نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

شفاعت قرآن جي روشنيءَ ۾ (قسط 3)

فونٽ جو اندازو:
2020/11/24

شفاعت جو ثبوت

قرآن مجيد ۾ اهڙيون آيتون موجود آهن جن ۾ اها تصريح ٿيل آهي ته خدا کان علاوھ اهڙيون هستيون آهن جن جي شفاعت ڪجھ شرطن سان خدا جي بارگاھ ۾ قبول ڪئي ويندي اسان چند آيتن کي ذڪر ڪريون ٿا.

1_ لَا يَمْلِكُونَ الشَّفَاعَةَ إِلَّا مَنِ اتَّخَذَ عِندَ الرَّحْمَنِ عَهْدًا (28)

(قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندڙ) شفاعت ڪرڻ تي قدرت نه رکندا مگر

اهي جيڪي خداوند رحمان وٽ شفاعت جو عهد ۽ پيمان رکندا هجن.

ان آيت مبارڪ جي بيان مطابق شفاعت خدا جي ماليت تحت آهي ۽ خدا ان شفاعت کي اهڙين هستين جي حوالي ڪندو آهي جن کان شفاعت جي باري ۾ عهد ۽ پيمان ورتو هجيس. بس خدا کان علاوھ پاڪ هستيون مثلا نبي ، اولياء ، معصوم امام و صالح مومن وغيره خدا جي اجازت سان شفاعت ڪنديون.

2_ يَوْمَئِذٍ لَّا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا(29)

ان ڏينهن ڪنهن جي به شفاعت فائدو نه ڏيندي مگر جنهن کي خداوند رحمان اجازت ڏئي ۽ جنهن جي گفتار ۽ ڪلام کي شفاعت جي باري ۾ پسند ڪري.

هن آيت ۾ اذن مان مراد شفاعت جي باري ۾ اجازت آهي پر گفتاري صورت م ڇو ته آيت ۾ آهي ته و رضي له قولا يعني شفاعت جي اجازت ان کي ملندي جنهن کي قيامت جي ڏينهن ڳالهائڻ جي اجازت ملي.

يَوْمَ يَأْتِ لاَ تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلاَّ بِإِذْنِهِ (30)

جيئن قيامت جو ڏينهن ايندو ڪو به خدا جي اجازت کان سواء نه ڳالهائيندو.

جنهن جو ڳالهائڻ خدا کي پسند هوندو ان کي ئي شفاعت جي اجازت ملندي ليڪن جنهن جي زبان تي صم بکم ۽ عمي جي مهر لڳل هوندي اهو ڪڏهن شفاعت نه ڪري سگهندو.

لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرحْمَنُ وَقَالَ صَوَابًا (31)

ان ڏينهن ڪوبه نه ڳالهائيندو مگر جنهن کي رحمان (رب) ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ۽ هو حق ڳالهائيندو.

3_ يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يَشْفَعُونَ إِلَّا لِمَنِ ارْتَضَى وَهُم مِّنْ خَشْيَتِهِ مُشْفِقُونَ (32)

يعني خدا هنن جي ماضي ۽ ايندڙ ۽ حال واري عملن کي ڄاڻي ٿو ۽ هو صرف انهن جي شفاعت ڪندا جنهن کان خدا راضي هجي ۽ هو خدا جي عظمت ۽ جلال کان ڊڄن ٿا.

ارتضي مان مراد هي آهي ته خدا ان جي دين کان راضي هوندو بس خدا جنهن جي دين کان راضي هوندو ان کي شفاعت جي اجازت ڏيندو . مشرڪ ڪڏهن به شفاعت نه ٿو ڪري سگهي ان لاء جو مشرڪ کان خدا راضي نه آهي ۽ ڪڏهن به مشرڪ کي معاف نه ڪندو.

إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاء وَمَن يُشْركْ بِاللّهِ فَقَدِ افْتَرَى إِثْمًا عَظِيمًا (33)

خدا ڪڏهن به ان ڳالھ کي معاف نه ڪندوجو هن جو شريڪ قرارڏنو وڃي ۽ شرڪ کان علاوھ جنهن کي چاهي معاف ڪري سگهي ٿو جنهن خدا سان شريڪ قرار ڏنو يقيني طور اهو هڪ وڏو گناھ انجام ڏنو آهي.

آلوسي ان آيت مبارڪ جي تفسير ۾ لکي ٿو ته ڪوبه شفاعت ڪندڙ شفاعت نه ٿو ڪري مگر ان جي شفاعت ڪري سگهي ٿو جنهن جي شفاعت لاء خدا راضي هجي. (34)

4_ وَلَا يَمْلِكُ الَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ الشَّفَاعَةَ إِلَّا مَن شَهِدَ بِالْحَقِّ وَهُمْ يَعْلَمُونَ (35)

جن کي خدا جي جاء تي پوڄا نٿا ڪن اهي شفاعت جو حق نٿا رکن شفاعت جو اختيار فقط اهي رکن ٿا جن بصيرت سان حق جي شهادت ڏني آهي ۽ شفاعت ڪندڙ جن جي شفاعت ڪندا انهن جي حقيقت حال کي ڄاڻن ٿا.

علامه طباطبائي Q مفسر ڪبير هن آيت جي ذيل ۾ فرمائن ٿا ( بالحق) مان مراد توحيد آهي يعني شفاعت صرف اهل توحيد جي ڪئي ويندي يعني جيڪي توحيد جو اقرار ڪندا انهن جي شفاعت ڪئي ويندي ڇو ته الله اهل توحيد کان راضي آهي لايشفعون الا من لمن ارتضي ۽ اهل توحيد جي شفاعت ڪئي ويندي ۽ آيت ڪريما ۾ اجمالي طور مشخص آهي ته هرصورت ۾ شفاعت جو ثبوت حتمي آهي.(36)

سوال: قرآني آيتن ۾ تعارض آهي ڪجھ آيتون شفاعت کي مخصوص ڪن ٿيون خدا جي ذات سان ۽ ڪجھ آيتون غير خدا لاء به شفاعت کي ثابت ڪن ٿيون ان تعارض جو حل ڇا آهي.؟

نقضي جواب: اهو سوال فقط شفاعت سان مخصوص نه آهي بلڪه ٻين جاين تي به اهو سوال پيش ڪري سگهي ٿو ڇو ته قرآن ۾ اڪثر جاين تي فعلن جي نسبت، خدا صرف پاڻ ڏانهن ڏني آهي جڏهن ته انهن ئي فعلن جي نسبت وري جنن ۽ ملائڪن ۽ انسانن ڏانهن به پڻ ڏني وئي آهي .قرآني مثال ان بابت تمام گهڻا آهن ڪجھ کي بيان ڪجي ٿو.

1_ قبض ارواح

قرآن شريف جون بعض آيتون قبض ارواح کي خدا ڏانهن نسبت ڏين ٿيون ۽ تصريح ڪن ٿيون ته مرڻ وقت خدا آهي جيڪو روحن کي قبض ڪري ٿو جيئن ارشاد آهي.

أَمِ اتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ شُفَعَاءَ قُلْ أَوَلَوْ كَانُوا لَا يَمْلِكُونَ شَيْئًا وَلَا يَعْقِلُونَ (37)

خدا جي ذات آهي جيڪا ماڻهن جي مرڻ وقت انهن جا ڪاملا روح قبض ڪري ٿي.

ليڪن هڪ ٻي آيت ۾ قبض روح جي نسبت فرشتي ڏانهن ڏني وئي آهي جيئن ارشاد ٿئي ٿو ته:

قُلْ يَتَوَفَّاكُم مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِي وُكِّلَ بِكُمْ ثُمَّ إِلَى رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ (38)

يعني اي رسول چئي ڏي موت وارو فرشتو جنهن کي اوهان لاء حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان جي روح کي قبض ڪري ان کان پوء اوهان کي خدا جي طرف موٽائيندو.

بس هڪ آيت جي مطابق قبض روح خدا ڪري ٿو ۽ وري ٻي آيت ۾ بيان ٿيو ته قبض روح ملڪ الموت ڪري ٿو.

شفاعت واري مسئلي ۾ به شفاعت کي خدا ڏانهن نسبت ڏني وئي آهي ليڪن وري ٻين آيتن ۾ غير خدا به شفاعت ڪري سگهن ٿا.

2_ علم غيب

قرآن مجيد ۾ ڪجھ آيتون علم غيب کي خدا سان مخصوص ڪن ٿيون جيئن پروردگار جو ارشاد آهي:

قُل لَّا يَعْلَمُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الْغَيْبَ إِلَّا اللَّهُ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ (39)

اي رسول چئي ڏي آسمانن ۽ زمين ۾ ڪوبه خدا کان علاوھ غيب کي نٿو ڄاڻي ۽ هنن کي اها ڄاڻ نه آهي ته هو ڪڏهن قبرن مان اٿاريا ويندا.

ليڪن ڪجھ آيتن جي مطابق خدا ڪجھ بندن کي علم غيب جو علم ڏنو آهي جيئن ارشاد ٿئي ٿو ته:

عَالِمُ الْغَيْبِ فَلَا يُظْهِرُ عَلَى غَيْبِهِ أَحَدًا (40)

خدا جي ذات غيب کي ڄاڻي ٿي ۽ پنهنجي غيب تي ڪنهن کي خبردار نٿو ڪري مگر انهن رسولن جي جن کي غيب لاء انتخاب ڪيو اٿس.

بس علم غيب جي نسبت ڪجھ آيتن ۾ خدا جي طرف آهي ليڪن وري ڪجھ آيتن ۾ غير خدا وٽ به علم غيب جو هجڻ ثابت آهي.

ٻيا ڪيترائي مورد آهن جن ۾ هڪ ئي فعل کي خدا ڏانهن نسبت ڏني وئي آهي ليڪن وري ٻي آيت ۾ ان ئي فعل جي نسبت غير خدا ڏانهن ڏني وئي آهي ان ۾ ڪوبه اشڪال نه آهي ليڪن اهو هڪ نقضي جواب هيو ليڪن ان سوال جي حقيقي جواب هي آهي.

حل ڪرڻ وارو جواب:

ان سوال جا ٻه جواب ڏنا ويا آهن.

1_ عالم تڪوين جي هر شي چاهي علتون، معلولات ، اسباب ۽ مسببات هجن پيدائش ۽ بقا ۾ اولا ۽ بالذات خدا جي قدرت جي قبضي ۾ آهن ۽ هر ڪمال خدا جي ذات ۾ منحصر آهي ليڪن اها قدرت خدا پنهنجي اذن ۽ مشيت سان پاڪ هستين جي حوالي ڪئي آهي .

بس مستقل هر شي جو مالڪ خدا آهي ليڪن خدا پنهنجي اذن سان پاڪ هستين کي به قدرت ڏني آهي.

شفاعت ۾ به خدا پنهنجي فيض سان گناهن جي تطهير ڪندو ۽ گناهن جي ناپاڪي کان پاڪ ڪرڻ خدا سان مخصوص آهي اهو فعل خدا جي هٿ ۾ آهي ليڪن خدا جي اذن سان ان فعل کي ٻين ڏانهن به نسبت ڏئي سگهجي ٿي.

علامه طباطبائي (رح) به ان جواب کي بيان ڪيو آهي خدا جي ذات مطلقا فاعل مستقل آهي ۽ هو پنهنجي ذات تي قائم آهي ايجاد هجي يا عليت هو ئي موثر آهي ۽ عالمِ وجود ۾ خدا جي ذات کان علاوھ ڪوبه حقيقي موثر نه آهي ۽ غير خدا لاء ڪوبه اهڙو استقلال جيڪو عليت ۽ ايجاد جو معيار هجي وجود نٿو رکي پر غير خدا لاء هڪ نسبي استقلال ضرور آهي. (41)

2_ ٻيو جواب هي آهي ته ڪجھ شين جي مثلا خلقت ۽ تدبير ۽ بي نيازي ۽ قدرت ۽ زنده ڪرڻ ۽ قبض روح وغيره غير خدا ڏانهن نسبت ڏني وئي آهي ان نسبت مان معلوم ٿئي ٿو ته غير خدا يعني اهي هستيون مظهر خدا ۽ تجلي خدا آهن اهي پاڪ هستيون خدا جي تدبير ۽ ولايت ۽ خالقيت جون نشانيون آهن. (42)

ان ۾ ڪوبه تعارض نه آهي جو مثلا شفاعت کي غير خدا ڏانهن به نسبت ڏني وڃي ڇو ته پاڪ هستين جي ذريعي خدا پنهنجي تجلي جو اظهار ڪيو آهي.

شفاعت جي متعلق ٻيا مهم مطالب به آهن ليڪن اسان اختصار جي ڪري انهن کان صرف نظر ڪئي آهي انشاء الله ٻي قسط ۾ شفاعت جي اثر ، شفاعت تي اشڪال ، شبهن ، شفاعت ڪرڻ وارن جا شرط ۽ شفاعت ڪرڻ وارا ڪير هوندا انهن سڀني مطلبن کي بيان ڪنداسون. ان شاء الله.

حوالا

مفتاح الغيب، ج3،ص 52.

شرح صحيح مسلم،ج 2،ص 58.

المفردات في غريب القرآن، ماده الشفع، ص 263.

لسان العرب، ابن منظور، ج7،ص 150.

الحڪمه العقليه في الاسفار العقليه الاربعه،ج 3،ص 253. چاپ بيروت.

سورت فاطر آيت 15.

يونس آيت نمبر 3

شفاعت،ص 29، مولف آيه الله ڪمال حيدري، مترجم سيد مير لوحي.

سورت نازعات آيت 5

سورت فاطر، آيت 1

سورت زخرف، آيت86 .

سورت حج، آيت32

سورت مائده آيت35 .

روح المعاني في تفسير القرآن العظيم والسبع المثاني،ج6، ص 184، آلوسي البغدادي.

سورت يونس، آيت18

شفاعت، ص 56، آيه الله سيد ڪمال حيدري زيد عزه.

شفاعت، ص 62، آيه الله سيد ڪمال حيدري زيد عزه

سورت شعراء، آيت100،101 .

سورت اعراف، آيت53 .

شفاعت، ص63، آيه الله سيد ڪمال حيدري زيد عزه

سورت مدثر، آيت48

التفسير الڪبير فخر رازي، ج3،ص 186.

الميزان في تفسير القرآن، ج1،ص 167.

سورت انعام، آيت 51

سورت انعام، آيت 70 .

سورت زمر، آيت 44 .

شفاعت، 67، آيه الله سيد ڪمال حيدري زيد عزه، مترجم سيد مير لوحي

سورت مريم، آيت 87 .

سورت طه، آيت 109.

سورت هود، آيت105 .

سورت نبا آيت 38 .

سورت انبياء، آيت28 .

سورت نساء، آيت48

روح المعاني،ج17،ص 49.

سورت زخرف، آيت 86 .

الميزان في تفسير القرآن، ج18،ص 127.

سورت زمر، آيت43 .

سورت سجده، آيت 11.

سورت نمل، آيت65.

سورت جن، آيت

نهايه الحڪمه،ص 176.

شفاعت، ص 80، آيه الله سيد ڪمال حيدري زيد

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :