نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

شفاعت قرآن جي روشنيءَ ۾ (قسط 2)

فونٽ جو اندازو:
2020/11/24

شفاعت تشريعي

شفاعت تشريعي جو مطلب هي آهي ته خدا بشر جي ڪمال لاء انبياء الاهي موڪليا ۽ پنهنجي اولياء ۽ پاڪ هستين کي موڪليو ۽ انهن جي ذريعي اوامر ۽ نواهي کي واضح ۽ روشن ڪيو ۽ آسماني ڪتابن ۽ نبين Fجي ذريعي خدا ثواب ۽ عقاب کي بيان ڪري ڇڏيو جيڪڏهن ڪو ان جي باوجود به ديني قانونن کي انجام نه ڏئي ۽ اوامر

جي مخالفت ڪري ۽ حرام ڪمن کي انجام ڏئي يا اهڙي ماڻهو کان عقاب ۽ سزا دور ٿي سگهي ٿي يا نه؟

جنهن سمورن ديني حڪمن تي عمل ڪيو آهي ۽ خدا جي دستورن جي ڪامل پيروي ڪئي اٿس ڇا هو پنهنجي ثواب ۽ درجي کي مٿاهون ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن جواب مثبت آهي ته ان کي شفاعت تشريعي چئبو آهي. (17)

شفاعت تشريعي جي اثبات لاء قرآني دليلون

قرآن شريف ۾ ڪافي آيتون آهن جيڪي شفاعت تشريعي کي ثابت ڪن ٿيون اسان ڪجھ آيتن کي هتي بيان ڪنداسين، ارشاد رب العزت ٿئي ٿو ته:

فَمَا لَنَا مِن شَافِعِينَ * وَلَا صَدِيقٍ حَمِيم (18)

انسان حسرت سان چوندا ته اسان جي لاء ته نه ڪو شفاعت ڪندڙ آهي ۽ نه وري اسان جي لاء ڪو پڪو دوست آهي.

انهن ماڻهن جي حسرت ان ڳالھ تي دليل آهي ته ڪجھ ماڻهن لاء شفاعت ڪندڙ هوندا هي انهن کي ڏسي حسرت ڪندا ته ڇو اسان لاء شفاعت ڪندڙ نه آهن ۽ ”شافعين“ جمع جو صيغو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شفاعت ڪندڙ گهڻا هوندا جيڪي گناھگارن جي شفاعت ڪندا يا هنن جي ثواب ۽ درجي کي مٿاهون ڪندا.

روايتن ۾ به موجود آهي ته فما لنا من شافعين ان وقت چوندا جڏهن هو ڏسندا ته ملائڪ، نبي سڳورا ۽ صالح مومن ماڻهن جي شفاعت ڪري رهيا آهن پر هنن جي ڪوبه سار سنڀال نٿو لهي حسرت سان چوندا فما لنا من شافعين اسان لاء ته ڪوبه شفاعت ڪندڙ نه آهي .

هَلْ يَنظُرُونَ إِلاَّ تَأْوِيلَهُ يَوْمَ يَأْتِي تَأْوِيلُهُ يَقُولُ الَّذِينَ نَسُوهُ مِن قَبْلُ قَدْ جَاءتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِالْحَقِّ فَهَل لَّنَا مِن شُفَعَاء فَيَشْفَعُواْ لَنَا أَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَيْرَ الَّذِي كُنَّا نَعْمَلُ قَدْ خَسِرُواْ أَنفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُواْ يَفْتَرُونَ. (19)

ڇا قرآن جا انڪاري قرآن تي يقين ڪرڻ لاء_ قرآن جي واعدن جو ثابت ٿيڻ کان علاوھ ڪنهن ٻي شي جي انتظار ۾ آهن؟ ان ڏينهن جنهن ۾ بيان ٿيل حقيقتون ظاهر ٿي سامهون اينديون جنهن به پهريان هنن کي وساري ڇڏيو هوندو چوندا يقينا خدا جي رسولن خدا جي طرفان حق آندو هيو ( ليڪن اسان حق کي قبول نه ڪيوسين) ڇا قيامت جي ڏينهن اسان جي لاء شفاعت ڪندڙ آهن جيڪي اسان جي شفاعت ڪن يا اسان کي دنيا ۾ موڪليو ويندو ته جيئن پنهنجي عملن جي اصلاح ڪيون؟ بيشڪ هنن پنهنجي وجود جي قيمت کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ اهي بت جن کي ڪوڙو خدا ٺاهيو هئائون انهن جي نظرن آڏو گم ٿي ويندا.

جڏهن جهنمي ماڻهو ان ڳالھ ڏانهن متوجه ٿيندا ته هنن لاء ڪوبه خير جو ڪم ناهي ۽ فاسد عملن جي ڪري هلاڪ ٿيڻ وارا آهن اتي ٻن شين جي گهر ڪندا ته جيئن هنن جي فاسد عملن جي اصلاح ڪئي وڃي. سڀ کان پهريان اهڙن شفاعت ڪندڙن جي گهر ڪندا جيڪي هنن کي جهنم جي عذاب کان نجات ڏئي سگهن ۽ ٻئي شي جنهن جي هو گهر ڪندا اها هي آهي ته هنن کي اجازت ڏني ويندي ته جيئن هو دنيا ۾ ٻيهر موٽي اچن ته جيئن هو صالح عمل انجام ڏين ۽ هو ٻيهر گناهن جي ويجهو نه وڃن.(20)

ان بيان مان واضح ٿئي ٿو ته ايتري قدر جو جهنمي به شفاعت جا قائل آهن ۽ هو جهنم ۾ به شفاعت ڪندڙن جي ڳولها ۾ هوندا بس جيڪو شفاعت جو قائل ئي نه آهي اهو جهنمين کان به پري آهي ۽ انهن کان به عقيدي ۾ ڪريل آهي.

فَمَا تَنفَعُهُمْ شَفَاعَةُ الشَّافِعِينَ (21)

يعني بس هنن کي شفاعت ڪندڙن جي شفاعت ڪوبه فائدو نه ڏيندي.

ان آيت مبارڪ مان ٻن طريقن سان استدلال ڪري سگهجي ٿو .

1_ هي آيت مبارڪ دلالت ڪري ٿي ته هڪ خاص گروھ جي شفاعت نه ڪئي ويندي ان جو ڪڏهن به اهو مطلب نه آهي ته ڪنهن جي به شفاعت نه ڪئي ويندي .

فخر رازي پنهنجي تفسير ۾ لکيو آهي ته اسان جي اصحابن گناهگارن جي شفاعت لاء هن آيت جي مفهوم مان استفادو ڪيو آهي ۽ اصحابن چيو آهي ته آيت مبارڪ ۾ آهي ته انهن کان علاوھ ٻيا ان شفاعت کان فائدو وٺي سگهن ٿا.(22)

2_ هن آيت مبارڪ ۾ مصدر اضافو ٿيو آهي جڏهن به مصدر اضافو ٿيندوآهي ته خارج ۾ فعل جي واقع ٿيڻ تي دلالت ڪندو آهي. شفاعه الشافعين… شفاعت، الشافعين جي طرف مضاف ٿيل آهي اها اضافت ٻڌائي ٿي ته شفاعت ٿي رهي آهي ليڪن هنن کي ان شفاعت مان ڪوبه فائدو نه پهچندو. ۽ الشافعين جمع جو صيغو آهي جيڪو هڪ کان وڌيڪ تي دلالت ڪري ٿو يعني شفاعت صرف هڪ مورد ۾ نه بلڪه اڪثر موارد تي شفاعت ڪندڙ شفاعت ڪندا رهندا. ۽ شفاعت ڪندڙن جو تعداد به گهڻو هوندو.(23)

ان مطلب مان ظاهر ٿيو ته شفاعت جو هجڻ ضروري ۽ حتمي هوندو ۽ شفاعت ڪندڙن جو تعداد گهڻو هوندو ۽ اڪثر موارد تي گناهگارن جي شفاعت ڪندا رهندا.

شفاعت تشريعي جا قسمَ

شفاعت تشريعي کي بيان ڪرڻ واريون آيتون ٻن قسمن ۾ تقسيم ٿيل آهن.

1_ شفاعت صرف خدا سان مخصوص آهي.

2_ غير خدا به شفاعت جو حق رکن ٿا ليڪن خاص شرطن سان.

1_ شفاعت صرف خدا سان مخصوص آهي.

شفاعت مخصوص خدا سان اهي ڪجھ اهڙيون آيتون آهن جن ۾ شفاعت کي خدا جي ذات سان مخصوص ڪيو ويو آهي مثال طور:

1_ وَ أَنْذِرْ بِهِ الَّذينَ يَخافُونَ أَنْ يُحْشَرُوا إِلى‏ رَبِّهِمْ لَيْسَ لَهُمْ مِنْ دُونِهِ وَلِيٌّ وَ لا شَفيعٌ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُون (24)

هن قرآن جي ذريعي جيڪي پروردگار جي طرف محشور ٿيڻ کان ڊڄن ٿا . ڊيڄار ته هنن لاء ( قيامت جي ڏينهن) خدا کان علاوھ ڪوبه ولي ۽ شفاعت ڪندڙ نه هوندو شايد هو تقوي کي اختيار ڪن.

2_ وَ ذَكِّرْ بِهِ أَنْ تُبْسَلَ نَفْسٌ بِما كَسَبَتْ لَيْسَ لَها مِنْ دُونِ اللَّهِ وَلِيٌّ وَ لا شَفيعٌ (25)

قرآن جي ذريعي ڊيڄار انهن کي جيڪي پنهنجن ڪرتوتن جي ڪري رحمت ۽ خدا جي ثواب کان محروم ٿي وڃن ۽ انهن لاء خدا کان علاوھ ڪوبه ولي ۽ مددگار ۽ شفاعت ڪندڙ نه آهي.

3_ قُلْ لِلَّهِ الشَّفاعَةُ جَميعاً لَهُ مُلْكُ السَّماواتِ وَ الْأَرْضِ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُوا (26)

يعني اي رسول چئي ڏي سڀ جي سڀ شفاعت خدا جو حق آهي آسمانن ۽ زمين جي فرمان روائي خدا جي هٿ ۾ آهي ان کان پوء اوهان کي خدا جي طرف موٽايو ويندو.

جيئن پهريان به بيان ٿي چڪو ته شفيع ۽ شفاعت ڪندڙ جي معني هي آهي ته شفاعت هڪ ناقص سبب سان ملي ٿي وڃي ۽ ان اثر جي ڪري اهو ناقص ڪمال کي ماڻيندو آهي ان کي شفاعت چئبو آهي ۽ اهو به ذڪر ٿيو ته شفاعت تڪويني ۾ هڪ مرڪب جا سبب ۽ جزء ۽ شرطون هڪ ٻئي لاء شفيع بڻبا آهن ته جيئن شفاعت ٿيندڙ جي اثر کي ڪامل ڪن. مثلا: ڪڪر ، مينهن ، سج ۽ سايو ۽ ٻيا اسباب هڪ ٻوٽي جي واڌ لاء شفيع بڻبا آهن پر ان ڳالھ ڏانهن خاص توجھ رکڻ کپي ته انهن سمورن سببن کي ايجاد ڪندڙ ۽ مسبب ۽ سبب جي درميان ارتباط کي خلق ڪرڻ وارو خدا آهي حقيقت ۾ خدا جي ذات آهي جيڪا شفاعت ڪندڙ آهي ۽ اسباب جي نقص کي دور ڪندي آهي بس حقيقي شفاعت ڪندڙ خدا آهي نه غير خدا اهڙي طرح مخلوق جو جهل الله علم سان ۽ اسان جو ضعف ۽ ڪمزوري الله جي قدرت سان ۽ اسان جي ذلت الله جي عزت سان ۽ اسان جو فقر الله جي بي نيازي سان ۽ اسان جي گناھ الله جي بخشش ۽ مغفرت سان دور ڪيا ويندا ۽ شفاعت تشريعي ۾ رحمت ۽ خدا جي مغفرت گناھ گار جي درميان شفاعت ڪندي ته جيئن ٻانهو ان رحمت ۽ مغفرت سان گناھ جي آثار کان ۽ عذاب جي سختي کان نجات پائي سگهي.

اسماء الاهي خالق ۽ مخلوق جي درميان وسيلو بڻبا ته جيئن ناقص جي شفاعت ڪن نتيجي ۾ خدا جي ذات ، اسماء جي واسطي سان بعض جي شفاعت ڪندي . ان شاء الله

حقيقت اها آهي ته شفاعت سڀ جي سڀ خدا جي طرفان آهي ۽ جيڪڏهن ڪا هستي خدا کان علاوھ شفاعت ڪري ٿي ان جي شفاعت به پڻ خدا جي اجازت ۽ اذن سان هوندي آهي.

بس اولاً و بالذات خدا جي ذات شفاعت جو حق رکي ٿي يعني خدا جون صفتون ۽ اسماء حسنى خدا ۽ شفاعت ڪندڙ جي درميان واسطو بڻبيون آهن ته جيئن ناقص جي جي شفاعت ڪري سگهن.(27

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :