نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

شان نزول (سورت بقره_ قسط ۲)

فونٽ جو اندازو:
2020/08/11

سوره بقره آيت 89_ 90

ولَمَّا جاءَهُمْ كِتابٌ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُمْ وَ كانُوا مِنْ قَبْلُ يَسْتَفْتِحُونَ عَلَى الَّذينَ كَفَرُوا فَلَمَّا جاءَهُمْ ما عَرَفُوا كَفَرُوا بِهِ فَلَعْنَةُ اللَّهِ عَلَى الْكافِرينَ

۽ جڏهن انهن وٽ خدا طرفان اهڙو ڪتاب آيو جيڪو (يهودين ئي وٽ) موجود نشانين جي تصديق ڪندڙ آهي جڏهن ته ان کان پهريان ڪافرن تي (ان نبي جي سربراهي ۾) فتح جي آس لڳايو ويٺا هئا ان جي باوجود جڏهن اهو (ڪتاب ۽ پيغمبر) وٽن آيو جنهن جو کين اڳي ئي علم هو ته ان جا انڪاري ٿي ويا بس ڪافرن تي الله جي لعنت آهي

بِئْسَمَا اشْتَرَوْا بِهِ أَنْفُسَهُمْ أَنْ يَكْفُرُوا بِما أَنْزَلَ اللَّهُ بَغْياً أَنْ يُنَزِّلَ اللَّهُ مِنْ فَضْلِهِ عَلى‏ مَنْ يَشاءُ مِنْ عِبادِهِ فَباؤُ بِغَضَبٍ عَلى‏ غَضَبٍ وَ لِلْكافِرينَ عَذابٌ مُهينٌ )

اهو ڪهڙو نه بُرو ڪم آهي جنهن جي مقابلي ۾ هنن پنهنجي جانين جو سودو ڪندي خدا جي موڪليل آيتن جو انڪار ڪيو آهي ان ضد ۾ ته ڇو خدا (بني اسرائيل کان سواءِ) جنهن بندي تي چاهي ٿو پنهنجي فضل سان آيتون نازل ڪري ٿو ان ڪري انهن تي هڪ ٻئي پٺيان عذاب آيا ۽ ڪافرن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب تيار آهي

شان نزول

رسول الله صه جي بعثت کان پهرين ۽ پوءِ يهودين جو ڪردار

امام جعفر صادق عليه السلام کان هن آيتن جي تفسير ۾ هن ريت نقل ٿيو آهي ته: يهودين سندن ( مذهب جي ) ڪتابن ۾ ڏٺو هو ته پيغمبر اسلام جي هجرت جو مقام ( مديني واري پاسي ٻن جبلن) ”عير“ ۽ ”احد“ جي درميان هوندو تنهن کان پوءِ سندن سرزمين کان نڪري پيغمبر اڪرم صه جي هجرت واري مقام جي ڳولها ڪرڻ لڳا ، ان دوران ”حداد“ نالي جبل وٽ پهتا ، ته چوڻ لڳا ته ” حداد“ ساڳيو احد جبل ئي آهي پوءِ اتي ئي هڪٻئي کان جدا ٿي ويا ۽ هر ٽولي پنهنجي جڳهه وڃي سنڀالي ، ڪجهه ماڻهو ”تيما“ جي سرزمين ڏانهن هليا ويا ته ڪجهه وري ”فدڪ“ ۾ وڃي رهيا ته ڪي وري ” خيبر“ ۾رهڻ لڳا جيڪي ”تيما“ ۾ وڃي رهيا سي سندن ٻين ساٿين سان ملڻ جي خيال سان نڪتا ته ان جي دوران هڪ عرب شخص اتان لنگھيو، تنهن جي سواري ڪرائي تي ورتائون ته ان کين چيو ته آئون توهان کي ”عير“ ۽ ”احد“ جبلن جي وچان وٺي ويندس کيس چيائون ته جڏهن ان ٻن جبلن جي درميان پهچين ته اسان کي ٻڌائجان ، جڏهن اهو شخص مديني واري سرزمين تي پهتو ٻڌايائين ته هتي”عير“ ۽”احد“ جي درميان واري سرزمين آهي ،۽ پوءِ اشاري سان عير ۽ احد وارا ٻئي جبل ڏيکاريائين . يهودي سوارين تان هيٺ لهي چوڻ لڳا ته اسان پنهنجي مقصد واري جڳهه تي پهچي وياسين هاڻي اسان کي تنهنجي سواري جي ضرورت ناهي جيڏانهن چاهين تيڏانهن هليو وڃ . تنهن کان پوءِ سندن ساٿين ڏانهن هڪ خط لکيائون ته اسان ان سرزمين تي پهچي ويا آهيون توهان به اسان وٽ اچو ،انهن کين جواب موڪليو ته اسان هتي رهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي گھر ، مال۽ ملڪيت به گڏ ڪري ڇڏيا اٿئون ۽ ان سرزمين کان ايترو فاصلو به ڪونهي ان جي ڪري جڏهن اهو پيغمبراتي هجرت ڪري ايندو ته سگهو ئي توهان ڏانهن هليا اينداسين. اهي ان سرزمين ۾ رهيا ۽ تمام گھڻو مال ۽ ملڪيت جمع ڪيائون ان ڳالهه جي خبر ”تبع“نالي بادشاهه کي پئي ته انهن سان جنگ ڪيائين يهودي پنهنجي قلعي ۾ وڃي لڪا ته انهن کي گھيري ۾ آڻي ورتائين ۽ پوءِ وري کين امان ڏنائين ، يهودي بادشاهه وٽ هلي آيا ته ”تبع“ چوڻ لڳو ته مون کي هي سرزمين پسند آهي ۽ آئون هن ئي سرزمين ۾ رهندس ، کيس جواب ڏنائون ته ائين نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته هي سرزمين هڪ پيغمبر جي هجرت جو مقام آهي ان کان سواءِ ڪوبه ماڻهو اتي سردار جي عنوان سان نه ٿو رهي سگهي ، ”تبع“ چوڻ لڳو ته پوءِ آئون پنهنجي خاندان مان ڪن ماڻهن کي هتي رهائيندس جيڪي سندس مدد ڪندا ان جي ڪري هن ٻن معروف قبيلن ”اوس“ ۽”خزرج“ کي اتي رهايو، جڏهن هن قبيلن جي آدمشاري وڌڻ لڳي ته يهودين جي مال کي لٽڻ لڳا يهودي کين چوڻ لڳا ته جڏهن محمد صه مبعوث ٿيندو (رسالت جو اعلان ڪندو) ته توهان کي اسان جي سرزمين مان ڪڍي ڇڏيندو ، جڏهن پاڻ سڳورن رسالت جو اعلان ڪيو ته اوس ۽ خزرج جيڪي بعد ۾ ”انصار“ جي نالي سان مشهور ٿي چڪا هئا ايمان آندائون ۽ يهودين سندن رسالت جو انڪار ڪيو ۽ مٿي ذڪر ٿيل آيت ”يَسْتَفْتِحُونَ عَلَى الَّذينَ كَفَرُوا “ جو مطلب پڻ اهو ئي آهي [i]

تعجب آهي ته اهي انسان جيڪي پاڻ سڳورن تي ايمان آڻڻ واري مخصوص محبت ۽ عقيدت سان آيا هئا ۽ اوس ۽ خزرج جي مقابلي ۾ کين اهو ئي فخر حاصل هو ته اچڻ واري پيغمبر جا مددگار ٿيندا ، پر تعصب ، سرڪشي ۽ دنيا جي محبت ۾ اچي سندن دشمن ٿي بيهي رهيا جڏهن ته پوئتي پيل ماڻهو سندن خدمت ۾ اچي سندن مددگار ٿيا

سوره بقره آيت 97_98

قُلْ مَنْ كانَ عَدُوًّا لِجِبْريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلى‏ قَلْبِكَ بِإِذْنِ اللَّهِ مُصَدِّقاً لِما بَيْنَ يَدَيْهِ وَ هُدىً وَ بُشْرى‏ لِلْمُؤْمِنينَ

اي رسول چئو ته جيڪو به جبرئيل جو دشمن آهي (اهو حقيقت ۾الله جو دشمن آهي) ڇاڪاڻ ته هن خدا جي حڪم سان تنهنجي دل تي قرآن کي لاٿو آهي جيڪو آسماني ڪتابن جو تصديق ڪندڙ ۽ مومنن لاءِ هدايت ۽ خوشخبري آهي

مَنْ كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَ مَلائِكَتِهِ وَ رُسُلِهِ وَ جِبْريلَ وَ ميكالَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلْكافِرينَ

جيڪو به خدا ، سندس ملائڪن ، سندس پيغمبرن ۽ جبرئيل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي (سوڪافر آهي ) ۽ خدا ڪافرن جو دشمن آهي

شان نزول

ميڪائيل قبول آهي پر جبرئيل نه

جڏهن پاڻ سڳورا مديني هجرت ڪري آيا ته”ابن صوريا“ نالي يهودين جو هڪ عالم ۽فدڪ جا ڪجهه يهودي گڏجي پاڻ سڳورن وٽ اچي مختلف قسمن جا سوال ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ سڳورن جي نبوت ۽ رسالت جي نشانين جي تلاش ڪرڻ لڳا ، جن سوالن مان هڪ سوال اهو هو ته چيائون : اي محمد صه تنهنجو خواب ڪيئن هوندو آهي ؟ ڇاڪاڻ ته اسان کي اچڻ واري پيغمبر جي خواب جي باري ۾ڪجهه معلومات آهي ، پاڻ فرمايائون : ” تنام عيني وقلبي يقظان “يعني منهنجون اکيون ته سمهن ٿيون پر دل بيدار هوندي آهي ، چوڻ لڳا : اي محمد صه سڄ فرمايو اٿئي ۽ پوءِ ڪجھ سوال ڪرڻ کان پوءِ ابن صوريا چوڻ لڳو ته هڪ سوال باقي رهجي ويو آهي جيڪڏهن ان جو صحيح جواب ڏيندين ته تو تي ايمان آڻينداسين ۽ تنهنجي پيروي ڪنداسين اهو سوال هي آهي ته تو تي نازل ٿيڻ واري فرشتي جو نالو ڇا آهي ؟ پاڻ فرمايائون ته ان جو نالو جبر.يل آهي ،ته ابن صوريا چوڻ لڳو: جبرئيل اسان جودشمن آهي جنگ ۽ جهاد جي باري ۾ سخت حڪم ٿو آڻي پر ميڪائيل هميشه آسان حڪم کڻي ٿو اچي ان جي ڪري جيڪڏهن تو تي وحي نازل ڪرڻ وارو فرشتو ميڪائيل هجي ها ته ته تو تي ايمان آڻيون ها [ii]

هلندڙ…………………

حوالا:

[i] اصول ڪافي ج8 ص308 ۽ 309 حديث 481 بحار الانوار ج15 ص 225۽ 226 حديٿ 49 مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي هيٺيان

[ii] طبرسي مجمع البيان ۾ هن حديث کي ابن عباس کان نقل ڪيو آهي ۽ ٻين ڪتابن جهڙوڪ تفسير ڪبير ، تفسير الميزان تفسير المنار ۽ انهن کان علاوهه ٻين ڪتابن ۾ ٿوڙي گھڻي فرق سان ذڪر ٿي آهي ، اهڙي طرح بحارالانوار ج9 ص 66 ۽ 283 ۾ ڪجهه فرق سان هي روايت آئي آهي ، تفسير امام حسن عسڪري ص 406 ۽ 453

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :