نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان

اسلامي تعليمات تي مشتمل بھترين سنڌي ويب سائيٽ

شان نزول سورت بقره قسط 5

فونٽ جو اندازو:
2020/08/15

سوره بقره آيت 133

أَمْ كُنتُمْ شُهَدَاء إِذْ حَضَرَ يَعْقُوبَ الْمَوْتُ إِذْ قَالَ لِبَنِيهِ مَا تَعْبُدُونَ مِن بَعْدِي قَالُواْ نَعْبُدُ إِلَهَكَ وَإِلَهَ آبَائِكَ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَقَ إِلَهًا وَاحِدًا وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ

ترجمو:ڇا اوھان تڏھن حاضر ھيا ؟ جڏھن يعقوب جو موت ويجھو ٿيو جڏھن پنھنجن پٽن کي چيائين ته مون کان پوءِ ڪنھن جي عبادت ڪندؤ؟ (تڏھن) چيائون ته تنھنجي خُدا ۽ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيم،اسمٰعيل ۽ اسحٰق جي خدا جي جيڪو اڪيلو آھي، عبادت ڪنداسون، ۽ اسين سندس حڪم مڃيندڙ آھيون.

شان نزول: حضرت يعقوب (ع) جي پنهنجي اولاد کي وصيت

يهودين جي هڪ ٽولي جو اهو اعتقاد آهي ته ”يعقوب (ع)“ وفات وقت پنهنجي اولاد کي ان دين جي وصيت ڪئي هئي جيڪو اڄڪلهه (سڀني تحريفن سان گڏ) انهن وٽ رائج آهي خداوند متعال سندن ان اعتقاد کي رد ڪندي هي آيت نازل فرمائي آهي1

سوره بقره آيت 135 ،136،137

وَقَالُواْ كُونُواْ هُودًا أَوْ نَصَارَى تَهْتَدُواْ قُلْ بَلْ مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ* قُولُواْ آمَنَّا بِاللّهِ وَمَآ أُنزِلَ إِلَيْنَا وَمَا أُنزِلَ إِلَى إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَقَ وَيَعْقُوبَ وَالأسْبَاطِ وَمَا أُوتِيَ مُوسَى وَعِيسَى وَمَا أُوتِيَ النَّبِيُّونَ مِن رَّبِّهِمْ لاَ نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِّنْهُمْ وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ* فَإِنْ آمَنُواْ بِمِثْلِ مَا آمَنتُم بِهِ فَقَدِ اهْتَدَواْ وَّإِن تَوَلَّوْاْ فَإِنَّمَا هُمْ فِي شِقَاقٍ فَسَيَكْفِيكَهُمُ اللّهُ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ

ترجمو: ۽ (اهل ڪتاب مسلمانن کي) چون ٿا ته يھودي يا نصارىٰ ٿيو ته ھدايت وارا ٿيندؤ. (اي پيغمبر کين) چئو ته اسين ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جا تابعدار آھيون، ۽ اُھو مشرڪن مان نه ھو. (کين) چئو ته الله کي مڃيو اٿئون ۽ (پڻ) جيڪو (قرآن) اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي (صحيفا) ابراھيم ۽ اسمٰعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانھن لاٿا ويا آھن ۽ جيڪي موسىٰ ۽ عيسىٰ کي ڏنو ويو ۽ جيڪي ٻـين پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو، تنھن (سڀ کي مڃيون ٿا) منجھائن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ وِٿي نه ٿا ڀانيون، ۽ اسين اُن (ھڪ الله) کي مڃيندڙ آھيون. پوءِ جيڪڏھن الله کي اوھان جي مڃڻ جھڙو مڃين ته بيشڪ ھدايت وارا ٿيندا، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته اُھي ڦيٽي ۾ ئي پوندا، پوءِ الله توکي انھن (جي شر) کان ڪافي ٿيندو، ۽ اھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

شان نزول: نه يهودي ۽ نه نصراني، فقط آئين ابراهيمي.

انهن آيتن جي شان نزول جي باري ۾ ابن عباس نقل کان نقل ٿيو آهي ته : يهودين ۽ عيسائين جا ڪجهه عالم مسلمانن سان بحث ۽ گفتگو ڪري رهيا هئا: انهن مان هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي آئين کي برتر ۽ اعلى پي سمجهيو ته اسان جي دين حق آهي ۽ ٻي جي ڳالهه کي نه پي مڃيائون، يهودين چيو ته : اسان جو پيغمبر حضرت موسى سڀن نبين جو اڳواڻ آهي ۽اسان جو ڪتاب ”توريت“ بهترين ڪتاب آهي. اهڙي طرح عيسائين به اها دعوى پي ڪئي ته اسان جو نبي حضرت عيسى بهترين راهنما آهي ۽ اسان جو ڪتاب انجيل به آسماني ڪتابن مان بهترين ڪتاب آهي، ۽ انهن ٻنهي مذهبن وارن هر هڪ مسلمانن کي پنهنجي پنهنجي دين ڏانهن پئي سڏيو هي آيتون نازل ٿيون ۽ انهن کي به جواب مليو2

سوره بقره آيت 154

وَلاَ تَقُولُواْ لِمَنْ يُقْتَلُ فِي سَبيلِ اللّهِ أَمْوَاتٌ بَلْ أَحْيَاء وَلَكِن لاَّ تَشْعُرُونَ

154 – ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسجي وڃن تن کي مئل نه چئو، بلڪه (اُھي)زندهه آھن پر اوھين نه ٿا پروڙيو.

شان نزول : شهيد زنده هوندا آهن؛

ڪجهه مفسرن ابن عباس کان هن آيت جي شان نزول جي باري ۾ نقل ڪيو آهي ته: هي آيت جيڪي بدر واري لڙائي ۾ شهيد ٿي ويا هئا انهن جي باري ۾ نازل ٿي آهي، ۽ اهي چوڏهن ڄڻا هئا، ڇهه ڄڻا مهاجرن مان ۽ اٺ ڄڻا انصار منهجان.لڙائي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهن ائين پي چيو ته: فلاڻو مري ويو ، ۽ هي آيت نازل ٿي ۽ شهيدن لاءِ لفظ ”مرڻ“ کي استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو3

سوره بقره آيت 158

إِنَّ الصَّفَا وَالْمَرْوَةَ مِن شَعَآئِرِ اللّهِ فَمَنْ حَجَّ الْبَيْتَ أَوِ اعْتَمَرَ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِمَا وَمَن تَطَوَّعَ خَيْرًا فَإِنَّ اللّهَ شَاكِرٌ عَلِيمٌ

158 – صفا ۽ مروہه الله جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آھي، ۽ جيڪو به نيڪ ڪمن ۾ خدا جي پيروي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

شان نزول : صفا ۽ مروه الله سائين جي نشانين منهجان آهن:

اسلام جي ظهور کان پهريان۽ظهور کان پوءِ به،بت پرست ۽ مشرڪ حج جا اعمال انجام ڏيڻ لاءِ مڪي ۾ ايندا هئا، حج جي رسم شروعات جيتوڻيڪ حضرت ابراهيم عه کان ٿي هئي، ليڪن انهن (مشرڪن) حج جي عملن کي ڪيترين ئي بدعتن،۽شرڪ ڀريل عملن کي ملائي ڇڏيو هو. جيڪي عمل هو انجام ڏيندا هئا،انهن ۾ وقوف عرفات ، قرباني، طواف، صفا ۽ مروهه جي وچ ۾ سعي شامل آهن جيتوڻيڪ اهي اعمال پڻ هڪ خاص طريقي سان انجام ڏيندا هئا.

اسلام انهن عملن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري هن عبادت کي شرڪ کان پاڪ ڪري واجب ڪيو ۽ بدعتن ۽ خرافات کي ختم ڪيو.

انهي عملن مان هڪ سعي آهي،يعني ٻن جبلن جي وچ ۾ هلڻ آهي جيڪي صفا ۽ مروه جي نالي سان مشهور آهن.ڪيترين ئي شيعه سني روايتن ۾ آيو آهي ته : جاهليت جي دور ۾ مشرڪن جو ”صفا“ جبل جي مٿان هڪ بت ٺاهيل هو جنهن جو نالو ”اساف“ ۽ ”مروه“ جبل جي مٿان هڪ ٻيو بت ٺاهيل هو جنهن جو نالو ”نائله“ هو، مشرڪ سعي ڪرڻ وقت انهن ٻنهي جبلن جي مٿان ويندا هيا ۽ تبرڪ طور پنهنجي هٿ سان انهن بُتن کي مس ڪندا هئا.4 مسلمان انهيءِ ڳالهه جي ڪري صفا ۽ مروه جي وچ ۾سعي ڪرڻ مڪروه سمجهندا هئا، ۽ اهو سمجهندا هئا ته اهڙي حالات ۾سعي ڪرڻ صحيح ڪونهي.

مٿين آيت جي نازل ٿيڻ سان اهو اعلان ڪيو ويو ته اهي جبل ”صفا“ ۽ ”مروه“ خداوند متعال جي نشانين منهجان آهن.جيڪڏهن جاهل ماڻهن انهن کي ڪنهن خراب شيءَ سان آلودهه ڪيو آهي ته انهي جو مطلب اهو ڪونهي ته مسلمان پنهنجو فرض جيڪو سعي آهي ڇڏي ڏين.

ان بحث دوران ان ڳالهه ۾ به اختلاف آهي ته ۾ ته هي آيت ڪڏهن نازل ٿي، ڪجهه روايتن جي مطابق ته: ”عمرة القضا “ (ستين هجري) جي موقعي تي هي آيت نازل ٿي ۽ رسول اڪرم (ص) جي شرطن مان هڪ شرط اها هئي ته اهي ٻه بت جيڪي صفا ۽ مروهه تي پيل هئا انهن کي هٽائن ، مشرڪن به پنهنجي شرط کي مڃيندي انهي تي عمل به ڪيو ۽ انهن بتن کي هٽائي ڇڏيائون، ليڪن انهي کان پوءِ وري انهن بُتن کي پنهنجي جڳهه تي موٽايو ويو ! انهي ڪري ڪجهه مسلمانن سعي ڪرڻ ڇڏي ڏني ته اها آيت نازل ٿي انهن کي انهي عمل کان روڪيو ويو. 5

جڏهن ته ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته: هي آيت ”حجة الوداع“ (رسول اڪرم (ص) جو آخري حج سن ڏهه هجري) وقت نازل ٿي آهي، اگر هن احتمال کي قبول ڪيون ته اها ڳالهه مسلّم آهي ته انهي زماني ۾ نه رڳو صفا ۽ مروه تي بُت جو وجود نه  هيو ، بلڪه مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي به ڪو بُت ڪونه هو، ان صورت ۾ مڃڻو پوندو ته مسلمانن جي سعي ڪرڻ کان ڪراهت ڪرڻ انهن ٻن جبلن جي تاريخي حيثيت جي ڪري هئي ته اتي پوين سالن ۾ ”اساف۽ نائله“ بتن کي رکيو ويو هو.

حوالا

تفسير ابو الفتح رازي، مجمع البيان ۽ تفسير صافي ، آيت مورد بحث جي ذيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

بحارالانوار، ج9، ص68، ۽ مجمع البيان هن آيت جي بحث ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

مجمع البيان هن آيت جي محل بحث ۾؛ تفسير رازي، ج، ص125، تفسير آلوسي ج2، ص19 .

 مجمع البيان هن آيت جي محل بحث ۾؛ تفسير جوامع الجامع، ج1، ص168

ڪافي، ج4، ص435، ح8؛ وسائل الشيعه، ج13، ص468؛ بحارالانوار،ج96، ص235 ۽ 237

هن تحرير بابت راءِ ڏيو :