي خدا جي قدرت ۽ تدبير جو احاطو آهي ان کان پوء آيت ۾ بيان ٿيو آهي ته ما من شفيع الا من بعد اذنه…. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته آيت مبارڪ عالم تڪوين جي ربوبيت ۽ تدبير کي بيان ڪري رهي آهي. ۽ حتما شفاعت مان مراد شفاعت تڪويني آهي يعني اهڙا اسباب ۽ علتون جيڪي ڪائنات ۽ خدا جي درميان واسطو بڻجن ٿيون ته جيئن خدا مسببات کي وجود جهڙي نعمت بخشي. جيئن باھ اسان ۽ خدا جي درميان واسطو بڻبي آهي ته جيئن خدا جي اذن سان حرارت کي وجود ڏئي سگهي هن آيت مبارڪ کي تشريعي شفاعت تي حمل نٿو ڪري سگهجي ڇو ته تشريعي شفاعت جو تعلق تڪاليف ۽ قوانين ۽ عصيان ۽ بندن جي گناهن سان آهي تشريعي شفاعت ۾ شفيع باعث بڻبو آهي ته گناهن کي معاف ڪرائي يا انهن جي گناهن کي ختم ڪري ڇڏي . بس جيئن ذڪر ٿيو مذڪور آيت شفاعت ڪندڙ کي خدا جي طرف کان اجازت ڏني ويندي ته هو خدا ۽ مخلوقات جي درميان واسطو بڻجي ته جيئن خدا جي بي نهايت رحمت ۽ نعمت مخلوقات تائين پهچي سگهي.(8)

سوال: عالم تڪوين ۾ شفاعت ڪندڙ ڪير آهن جيڪي خدا ۽ موجودات جي درميان ۾ واسطو بڻجن ٿا ته جيئن خدا مخلوقات کي وجود جي نعمت سان مالامال ڪري؟

جواب: عالم تڪوين ۾ شفاعت ڪندڙ تمام گهڻا آهن ليڪن انهن مان مهم خدا جا پاڪ فرشتا آهن جن جي باري ۾ قرآن فرمايو آهي:

فاالمدبرات امرا. (9)

يعني انهن فرشتن جو قسم جيڪي_ خدا جي اذن سان موجودات جي خلقت جي_ تدبير ڪن ٿا.

هڪ ٻي آيت مبارڪ ۾ آهي ته :

الْحَمْدُ لِلَّهِ فَاطِرِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ جَاعِلِ الْمَلَائِكَةِ رُسُلًا أُولِي أَجْنِحَةٍ مَّثْنَى وَثُلَاثَ وَرُبَاعَ يَزِيدُ فِي الْخَلْقِ مَا يَشَاء إِنَّ اللَّهَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِير(10)

يعني سڀ تعريفون ان خدا جي لاء خاص آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين کي خلق ڪندڙ آهي ۽ اهڙن فرشتن کي جيڪي ٻه يا ٽي يا چار پر رکن ٿا ( تڪويني ۽ تشريعي ڪمن ۽ حڪمن کي انجام ڏيڻ لاء) پنهنجو رسول بڻايو اٿس.

آيت مبارڪ جي ظاهر مان معلوم ٿئي ٿو ته فرشتا به موجودات کي خلق ڪن ٿا ۽ خدا ۽ موجودات جي درميان واسطو بڻجن ٿا ۽ خدا جي امر ۽ حڪم کي لاڳو ڪرڻ لاء موڪليا ويا آهن . ۽ شايد فرشتن جي پرن مان مراد انهن جي ماموريت ۽ انهن جا فعل ۽ ڪم هجن جيڪي فعل خدا جي طرفان انهن لاء مقرر ڪيا وڃن ٿا.

فرشتن کان علاوھ ٻيون پڻ هستيون آهن جيڪي قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪنديون صرف فهرست وار انهن ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

2_ سڀ نبي F

3_ معصوم امامَ F

4_ شهيدَ

5_ حقيقي عالم

6_ نيڪوڪار

7_ نيڪ عمل

8_ قرآن شريف

هي اهي هستيون آهن جيڪي قيامت جي ڏينهن گناهگارن جي شفاعت ڪنديون ۽ انهن جي نقص کي ڪمال ۾ تبديل ڪنديون يا اهي هستيون گناهگارن جي گناھن جي معافي وٺي ڏينديون ته جيئن خدا انهن جي گناهن کان درگذر ڪري ۽ هنن جي نقصن کي ڪمال ۾ تبديل ڪري ڇڏي.

سوال: نبي اڪرم 3 ۽ ان جي معصوم خاندان کان شفاعت طلب ڪرڻ ۽ انهن هستين جو وسيلو ڏئي خدا کان درخواست ڪرڻ ۽ اولياء خدا جي قبرن جي زيارت ڪرڻ ۽ انهن جي قبرن کي چمڻ ۽ اولياء الاهي جي تربت کان تبرڪ وٺڻ اهو شرڪ آهي ڇو ته اها شفاعت ۽ توسل باعث ٿئي ٿو ته غير خدا لاء هڪ قسم جو ربوبي تاثير قائل ٿيون ۽ اهو شرڪ آهي ۽ شرڪ هڪ عظيم گناھ آهي.؟

جواب : خدا کان علاوھ ٻيا موجودات به اثر انداز ٿي سگهن ٿا چاهي اهي موجودات مادي هجن يا معنوي انهن جي اثر ۽ تاثير کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ڇو ته قرآن به خدا کان علاوھ ٻين موجودات لاء تاثير کي ذڪر ڪيو آهي جيئن پهريان به ذڪر ٿيو ته فرشتا هن عالم جي تدبير ڪن ٿا .

فالمدبرات امرا

خدا جي اذن ۽ اجازت سان موجودات جي امور جي تدبير ڪن ٿا . ۽ سورت صافات ۾ ارشاد ٿئي ٿو ته :

فالزاجرات زجرا….

قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي انسان کي شدت سان گناهن کان روڪين ٿا. يا سورت مرسلات ۾ ذڪر ٿيل آهي ته:

فالفارقات فرقا.

قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي حق کي باطل کان جدا ڪرڻ وارا آهن.

بس انهن آيات منجهان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن عالم ۾ غير خدا لاء پڻ تاثير آهي ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪجھ ڪمن جي نسبت غير خدا ڏانهن ڏئي سگهجي ٿي جيئن خدا ڪيترن ئي ڪمن جي نسبت فرشتن ڏانهن ڏي آهي ان ۾ ڪوبه شرڪ نه آهي.

خود خدا پنهنجي قرآن پاڪ ۾ اهل شفاعت کان شفاعت وٺڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن باري ۾ خدا پاڻ اجازت ڏئي ان ۾ ڪوبه شرڪ نه آهي بلڪه محض عبادت آهي

وَلَا يَمْلِكُ الَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ الشَّفَاعَةَ إِلَّا مَن شَهِدَ بِالْحَقِّ وَهُمْ يَعْلَمُونَ. (11)

جن جي خدا جي جاء تي عبادت ٿا ڪن اهي شفاعت جو اختيار نٿا رکن شفاعت جو اختيار صرف انهن وٽ آهي جن بصيرت سان حق جي شهادت ڏني آهي ۽ اهي جن جي شفاعت ڪرڻ چاهن ٿا انهن جي حقيقت حال کي ڄاڻين ٿا.

پاڪ هستين جي عظمت جو خيال رکڻ ۽ انهن جي قبرن جي زيارت جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ پاڪ هستين جي قبرن کي چمڻ اهو سڀ ڪجھ خدا جي نشانين منجهان آهي ۽ حقيقي شعائر خدا آهي ۽ قرآن مطابق شعائر خدا (الله جي نشانين) جي عظمت جو خيال رکڻ شرڪ نه آهي بلڪه تقوى جي نشانين منجهان آهي.

ذَلِكَ وَمَن يُعَظِّمْ شَعَائِرَ اللَّهِ فَإِنَّهَا مِن تَقْوَى الْقُلُوبِ (12)

جيڪو خدا جي نشانين جي عظمت جو خيال رکندو بيشڪ عظمت شعائر الله دلين جي تقوى جي نشاني آهي.

شفاعت ڪرڻ ۽ شفاعت جي عظمت جو خيال رکڻ عين تقوى آهي نه شرڪ ۽ گناھ

ان کان علاوه پاڪ هستين کي وسيلو بڻائڻ ته جيئن هو اسان جي خدا وٽ شفاعت ڪن اهو شرڪ نه آهي بلڪه خدا جي قرب جو هڪ سبب آهي ڇو ته خود خدا پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَابْتَغُواْ إِلَيهِ الْوَسِيلَةَ (13)

اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳهوليو

بس اسان پاڪ هستين کي پنهنجو وسيلو بڻائي خدا جو تقرب حاصل ڪندا آهيون اها عين عبادت آهي نه شرڪ ۽ گناھ آهي.

جڏهن ته خود آلوسي پنهنجي تفسير ۾ بيان ڪيو آهي ته رسول خدا3 جي مقام جي ذريعي خدا سان توسل ڪرڻ ۾ ڪوبه اشڪال نه آهي چاهي رسول زندھ هجي يا هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري ويو هجي ۽ رسول خدا 3 جي باعظمت مقام مان هڪ مقام شفاعت آهي ۽ اهڙي طرح اهڙين هستين مان به پڻ توسل ڪرڻ ۾ ڪوبه اشڪال نه آهي جن جو خدا وٽ مقام ۽ عظمت آهي پر جنهن جي عظمت ۽ مقام خدا وٽ مشڪوڪ هجي اهو توسل ۽ شفاعت جو حق نٿو رکي. (14)

ترمذي جي روايت مطابق شفاعت ۽ توسل شرڪ نه آهي بلڪي سنت آهي عثمان بن حنيف رضي الله تعالي عنه کان هڪ صحيح روايت ۾ نقل ٿيل آهي ته هڪ صحابي جون اکيون تمام گهڻيون ڪمزور ٿي چڪيون هيون رسول خدا 4 وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو يا رسول الله اوهان خدا کان اهو چاهيو ته مون کي معاف ڪري.

رسول خدا 3 فرمايو: چاهين ٿو ته مان تنهنجي لاء دعا ڪريان يا ان مصيبت تي صبر ڪندين جيڪو تنهنجي لاء بهتر آهي صحابي عرض ڪيو . يا رسول الله 3 منهنجي لاء دعا ڪيو رسول خدا 3 هن کي فرمايو: وضو ڪر صحابي وضو ڪيو رسول خدا 4 صحابي کي هن دعا جي تعليم ڏني:

اللهم اني اسئلك و اتوجه بنبيك الرحمه يا رسول الله اني توجهت بك الي ربي في حاجتي هذه لتقضي لي اللهم فشفعه في

ان کان سواءِ ٻه صورتون آهن هڪ وقت اسان غير خدا جي عبادت ٿا ڪريون ته جيئن خدا وٽ اسان جي شفاعت ڪري يا خدا جي نزديڪ ڪري هي صورت جائز نه آهي ڇو ته هي مشرڪن جو نظريو آهي ۽ هن نظرئي کي قرآن به بيان ڪيو آهي ته مشرڪ چون ٿا :

وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللّهِ مَا لاَ يَضُرُّهُمْ وَلاَ يَنفَعُهُمْ وَيَقُولُونَ هَـؤُلاء شُفَعَاؤُنَا عِندَ اللّهِ قُلْ أَتُنَبِّئُونَ اللّهَ بِمَا لاَ يَعْلَمُ فِي السَّمَاوَاتِ وَلاَ فِي الأَرْضِ سُبْحَانَهُ وَتَعَالَى عَمَّا يُشْرِكُونَ (15)

هو خدا کان علاوھ اهڙين شين جي پوڄا ٿا ڪن جيڪي نه هنن کي نقصان ٿا ڏئي سگهن ۽ نه وري ڪو فائدو ٿا ڏئي سگهن ۽ مشرڪ چون ٿا ته هي بت خدا وٽ اسان جي شفاعت ڪندا ان ڪري اسان هنن جي پوڄا ڪيون ٿا… خدا هر شرڪ کان پاڪ ۽ منزھ آهي.

بس هي صورت گناھ ۽ شرڪ آهي . ليڪن ٻي صورت هي آهي صرف خدا جي پوڄا ۽ عبادت ڪئي وڃي ۽ پاڪ هستين کان شفاعت ۽ تقرب الي الله جي اميد رکي وڃي هي عين عبادت آهي ۽ هن ۾ ڪنهن به قسم جو شرڪ ۽ گناھ نه آهي . عبادت ۾ استقلال صرف خدا جي ذات کي آهي ليڪن خدا کان علاوھ مثلا نبين ۽ اولياء خدا عليهم السلام اسان انهن سان محبت ڪريون ٿا ۽ انهن کان شفاعت گهرون ٿا ۽ انهن جي تعظيم ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪوبه شرڪ ۽ گناھ نه آهي. (16

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :