نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

مختصر تفسير سورة الحجرات (2)

فونٽ جو اندازو:
2021/01/06
تحرير وسيم رضا سبحاني

آيات 11 ۽ 12

يَأَيهُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّن قَوْمٍ عَسىَ أَن يَكُونُواْ خَيرًْا مِّنهُْمْ وَ لَا نِسَاءٌ مِّن نِّسَاءٍ عَسىَ أَن يَكُنَّ خَيرًْا مِّنهُْنَّ  وَ لَا تَلْمِزُواْ أَنفُسَكمُ‏ْ وَ لَا تَنَابَزُواْ بِالْأَلْقَابِ  بِئْسَ الاِسْمُ الْفُسُوقُ بَعْدَ الْايمَانِ وَ مَن لَّمْ يَتُبْ فَأُوْلَئكَ هُمُ الظَّالِمُونَ (11) يَأَيهَُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ اجْتَنِبُواْ كَثِيرًا مِّنَ الظَّنّ‏ِ إِنَّ بَعْضَ الظَّنّ‏ِ إِثْمٌ  وَ لَا تجََسَّسُواْ وَ لَا يَغْتَب بَّعْضُكُم بَعْضًا  أَ يحُِبُّ أَحَدُكُمْ أَن يَأْكُلَ لَحْمَ أَخِيهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوهُ  وَ اتَّقُواْ اللَّهَ  إِنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ رَّحِيمٌ (12)

اي ايمان وارو!(اوهان مان هڪڙو) ٽولو(ٻي) ٽولي تي چٿرون (۽ٺٺولون) نه ڪري، شايد اُهي، انهن (ٺٺولون ڪندڙن) کان چڱا هجن ۽ نه ئي (هڪڙيون) عورتون (ٻين) عورتن تي کلون مسخريون ڪن، شايد اُهي انهن (کان ڪرڻ وارين) بهتر هجن ۽ (توهان) پنهنجي بدنامي نه ڪيو ۽ هڪٻئي کي خراب نالن سان نه پڪاريو، ايمان آڻڻ کان پوءِ خراب نالو رکڻ ، بڇڙائي آهي ۽ جيڪي تائب نه ٿيا، ته اهي ئي ظالم آهن.

اي ايمان وارو ! گهڻن (ئي) گمانن کان پري رهو ، ڇاڪاڻ ته ڪي گمان ڏوهه آهن ۽ جاسوسي نه ڪيو ۽ نه ئي اوهان مان هڪڙا ٻين جي گلا ڪن ، ڇا توهان مان ڪو به هڪڙو (اها ڳالهه) پسند ڪندو ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائي ؟ ان کان نفرت ڪندؤ، (پنهنجو) پاڻ کي الله (جي عذاب) کان بچايو، بيشڪ خدا گهڻو توبه اگهائيندڙ مهربان آهي.

تفسير:

يارهين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

 يَأَيهَُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّن قَوْمٍ عَسىَ أَن يَكُونُواْ خَيرًْا مِّنهُْمْ وَ لَا نِسَاءٌ مِّن نِّسَاءٍ عَسىَ أَن يَكُنَّ خَيرًْا مِّنهْنَّ :

اي ايمان وارو!اوهان مان هڪڙو مردن جو ٽولوٻي مردن جي ٽولي تي چٿرون ۽ٺٺولون نه ڪري، پوءِ اها ٺٺول يا چٿر ڪنهن ڳالهه جي ذريعي هجي يا اشاري سان يا اَهَل ڪڍڻ سان هجي ، هڪٻئي تي ٺٺولون نه ڪريو ۽ زائفون به ائين ئي هڪٻئي تي کلون نه ڪريو ، ڇاڪاڻ ته شايد جنهن تي ٺٺول ڪريو ٿا، اُهو اوهان کان ، الله جي درٻار ۾ وڌيڪ پهتل هجي.

۽ اڳتي بيان ڪيو ويو ته : وَ لَا تَلْمِزُواْ أَنفُسَكمُ‏ْ ، ”لُمز يعني عيب ڪڍڻ بدنامي ڪرڻ“

”۽ توهان پنهنجي بدنامي نه ڪريو، پنهنجا عيب نه ڪڍو“ هن آيت ۾ عجيب و غريب لطافت آهي ، مقصد هيءَ آهي ته پاڻ ۾ مؤمن هڪٻئي جا عيب نه ڪڍو، هڪبئي جي بدنامي نه ڪريو پراها ڳالهه هن انداز سان بيان ڪئي وئي ”ته پنهنجا عيب نه ڪڍو (انفسڪم)“

۽ اڳتي بيان ڪيو ويو آهي ته:

ْ وَ لَا تَنَابَزُواْ بِالْأَلْقَابِ النبز لقب کي چئبو آهي، خاص ڪري اُهو لقب جنهن جي ذريعي مذمت ڪئي ويندي آهي، جهڙوڪ ڪنهن کي چئجي، هل ڙي چُهڙا.

بِئْسَ الاِسْمُ الْفُسُوقُ بَعْدَ الْايمَانِ ايمان آڻڻ کان پوءِ خراب نالو رکڻ بڇڙائي آهي ، ان جملي جو ڇا مقصد آهي؟ جيڪڏهن اسم جو مقصد بيان ڪرڻ هجي، ته مقصد هي آهي ” ماڻهن جي ايمان آڻڻ کانپوءِ ، سندن ذڪر، فسق سان ڪرڻ وڏي بڇڙائي آهي“ مؤمن کي ڪين جڳائي ته جيڪو ماڻهو ايمان آڻي چڪو آهي ته کيس چئي، هل ڙي يهوديءَ يا هندؤ جا پٽ يا اهڙي قسم جا ٻيا جملا ۽ جيڪڏهن ”اسم“ جو مقصد علامت ۽ نشاني هجي ته مقصد هي آهي:

بڇڙي علامت يا نشاني ، جنهن سان انسان ايمان آڻڻ کان پوءِ سڃاتو وڃي فسق آهي يعني جيڪڏهن ڪنهن مؤمن کان ڪو ڏوهه ٿي ويو هجي ۽ پوءِ تائب به ٿيو هجي، پر وري به ڪو ان مؤمن کي چئي هل ڙي تو ته فلڻا فلاڻا ، ڏهه ڪيا آهن ، ائين چوڻ وارو ”بِئْسَ الاِسْمُ الْفُسُوقُ بَعْدَ الْايمَانِ“ جو مصداق آهي.

يا آيت جو مقصد هي آهي ته:

”انسان پاڻ تي فسق جي علامت لڳائي ڇڏي هن ريت جو ماڻهن کي اهڙن نالن سان پڪاري جن نالن کان ، انهن کي بڇان وٺي“

۽ جنهن به انهن گناهن کان توبه نه ڪئي ۽ پيشمان نه ٿيو، بيشڪ اُهو ظالم آهي.

ان آيت ۾ الله سائين اِهو بيان ڪيو آهي ته : ڪهڙين ڳالهين جي ڪري مؤمنن ۾ اڻ بڻت ٿيندي آهي.

  1. هڪٻئي تي ٺٺول ڪرڻ.
  2. هڪٻئي جا عيب ڪڍڻ.
  3. هڪٻئي کي خراب نالن ۽ لقبن سان پڪارڻ.
  4. ڪنهن مؤمنن کي گذريل ڳالهين جي ڪري مهڻا ڏيڻ .

اهي شيئون سبب ٿين ٿيون ته ٻڌي ۽ ايڪو ختم ٿي وڃي پاڻ ۾ نفرت پيدا ٿئي، اسانکي ڪڏهن به انهن ڳالهين کي معمولي سمجهڻ نه گهرجي.

ٻارنهين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

يَأَيهُّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ اجْتَنِبُواْ كَثِيرًا مِّنَ الظَّنّ‏ِ إِنَّ بَعْضَ الظَّنّ‏ِ إِثْمٌ …

”گهڻن گمانن کان پاسو ڪريو ، ڇاڪاڻ ته ڪي گمان گناهه آهن“

ان آيت ۾ ڪجهه ڳالهين بابت ويچار ڪرڻ گهرجي.

  1. گهڻن ئي گمانن جو ڇا مقصد آهي؟
  2. گمانن کان پاسي جو ڇا مقصد آهي؟
  3. آيت جي شروعات ۾ چيو ويو آهي ته ” گهڻن ئي گمانن کان پاسو ڪريو“ جڏهن ته ان جو ڪارڻ بيان ڪندي چيو ويو آهي ته ”ڪي گمان گناه آهن “ جيڪڏهن ڪي گمان ڏوهه آهن ته پوءِ گهڻن ئي گمانن کان پاسي ٿيڻ جو حڪم ڇالاءِ آيو آهي .؟
  4. گمان ته پاڻهي ڄاڻي ، ڪن ڳالهين جي ڪري انسان جي ذهن ۾ اچي ويندا آهن گهڻي ڀاڱي انسان جي وس ۾ ئي ڪونه هوندو آهي، ته گمانن کي پنهنجي ذهن مان تڙي سگهي، ته پوءِ جيڪا شيءِ انسان جي وس ۾ ئي ڪانهي ته، ان کان روڪڻ جو حڪم، ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.؟

اسان مٿين سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ نهايت مختصر وضاحت بيان ڪريون ٿا، انشاءالله ان وضاحت سان سڀني مونجهارن جو حل نڪري ايندو.

آيت ۾ بيان ٿيل آهي ته : ”گهڻن ئي گمانن“  مان مراد اِهي گمان آهن جيڪي ڏوهه آهن ڇاڪاڻ ته عام طور ماڻهن ۾ اهڙا گمان ئي مشهور هوندا آهن جيڪي گناه آهن ، تنهنڪري ، گهڻن گمانن کان پاسي ڪرڻ جو حڪم آيو آهي، گمانن کان پاسي ٿيڻ جو، مقصد هي آهي ته انهن گمانن موجب عمل نه ڪريو جيسيتائين پڪ نه ٿي وڃي، تيستائين گمان موجب عمل نه ڪجي ، اتان ئي اها ڳالهه به چٽي ٿئي ته ان طريقي سان گمانن کان پاسو ڪرڻ، وس کان ٻهر ناهي رهيو سؤال ته، آيت جي شروعات ۾ گهڻن ئي گمانن کان پاسي ٿيڻ جو حڪم آهي، ۽ انجي ڪارڻ ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪي گمان ڏهه“ آهن.

جواب هي آهي ته : ”بعض“ (ڪي) اهڙو لفظ آهي جيڪو گهڻا ئي کي به شامل آهي، اِهولازمي ناهي ته ”بعض“ رڳو ٿورائي کي بيان ڪندو هجي، يا هن طريقي سان جواب ڏئي سگهجي ٿو:

گهڻي ڀاڱي انسان ، گناهه وارن گمانن ۽ انهن گمانن ۾ وڇوٽي ناهي ڪري سگهندو جيڪي گناهه ناهن ، تنهنڪري احتياط طور گهڻن ئي گمانن تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪري ته جيئن ڏهه واري گمانن کان يقيني طور بچي سگهي انهيءَ ڪري روايتن ۾ به آيو آهيته : جيترو ٿي سگهيو مؤمن ڀاءَ جي ڳالهه ۽ ان جي عمل کي سٺي ڳالهه ۽ چڱو عمل سمجهو.

اڳتي آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

 وَ لَا تجََسَّسُواْ ”جاسوسي نه ڪريو“ ڪنهن کي به اِهو حق نه آهي ته ٻئي مؤمن جي نجي زندگي جي جاسوسي ۽ جاچ پڙتال ڪندو وتي، جيڪڏهن هر ڪو ، پرائي نجي زندگيءَ ۾ جهاتيون پائيندو وتي ته ، معاشرو دوزخ بڻجي ويندو ڇاڪاڻ ته هر ڪو پئي ماڻهو کي رسوا ۽ ذليل ڪندو وتندو، سڀني جي عزت مٽي ۾ ملي ويندي.

اڳتي آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

وَ لَا يَغْتَب بَّعْضُكُم بَعْضًا  أَ يحُِبُّ أَحَدُكُمْ أَن يَأْكُلَ لَحْمَ أَخِيهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوهُ… 

”اوهان مان هڪڙا ٻين جي گلا ، غيبت نه ڪن“ پوءِ گلاءِ غيبت جي خراب هجڻ کي هڪ مثال ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته غيبت ڪرڻ، ڄڻ پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ.

آيت جي اِن ڀاڱي کي ڀلي ڀت سمجهڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين جو سمجهڻ ضروري آهي.

  1. گلاءَ غيبت ڇا کي چئبو آهي؟
  2. گلاءَ ڪرڻ جو مئل ڀاءُ5 جي گوشت کائڻ سان ڪهڙو ربط آهي.؟

گلاءَ غيبت جو مقصد آهي ، ڪنهن مؤمن ڀاءَ جي پرپٺ اهڙي نموني سان ذڪر ڪرڻ، جيڪڏهن اُهو مؤمن ان کان آگاهه ٿئي ته ، ان کي برو لڳي.

اسان وٽ گهڻي ڀاڱي گلا ڪئي ويندي آهي جيڪڏهن ڪو گلا ڪرڻ واري کي جهليندو آهي ، ته هُو ورائي چوندو آهي ، مان ڪو ڪوڙ ٿوڙئي ٿو ڳالهيان، جڏهن ته گلا هوندي ئي سچ واري صورت ۾ آهي، جيڪڏهن ڪوڙ هجي ته پوءِ تهمت آهي.

قرآن ۾ غيبت ڪندڙن جي حالت بيان ڪندي هڪ مثال ذڪر ڪيو ويو آهي،”غيبت ڪرڻ ڄڻ پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ“ ان جي وضاحت لاءِ چند مقدما ۽ آخر ۾ نتيجو ذڪر ڪريون ٿا.

  1. اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي انسان جي طبيعت جو لازمو آهي ۽ انسان معاشري کان سواءِ زندگي نٿو گذاري سگهي.
  2. جڏهن انسان جي لاءِ معاشرو ضروري آهي ته ، انسان کي تمام انهن ڳالهين ۽ ڪمن ڪارن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي لاءِ هاڃيڪار آهن.
  3. گلا ۽ غيبت اهڙي اڏهي آهي، جيڪا اجتماع ۽ معاشرت جي مضبوط وڻ کي ڪوري ڪوري ناس ڪري ڇڏيندي آهي ، ڇاڪاڻ ته ، معاشرو ۽ اجتماع تڏهن ئي قائم رهندو، جڏهن معاشري جي افرادن ۾ هڪٻئي سان اُنس پيار محبت ۽ اڪير هجي ۽ غيبت ان پيار محبت ۽ اڪير کي ختم ڪري ڇڏي ٿي ، ڳالهه پڌري آهي ته جڌهن ڪنهن انسان کي خبر پئجي وڃي ته فلاڻو منهنجي پرپٺ گلا ڪندو آهي، ته آهستي آهستي ان گلا ڪندڙ سان پنهنجو اٿڻ ويهڻ ختم ڪري ڇڏيندو نتيجي طور ، آهستي آهستي ، اجتماع ۽ معاشري جو سرسبز ۽ شاداب ٻوٽو ڪوٻئجي ويندو.
  4. قرآن مؤمنن جو پاڻ ۾ نهايت ئي گِهرو رابطو بيان ڪيو آهي، هڙئي مؤمن هڪ بدن وانگر آهن.

انهن چئن مقدمن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته:

جيڪڏهن هڪ مؤمن ٻي مؤمن جي گلا ۽ غيبت ڪري ٿو ته ڄڻ هڪ ئي بدن جو عضو ٻي عضوي کي ناڪارا ڪري ٿو۽ ائين آهستي آهستي پورو بدن ناڪارا ٿي ويندو، شايد ان ڳالهه جي ڪري خداوند متعال فرمايو” غيبت ڪرڻ ڄڻ مئل ڀاءَ جو گوشت کائڻ آهي.“مئل ڀاءُ جو ان ڪري چيو ويو، جهڙي ريت مئل انسان جو ماس ڪورڻ سان ، مئل انسان کي احساس ناهي ٿيندو اِئين ئي ڪنهن مؤمن جو پر پٽ عيب بيان ڪرڻ سان ، ان کي ڪو به احساس ناهي ٿيندو، پر ماس ڪورڻ سان نيٺ ناڪارا ٿي ويندو، ائين ئي پر پٺ عيب بيان ڪرڻ ، اجتماع جي سڳي کي ٽوري ڇڏيندو.

آيت جي آخر ۾ خداوند متعال بيان ڪيو آهي:

 وَ اتَّقُواْ اللَّهَ  إِنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ رَّحِيمٌ

 ” پنهجو پاڻ کي الله جي پيڙا کان بچايو بيشڪ الله توبه اگهائيندڙ مهربان آهي.“

جيڪڏهن ان جملي ۾ پنهنجو پاڻ کي الله جي عذاب بچائڻ (واتقوا الله)جو مقصد ، انهن گناهن کان پاسي ٿيڻ آهي ته ”ان الله توّاب رحيم“ جو مقصد هي آهي ته الله جي در اچو، هو توبه اگهائيندڙ مهربان آهي.

۽ جيڪڏهن الله جي عذاب کان بچڻ (واتقوا الله) جو مقصد ، پرهيزگاري اختيار ڪرڻ آهي ، توڙي اهي گناهه نه ڪيا هجئين ته” ان الله توّاب رحيم“ جو مقصد هي آهي ته الله پرهيزگار ٻانهن ڏي توجهه ڪري ٿو ۽ کين هدايت ۽ ساڃهه جي توفيق عطا ڪري ٿو، ان ڪري جو توبه عربي ۾ توجهه ڪرڻ کا چئبو آهي.

نڪتو:

هن آيت ۾ عجيب طرح داوند اسان لاءِ سبق رکيو آهي، ان ڪري جو هڪ مؤمن جي ڪمن ڪارن جو يا علم آهي يا علم ناهي، خداوند متعال فرمايو جيستائين ٻي مؤمن ڀاءُ جي ڪمن ڪارن جو علم نه اٿو ۽ گمان اٿو ته سندس هلڻي چلڻي کي ، ڀلي ڳالهه تي حمل ڪريو،(واجتنبوا کثيراً من الظن )

۽ ها، جيڪڏهن علم نه اٿو ته ٻي مؤمنن جي نجي زندگي ۾ اجايو جاچ پڙتال نه ڪندا ورتو ان بهاني سان ته علم حصل ڪريون(لا تجسسوا)

پر جيڪڏهن علم اٿو تڏهن به سندس پر پٽ عيب بيان نه ڪريو (ولايختب)

آيت 13

يَأَيهَُّا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكمُ مِّن ذَكَرٍ وَ أُنثىَ‏ وَ جَعَلْنَاكمُ‏ْ شُعُوبًا وَ قَبَائلَ لِتَعَارَفُواْ  إِنَّ أَكْرَمَكمُ‏ْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَئكُمْ  إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ(13)

اي انسانؤ بيشڪ اسان اوهان کي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو ته جيئن هڪٻئي کي سڃاڻو، اوهان مان سڀني کان وڌيڪ ، الله جي نظر ۾ عزت وارو اُهو آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي بيشڪ الله ڄاڻيندڙ باخبر آهي.

تفسير

هن آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

يَأَيهَُّا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكمُ مِّن ذَكَرٍ وَ أُنثىَ‏ وَ جَعَلْنَاكمُ‏ْ شُعُوبًا وَ قَبَائلَ لِتَعَارَفُواْ  إِنَّ أَكْرَمَكمُ‏ْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَئكُمْ  …اي انسانؤ ، اسان اوهان کي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو“ تنهن ڪري ڪنهن کي به ڪنهن تي بُڻ جي لحاظ ، ڪا به فضيلت حاصل ناهي، بلڪه اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ رڳو ان لاءِ ورهايو ويو آهي ته جيئن سڃاڻپ ۾ سَوَلائي ٿي سگهيوَ، ورنه ذات پات، ڪڙم قبيلو، عزت ۽ مان جو سبب ناهي.

ها، عزت ۽ مان جو حقيقي سبب پرهيزگاري آهي.

سوال: ذات ، پات ۽ ڪڙم قبيلو عزت ۽ مان جو سبب ڇو نه آهي؟ ۽ پرهيزگاري عزت ۽ مان جو سبب ڇو آهي.؟

ان سوال جي جواب لاءِ اسان مختصر تحليل ۽ اڀياس بيان ڪريون ٿا.

حقيقي ۽ سچي فضيلت اُها آهي جيڪا انسان کي حقيقي سعادت تائين رسائي ذات پات، ڪڙم قبيلو ته رڳو انسان جي سُڃاڻ جو سبب آهي، ورنه اُها شي جيڪا انسان کي ابدي سعادت ارپي ٿي ، پرهزگاري ۽ تقوى آهي، ته پوءِ حقيقي فضيلت به پرهيزگاري ٿيندي.

اتان سمجهو اُهو انسان اسلامي تعليمات کان ڪيڏو نه پَري آهي، جيڪو پنهنجي ڪڙم قبيلي تي فخر ٿو ڪري ، قرآن ۽ اسلام ۾ عزت شرافت ، مانَ ۽ منزلت جو سبب پرهيزگاري آهي ، باقي اسانجي معاشري ۾ هٿ ٺوڪيا معيار ته فلاڻو، ات جو فلاڻوآهي، يا فلاڻو، فلان آهي، انهن جو روح اسلام سان ڪنهن به قسم جو ربط ناهي.

۽ آيت جي آخر ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ ”بيشڪ الله ڄاڻيندڙ ۽ باخبرآهي.“ حقيقت ۾ اِهو ڀاڱو به آيت جي مضمون جي تاڪيد لاءِ آهي، ته جنهن شيءِ کي الله عزت ۽ شرافت جو معيار ٺاهيو آهي ، اُهو ئي باخبر آهي، اسان جاهل آهيون، اسان کي خبر ئي ڪانهي ته سعادت ابدي ڪهڙي آهي.؟ اُها سعادت ابدي ڪيئن ماڻي سگهجي .؟ تنهنڪري عزت ۽ شرافت جي حقيقي معيار کان پڻ اڻ واقف آهيون.

آيات 14 ۽ 15

قَالَتِ الْأَعْرَابُ ءَامَنَّا  قُل لَّمْ تُؤْمِنُواْ وَ لَاكِن قُولُواْ أَسْلَمْنَا وَ لَمَّا يَدْخُلِ الْايمَانُ فىِ قُلُوبِكُمْ  وَ إِن تُطِيعُواْ اللَّهَ وَ رَسُولَهُ لَا يَلِتْكمُ مِّنْ أَعْمَالِكُمْ شَيًْا  إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ(14)

إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ ءَامَنُواْ بِاللَّهِ وَ رَسُولِهِ ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُواْ وَ جَاهَدُواْ بِأَمْوَالِهِمْ وَ أَنفُسِهِمْ فىِ سَبِيلِ اللَّهِ  أُوْلَئكَ هُمُ الصَّدِقُونَ(15)

ڳنوار عربن چيو: اسان ايمان آندو (اي پيغمبر) چئو ايمان ڪونه آندو اٿوَ پر چئو ته اسان اسلام قبوليو، جڏهن ته اوهانجيدلين ايمان جو واس ئي ناهي ورتو ۽ جيڪڏهن اوهان الله ۽ انجي رسول جي تابعداري ڪندؤ ته (الله) اوهانجي عملن مان ڪجهه ضايع نه ڪندو ڇاڪاڻ ته الله وڏو بخشڻهار مهربان آهي ، مؤمن ته فقط اُهي ئي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ پوءِ شڪ نه ڪيو ۽ واٽ الله جي مال ۽ جان سان جهاد ڪيپ، اهي ئي سچار آهن.

تفسير

چوڏيهن آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:

 قَالَتِ الْأَعْرَابُ ءَامَنَّا  قُل لَّمْ تُؤْمِنُواْ وَ لَاكِن قُولُواْ أَسْلَمْنَا وَ لَمَّا يَدْخُلِ الْايمَانُ فىِ قُلُوبِكُمْ…

اي پيغمبر اهي ڳنوار عرب توکي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي، کين چئو اوهان ايمان ڪونه آندو آهي بلڪه اسلام قبوليو اٿو ۽ اوهان جي دلين ۾ ته اڃا ايمان جو واس ئي ناهي ورتو.

هن آيت مان پروڙ پوي ٿي ته اسلام ۽ ايمان ٻه جدا جدا شيئون آهن . اسلام يعني زبان سان الله جي هيڪڙائي ۽ سندس رسول جي رسالت جي گواهي ڌيڻ آهي ، انهن عقيدن جي ڳنڊ سندن دلين سان ناهي لڳي، ان اسلام جو فائدو اِهو آهي ته اهڙي شخص تي اسلام جا قانون لاڳو ٿيندا ، جهڙوڪ : نڪاح، جنازو، وغيره.

پر ايمان جو واسطو انسان جي دل سان آهي، جڏهن اهي عقائد حقّه، سندس دل سان جُڙي وڃن ته انسان مؤمن آهي، رڳو زباني دعوا سان انسان مؤمن نٿو ٿي سگهي.

ان آيت ۾ اڳتي بيان ڪيو ويو آهي ته:

 وَ إِن تُطِيعُواْ اللَّهَ وَ رَسُولَهُ لَا يَلِتْكمُ مِّنْ أَعْمَالِكُمْ شَيًْا  إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

جيڪڏهن اوهان الله ۽ انجي رسول جا تابعدار ٿيندؤ ته اوهان جي عملن مان ڪجهه ضايع نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته الله وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي، جيڪو مالڪ ڏوهن کي بخشي ڇڏي ٿو ، ته اِهو ڪنهن جي چڱن عملن جو اُجورو ڪيئن ضايع ڪندو، هن جي رحمت جو پيالو ته پُر آهي، رڳو اسان ۾ اهليت هجي.

پندرهين آيت ۾ ايمان کي وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي ته ايمان ڪهڙي شيءَ آهي؟ ۽ مؤمن ڪنهن کي چئبو آهي.؟

إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ ءَامَنُواْ بِاللَّهِ وَ رَسُولِهِ ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُواْ وَ جَاهَدُواْ بِأَمْوَالِهِمْ وَ أَنفُسِهِمْ فىِ سَبِيلِ اللَّهِ  …

مؤ‍ من ۾ ڪجهه صفتن جو هجڻ ضروري آهي.

  1. الله ۽ انجي رسول تي پڪو ۽ سچو ايمان آڻڻ ۽ ان ايمان کي پنهنجي دل جو جز بڻائي ڇڏي ۽ ان جز بڻائي ڇڏڻ ڏانهن ئي ”ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُواْ“ (۽پوءِ شڪ نه ڪيو) جي ذريعي اشارو ڪيو ويو.
  2. “۽ پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪن” جيڪي مال ملڪيت ۾ انهن تي ٻين جا حق آهن، اُهي ادا ڪن جهڙوڪ: زڪات ، خمس، صدقو ، وغيره ۽ جان جي ذريعي پڻ جهاد ڪن ، جيڪي روزا رکن، نمازون پڙهن، وغيره مٿن واجب آهي سي ادا ڪن.

۽ آيت جي آخر۾ چيو ويو اهي ته أُوْلَئكَ هُمُ الصَّدِقُونَ اُهي ئي سچار ۽ صادق آهن .

ان آيت مان پروڙ پوي ٿي ته: عمل ايمان کان ڪڏهن به جدا ناهي ، بلڪه عمل ايمان جو لازمو آهي، اتان سمجهو جيڪي ائين چوندو ورتي ته عقيدو ڪافي آهي، عمل جي ضرورت ناهي، حقيقت ۾ قرآن ۽ اسلام کان ڪوهين ڏور آهي.

۽ ان آيت مان پڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته: قرآن جي نظر ۾ صادق ۽ لغت جي نظر ۾ صادق فرق ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته لغت ۾ صادق(سچار) ان کي چئبو آهي جنهن جو قول حقيقت مطابق هجي ڪهڙو به هجيس ، اُهو صادق ۽ سچار آهي.

پر قرآن جي نظر ۾ سچار هجڻ لاءِ ، الله ۽ رسول تي حقيقي ايمان سان گڏوگڏ ، عمل جي ميدان ۾ به اڳرو جهي ، جن واجبات کي انجام ڏيڻو اٿس اهي انجام ڏئي ۽ جن حرام ڪمن کان بچڻو اٿس انهن کان بچي.

آيات 16-18

قُلْ أَ تُعَلِّمُونَ اللَّهَ بِدِينِكُمْ وَ اللَّهُ يَعْلَمُ مَا فىِ السَّمَاوَاتِ وَ مَا فىِ الْأَرْضِ  وَ اللَّهُ بِكلُ‏ِّ شىَ‏ْءٍ عَلِيمٌ(16)

يَمُنُّونَ عَلَيْكَ أَنْ أَسْلَمُواْ  قُل لَّا تَمُنُّواْ عَلىَ‏َّ إِسْلَامَكمُ  بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيْكمُ‏ْ أَنْ هَدَئكمُ‏ْ لِلْايمَانِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ(17)

إِنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمَاوَاتِ وَ الْأَرْضِ  وَ اللَّهُ بَصِيرُ  بِمَا تَعْمَلُونَ(18)

(اي پيغمبر) چئو، ڇا الله کي پنهنجي دين(داريءَ) کان باخبر ٿا ڪريو.؟ جڏهن ته خدا جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو، خدا هر شيء جو علم رکندڙ آهي.

پنهنجي اسلام قبولڻ سان توتي ٿورو ٿڦين (اي پيغمبر) چئو مون تي پنهنجي اسلام جو احسان نه رکو، پر حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن اوهان سچار آهيو ته پوءِ ، الله اوهان تي احسان ڪيو، جو اوهان کي ايمان جي هدايت ڪئي.

بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جي ڳجهه ڄاڻي ٿو ۽ الله اوهانجي ڪرتوتن کان باخبر آهي.

تفسير

سورهين آيت ۾، قُلْ أَ تُعَلِّمُونَ اللَّهَ بِدِينِكُمْ وَ اللَّهُ يَعْلَمُ مَا فىِ السَّمَاوَاتِ وَ مَا فىِ الْأَرْضِ  وَ اللَّهُ بِكلُ‏ِّ شىَ‏ْءٍ عَلِيمٌ  ڳنوار عربن کي ننديو ويو آهي، جيڪي چون پيا اسان ته ايمان آندو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيو بيٺا هئا، خداوند متعال فرمايو: ڇا اُن الله کي ٿا با خبر ڪيو جيڪو آسمانن ۽ زمين جي اندر هڙني شيئن کي ڄاڻي ٿو .؟ ڇا ان الله کان اوهان جون دليون ڳجهيون آهن، هو ته هر سي جو علم رکي ٿو.

ان آيت مان پروڙ پوي ٿي ته ، خدا با خبر آهي، ان جي محضر ۾ اجايا دينداريءَ جا دعوا نه ڪريو.

الله جي علم جي ڪا حد ڪانهي ، ته پوءِ ان کان ڪابه ڳالهه لڪائي نٿا سگهو.

ستريهين آيت ۾،  يَمُنُّونَ عَلَيْكَ أَنْ أَسْلَمُواْ  قُل لَّا تَمُنُّواْ عَلىَ‏َّ إِسْلَامَكمُ  بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيْكمُ‏ْ أَنْ هَدَئكمُ‏ْ لِلْايمَانِ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ انهن هٿ ٺوڪين ديندارن جي سوچ جو جواب ڏنو ويو آهي، جيڪي اسلام قبول ڪري يا ڪي انڌا ، منڊا عمل ڪري ، سمجهن ٿا ته اسان الله ۽ رسول تي ٿورو ڪري ڇڏيو .

اهڙا ماڻهو ٻن قسم جي جهلن ۾ ڦاٿل آهن . هڪ ته حقيقي نعمت ايمان آهي ، نه رڳو زباني دعوا ڪرڻ، ٻيو ته، ايمان آڻڻ سان انسان الله ۽ ان جي رسول تي ٿورو نه ٿو ڪري بلڪه، اِهو الله جو احسان آهي جو، سندن دلين کي ايمان جي نور سان ٻهڪائي ٿو.

ان وضاحت مان اهاڳالهه به سمجهه ۾ اچي وئي ته آيت ۾ جڏهن، انهن ٿوري مڙهڻ وارن جي ڳالهه کي بيان ڪيو ويو ته اسلام جو ذڪر ڪيو ويو (پنهنجي اسلام قبولڻ سان ٿورو نه ٿڦيو) وري جڏهن جواب ۾ خداوند متعال فرمايو ته ايمان جو ذڪر ڪيو ويو (الله اوهان تي احسان ڪيو جو ايمان جي هدايت ڪيائين.)

ان جو راز اهو ئي آهي ، ته حقيقي نعمت ، ايمان آهي نه اسلام.

ارڙهين ۽ آخري آيت حقيقت ۾ پوري سورت ۾ بيان ڪيل ڳالهين لاءِ تاڪيد آهي. إِنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمَاوَاتِ وَ الْأَرْضِ  وَ اللَّهُ بَصِيرُ  بِمَا تَعْمَلُونَ  الله جيڪي به حقيقتون ان سورت ۾ وائکيون ڪيون آهن، هڙئي حق ۽ سچ آهن ، ڇاڪاڻ ته اُهو مالڪ آسمانن ۽ زمين جي سڀني ڳجهين کان با خبر آهي ۽ اوهانجي ۽ اسانجي عملن پڻ پسي ٿو.

”منهنجا پالڻهار تنهنجا اڻ کٽ احسان جو سورت حجرات جي هي مختصر تفسير پوري ڪرڻ جي توفيق عطا ڪئي. منهنجا مالڪ هن بي اثر قلم کي پنهنجي ڪرم سان ، اثر عطا ڪر. منهنجا مالڪ اسان سڀني مسلمانن ۽ مومنن کي ٻڌي ، ايڪي ۽ اتحاد جي نعمت سان نواز . بحق جانِ محمّد وآل محمّد“

پورو ٿيو

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :