نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

مختصر تفسير سورة الحجرات (1)

فونٽ جو اندازو:
2021/01/06
تحرير: وسيم رضا سبحاني

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ‏

سورت حجرات جو تعارف:

سورت حجرات پاڻ سڳورن تي مديني ۾ نازل ٿي ۽ ان سورت ۾ ارڙنهن آيتون،343 لفظ ۽ 1496 حرف آهن ، هي سورت هڪ سؤ ڇهين سورت آهي جيڪا پاڻ سڳورن تي نازل ٿي.

هن سورت جا مشهو نالا حجرات، آداب ۽ اخلاق آهن.

هن سورت جي پڙهڻ جي فضيلت بابت امام صادق کان روايت آهي ته : جيڪو به سورت حجرات کي رات يا صبح مهل پڙهندو تنهنجو پاڻ سڳورنﷺ جي زوارن مان ڳاڻيٽو ٿيندو[1].

آيات 1-5

يَأَيهَُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا تُقَدِّمُواْ بَينْ‏َ يَدَىِ اللَّهِ وَ رَسُولِهِ  وَ اتَّقُواْ اللَّهَ  إِنَّ اللَّهَ سمَِيعٌ عَلِيمٌ(1)

يَأَيهَُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا تَرْفَعُواْ أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبىِ‏ِّ وَ لَا تجَْهَرُواْ لَهُ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ أَن تحَْبَطَ أَعْمَالُكُمْ وَ أَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ(2)

إِنَّ الَّذِينَ يَغُضُّونَ أَصْوَاتَهُمْ عِندَ رَسُولِ اللَّهِ أُوْلَئكَ الَّذِينَ امْتَحَنَ اللَّهُ قُلُوبهَُمْ لِلتَّقْوَى‏  لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَ أَجْرٌ عَظِيمٌ(3)

إِنَّ الَّذِينَ يُنَادُونَكَ مِن وَرَاءِ الحُْجُرَاتِ أَكْثرَُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ(4)

وَ لَوْ أَنهَُّمْ صَبرَُواْ حَتىَ‏ تخَْرُجَ إِلَيهِْمْ لَكاَنَ خَيرًْا لَّهُمْ  وَ اللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ(5)

ترجمو:

  1. اي ايمان وارو : الله ۽ انجي رسول کان (ڪنهن به شي کي ) اڳي نه ڪريو ۽ الله (جي عذاب) کان پاڻ بچايو ، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي.
  2. اي ايمان وارو : پنهنجا آواز رسول جي آواز کان مٿي نه ڪيو ۽ ڳالهائڻ ۾ ساڻس وڏي سڏ نه ڳالهايو ، جهڙيءَ ريت هڪٻئي سان وڏي سڏ ڳالهائيندا آهيو، متان اوهانجا عمل چٽ ٿئي وڃن ، جڏهن ته اوهان کي ڪَل ئي نه پوي .
  3. بيشڪ جيڪي الله جي رسول اڳيان پنهنجي آواز کي جهيڻو رکن ٿا ، سي ئي اهي آهن، جن جي دلين کي الله پرهيزگاريءَ لاءِ خالص ڪيو آهي (۽) انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجورو آهي.
  4. بيشڪ اُهي جيڪي توکي حُجرن (ڪمرن) جي ٻاهران وڏي واڪي سڏ ڪن ٿا تن مان گهڻائي بي عقل آهن.
  5. جيستائين تون پاڻ انهن ڏي نڪري اچين ها، تيستائين صبر ڪن ها ته انهن لاءِ چڱو ٿئي ها ۽ الله وڏو بخشڻهار مهربان آهي.

تفسير:

سورت حجرات جي پهرين پنجن آيتن ۾ مومنن کي پاڻ سڳوري سان اٿڻ ويهڻ جا آداب ۽ ڳڻ سيکاريا ويا آهن.

پهرين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته :

يَأَيهُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا تُقَدِّمُواْ بَينْ‏َ يَدَىِ اللَّهِ وَ رَسُولِهِ…  ” اي ايمان وارو الله ۽ انجي رسولﷺ کان ڪنهن به شيءَ کي اڳتي نه ڪريو“ جيستائين الله ۽ ان جي رسول جو حڪم نه اچي پنهنجي من ماني ڪري ، ڪنهن به شيءِ بابت فتوى نه ڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي الله جي عذاب کان بچايو متان اڳرائي ڪري ڪنهن به مسئلي ۾ هٿ ٺوڪيو حڪم ڪري ، پنهنجو پاڻ کي الله جي عذاب جو حقدار بڻايو ، بيشڪ الله اوهانجي هڙني ڳالهين کي ٻڌي ٿو ، نه رڳو توهانجي ڳالهين کي ٻڌي ٿو ، بلڪه جيڪي پنهنجي دلين ۾ سانڊيو ويٺا آهيو ، تنهن کان به با خبر آهي.

ٻين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

يَأَيهَُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا تَرْفَعُواْ أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبىِ…پاڻ سڳورن جي سامهون وڏي واڪي نه ڳالهايو“ سندن احترام هر مسلمان جو فرض آهي ، متان ڪنهن محفل ۾ پاڻ سڳورا هجن ۽ اوهان ائين ئي ڳالهايو جئين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهيو، جيڪڏهن سندن احترام نه ڪيو ۽ وڏي سڏ ڳالهائيندا رهيو، ته عمل چٽ ٿئي ويندوَ ۽ ڪل ئي ڪانه پوندوَ.

هنن آيتن ۾ پاڻ سڳورن کي سندن منصب واري نالي سان پڪاريو ويو آهي يعني رسول سان سڏيو ويو آهي، ان مقام تي سندن رسول سان پڪارڻ جا هيٺيان ٻه مقصد ٿي سگهن ٿا.

  1. پاڻ سڳورن جو اهو خاص احترام ان ڪري آهي جو پاڻ الله جا رسول آهن، انجا موڪليل ايلچي آهن، ان خدا سان واڳيل آهن، پوءِ هتان سمجهڻ گهرجي ته سڀني احترامن ۽ عزتن جو بنياد صرف خدا آهي جنهن جو به احترام ڪجي ، رڳو خدا کي ئي مدّ نظر رکجي ڪڏهن به احترام جي ڪسوٽي، ڌن، دولت، مال، مڏي ۽ ذات پات ناهي.
  2. پاڻ سڳورن کي رسول جي نالي سان پڪاري الله سائين اهو سمجهائي ڇڏيو ته جيڪو اسلامي معاشري جو اڳواڻ ۽ رهبر آهي ان جو به اهو ئي احترام آهي ، ڇاڪاڻ ته احترام جو معيار الاهي سرواڻي ۽ رهبري آهي.

ٽئين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

إِنَّ الَّذِينَ يَغُضُّونَ أَصْوَاتَهُمْ عِندَ رَسُولِ اللَّهِ أُوْلَئكَ الَّذِينَ امْتَحَنَ اللَّهُ قُلُوبَهُمْ لِلتَّقْوَى‏  لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَ أَجْرٌ عَظِيمٌ ”جيڪي پنهنجي آوازن کي پاڻ سڳوري جي سامهون جهيڻو رکن ٿا تَنجي دلين کي الله پرهيز گاريءَ لاءِ خالص ڪيو آهي ، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اُجورو آهي.“

هن آيت ۾ الله سائين پهريان مغفرت (بخشش) ۽ پوءِ اجر عظيم (وڏو اجوري کي) بيان ڪري ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته ، هر اجر ۽ نعمت کان پهريان اجر وٺندڙ ۾ اهليت ۽ لياقت جو هجڻ ضروري آهي ، الله سائين فيّاض مطلق آهي، سو سدائين فيض ۽ ٻاجهه ڪرڻ چاهي ٿو، ليڪن اسان پنهنجي فيض ۽ ٻاجهه وٺڻ واري ٿانءُ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. رڳو پنهنجي لياقت ۽ ظرفيت کي سنواريون ، هن وٽ ته کوٽ آهي ڪان.

سوهن آيت ۾ به مومنن لاءِ الله پهريان مغفرت ۽ بخشش رکي آهي تاڪه لياقت ۽ ظرفيت پيدا ڪري ، ان جي اجر ۽ فيض جا حقدار بڻجي سگهن، شايد ان ڪري ئي اهل معرفت به الاهي سير و سلوڪ لاءِ پهريان تخليه (پنهنجو پاڻ کي براين کان آجو ڪرڻ) ۽ پوءِ تحليه (پنهنجو پاڻ کي چڱين عادتن سان سنوارڻ،) واري واٽ رکي آهي.

چوٿين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

 إِنَّ الَّذِينَ يُنَادُونَكَ مِن وَرَاءِ الحْجُرَاتِ أَكْثرَُهُمْ لَا يَعْقِلُونَ

”جيڪي پاڻ سڳورن کي حجرن (ڪمرن) جي ٻاهران بيهي وڏي واڪي سڏن ٿا ، حقيقت ۾ اهي بي سمجهه آهن، انهن الله جي رسول(ص) کي سڃاتو ئي ڪونهي ، جيڪڏهن شناس هجين ها ته ائين واڪا نه ڪن ها.“

ان آيت مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته بي ادب ڪڏهن به عقلمند نٿو ٿي سگهي ۽ پڻ اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، اجايا واڪا ڪرڻ بيوقوفي آهي.

 پنجين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي :

وَ لَوْ أَنهَُّمْ صَبرَُواْ حَتىَ‏ تخرُجَ إِلَيهِْمْ لَكاَنَ خَيرًْا لَّهُمْ  وَ اللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ ”جيڪڏهن صبر ڪن جو پاڻ سڳورا ، ٻاهر اچن ته اهو انهن لاءِ چڱو آهي ڇاڪاڻ ته وڏا واڪا ڪرڻ ، بي ادبي آهي ۽ پاڻ سڳوري جي بي ادبي جي سزا اها آهي ته چڱا عمل چٽ ٿئي ويندا.“

هن آيت جي آخر ۾ الله پنهنجا غفور ۽ رحيم جهڙا اسم مبارڪ ذڪر ڪري ٻڌايو ته الله جي بخشش ۽ ٻاجهه جو در بي ادبن لاءِ به کليل آهي، مالڪ جي در ڪو اچي ته سهي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ آءُ ته سهي گنهه ائين ڇاڻي ڇڏيندو ڄڻ ، هئائي ڪونه. منهنجا مالڪ اسان گرا، گنجا، ميرا، منڊا توکي ئي ٻاڌايون ٿا ، اسانجي نااهلي کي نه ڏس پنهنجي ٻاجهه ڪر.

اي منهنجا ربّ ، اسانجا هٿ خالي آهن تنهنجي ئي بخشش ۽ ٻاجهه جو سهارو آهي، شل پنهنجي مٺي محبوب جي مهابي اسانجي حال تي رحم ڪر.

آيات 6 -8

يَأَيهُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ إِن جَاءَكمُ‏ْ فَاسِقُ  بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنُواْ أَن تُصِيبُواْ قَوْمَا بجَِهَالَةٍ فَتُصْبِحُواْ عَلىَ‏ مَا فَعَلْتُمْ نَادِمِينَ(6)

وَ اعْلَمُواْ أَنَّ فِيكُمْ رَسُولَ اللَّهِ  لَوْ يُطِيعُكمُ‏ْ فىِ كَثِيرٍ مِّنَ الْأَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَ لَاكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيْكُمُ الْايمَانَ وَ زَيَّنَهُ فىِ قُلُوبِكمُ‏ْ وَ كَرَّهَ إِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَ الْفُسُوقَ وَ الْعِصْيَانَ  أُوْلَئكَ هُمُ الرَّاشِدُونَ(7)

فَضْلًا مِّنَ اللَّهِ وَ نِعْمَةً  وَ اللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ(8)

  1. اي ايمان وارو جيڪڏهن ڪو بد ڪردار اوهان وٽ ڪا اهم خبر آڻي ته (ان بابت) جاچ ڪريو(متان) اڻ ڄاڻائي ۾ ڪنهن ٽولي سان ملو ( ۽کيس ڇيهو رسايو) پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو.
  2. ۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ ئي خدا جو رسول (موجود) آهي جيڪڏهن ڪيترن ئي ڳالهين ۾ اوهانجي ڳالهه مڃي ته اوهين ڏکيا ٿيندوپر خدا اوهان لاءِ ايمان کي پسنديده قرار ڏنو ۽ انکي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو ۽ ڪفر بدڪرداري ۽ گناهه کي اوهان لاءِ اڻ وڻندڙ قرار ڏنو رڳو اهي ئي هدايت وارا آهن.
  3. (۽ اِهو ) خدا جي بخشش ۽ نعمت جي ڪري آهي ، ۽ الله ڄاڻيندڙ حڪمت ڀريو آهي.

تفسير

ڇهين آيت ۾ بيان ڪيل آهي:

يَأَيهُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ إِن جَاءَكمُ‏ْ فَاسِقُ  بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنُواْ…

”اي ايمان وارو جيڪڏهن ڪو فاسق ۽ بد ڪردار اوهان وٽ ڪا اهم خبر آڻي ته ان بابت جاچ پڙتال ڪريو“.( فاسق يعني جيڪو اطاعت کان نڪري گناهه جي وادي ۾ پير پائي ۽ نبا يعني ڪا اهم خبر تبيّن يعني جاچ پڙتال ڪرڻ)

متان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪنهن ٽولي سان ملو  ۽کيس ڇيهو رسايو پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو.

هن آيت ۾ ڪجهه اهم شيئن ڏانهن ڌيان ڏيارايو ويو آهي :

  1. ان ماڻهو جي خبر تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجو جيڪو فاسق ۽ بدڪردار هجي، ڇاڪاڻ ته فاسق اهو شخص آهي جنهن پنهنجي مالڪ جي اطاعت واري زيور کي لاهي ، شيطان جي پيروي جو ٽوڙهو پنهنجي ڳلي ۾ وڌو آهي. اهو ماڻهو جڏهن پنهنجي حقيقي مالڪ سان ئي سچو نه آهي ته پوءِ توهان جو وري ڪيئن ٿو سڄڻ ٿئي سگهي ، متان اهڙي ماڻهو جي ڳالهه تي ڀروسو ڪريو.
  2. ها البته اهڙي ماڻهو جي ڳالهه تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا جنهن جي ڳالهه ڀروسي جوڳي هجي.
  3. پنهنجي زندگي جي وهنوار ۾ ڪڏهن به تڪڙا فيصلا نه ڪريو متان اهي اوهان جا فيصلا اڻ ڄاڻائيءَ جي بنياد تي هجن ۽ آخر ۾ پشيمان ٿيو.
  4. ايمان انسان کي جهالت، کان ڪڍي علم ۽ اعتماد جي نور ڏي آڻيندو آهي.

ستيين آيت ۾ بيان ڪيل آهي:

وَ اعْلَمُواْ أَنَّ فِيكُمْ رَسُولَ اللَّهِ  لَوْ يُطِيعُكمُ‏ْ فىِ كَثِيرٍ مِّنَ الْأَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَ لَاكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيْكُمُ الْايمَانَ…ان ڳالهه کي پنهنجي هيئن سان هنڊايو ته الله جو رسول توهان ۾ موجود آهي پنهنجا هڙئي فيصلا، ڪم ڪار، ان جي منشا موجب ڪريو، اِهاآس نه رکو ته اوهان جيڪي چئو الله جو رسول (ص) ائين ئي ڪري جيڪڏن اسلامي رهبر ۽ سرواڻ پنهنجي رعيت جي هر ماڻهو جي ڳالهه موجب عمل ڪري ته سڀني لاءِ اهنج ،ايذاء جو سبب ٿيندو.

آيت جي ان پهرين ڀاڱي مان پروڙ پوي ٿي ته ، هميشه اسلامي رهبر ۽ سرواڻ جو تابعدار بڻجي رهڻ گهرجي.

۽ اڳتي خداوند متعال نهايت اهم ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ”الله سائين اوهان جي دلين لاءِ ايمان کي پسنديده قرار ڏنو آهي ۽ ان سان اوهان جي دلين کي سينگاريو اٿائين.“ اتان ڀليء ڀت سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايمان انساني فطرت ۾ رکيل آهي. جيستائين انسان پاڻ پنهنجي فطرت کي مٽائي مٽائي نه ڇڏي تيسين انسان ايمان جي انمول هيري سان پنهنجي دل کي سينگاري رکندو.

۽ اڳتي ارشاد :

”ڪفر بد ڪرداري ۽ گناهه کي اوهان لاءِ اڻ وڻندڙ قرار ڏنو“ نه رڳو ايمان جو عشق انساني فطرت ۾ رکيائين بلڪه ڪفر، بدڪرداري ، ۽ گناهه کان بيزاري به انساني ذات جو جزء بڻائي ڇڏيائين، ته پوءِ جيڪو به ايمان واري واٽ ڇڏي ، بدڪرداري ، ڪفر۽ گناهه جي پويان آهي ، حقيقت ۾ پنهنجي انسانيت وڃائي ويٺو آهي، رڳو ڏسڻ ۾ انسان ٿو اچي پر حقيقت ۾ ٻن پيرن تي هلندڙ جانور آهي .

آيت جي آخر ۾ ارشاد ٿيو:

وَ زَيَّنَهُ فىِ قُلُوبِكمُ وَ كَرَّهَ إِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَ الْفُسُوقَ وَ الْعِصْيَانَ  أُوْلَئكَ هُمُ الرَّاشِدُونَ.

جن جون دليون ايمان سان واسيل آهن ، ڪفر ، بد ڪرداري ۽ گناهه کان پري آهن ، اهي ئي سنيئن دڳ آهن ، اهي ئي هدايت وارا آهن.

اٺين آيت ۾ ان ڳالهه کي بيان ڪيو ويو آهي :

فَضْلًا مِّنَ اللَّهِ وَ نِعْمَةً  وَ اللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ ايمان جو انساني فطرت ۾ هجڻ ۽ ڪفر جي بيزاري جو به انساني ذات ۾ هجڻ حقيقت ۾ ان مالڪ جو فضل آهي، انجي نعمت آهي، بيشڪ اهو مالڪ هرشي کان باخبر ۽ ڏاهپ وارو آهي.

آيات 9 ۽ 10

وَ إِن طَائفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُواْ فَأَصْلِحُواْ بَيْنهَُمَا  فَإِن بَغَتْ إِحْدَئهُمَا عَلىَ الْأُخْرَى‏ فَقَاتِلُواْ الَّتىِ تَبْغِى حَتىَ‏ تَفِى‏ءَ إِلىَ أَمْرِ اللَّهِ  فَإِن فَاءَتْ فَأَصْلِحُواْ بَيْنهَُمَا بِالْعَدْلِ وَ أَقْسِطُواْ  إِنَّ اللَّهَ يحُِبُّ الْمُقْسِطِينَ(9)

إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُواْ بَينْ‏َ أَخَوَيْكمُ‏ْ  وَ اتَّقُواْ اللَّهَ لَعَلَّكمُ‏ْ تُرْحَمُونَ(10)

  1. ۽ جيڪڏهن مؤمنن ۾ ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪري ته پوءِ انهيءَ ڌر سان وڙهو جيستائين خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي پوءِ جيڪڏهن موٽي اچي ته منهجن عدل سان ٺاهه ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو بيشڪ خدا انصاف وارن کي پسند ڪري ٿو .
  2. مؤمن هڪٻئي جا ڀائر آهن پوءِ (جيڪڏهن پاڻ ۾ تڪرار ٿي پئين ته ) پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو ۽ (پنهنجو) پاڻ کي الله (جي عذاب) کان بچايو ته هوند اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

تفسير

نائين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

وَ إِن طَائفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُواْ فَأَصْلِحُواْ بَيْنهَُمَا  فَإِن بَغَتْ إِحْدَئهُمَا عَلىَ الْأُخْرَى‏ فَقَاتِلُواْ الَّتىِ تَبْغِى حَتىَ‏ تَفِى‏ءَ إِلىَ أَمْرِ اللَّهِ  فَإِن فَاءَتْ فَأَصْلِحُواْ بَيْنهَُمَا بِالْعَدْلِ وَ أَقْسِطُواْ  إِنَّ اللَّهَ يحُِبُّ الْمُقْسِطِينَ.”جيڪڏهن مؤمنن ۾ ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهن ته منجهن ٺاهه ڪرايو، پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪري ته پوءِ انهيءَ ڌر سان وڙهو، البته سڀني شرائطن کي مد نظر رکندي ، ايستائين جو زيادتي ڪندڙ ڌر الله سائين جي بيان ڪيل حڪم ڏي موٽي اچي ۽ سندس حڪم آڏو سرنمائي ۽ جيڪڏهن موٽي اچي ته منجهن عدل سان ٺاهه ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو.“

 آيت مان ڪجهه شيون سمجهه ۾ اچن ٿيون.

  1. جيڪڏهن مؤمنن ۾ ٻه ڌڙا پاڻ ۾ وڙهن ، ته ٻين مؤمنن لاءِ خاموش رهڻ ۽ تماش بين ٿيڻ جائز ناهي، بلڪه ٻين مؤمنن جي ذميواري آهي ته انهن ۾ ٺاهه ڪرائن ۽ جيڪڏهن زيادتي ڪندڙ ڌر الله جي حڪم آڏو سر نه نمائي ته ساڻس وڙهڻ ائين چئي جان نه ڇڏائي اسان جو ڇا وڃي ؟ هر ڪو پنهنجي قبر ڇڏائيندو.؟ نه نه ، قرآن ان بي طرفي کي ننديو آهي.
  2. فيصلو ۽ ٺاهه عدل موجب هجڻ گهرجي ، ٺاهه رڳو اِهو ناهي ته ٻنهي کي لڙائي روڪي ڇڏجي، بلڪه الاهي قانون موجب جنهن ڏي جيڪي ڏوهه ڏنڊ ٿئي ، ان کان ڏوهه ڏنڊ وٺجي ، آيت ۾ وڏي لطافت سان چيو ويو آهي ته ، ”منجهن عدل سان ٺاهه ڪرايو“ رڳو ٺاهه ڪافي ناهي بلڪه صلح، صفائي عدل سان هئڻ گهرجي ۽ ان عدل واري ڳالهه کي زور وٺائيندي چيو ويو ”انصاف کان ڪم وٺو“ ۽ الله به انصاف ڪندڙ کي سندن انصاف ڪري[2] پسند ڪري ٿو.
  3. ان عدل ، انصاف سان ٺاهه ڪرائڻ مان به هدف اهو هجي ته شل الله اسان کان راضي ٿئي ، ان جي محبت نصيب ٿئي .
  4. زيادتي ڪندڙن سان ، وڙهڻ جو مقصد به اهو ئي هجي ته الله جي حڪم آڏو سرنمائين ، نه ڪي پنهنجي باهه ڪڍجي.

ڏهين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُواْ بَينْ‏َ أَخَوَيْكمُ‏ْ  وَ اتَّقُواْ اللَّهَ لَعَلَّكمُ‏ْ تُرْحَمُونَ.مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهيو“ جهڙيءَ ريت هڪ اَبي جو اولاد ، پاڻ ۾ ميٺ مٺاس سان رهندو آهي، هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي هوندا آهن، جيڪڏهن ٻن ڀائرن ۾ اڻ چاڪائي ٿي پوندي آهي ، ٻيا ڀائر جلدي ءَ ۾ ٺاهه ڪرائيندا آهن، ائين ئي مؤمن به پاڻ ۾ ميٺ مٺاس سان رهندي ، هڪٻئي جا هڏ ڏوکي ٿين اگر هڪڙن ۾ اڻچاڪائي ٿئي ته ٻيا جلديءَ  ۾ ٺاهه ڪرائن.

۽ آيت جي آخر ۾ ، سڀني مؤمنن کي الله سائين نصيحت ٿو ڪري ته پنهنجو پاڻ کي عذاب کان بچايو، انهن حڪمن کي هيئن سان هنڊايو ته هوند اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

هن آيت مان ڪجهه شيون سمجهه ۾ اچن ٿيون :

  1. ايمان، مؤمنن لاءِ پاڻ ۾ ڀائپي ۽ ڀائيچاري جي سوکڙي آڻي ٿو.
  2. اسلام ۾ ڀائپي ۽ ڀائيچاري جي ساهمي عقيدو ۽ ايمان آهي.
  3. اجتماعي ۽ سماجي وڳوڙن ۾ سڌارڪ بڻجو، وڳوڙي نه ٿئو.
  4. جيڪڏهن چاهيو ٿا ته ، الاهي ٻاجهه جو ڇانورو سدائين توهان جي سرن تي هجي ته ، سڌارڪ ۽ پرهيزگار بڻجو.

حوالا

[1] _ مجمع البيان، سوره حجرات جي شروعات

[2] _ قانون آهي”تعليق الحڪم على الوصف مُشعربالعليت“

هلندڙ……….

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :